عاشق عورت ناول جو جائزو
عبدالڪريم چنا
محترم رزاق سهتو جو پهريون زخيم
ناول “آخري اسٽيشن” ڇپجي چڱي مڃتا ماڻي چڱو آهي. تازو ئي سندن ٻيو ناول “عاشق عورت”
ڇپجي آيو آهي. ناول “عاشق عورت” پنهنجي نالي ۽ ٽائيٽل ڊزائن مان ته رومانٽڪ ڪهاڻيءَ
جي عڪاسي ڏئي رهيو آهي پر ان جي ڪهاڻيءَ ۾ رومانس سان گڏ نفسيات psychology ۽ سياسي سماجي حقيقت نگاري politico socio realism جو به جهجهو عنصر موجود آهي ته
وري قوميت nationalism به مکيه
خيال theme بڻيل آهي. ان ريت هن ناول کي
فقط رومانٽڪ ناول به نه ٿو چئي سگهجي، ڇاڪاڻ ته ناول ۾ مختلف موضوع آهن جن ناول جي
ڪهاڻيءَ کي وڌيڪ رنگين بڻائي ڇڏيو آهي.
ڪردار:
ناول جا وڏا ڪردار major characters ته ٽي يا چار آهن پر ننڍا ڪردار
minor characters پڻ پيدا ٿيندا
رهن ٿا ۽ اهي پنهنجو ڪم بخوبي ادا ڪندا رهن ٿا. مکيه ڪردار پنهنجي مزاج ۾ سڌا سادا
گهٽ پر ڦرندڙ ۽ پيچيده گهڻا آهن. انهن ڪردارن ۾ موجود چالاڪي ۽ ذهانت وارا عنصر کين
ڪو به ڪم سڌو ۽ سولي نموني ڪرڻ بدران تجسس سان گڏ شدت وارو طريقو به ڏيندا رهن ٿا.
اڳتي هلي اها ذهانت، چالاڪي ۽ شدت ئي انهن مکيه ڪردارن جي تباهيء ۽ برباديءَ جو ڪارڻ
به بڻجي ٿي. ان مان اهو ڏسجي ٿو ته ناول نگار وٽ ڪردارن جي اڻت ۽ ڪهاڻيءَ موجب ڪردارن
کي اڳتي وڌائڻ ۽ ساڻن انصاف ڪرڻ واري تخليقي قوت به آهي ته پڙهندڙ جو اتساھ وڌائڻ
۽ تجسس قائم ڪرڻ وارو فن به سگهارو آهي.
ٻولي
ناول جي ٻولي سولي ۽ سڌي آهي. ناول
۾ کوڙ سهڻا ۽ اثرائتا جملا آهن. ان سان گڏ تز سنڌي پهاڪا پڻ موجود آهن. جڏهن ته
صنعتن figures of speech جو استعمال
به ڏاڍو سهڻو ٿيل آهي. تشبيهن ۽ پهاڪن جو پڻ سهڻو ۽ اثرائتو استعمال ملي ٿو. ٻوليءَ
۾ جمالياتي عنصر پڻ جهجهو آهي. جنهن سبب کوڙ جملا quote ڪرڻ جهڙا بڻجي پيا آهن. اهڙن
اثرائتن جملن سبب ناول پنهنجي پڙهندڙ کي قابو ڪري رکڻ جي ڀرپور سگھ رکي ٿو.
وقوع:
ناول ۾ ڪهاڻيءَ جو وقوع گهڻي ڀاڱي
ڪراچي شهر ۾ آهي. پر ٻهراڙيءَ کي مڪمل نظرانداز ناهي ڪيو ويو. شهري چمڪ به آهي ته ٻهراڙيءَ
جي سادگي به. جنهن سبب ناول ۾ ماحول جي مختلف رنگن جو نکار پيدا ٿيل آهي.
ناول جي دنيا:
ناول جي دنيا کوڙ وسيع آهي. هڪ
طرف گَهِرو رومانس آهي. محبت آهي، واعدا ۽ اقرار آهن. انتظار آهي، جدائي ۽ پيڙاءُ
آهي. ٻئي پاسي نفسياتي جنگ آهي. ٻين جي ذهن ۽ جسم تي حاوي ٿيڻ واري اعصابي ويڙھ
آهي. ٽئين پاسي ڌرتيءَ سان چاھ آهي. نظريو آهي، ديس جي حقن ماڻڻ خاطر دربدري ۽
قرباني آهي. چوٿين پاسي عورتازاد feminism جي عڪاسي آهي. عورت جيڪا پنهنجي مڙس کي عياشي ڪندي ڏسي ٿي ته پاڻ
کي به مڙس کانسواءِ ڪو ٻيو محبوب ڪرڻ لاءِ بااختيار سمجهي ٿي. هوءَ پاڻ مٿان لڳل
پابندين ۽ سختين کي رد ڪندي انهن کي ٽوڙڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪندي رهي ٿي. سندس متان
جيتريون سختيون آهن ته هوءَ به ايتري ئي چالاڪيء سان انهن پابندين جو ٽوڙ ڪڍي وڃي
محبوب سان ميلاپ ڪري ٿي. ان حساب سان ڏسجي ته ناول جا ڪردار پنهنجي ڪهاڻين جي چئن
الڳ دنيائن ۾ نڀائي رهيا آهن. پر هر دنيا کوڙ وسيع آهي.
فن ۽ مواد:
ناول جي شروعات ۾ ئي سسپينس سان
ڀريل منظر اچي ٿو، ۽ سموري ڪهاڻي ان منظر کانپوءِ ئي شروع ٿئي ٿي. مکيه ڪردارن جو
رومانس به ان واقعي جي بنياد تي ئي شروع ٿئي ٿو. شروعاتي منظرن ۾ ئي ماحول جي عڪاسي
اهڙي سگهاري ٿيل آهي جو ناول جي ڪهاڻي پڙهندڙ کي آڱر کان وٺي گهليندي اڳتي پڙهندو
هلڻ تي مجبور ڪري ٿي. ناول جي پڄاڻي انتهائي سگهاري آهي. ناول جا آخري پنج ڇھ صفحا
ڏاڍا اثرائتا ۽ موهيندڙ آهن. انهن صفحن ۾ ليکڪ پنهنجي تخيل ۽ فن ۾ اوج تي پهتل نظر
اچي ٿو.
ناول ۾ جديديت جو فن پنهنجي
بهترين عڪاسي ڪري رهيو آهي. ڪهاڻي سڌي ۽ ترتيب ۾ آهي. واقعا هڪ ٻئي سان ميل
کائيندا ڪهاڻيءَ کي اڳتي وڌائيندا وڃن ٿا ۽ ڪهاڻيءَ جو انت المئي تي وڃي پهچي ٿو. ناول
۾ کوڙ فڪري ۽ جمالياتي جملا آهن. ڊائريءَ جا ٽڪڙا ۽ موبائيل جي ميسيجز جو استعمال
سنڌي ناول اندر هڪ نئين روايت آڻي ويا آهن. سنڌ جي موجوده صورتحال سان لاڳاپيل
واقعا به ڏاڍي سهڻي نموني افسانوي انداز ۾ پيش ڪيا ويا آهن. ڪٿي ڪٿي واقعن کي ڊرمائي
انداز پڻ ڏنل محسوس ٿئي ٿو. ڪهاڻيءَ جي پڄاڻيءَ وارا صفحا فن ۽ فڪر ۾ ڏاڍا پختا
محسوس ٿين ٿا. پر ناول جي وچ ۾ “سيم” جي ٻاروتڻ وارين ساروڻين کي پڙهندي عام پڻو ۽
اجايو جي ڊيگھ محسوس ٿيڻ سبب بوريت محسوس ٿئي ٿي. اگر ٻاروتڻ وارن واقعن کي ٿورو
گهٽائي يا مختصر ڪري پيش ڪجي ها ته ان قسم جي بوريت کان بچي سگهجي ها. پر جيڪڏهن
ان سموري وارتا کي ئي ڪٽي ڇڏجي ها ته به ناول جي ڪهاڻيءَ تي ڪو اثر نه پوي ها. ائين
به آهي ته جيڪڏهن ساروڻين جي ان بيان کي ٻهراڙيءَ جي هڪ سادي ڇوڪريءَ جي احساسن کي
بيان ڪرڻ طور کڻجي ته بيان ٺهڪندڙ ملي ٿو پر ناول جي ٻين حصن جي بيان ۾ جيتري
جماليات ۽ پختگي آهي ته هي حصو انهن سان ميل کائيندي نظر نه ٿو اچي.
سرسري نظر:
مجموعي طور تي هي ناول ڏاڍو ڀلو
آهي. ناول ۾ قوم پرستيءَ وارو لاڙو ۽ کنڀي ماريل ۽ گم ڪيل ماڻهن وارن مقدمن cases سميت اڄ جي دنيا سان لاڳاپيل
کوڙ حقيقي واقعن کي افسانوي انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي. جن کي پڙهندڙ پڙهي ان جي
حقيقي ڪردارن کي ڳولڻ تي سوچڻ ۾ پئجي ويندو. پر اهو ياد رکڻ گهرجي ته افساني ۾ سڀ ڪجھ
حقيقي ناهي هوندو. واقعا ته حقيقي آهن پر موجود ڪردارن کي اهڙو گهمائي پيش ڪيو ويو
آهي جو اصل ڪردار ڳولجي ئي نه سگهندو. ناول نگار اهڙي ساڳي حرفت پنهنجي پهرئين
ناول “آخري اسٽيشن” ۾ پڻ استعمال ڪئي هئي. مون ان قسم جي حرفت نوبل انعام يافته
ناول نگار اورحان پاموڪ جي ناولن ۾ پڻ پڙهي آهي. ان سان گڏ خشونت سنگھ سميت ٻين کوڙ
ناول نگارن جي ناولن ۽ مختصر ڪهاڻين ۾ به ان قسم جي حرفت ملي ٿي. ان حرفت کي
جديديت پڄاڻان واري ٽرمينالاجيءَ موجب faction (حقيقت ۽ افساني جو ميلاپ) چيو ويندو آهي. هي ناول پڙهڻ وٽان آهي.
خاص ڪري ناول ۾ موجود نفسياتي عنصر انتهائي سگهارو آهي. ناول نگار محترم رزاق سهتو
صاحب نفسيات وارو عنصر آڻي سنڌي ناول ۾ هڪ قسم جي نواڻ پيدا ڪئي آهي جنهن مان اها
اميد ڪري سگهجي ٿي ته اڳتي هلي مڪمل نفسيات جي خيال تي به سنڌي ناول سرجڻ لڳندا.
(سنڌ ايڪسپريس حيدرآباد ۾ ۳۰
مارچ ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)
عاشق عورت
هڪ نفسياتي ٿرلر
ڪليم ٻٽ
ناول جي گهڻن ئي قسمن مان هڪ
قسم نفسياتي ٿرلر به آهي. عام طور تي هن قسم جو ناول پڙهندڙن وٽ ڏاڍي مشهوري ماڻيندو
آهي ۽ دنيا جي گهڻين ٻولين ۾ نفسياتي ٿرلر لکيا ويا آهن. نفسياتي ماهرن موجب انسان
ٻن قسمن جي شخصيتن سان پورو ٿيندو آهي. هڪ جسماني شخصيت، ٻي نفسياتي شخصيت ۽ هڪ
تندرست انسان هجڻ لاءِ انهن ٻنهي قسمن جي شخصيتن ۾ برابري هجڻ ضروري آهي. ناول جي
هن صنف مان مراد آهي ته هڪ اهڙو ناول جنهن ۾ ڪردار نفسياتي مونجهارن جي ور چڙهيل
هجن ۽ ان ۾ سنسني خيزيءَ جو جز به هجي. عام طور هن قسم جي ناول ۾ هر قسم جي
نفسياتي مونجهاري جي نشاندهي ڪري سگهجي ٿي. ڪجهه اهم نفسياتي مونجهارا جهڙوڪر:
شيزوفرينيا، پيرانائي، ملٽيپل پرسنيلٽي ڊس آڊر وغيره اچيو وڃن ٿا. هڪ عام وصف موجب
نفسياتي ٿرلر ۾ ڪردار سان ٿيل ڪنهن اڻوڻندڙ واقعي کانپوءِ پيدا ٿيل نفسياتي
مونجهارن کي بيان ڪيو ويندو آهي جنهن ۾ گهڻو ڪري ڪردارن کي هائپر، خودڪشي ڏانهن ڇڪ
رکندڙ ۽ پنهنجي آس پاس جي ماڻهن کي نقصان رسائيندڙ ڏيکاريو ويندو آهي، اهڙي ريت ڪردارن
کي شڪي مزاج ۽ سڀني کي پنهنجو دشمن سمجهڻ تي پڻ زور ڏنو ويندو آهي.
نفسياتي ٿرلر ۾ موت کي منهن ڏيڻ،
ٻين جي موت تي شديد ردعمل ڏيکارڻ، موت جو ڀئو، سڃاڻپ جي ڳولا ۽ جنسي ڇڙواڳي پڻ اهم
موضوع طور پڙهڻ لاءِ ملندا آهن. جيسڪا ڊيوڪس نالي هڪ نقاد هن حوالي سان لکي ٿي ته
هن قسم جي ناولن ۾ ڪردار پنهنجي اندر جي تڪرارن سان وڙهندو رهندو آهي، اهي تڪرار
گهڻو ڪري هن جي زندگيءَ ۾ ٿيل ڪنهن اڻوڻندڙ واقعي جي ڪري پيدا ٿيندا آهن جهڙوڪر: ڪردار
تي اجايو جنسي ۽ جسماني تشدد، هن جي سامهون ڪنهن پياري جو قتل ٿي وڃڻ يا وري ڪنهن
ماڻهوءَ جو اوچتو ئي اوچتو گم ٿي وڃڻ. هن قسم جا ٿرلر اهڙي انداز ۾ بيان ڪيا ويندا
آهن جو پڙهندڙ انهن ۾ گم ٿي ويندو آهي، ڪردارن کي خوف ۾ ورتل ۽ بدلي وٺڻ جي باهه
سان ڀريل ڏيکاريو ويندو آهي.
دنيا ۾ وڏي انگ ۾ نفسياتي ٿرلر
ناول لکيا ويندا آهن. ان حوالي سان سڊني شيلڊن جو ٽيل مي يور ڊريمز (۱۹۹۸ع)، ايلڪس مائيڪلڊس جو دي سائيلنٽ پيشنٽ (۲۰۱۹ع)، پائلا هاڪنس جو ان ٽو دي واٽر (۲۰۱۷ع) ڪجهه اهم نفسياتي ٿرلر آهن. اهڙي ريت رزاق سهتي جو سن ۲۰۲۳ع ۾ ايلسا پبليڪيشن طرفان ڇپيل ۲۲۴ صفحن جو ناول عاشق عورت به سنڌي ٻولي ۾ هڪ خوبصورت نفسياتي ٿرلر آهي، جيڪو ليکڪ وڏي جرئتمنديءَ سان
لکيو آهي. هي ناول ٻن مک ڪردارن سڪندر ۽ سڪينه جي نفسياتي مونجهارن جي خوبصورت عڪاسي
ڪري ٿو.
هن ناول ۾ جيڪي نفسياتي
مونجهارا پڙهڻ لاءِ ملن ٿا، اهي هن ريت آهن: خودڪشي جي ڇڪ (Suicidal tendency)، موت جو ڀئو ۽ ماڻهن کي شڪ جي
نگاهه سان ڏسڻ (paranoia)، ٻئي جي
ايذاءَ مان تسڪين حاصل ڪرڻ (sadistic pleasure)، بيخوديءَ جا دورا (nervous
breakdown and panic attacks) وغيره.
“ڇا پيا ڪيو؟ ٿانو ۾ باهه ٻاري
هٿ سيڪيندو ڇا؟”
“ها ڪجهه اهڙو ئي ارادو آهي؟”
“اوهان کي ڇا ٿي ويو آهي؟
چريائپ جون دوائون ته مان پئي کانوان ۽ چرين واريون حرڪتون توهان پيا ڪيو. ڀلا اسٽيل
جي ٿانو ۾ باهه ڇا سان ٻاريندو؟”
“تون ڏسندي وڃ! باهه به ٻرندي، هٿ
به سيڪبا ۽ دل کي به سيڪ ايندو.“
مان اٿي ويهي، سندس حرڪت کي پئي
ڏٺم. هن آفيس بيگ کوليو ۽ ان مان هڪ لفافو ڪڍي آيو. پاڻ پلنگ تي ڀرسان ئي ويٺو، ماچيس
۽ اسٽيل جو جمن ٽيبل رکي چيائين:
“هيڏي مُهڙ ڪر ۽ ماچيس کڻ.“
ماچيس کنيم، لفافي مان همراهه
پاران موڪليل عيد ڪارڊ ڪڍندي چيائين:
“تيلي ٻاري باهه لڳائيس.. !!”
مجبوراً ماچيس مان تيلي ڪڍي، ٻاري اسٽيل جي ٿانو
۾ رکيل عيد ڪارڊ هٿ ۾ کڻي ساڙيم. جهيڻي باهه ٻري پئي، هٿ به سيڪيان پيو ۽ تنهنجي
دل کي به سيڪ اچي پيو.“
ڪارڊ ٻري خاڪ ٿيو ته قوم پرست
همراهه جي تصوير لفافي مان ڪڍيائين ۽ منهنجي هٿ ۾ ڏنائين: “هاڻي ان کي ساڙ!”
هٿ ڏڪڻ لڳا، چيم: “اهو ڪم مون
کان ڪونه ٿيندو!”
“اهو ڪم توکي ئي ڪرڻو پوندو.“
انڪار ڪيم، انڪار تي انڪار، پهرين
زباني، ڪلامي پوءِ ڪنڌ سان نهڪر! ڪچي گار ڏيندي، دُن کان هيٺ هٿ وڌائي، اهڙو پڪڙيائين
جو دٻيل رڙ نڪري وئي. سور کان ساهه ٿي نڪتو.
“ساڙيندينءَ يا نه؟”
“ها هٿ ڪڍو، دم ٿو نڪري.“.........
خاڪ ڪمبوڊ ۾ وجهي، فليش ٽينڪ کولي ڇڏيائين، پاڻيءَ جو آواز اندر کي رهڙيندو ويو......“
(عاشق عورت، ص: ۹۷_۹۸).
هن منظر ۾ سڪينه سان هن جي مڙس
جي ورتاءُ کي چٽيو ويو آهي. سڪينه جو مڙس هڪ حساس اداري جو آفيسر آهي ۽ کيس خبر
پئي ٿي ته هن جي زال ڪنهن قوم پرست همراهه سان عشق ڪري ٿي جيڪو هاڻي کنڀجي چڪو آهي.
پر ان هوندي به سڪينه جو مڙس هن کي ايذا ڏيندو رهي ٿو ۽ ان مان سڪون حاصل
ڪري ٿو. جيئن ص: ۸۳ تي هن جي مڙس جي شخصيت واضح ٿئي
ٿي:
“توکي سيڪس گهرجي، تنهنجو آتشي
بند آهي، اچ ته تنهنجي آڳ اُجهايان.“........ سندس اندر ۾ ڀريل ڪروڌ، ڌڪار، جذبات،
ڪاوڙ، جنسي اُڀار اُڀا ٿيا بيٺا هئا. جن جو شڪار مان بڻجي رهي هئس. هن ميلاپ نه ٿي
ڪيو، پر جنسي تشدد ٿي ڪيو...... خاص هنڌن تي چڪن جا نشان هئا ۽ درد هئو. منهنجي
لاءِ اها رات وڏي ڀيانڪ هئي.....“
هن مان صاف ظاهر آهي ته هن جي مڙس
کي جڏهن هن جي ٻئي مرد سان ناتي جي خبر پئي ٿي ته هن جي من اندر ۾ ويٺل مردانگي واري جذبي (male ego) کي ڌڪ لڳي ٿو ۽ هو زال تي
جنسي عمل دوران تشدد ڪري پنهنجي من کي رجهائي سڪون حاصل ڪرڻ لڳي ٿو. اهڙي عمل کي sadistic pleasure سڏجي ٿو.
نفسياتي ماهر Dr. Allan Schwartz جنهن کي ڪلينڪل سائيڪالاجيءَ جو ٽيهه سالن کان مٿي جو تجربو آهي، هڪ
مضمون “Sadistic Personality Disorder: The
Cleveland Tragedy” ۾ ان حوالي سان ڄاڻايو آهي ته
sexual sadism جو مک جز
جنسي تڪسين جو اهو احساس هوندو آهي جنهن ۾ ٻئي ماڻهو کي ايذا ڏبو آهي، هن کي تذليل جو احساس ڏياربو
آهي يا وري ٻيو ماڻهو لاڳيتو ڀوڳيندو آهي، اهو ايذا، تذليل ۽ ڀوڳنا ان ٻئي ماڻهو لا خيالي يا تصوراتي هجڻ بدران حقيقي هوندي آهي ۽ هن تي حقيقي انداز
۾ جسماني ۽ جنسي تشدد ڪيو ويندو آهي. بلڪل ايئن ئي جيئن هن ناول ۾ سڪينه جي مڙس جو
ڪردار ڏيکاريو ويو آهي.
هن ناول جو هڪ مک ڪردار سڪينه
آهي، جيڪا عاشق عورت پڻ آهي، سڪينه جي ڪردار جي ڀيٽ ڪنهن نه ڪنهن نموني سهڻي جي ڪردار
سان ڪري سگهجي ٿي. جيئن سهڻي مڙس کي ڇڏي ميهار سان ملڻ ويندي هئي، بلڪل ايئن ئي سڪينه
مڙس کي ڇڏي، اڳ ۾ ان قوم پرست همراهه سان ملڻ وڃي ٿي ۽ پو ناول جي ٻئي مک ڪردار سڪندر سان ملي ٿي. سڪينه جي ننڍي عمر ۾ ئي هڪ
اهڙي همراهه سان شادي ٿي وئي جيڪو اڳ ئي شادي شده آهي ۽ هن کان ڄمار ۾ به وڏو آهي.
ان هوندي به سڪينه شروع ۾ هن سان صحيح هلي ٿي، پر پوءِ کيس اندازو ٿئي ته هن جو مڙس
شڪي مزاج وارو آهي هن کي قيد ڪري رکي ٿو. سڪينه تي پابنديون مڙهي ٿو ۽ نوڪريءِ جي ڪري
هن کان پري رهي ٿو. سڪينه جي ڪردار جو جڏهن نفسياتي تجزيو ڪجي ٿو ته خبر پئي ٿي
هوءَ هائپر سڪيسئول هجڻ بدران اڪيلائي (loneliness) جو شڪار آهي ۽ ان اڪيلائي کي ختم ڪرڻ لاءِ کيس هڪ ساٿي جي ڳولا
آهي. جيئن ناول جي ص: ۵۰ تي
هوءَ هڪ سهڻي راڻيءَ جو قصو ٻڌائيندي هن جي ڀيٽ پاڻ سان ڪري ٿي:
“سونهن، نازڪ بند ۽ ان جي ڪشش، عورتاڻن
انگن جي بيهڪ ئي منهنجا دشمن آهن. عام عورتون ڪيڏي نه خوش زندگي گذارين ٿيون، منهنجي
سونهن ئي مون کي برباد ڪيو آهي.“
اهڙن احساسن مان صاف ظاهر آهي
ته هوءَ اڪيلي ۽ پابندين ۾ رهڻ نٿي گهري. هن جي نفسياتي مونجهاري جو هڪ سبب مڙس جو
پهرين زال سان جنسي عمل ڪرڻ آهي. جيڪو ناول جي ص: ۵۲ تي خوبصورت انداز ۾ بيان ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ سڪينه جي سس هن کي چئي ٿي ته
هن جي مڙس جي پهرين زال جي کٽ به ساڳي ئي ڪمري ۾ رکبي ۽ هوءَ ها ڪري ٿي. رات جو هن
جو مڙس کيس ڇڏي پهرين زال سان سمهي ٿو، ان تي سڪينه کي ننڍ نٿي اچي ۽ ذهن ۾ عجيب
خيال اچنس ٿا، هوءَ پاسا ورائڻ لڳي ٿي ۽ ٻنهي کي جنسي عمل ڪندي ڏسي ٿي. اتي هنن
احساسن جو اظهار ڪري ٿي:
“ٻئي هٿ چڏن ۾ ڦاسائي مڙس ۽
سندس زال جو ميلاپ ڏسندي رهيس. خبر ناهي الائي ڇا ٿي ويو جو اوٻاهه ڀري اٿي ويهي
رهيس.“
ضرور هن کي اهو احساس ٿيو هوندو
ته ڇو هن جو مڙس ننڍي عمر واري زال کي ڇڏي وڏي زال سان ستو ۽ مڙس جي محبت جي ونڊيل
هجڻ جو احساس ٿيو هوندس. سڪينه جي ڪردار ۾ ٻه اهم نفسياتي مونجهارا ڏسڻ ۾ اچن ٿا، هڪ:
خودڪشيءَ جي ڇڪ (suicidal tendency) ۽ ٻيو اجايو شڪ ۽ مري وڃڻ جو ڀئو (Paranoia). خودڪشيءَ جي ڇڪ مان مراد اهڙو جذبو آهي جنهن ۾ ماڻهو پنهنجو انت
آڻڻ جون ترڪيبون پيو ڳوليندو آهي، هو جيترو اڪيلو رهندو آهي ايترو ئي پاڻ کي نقصان
پهچائڻ جو خطرو هوندو اٿس. ان کي “پنهنجو نقصان ڪرڻ” (Self-harm) به سڏجي ٿو، سڪينه جي ڪردار ۾ ان نفسياتي مونجهاري جو احساس هنن
سٽن مان ٿئي ٿو:
“هر شيءَ ۾ موت ٿو نظر اچي. ڇُري
ڏسان ٿي ته ڊڄي ٿي وڃان، ڀانئيان ٿي ته ڪپي ڪُهي ڇڏيندي يا وري پاڻ کي مارڻ تي دل ٿي
چوي.“
مڙس جي شڪي روئي، هر وقت جي
پابندين جي ڪري سڪينه کي panic attack پون ٿا ۽ هوءَ نفسياتي ماهر جي صلاح سان دوائون کائڻ لڳي ٿي.
ان کانپوءِ ٻيو مک ڪردار سڪندر
جو آهي، جيڪو ناول جو راوي به آهي ۽ ضمير متڪلم ۾ ڪهاڻي بيان ڪري ٿو. هو هڪ صحافي
آهي جنهن مسنگ پرسنس جي حوالي سان اسٽوري ڪئي آهي. هڪ ڏينهن هو سمنڊ ڏانهن وڃي ٿو
ته اتي کيس هڪ پريمي جوڙو نظر اچي ٿو، جنهن ۾ ڇوڪرو وچولي طبقي جو آهي ۽ ڇوڪري مٿئين
طبقي جي آهي، اوچتو پوليس اچي وڃي ٿي ۽ اهو ڇوڪرو محبوبه کي ڇڏي ڀڄي وڃي ٿو، اها
محبوبه سڪينه آهي، ايئن حادثاتي طور سڪندر ۽ سڪينه پاڻ ۾ ملن ٿا، جيڪو ناول جي
شروعات ۾ ڏيکاريو ويو آهي. سڪندر به شادي شده آهي ۽ ٻار به اٿس. هو پنهنجو صحافتي ڪارڊ
ڏيکاري پوليس کان پڇا ڪري ٿو ان وقت هن جو خيال اسٽوري ڪرڻ جو آهي، پوليس هن کان
صحافتي ڪارڊ وٺي ٿي ۽ کيس ڇوڪري کي گهر ڇڏي
اچڻ جو چئي ٿي. هو ڇوڪريءَ کي ڇڏڻ وڃي ٿو، وچ ۾ هوٽل تي ترسن ٿا، ان وچ ۾ ڇوڪري هن
کان نظرون بچائي کسڪي وڃي ٿي. جنهن تي سڪندر کي حيراني سان گڏ پريشاني به ٿئي ٿي، پريشاني
ان ڳالهه جي اٿس ته هاڻي هو پوليس جي چڪرن ۾ ڦاسندو، پر پوءِ خبر پيس ٿي ته سڪينه
جو مڙس هڪ ڳجهي اداري جو آفيسر آهي، ڳالهه آئي وئي ٿي وڃي ٿي.
جڏهن هو مسنگ پرسنس جي حوالي
سان اسٽوري ڪري ٿو ته هن کي هڪ اي ميل اچي ٿي جيڪا ڪنهن مائي جي آهي، جنهن ۾ هوءَ
هن جي اسٽوريءَ جي ساراهه ڪري ٿي، اڳيان هلي هن کي خبر پئي ٿي ته اها سڪينه ئي آهي
۽ هنن جي وچ ۾ فون تي ڪال ۽ ميسجن جي ڪري محبت وارو جذبو اڀري پئي ٿو. سڪينه کيس
پنهنجي ڊائري ڏئي ٿي، جنهن کي پڙهي هن کي احساس ٿئي ٿو ته ان ڊائري کي ناول جي
انداز ۾ ڪري ڇپرائجي. هڪ ڏينهن هو ٽي وي تي هڪ خبر ڏسي ٿو ۽ nervous breakdown ٿي وڃيس
ٿو ۽ چرين جي اسپتال ۾ اک کليس ٿي. ان جي ڪري هن جي زال ۽ ٻار کيس ڇڏي وڃن ٿا ۽ هن
جو ڪامورو دوست همير هن جي مدد ڪري ٿو. سڪندر جي ڪردار جي تجزيي مان خبر پئي ٿي ته
هو حساس دل وارو عاشق مزاج ماڻهو آهي، جيڪو پنهنجي محبوبا جي دوري برداشت نٿو ڪري
سگهي، هن کي اهو احساس پڻ آهي ته ٻئي مائي سان عشق ڪندي ڪٿي هو پنهنجي زال سان
دوکو ته نه پيو ڪري.
هن ناول جي هڪ خاصيت اها به آهي
ته هن ۾ ملٽيپل نيريئٽر آهن، هڪ ڪهاڻي سڪندر ضمير متڪلم ۾ بيان ڪندو هلي ٿو ۽ جڏهن
ڊائري وارو حصو شروع ٿئي ٿو ته اهو وري سڪينه جي زباني بيان ٿيل آهي ۽ ٻئي ڪهاڻيون
هڪ ٻئي سان خوبصورت نموني جڙيل آهن. جيڪڏهن ناول ۾ ڪردار نگاريءِ جي حوالي سان ڳالهه
ڪجي ته هن ناول ۾ ٽن قسمن جا ڪردار پڙهڻ لاءِ ملن ٿا:
۱_ مک ڪردار
(Main characters): اهي سڪينه
۽ سڪندر جا ڪردار آهن جن جي چوڌاري هن ناول جي سموري ڪهاڻي ڦري ٿي.
۲_ عام ڪردار
(Minor/supporting characters): اهڙا ڪردار
جيڪي ڪهاڻي اڳيان وڌائڻ ۾ مدد ڪن ٿا، جهڙوڪر: همير، زينو، يا وري همير جو نوڪر
گُلو.
۳_ پاڇولي
۾ رهندڙ ڪردار (Shadow/passive characters): هي اهڙا ڪردار هوندا آهن جيڪي ڪهاڻي ۾ بظاهر ڪوبه عمل نه ڪندا
آهن، پر گهڻو ڪري ڪهاڻي انهن جي چوڦير پئي ڦرندي آهي، انهن کي پاڇولي ۾ رهندڙ ڪردار
ان ڪري سڏجي ٿو ته اڪثر ڪهاڻي ۾ اهي ٻين ڪردارن جي پاڇي هيٺ هوندا آهن، جيئن ڪنهن ڪچهري
۾ انهن جو ذڪر ڪرڻ، ٻن مک ڪردارن جو انهن جي حوالي سان بحث ڪرڻ، پر اهي ڪردار پاڻ
عمل نه ڪري سگهندا آهن يا مک ڪردارن بنا ڪهاڻي مان غائب ئي رهندا آهن. هن ناول جا ڪجهه
ڪردار جهڙوڪر قوم پرست همراهه، روحل، سڪينه جو مڙس ۽ سڪندر جي زال shadow characters آهن. ڪهاڻي ۾ وري وري انهن جو
ذڪر اچي ٿو پر اهي پاڻ ڪهاڻي ۾ عملي طور موجود نه آهن.
ايئن ته هن ناول جو مک پلاٽ
نفيساتي ٿرلر آهي، پر ان هوندي به ناول ۾ ڪيترائي سب پلاٽ موجود آهن، جن ۾ ڪجهه
اهم سب پلاٽ کنڀي گم ڪيل ماڻهو آهن، ادارن جي حوالي سان اٿاريل سوال، سنڌ جي سياسي
۽ سماجي صورتحال، عشق وغيره موجود آهن. جن کي خوبصورت انداز سان ناول جي مختلف حصن
۾ رکيو ويو آهي، جڏهن ته ناول ۾ ڪهاڻي ٻڌائڻ جو انداز به وڻندڙ رکيو ويو آهي.
هي ناول موضوعاتي حوالي سان به
نئون آهي ته ڪهاڻي به سٺي انداز ۾ بيان ڪيل آهي، اهڙن ناولن جي سنڌيءَ ۾ ڏاڍي
ضرورت آهي، جيڪي ماڻهن جي گهڻ پاسائي احساسن ۽ جذبن جي عڪاسن ڪن ۽ ان حوالي سان هي
ناول “عاشق عورت” هڪ اهم ناول ثابت ٿيندو.
(ڏھاڙي سنڌ ايڪسپريس حيدرآباد ۾
۱۳ اپريل ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)
ناول ”عاشق عورت” جو جائزو
اڪبر لغاري
اهي فلمون يا ناول، ڏسندڙ يا پڙهندڙ
جو ڌيان يڪدم ڇڪائي وٺندا آهن جن جي شروعات ۾ ائڪشن يا ٿرل هوندو آهي. هن ناول جي
شروعات به هڪ فلمي سين سان ٿئي ٿي.
سڪندر صحافي آهي ۽ سمنڊ تي ويٺو
آهي ته هڪ پريمي جوڙو ڏسي ٿو جنهن کي پوليس پڪڙڻ جي ڪوشش ڪري ٿي ته مرد ڀڄي وڃي ٿو
۽ عورت روئڻ لڳي ٿي جيڪا هڪ مٿئين وچولي طبقي جي نظر ٿي اچي. پوليساها ذميداري سڪندر
کي ٿي ڏي ته هو کيس عزت سان گھر پهچائي پر عورت چالاڪي سان سڪندر کي ريسٽورنٽ تي ڇڏي
گم ٿي وڃي ٿي. ڪافي وقت کان پوءِ، اها عورت سڪندر سان رابطو ڪري ٿي ۽ ائين انهن ٻنهي
جي وچ ۾ دوستي ٿئي ٿي. فون تي رومانوي ۽ جنسي گفتگو ڪندي آخرڪار سندن دوستي جنسي
تعلق ۾ بدلجي وڃي ٿي.
سڪينا عرف سيم جو تعلق غريب
گهراڻي سان هو پر مائٽن سندس شادي، سندس مرضي کان بغير، هڪ طاقتور شخص سان ڪرائي
جيڪو هڪ خفيه اداري ۾ آفيسر هجڻ سان گڏ زميندار ۽ ٻارن ٻچن وارو هو. شادي کان پوءِ،
هن سڪينا کي بي اي ۽ ايم اي ڪرائي ۽ نوڪري به وٺي ڏني. سيم کي هر طرح جو سک حاصل
هو پر کيس پنهنجي ”مرضي“ ۽ ”آزادي“نه هئي. هو هر وقت نظرن ۽ پهري ۾ هوندي هئي.
انهيءَ دوران سندس واسطو هڪ اهڙي قومي ڪارڪن سان ٿيو جيڪو روپوش هو. موقعو ڏسي ۽ لڪي
لڪي هن سان ملندي رهندي هئي. ٻيئي هڪٻئي تي فدا هوندا هئا. هي اهوئي همراه هو جيڪو
سمنڊ تي پوليس کان ڀڄي نڪتو ۽ جنهن واقعي کان پوءِ، سيم۽ سڪندر جو افيئر شروع ٿيو.
نيٺ قومي ڪارڪن، ايجنسين هٿان پڪڙجي
پوي ٿو ۽ تفتيش ڪندي ادارا، سيم جي مڙس تائين به پهچن ٿا جنهن کي پوءِ سڄي قصي جي
خبر ٿي پوي. پهرين ته هو سخت ڪاوڙ ۾ ٿو اچي وڃي ۽ سيم تي سختي وڌائي ڇڏي ٿو ليڪن
پوءِ، هن جي خيال مطابق، سندس نوجوان گهر واري کي جنسي ضرورت وڌيڪ آهي تنهنڪري هو
اها ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ، وحشي انداز سان ڀرپور ڪوشش ڪري ٿو جنهن سبب سيم وڌيڪ تڪليف
۽ ذهني اذيت مان گذري ٿي. هو سيم تي جسماني تشدد ته نٿو ڪري پر طنز ۽ طعنا ڏيئي
نفسياتي تشدد ڪري ٿو. هڪ ته سيم کي اهو الڪو ته، سندس مڙس، قومي ڪارڪن کي مارائي ڇڏيندو
ٻيو سندس طعنن، هن کي ذهني مريض ٺاهي ڇڏيو ۽ خود ڪشي جي ڪوشش به ڪيائين. سڪندر سان
سيم جي دوستي گهري ٿيندي وئي. جنسي ڇڪ ۽ محبت جي پياس ٻنهي کي سک سان ويهڻ نٿي ڏنو.
سڪندر پاڻ ٻارن ٻچن وارو هو ليڪن هن تي، سيم جي چاهت وڌيڪ شدت سان حملو ڪيو ۽ هي
بيچين عاشق بنجي پيو. سڪندر اخبار ۾ کنڀي گم ڪيل ماڻهن بابت ڪالم لکيا هئا جنهن
سبب کيس نامعلوم فون اچڻ لڳا جن کيس مستقل دهشت (Paranoia) ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو.
سيم هڪ دفعو ٻيهر پڪڙجي پيئي.
سندس مڙس کي اها سم هٿ اچي ويئي جنهن تان هو سڪندر سان ڳالهائيندي هئي. سندس مڙس مٿس
سختي وڌائي ڇڏي جنهن سبب هو نفسياتي مريض بنجي ويئي. ٻئيطرفسڪندر کي نامعلوم ميسيج
اچڻ لڳا جنهن ۾ سيم ۽ سندس ملاقاتن جو ذڪر هو، جنهن سبب سڪندر جي پريشاني شدت
اختيار ڪري ويئي ۽ سندس پئرانويا وڌي نيوروسس (Neurosis) ۾ تبديل ٿي ويئي. هڪ ڏينهن خبر آئي ته سيم ۽ سندس مڙس ڪمري ۾
مرده حالت ۾ مليا. شايد سيم مڙس کي ماري پوءِ خودڪشي ڪري ڇڏي هئي. اها خبر پڙهي سڪندر
ذهني توازن وڃائي ويٺو ۽ ائين هي قصو سڀني جي بربادي کان پوءِ اختتام پذير ٿيو.
پڙهندڙ جڏهن هي ناول شروع ڪري ٿو
ته مسلسل پڙهندو ئي رهي ٿو. مصنف هن ۾ ڪمال مهارت سان رواني ۽ دلچسپي برقرار رکي
آهي. ٿورڙي بوريت صرف ان وقت ٿئي ٿي جڏهن ٻنهي جا طويل جنسي ميسيجز ورجاءُ جو شڪار
ٿين ٿا. اسلوب ۾ برجستگي ۽ بي تڪلف رواجي ٻولي، قاري جي لطف کي دوبالا ڪن ٿا.
هن ناول جا مک ڪردار ٻه ئي آهن،
هڪ سڪينا عرف سيم ۽ ٻيو سڪندر عرف سڪو. هي ٻيئي نفسياتي ڪردار آهن جيڪي بظاهر ته
عام رواجي عاشق معشوق لڳن ٿا ليڪن غور سان ڏٺو وڃي ته اهي ڪافي پيچيده ڪردار آهن.
ضروري آهي ته سندن نفسياتي جائزو ورتو وڃي.
سيم جي گفتگو کي غور سان پڙهڻ
سان، اهو واضع ٿي ويندو ته هو پنهنجي مزاج ۾ رومانوي هئي ۽ سندس شادي سندس رومانوي
خيالن جي ابتڙ هئي. رومانويت ۽ حقيقت پسندي جو ٽڪراءُ ته ضرور ٿيندو آهي. حقيقت
تلخ هوندي آهي ۽ رومانويت هڪ خواب جيان حسين. ٽڪراءُ جي صورت ۾ فرد کي ٻنهي مان ڪنهن
هڪ جي چونڊڪرڻي پوندي آهي. اهو، ” چونڊ“ (Choice) جو عمل ڪافي مشڪل هوندو آهي ڇو ته ان جي نتيجن جي ذميداري به
انهيءَ فرد کي کڻڻي پوي ٿي. تلخ حقيقت جي چونڊ ڪرڻ سان فرد جا خواب ۽ ان جي مرضي
ختم ٿي وڃي ٿي ۽ فرد جي حيثيت، خاندان ۽ معاشري جي مقابلي م ثانوي رهجي وڃي ٿي. ٻي
پاسي، رومانويت جي چونڊ سان فرد پنهنجي ذاتي آزادي ۽ خواب ته ماڻي وٺي ٿو پر اها
چونڊ اڪثر فرد ۽ خاندان جي تباهي جو باعث بنجي ٿي. سيم، حقيقت کي تسليم ڪري نه
سگهي ۽ ان جي جاءِ تي رومانويت جي چونڊ ڪئي. ان سان گڏ، سيم جي دل ۾ پنهنجي مڙس
لاءِ نفرت ۽ پنهنجي مرضي جي خلاف شادي ٿيڻ سبب بغاوت به اندر ئي اندر ڪنهنلاوا
وانگر ٻري رهيا هئا.رومانويت، بغاوت ۽ نفرت جهڙن پر زور جذبن پاڻ ۾ ملي هڪ خطرناڪ ڪاڪ
ٽيل جوڙي جنهن سيم کي انتهائي لاپرواه ۽ بي خوف بنائي ڇڏيو. سيم جو ايگو(EGO) ۽ سندس لبيڊو (Libido) ٻيئي ملي هڪ ٿي ويا جنهن سبب
سندس سپر ايگو (Super Ego) کي خاموش
رهڻو پئجي ويو. ) هن ناول جي بنيادي تضاد يا قضيي (Conflict) جو تعين ڪيو وڃي ته اهو به فرد بمقابلا سماج، رومانويت بمقابلا
حقيقت پسندي ئي آهي.)
سيم شادي شده هوندي، نه صرف ٻن ڄڻن
سان جسماني تعلق قائم ڪري ٿي پر سندس ڳالهين مان ظاهر آهي ته ضرورت پوڻ تي هو وڌيڪ
ماڻهن سان به تعلق قائم ڪري ٿي سگهي. کيس گهر ۾ هر قسم جو سک ميسر آهي. گهر گهاٽ، نوڪر
چاڪر، گاڏي، نوڪري وغيره پر پوءِ به سندس شخصيت ۾ اهڙو خال آهي جنهن کي ڀرڻ لاءِ
هو گهر کان ٻاهر واجھائي ٿي. سندس مڙس سمجهي ٿو ته شايد سيم کي جنسي بک آهي ۽ هو
اها بک ختم ڪرڻ لاءِ جنسي عمل ۾ واڌارو آڻي ٿو جيڪو عمل سيم کي مطمئن ڪرڻ جي بجاءِ،
الٽو ڪراهت پيدا ڪري ٿو. سرسري جائزي وٺڻ سان ائين لڳندو ته، جيئن ته سيم جي شادي،
سندس مرضي جي خلاف ۽ وڏي عمر جي شادي شده مرد سان ٿي هئي تنهنڪري هو ائين ڪري رهي
هئي. جزوي طور اها ڳالهه درست ٿي سگهي ٿي پر منهنجي خيال ۾ هڪ سبب سندس سڃاڻپ جو
بحران (Identity Crisis) پڻ هو. هو
پنهنجي خارجي صورتحال ۽ داخلي ۽ لاشعوري قوتن جي وچ ۾ هلندر رسا ڪشي ۽ تضادن سبب
پرزا پرزا ٿي رهي هئي. منجهس يقينن ايتري شعوري سگه نه هئي جو انهن ٻنهي متضاد
قوتن جي مفاهمت ڪرائي، پنهنجي شخصيت جي تڪميل ڪري. اهڙي صورت ۾ کيس وقتي فرار ئي
واحد حل نظر آيو. جيڪو نه صرف، سندس تباهي، سندس خاندان جي تباهي ۽ سڪندر جي
خاندان جي تباهي پڻ ثابت ٿيو.
سڪندر، جيڪو نامعلوم فون ڪالز
سبب شديد خوف جي حالت ۾ رهڻ سبب اڳ ئي نيروسس ۾ ورتل هو، اهو سائڪوسس (Psychosis) جو شڪار ٿي چرين جي اسپتال ۾
تڏهن ٿو پهچي جڏهن هو سيم جي موت جي خبر ٿو پڙهي جنهن لاءِ هو پنهنجي پاڻ کي به
ذميدار ٿو سمجهي ۽ سندس، ” احساسِ جرم“ (Guilty
Feeling) ناقابلِ برداشت ٿيو وڃي.
سيم کي قومي ڪارڪن ۽ سڪندر وٽان،
”جذباتي تسڪين“ ملي ٿي. هنن سان محبت، ڪا افلاطوني محبت نه هئي پراها جنسي تلذذ
سان ڀرپور فرائڊين محبت هئي جنهن مطابق، ” محبت جو اصل محرڪ جنسي ميلاپ ئي هوندو
آهي“. تنهنڪري هتي، سيم کي شاه لطيف جي سورمي سهڻي سان هر گز تشبيه نٿي ڏيئي
سگهجي.(جيئن ڪجه پڙهندڙن ۽ خود مصنف به اها ڳاله ڪئي آهي(
هن ناول ۾ ڪجه ننڍڙيون فني
غلطيون ۽ جنس متعلق ڪي غير منطقي خيال پڻ آهن. سيم ايتري چالاڪ هوندي به هر مرتبه
پڪڙجي پوي ٿي، مڙس ايترو طاقتور هوندي به زال کي رڳو مهڻا ئي ڏي ٿو، هو سڪندر
تائين پهچڻ کان پوءِ به ڪو خاص ردِ عمل نٿو ڪري. سڪندر جو چريو ٿيڻ به ڪجه غير
منطقي لڳو.هن ۾ ڪجه ذيلي موضوع، کنڀي گم ڪيل ماڻهو، خفيه ايجنسيون، قومي ڪارڪنن
وغيره تي به سٺي انداز ۾ لکيل آهي.
هي ناول، بي جوڙ شادين تي سماج
مٿان مهذب انداز ۾ سڌي تنقيد آهي. ادب جو سماجي ڪارج اهو به آهي ته اهو سماج جي
فرسوده بيانين (Narratives) ۽ رسمن رواجن کي نشانو بڻائي. معمولي فني خامين جي باوجود، رزاق
سهتي جو هي ناول، سنڌي ادب ۾ خوبصورت واڌارو آهي.
(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱ آگسٽ ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)
No comments:
Post a Comment