موهن جو دڙو – ڪھاڻي ڪتاب جو جائزو
جائزو: عبدالڪريم
چنا
نالو: موهن جو
دڙو
صنف: مختصر
ڪهاڻيون
مرتب: جهانگير
عباسي
صفحا: ۲۷۲... قيمت: ۵۰۰
انگريز دور ۾ جنهن
وقت موئن جو دڙو جي کوٽائي شروع ٿي ته سنڌ کي دنيا اندر هڪ نئين سڃاڻپ ۽ مڃتا ملڻ
شروع ٿي ۽ سنڌين به پنهنجي قديم سڀيتا ۽ ثقافت تي فخر ڪرڻ شروع ڪيو. آثارِ قديمه
جي ماهرن پاران مختلف دورن ۾ کوٽائي ٿيندي رهي ۽ نيون نيون ڳالهيون سامهون اينديون
رهيون. اڄ تائين مڪمل کوٽائي نه ٿي سگهڻ ۽ قديم نشانين جي ڀاڃ نه ٿي سگهڻ سبب هن
وڏي شهر جي ماڻهن، انهن جي ٻولي، رهڻي ڪهڻي، ثقافت، مذهب ۽ حڪمراني جي طريقي وغيره
بابت مڪمل مستند ڄاڻ نه ملي سگهي آهي. ان صورتحال ۾ جڏهن هن عظيم سڀيتا کي افسانوي
انداز ۾ پيش ڪيو ويندو آهي ته ان ۾ کوڙ مختلف ۽ انومانن ڀريون ڳالهيون سامهون
اينديون آهن. هر ليکڪ پنهنجي تصور، تخيل ۽ تاريخي مطالعي موجب ڪهاڻيءَ ۾ خيال پيش
ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهندو آهي. انهن افسانن کي تاريخي حقيقت ڪري ته هرگز نه ٿو وٺي
سگهجي پر انهن لکڻين مان ليکڪن جي هن قديم عظيم سڀيتا سان محبت، ان تي فخر، ۽ ان
جي رازن کي پروڙڻ جي اڻ تڻ جي پرک ضرور پوي ٿي. سنڌو سڀيتا جي هن عظيم وسنديء تي
ڪيترا ئي افسانا لکجي چڪا آهن. تازو ئي محترم جهانگير عباسي پاران “موهن جو دڙو”
جي نالي سان هڪ ڪتاب ترتيب ڏئي شايع ڪرايو ويو آهي جنهن ۾ هن عظيم سڀيتا جي پس
منظر ۾ ايڪيھ مختلف ڪهاڻيڪارن جون ايڪيھ مختصر ڪهاڻيون شامل آهن. جهانگير عباسي
موجب هن ڪتاب جي پبلشر جي ذاتي دلچسپيءَ سبب موهن جو دڙو سان لاڳاپيل وڌيڪ ڪهاڻيون
هٿ ڪري انهن کي الڳ سان نئين ڪتاب ۾ ترتيب ڏئي ڇپائڻ جو منصوبو پڻ آهي.
جهانگير عباسي نه
فقط سريلو ڪهاڻيڪار آهي پر مترجم، مرتب، مضمون نويس ۽ نقاد طور ادب ۾ کوڙ خدمتون
سرانجام ڏئي رهيو آهي. جهانگير عباسي جي ڪهاڻين جو مجموعو “ڪجلي” پڙهندڙن وٽان
تعريفون ماڻي چڪو آهي. ٻئي طرف عالمي ادب مان ۲۵ ڪهاڻين کي سنڌي ويس پڻ پهرائي چڪو آهي، جڏهن
ته ۱۸۵ سنڌي ڪهاڻين کي اردو ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري سنڌي ڪهاڻيءَ کي ٻين ٻولين جي
پڙهندڙن تائين پڻ پهچائي چڪو آهي. سندس ادبي پورهئي ۾ “مان تنوير آهيان” (مرتب)، “حسن
جي بازار” (سنڌيڪار)، “درشڪ” (سنڌيڪار)، “چونڊ شاهڪار ڪهاڻيون” (سنڌيڪار)، “ڪلهوڙا
دور جو تاريخي ۽ تحقيقي جائزو” (مرتب)، “کہاني ہر دور کي” (مترجم)، “شاہکار سندھي
افسانے” (مترجم) جهڙا ڪتاب شامل آهن، جن مان جهانگير عباسي جي شخصيت مان ادب سان
پيار ڪندڙ ۽ هڪ اڻٿڪ ڪردار جي عڪاسي ٿئي ٿي. سندس ترتيب ڏنل ڪتاب “موهن جو دڙو” هن
سال جي شروعات ۾ ڇپجي سامهون آيو هو.
ڪهاڻين تي نظر:
ڪتاب ۾ ڪل ايڪيھ
ڪهاڻيون آهن. جن منجهان چئن ڪهاڻين جي نالن ۾ هڪ جهڙائي ملي ٿي. انهن ۾ “ناچڻي، نچڻي،
ڊانسنگ گرل، موهن جي دڙي جي ناچڻي” شامل آهن. جڏهن ته سمبارا، ۽ موهن جو دڙو جا
نالا به ڪهاڻين جي عنوان لاءِ مکيه چونڊ طور نظر اچن ٿا. ڪهاڻين جي عنوانن تي
سمبارا جو اثر گهڻو ملي ٿو. جنهن سبب “ناچڻي، مورتي، سمبارا” جهڙا عنوان سامهون
اچن ٿا.
ڪهاڻين ۾ قديم
آثارن واري شهر جا نالا:
پهرين ڪهاڻيءَ ۾
وسندڙ شهر جو نالو “مهين نگر” ڏنو ويو آهي. جڏهن ته ان جو هاڻوڪو نالو “موئن جو
دڙو” ڏنل آهي. ٻي ڪهاڻيءَ ۾ “موهن پور” نالو ڏنو ويو آهي. ٽين ڪهاڻيءَ ۾ هنن آثارن
کي “موهن جو دڙو” نالو ڏنو ويو آهي. چوٿين ڪهاڻيءَ ۾ “مُهن جو شهر” نالو ڏنل آهي. پنجين
ڪهاڻيءَ ۾ “مونهون، موهن، موئن” جا نالا ڏنا ويا آهن. ڇهين ڪهاڻيءَ ۾ ڪو به نالو
ناهي ڏنو ويو. ستين ڪهاڻيءَ ۾ “موهن جو دڙو” ڏنل آهي. اٺين ڪهاڻيءَ ۾ “موهن شهر”
ڏنل آهي. نائين ڪهاڻيءَ ۾ “موهن جو دڙو” ڏنل آهي. ڏهين ڪهاڻيءَ ۾ “موهن جو دڙو”، يارهين
ڪهاڻيءَ ۾ “موئن جو دڙو”، ٻارهينءَ ۾ “موهن جو دڙو”، تيرهينءَ ۾ “مُهين جو دڙو”، چوڏهينءَ
۾ “مُهين جو دڙو”، پندرهينءَ ۾ “موئن جو دڙو”، سورهينءَ ۾ “موهن جو دڙو”، سترهينءَ
۾ “سنڌو نگر”، ارڙهين، اڻيهين، ۽ ويهينءَ ۾ “موهن جو دڙو”، ۽ ايڪيهينءَ ۾ “موهن ۽
مُهينءَ جو شهر” جا نالا ڏنل آهن.
ان حساب سان تيرهن
ڪهاڻين ۾ “موهن”، پنجن ۾ “مهين” چئن ۾ “موئن” جو لفظ آندل آهي.
ڪهاڻين ۾ هنن
تاريخي آثارن تي ٽي نالا ڏنا ويا آهن يعني “موهن، موئن ۽ مهين/موهين” وارا نالا. انهن
نالن تي ڌيان ڏجي ته موهن هندو نالو آهي ۽ اهو تاثر جوڙي ٿو ته اسلام کان اڳ جينءَ
ته هتي هندو ڌرم هو ان ڪري هنن آثارن کي به اهڙو نالو ڏجي. ٻيو نالو “موئن جو دڙو”
مان مراد اها ٿي نڪري ته هي قديم آثار اصل ۾ مئلن جو ڍڳ آهن. جينءَ ته هتي ڪو به
زنده رهندڙ ناهي ان ڪري هي مئل ماڻهن جو دڙو شمار ڪجي ٿو. ٽيون نالو “موهين، مهين،
مونهون” اچي ٿو. ان مان مراد اها ته “مهاڙيءَ وارو” يا “منهن سامهون وارو”، جنهن
مان اهو مقصد ٿو نڪري ته هنن آثارن جي ڀر وارن ڳوٺن پنهنجي ڳوٺن يا زمينن جي
مهاڙيءَ ۾ ايندڙ هن دڙي کي مهين/ مونهون/ موهين جو دڙو سڏيو. باقي هن تاريخي ماڳ
جو اصل نالو ڇا هو ان بابت حتمي طور تي ڪجھ طئي ناهي ٿي سگهيو. ان ڪري جيستائين
هنن آثارن جي مڪمل کوٽائي ٿئي ۽ ڪا لکت پڙهڻ جهڙي هٿ اچي سگهي ۽ هن عظيم تاريخي
شهر جي نالي بابت به ڪا ڄاڻ ملي تيستائين اهي اختلاف هلندا رهندا ۽ هر ماڻهو
پنهنجي پاران ڏنل نالي تي زور ڀريندو رهندو. باقي تازو ئي حڪومتي سطح تي هنن آثارن
کي “موهينءَ/ مهينءَ جو دڙو” سڏڻ ۽ لکڻ جو نوٽيفڪيشن ڪڍيو ويو آهي. جڏهن ته ڪجھ
تاريخدانن پاران “ميلوها” نالي ماڳ کي موهن جو دڙو قرار ڏيڻ جا بيان آيل آهن.
ڪهاڻين ۾ مجموعي
طور سنڌ جي تهذيب جي امن پسند ۽ انتهائي ترقي يافته هئڻ واري پاسي تي گهڻو لکيو
ويو آهي ۽ لڳ ڀڳ سمورين ڪهاڻين ۾ اهو خيال يا پيغام ملي ٿو. ان سان گڏ ناچ جي
اهميت ۽ پروهتن جو لالچي هجڻ واري پاسي کي پڻ گهڻو بيان ڪيو ويو آهي. هتي ڪجھ
ڪهاڻين جو سرسري جائزو پيش ڪجي ٿو.
پهرين ڪهاڻي ڊاڪٽر
اياز قادريءَ جي “آئينو” ۾ هڪ پاسي هزارين سال اڳ به نسلي متڀيد ۽ سماجي اونچ نيچ
۽ هيٺئين طبقي يعني غريبن تي ظلم ڪرڻ واري عڪسبندي ڪيل آهي ته ٻئي پاسي نرگسيت جي
شڪار هڪ شهزاديءَ ۽ ان جي حڪمرانيءَ هيٺ هڪ “سونهن جي شاعر” جي عڪاسي ڪيل آهي. اهو
شاعر ڪينءَ سونهن کي ڇڏي سچ کي شاعريءَ ۾ موضوع بڻائي ٿو واري خيال کي اثرائتي
نموني بيان ڪيو ويو آهي. هن شاعر جي ڪردار وسيلي هي پيغام ملي ٿو ته “هڪ سچو شاعر
پنهنجي شاعريءَ ۾ سونهن بدران ديس ۽ ديس واسين جي ڏکن ڏولاون کي بيان ڪري ٿو. هو سونهن
۽ عشق جون خيالي ۽ تصوراتي دنيائون جوڙڻ بدران حقيقتن جو مشاهدو ڪري انهن کي
شاعريءَ اندر آڻي ٿو.“
ٻي ڪهاڻي ڊاڪٽر نجم
عباسي جي “ناچڻي” آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ ڄڻ ته سنڌ جي تاريخ ۾ آيل ڦير گهير بيان ڪيل
آهي. ان ريت هي ڪهاڻي تاريخي افساني historic fiction واري زمري ۾ شمار ڪري سگهجي ٿي. ڪهاڻيءَ ۾ سنڌ تي
يونانين، ايرانين، عربن جي حملن ۽ بدلجندڙ حڪومتن ۽ ان سبب آيل تبديلين وسيلي
بدلجندڙ ماحول کي چٽيو ويو آهي. سنڌ سان محبت سبب “ڌرتي پوڄا” واري ڌرم جي عڪاسي
ڪئي وئي آهي جتان ليکڪ جي پنهنجي ڌرتيءَ سان محبت جي به عڪاسي ٿئي ٿي. هتي ڪجھ
اهڙا بيان به آيل آهن جن سان تاريخي طور اختلاف به ڪري سگهجن ٿا. هڪ اهو ته “سنڌين
ڪڏهن به ٻين تي چڙهائي ناهي ڪئي. “ اصل ۾ ڏسجي ته سنڌين پاران مهاڀارت ۾ ٻين ديسن،
۽ بعد ۾ ڪشمير تائين ۽ ايراني سرحدن تائين کوڙ رياستن تي حملا ڪري پاڻ سان ملائڻ
واريون فوجي چڙهايون ڪيون ويون آهن. ٻي ڳالھ اها آيل آهي ته “جيتوڻيڪ لڙائيءَ جي
ميدان ۾ نه پڄڻ جي باوجود به..... “ اتان اهو پيغان ٿو نڪري ته سنڌي جنگ جي ميدان
۾ نااهل هئا ۽ ٻاهران ايندڙ حملي ڪندڙن سان نه وڙهي سگهندا هئا. پر ائين چوڻ مڪمل
غلط آهي، ڇو ته طاقتور ايراني، يوناني، رومي، ۽ عرب لشڪرن به شڪستون کاڌيون آهن. ڪنهن
به ملڪ جي فوج هزارين سالن تائين مضبوط رهي نه ٿي سگهي. ان ۾ ڪڏهن طاقت ته ڪڏهن
ڪمزوري واريون تبديليون اينديون رهن ٿيون. ان جا کوڙ سبب آهن جن تي بحث ڪري موضوع
کي ڊگهو نه ٿو ڪجي. پر سنڌين لاءِ اهو چوڻ ته اهي جنگ جي ميدان ۾ پڄي نه سگهندا
هئا واري ڳالھ مڪمل اڻ ٺهڪندڙ آهي.
ڪهاڻيءَ ۾ ظاهر ۾
مذهبي ۽ نيڪ پر لڪ ڇپ ۾ ابليسي ڪم ڪندڙن جي ڏاڍي سهڻي نموني عڪاسي ڪيل آهي. ان ريت
قديم سنڌ ۾ ناچ کي مذهبي طور مليل عزت کي اڳتي هلي عياشيءَ جي علامت بڻائي ڇڏڻ جا
جيڪي مذهبي ڪارڻ آهن تن کي وائکو پڻ ڪيو ويو آهي، جنهن مان ناچ ۽ ناچڻيءَ کي مليل
اهميت جو بي قدرو ٿيڻ واري سفر جو ذڪر ملي ٿو.
ٽين ڪهاڻي سراج جي “نچڻي”
آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ جديديت جو رنگ ملي ٿو. ڪهاڻيءَ ۾ پڙهندڙ کي وهم ۽ آواگون واري
نظرئي ڏانهن وٺي بعد ۾ ڌوڪي کي ظاهر ڪري حقيقت بيان ڪري ڪهاڻيءَ ۾ وڏي تبديلي آندي
وئي آهي. ان تبديليءَ سبب ڪهاڻي ڏاڍي اثرائتي ۽ حقيقي معلوم ٿئي ٿي.
پنجين ڪهاڻي منظور
ڪوهيار جي “لهندڙ سج کانپوءِ” آهي. هي ڪهاڻي ڏاڍي اثرائتي آهي ۽ بهترين جديد سنڌي
ڪهاڻين ۾ شامل ڪري سگهجي ٿي. ڪهاڻيءَ ۾ طنز satire وسيلي
تاريخي آثارن جي لتاڙ ٿيڻ جي غضب جي عڪاسي ڪئي وئي آهي. آفيسر طبقي، لکيل پڙهيل
ماڻهن، مولوين، موالي فقيرن، ڪامريڊن، اڻ پڙهيل ڌاڙيلن ۽ ٻيا جيڪي به ڪردار آندا
ويا آهن يا جيڪا به منظر نگاري ۽ ڊائلاگ ڏنا ويا آهن انهن ۾ ڪٿي به غلطي يا ڀٽڪ
محسوس نه ٿي ٿئي. هي ڪهاڻي وري وري پڙهڻ جهڙي آهي ۽ پڙهڻ سان پنهنجي سماج جي
لاپرواهي ۽ غيرذميواريءَ جي مڪمل سچي عڪاسي ٿيندي محسوس ٿئي ٿي.
اٺين ڪهاڻي “اسٽوپا
تي بيٺل سارنگ” خادم ٻگهيو جي آهي. ڪهاڻيءَ جي هڪ خيال theme ۾ اميد
ڏيکاريل آهي ته نيٺ سنڌ ۾ اهڙو سماج جڙندو جيڪو ظلم ۽ ڏاڍ خلاف اٿي کڙو ٿيندو ۽
پاڻ کان طاقتور ۽ ظالم کي ماري مڃائيندو.
ڏهين ڪهاڻي ممتاز
بخاري جي “ڀڳل نڪ جي ڳولا” آهي. سنڌيءَ ۾ “نڪ نه هئڻ” مان مراد بي نوسو هئڻ يعني
پنهنجو قدر ۽ مُلھ نه ڄاڻندڙ هجڻ آهي. هاڻي جيڪو پنهنجو قدر نه ٿو ڄاڻي ته اهو ٻين
جو ڪهڙو قدر ڪندو! هي ڪهاڻي به طنز satire جو مفهوم
سمائي سنڌين جي بي شناسائي، بي قدرائپ سان گڏ اٻوجهائپ جي عڪاسي ڪري ٿي. پيغام اهو
ڏنل آهي ته پنهنجو وڃايل مقام ڳولي دنيا ۾ بلند حيثيت ماڻڻ لاءِ جدوجهد ڪيو.
تيرهين ڪهاڻي ڊاڪٽر
احسان دانش جي “اها رات” آهي. ڪهاڻيءَ ۾ شاعراڻي حسناڪيت ۽ تمثيلن جو سهڻو استعمال
ٿيل آهي. هي ڪهاڻي قديم آثارن جي لتاڙ، ڀڃ ڊاھ، ۽ بي قدرائپ تي ڪيل احتجاج ۽
سگهارو پيغام ڏيندڙ ڪهاڻي آهي.
چوڏهين ڪهاڻي “سونهن
سمبارا” وفا اسلم شيخ جي آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ پنڊتن ۽ ملن پاران دين جي نالي تي ۽
ديوتائن ۽ خدائن جي نالي تي عام ۽ ڪمزور انسانن جي حقن ۽ عزتن جي لتاڙ ڪرڻ واري
تلخ حقيقيت جي عڪاسي ٿيل آهي. تاريخي پسمنظر ۾ لکيل هيءَ ڪهاڻي اڄ جي دور جي به
ساڳي نموني عڪاسي ڪري ٿي.
پندرهين ڪهاڻي طارق
خشڪ جي “موئن جو دڙو” آهي. هيءَ هڪ گهڻ موضوعاتي ڪهاڻي آهي. ڪهاڻيءَ ۾ تاريخي
آثارن جي لتاڙ ۽ بي قدرائپ جو الميو، پوليس ۽ وڏيرن جون زيادتيون ۽ غريبن جي ڪا
مدد نه هئڻ جي عڪاسي ٿيل آهي. پيغام اهو به ملي ٿو ته انسان مٽيءَ مان ٺهيل آهي ۽
سنڌين جي مٽيءَ ۾ به ساڳيو موئن جي دڙي جو خمير مليل آهي. جنهن کي هر ڏاڍو
لتاڙيندو رهي ٿو پر تنهن هوندي به مظلوم صبر ۽ امن جو دامن نه ٿا ڇڏين.
سورهين ڪهاڻي يار
محمد خشڪ جي “مان موهن جو دڙو آهيان” آهي. ڪهاڻيءَ ۾ ورهاڱي جا وڍ به ملن ٿا ته
مذهبي متڀيد جو اولڙو به. ڌرتي ڌڻين جو پنهنجي ئي ديس ۾ غير بڻجي وڃڻ جو الميو به
چٽيل آهي. ان سان گڏ مهذب سنڌ جي غيرمهذب ماڻهن جي به عڪاسي اچي وڃي ٿي.
ارڙهين ڪهاڻي ڪليم
ٻٽ جي “ڌرتيءَ جو درد” آهي. ڪليم ٻٽ پنهنجي ڪهاڻين ۽ ناولن ۾ سائنس فڪشن، جديديت ۽
جديديت پڄاڻان جا تجربا ڪندڙ دلير ليکڪ آهي. دلير ان حساب سان ته ڀلي پڙهندڙ کيس
مڃتا ڏين يا نه، ڀلي سنڌ اندر ان قسم جو ماحول جڙيو هجي يا نه پر هو پنهنجي خيالن
کي جديد عالمي ادب سان ڳنڍي رکڻ واري واٽ تي هلي رهيو آهي. سندس هيءَ ڪهاڻيءَ به
تاريخ ۽ سائنس فڪشن کي گڏ کڻي هلي ٿي. هتي دلچسپ علامتون به ملن ٿيون. جينءَ عوام
کي ديوتائن کان ڊيڄاري حڪومت ڪرڻ وارو قديم طريقو اڄ جي دور واري مذهبي ڪارڊ تي به
لاڳو ٿئي ٿو. آرين پاران شِو جي ديويءَ کي اغوا ڪري سندن ڌرم قبولڻ جو اقرار ڪرائڻ
به جديد دور ۾ هندو نارين جي جبري مذهب مٽائڻ جي علامت طور کڻي سگهجي ٿو. ڪهاڻي
ڏاڍو تيز هلي ٿي. سنڌين کي هڪ طرف انتهائي ڏاهو به ڏيکاريو ويو آهي ته ٻئي طرف
آرين هٿان بيوقوف بڻجي جلد استعمال به ٿي وڃن ٿا. اهو تضاد ڪهاڻيءَ ۾ جهول پيدا
ڪري وجهي ٿو. ڪهاڻيءَ ۾ سنڌ جو ثمير سان واپار تاريخي حقيقت کي ظاهر ڪري ٿو. جڏهن
ته موهن جو دڙو تي آرين جو حملي واري ڳالھه مان هن عظيم شهر تي حملو ڪندڙن جي
لالچي نظر ۽ انهن هٿان شهر جو اوج ختم ٿيڻ ڏانهن اشارو آهي.
ايڪيهين ڪهاڻي هوش
محمد ڀٽيءَ جي “مهينءَ تي ماڻهو” آهي. ڪهاڻيءَ ۾ هن ڦٽل ماڳ جو نالو “مهين” ۽ قديم
وسندڙ شهر جو نالو “موهن جو شهر” ڏنو ويو آهي. ڪهاڻيءَ جو پيغام هيڏي عظيم ماڳ جو
قدر نه ڪرڻ، درست نموني حفاظت نه ڪرڻ، آثارن مان مليل شين جو قدر نه ڪرڻ وغير جو
الميو بيان ڪيل آهي. ان سان گڏ قديم تاريخي ثقافت جا وارث هئڻ واري خالي نعريبازي
۽ عمل نه هئڻ تي به افسوس ڪيو ويو آهي.
ان کانسواءِ ڪتاب ۾
شامل ٻيون ڪهاڻيون به ڏاڍيون سگهاريون آهن. ڪهاڻين جو هي مجموعو هن تاريخي ماڳ تي
ڪم ڪندڙن ۽ ان بابت معلومات سهيڙيندڙن کي نوان خيال ۽ سوچون ڏيڻ جي ڀرپور سگهھ رکي
ٿو. ڪهاڻين ۾ موئن جي دڙو مان لڌل نچندڙ ڇوڪريءَ واري مورتي جنهن کي سمبارا جو
نالو ڏنل آهي، ان جي سونهن تي وڏو ڌيان ڏنو ويو آهي. سمبارا کي ڀورو رنگ، سنهي
چيلھه، ناچ جي راڻي وغيره طور پيش ڪيو ويو آهي. هاڻي جيڪڏهن هزارين سال اڳ واري ان
دور جو جائزو وٺجي ته تنهن دور ۾ ڪارو رنگ ۽ مضبوط ڳورو ٿلهو جسم سونهن جي علامت
هوندا هئا. ان لاءِ هي ذڪر به مناسب ٿيندو ته ڪرشن لفظ جي معنيٰ به ڪارو آهي. ڀڳوان
ڪرشن جون شروعاتي مورتيون به ڪاري رنگ جون هونديون هيون. پر گذريل هڪ ٻن صدين کان
وٺي اسان وٽ جڏهن ڀورو رنگ سونهن جي علامت بڻيو ته ڀڳوان ڪرشن جي مورتين جو رنگ به
چمڪندڙ اڇو بڻجي ويو. مضبوط جسم کي سونهن جي علامت سمجهڻ جو وڏو مثال ايران جي قاچاري
شهزاديءَ جو آهي جنهن پاران شاديءَ جي انڪار سبب چوڏهن کان سورهن شهزادن خودڪشي
ڪري ڇڏي هئي. نيٽ تي ان شهزاديءَ جي تصوير ڏسي اڄ جي سونهن وارن پيمانن جي تڪ تور
جي حساب سان خودڪشي ڪندڙ شهزادن تي افسوس ڪيو ويندو آهي. ڪتاب ۾ موجود ڪهاڻين ۾ به
ان دور بدران هن دور جي ڀوري ۽ اڇي رنگ ۽ سنهي نازڪ جسم کي سونهن کي قديم دور تي
لاڳو ڪري بيان ڪيو ويو آهي. پر هي افسانوي دنيا آهي جنهن ۾ اهو ئي پيش ڪبو جيڪو
پڙهندڙ کي متاثر ڪري. هن دور جو پڙهندڙ ڪاري ۽ ٿلهي ڇوڪريءَ کي سونهن سوڀيا جي
علامت هرگز نه ڪري وٺندو. ان ڪري ليکڪ کي ان جي دور موجب افسانوي دنيا ۾ سونهن ۽
ڪشش جا رنگ ڀرڻ واري اجازت مليل آهي.
هيستائين ڪتاب جي
ايڪيھه ڪهاڻين منجهان يارهن ڪهاڻين جو مٿاڇرو جائزو اچي ويو آهي. جڏهن ته باقي ڏھن
ڪهاڻين ۾ آغا سليم جي “روشنيءَ جو سفر”، مرحوم رسول ميمڻ جي “مورتي”، زيب سنڌيءَ
جي “ڊانسگ گرل”، ايوب عمراڻيءَ جي “موهن جو دڙو” عباس سارنگ جي “پکي اڏاڻا پيار جا”،
مٺل چانڊيو جي “موهن جي دڙي جي ناچڻي”، طارق خشڪ جي “موئن جو دڙو” ستار هليو جي “سنڌو
نگر”، عيسيٰ ميمڻ جي “نڪ ڀڳل مورتي” ۽ مصور حسين جي “سارا رستا رت سان ريٽا” اچي
وڃن ٿيون.
ڪردارن جا نالا:
ڪهاڻين ۾ شامل
ڪردارن جا نالا گهڻي ڀاڱي موجوده دور جي هندو نالن سان ملندڙ آهن. انهن ۾ ٻڌ مت جي
نالن جو گهٽ اثر ملي ٿو. جڏهن ته مهاڀارت واري دور ۾ سنڌو ديش جي ڏنل نالن جيان به
ڪي نالا نه ٿا ملن. مهاڀارت ۾ سنڌ کي سنڌو ديش سڏيل آهي ۽ ان رياست جو بنياد “ورسا
درباهه” پاران وڌل ٻڌايو ويو آهي. ورسا درباهه پنهنجي رياست جو نالو پنهنجي نالي
پويان “ورسا درباهه پور” رکيو جيڪو بعد ۾ تبديل ٿي سنڌو ديش بڻيو.
راجه دسرٿ جي زال
راڻي ڪيڪيه سنڌ جي هئي ۽ راڻي ڪيڪيه/ڪيڪئي جو پٽ “ڀرت” سنڌو ديش ۾ کوڙ وقت رهيو. مها
ڀارت ۾ هڪ سنڌي راجا “جئه ڌرت” جو نالو به ملي ٿو. مها ڀارت وقت سنڌ جي شهر “راوڙڪا”
جو ذڪر ملي ٿو. ان بابت خيال اهو آهي ته اهو شهر اروڙ/الور هو يا وري هيٺئين/لاڙ
سنڌ جو شهر “روڙڪا” ٿي سگهي ٿو، جتي راجا ڏاهر عربن کان جنگ هارائي هئي. پر ٻي ڳالھه
اها آهي ته مها ڀارت ۾ اهڙو ڪو شهر نه ٿو ملي جنهن کي موئن/موهن/مهين جو دڙو ڪري
وٺجي. اتان اهو اندازو به لڳي سگهي ٿو ته يا ته ان وقت هي شهر ايترو اهم ۽ وڏو نه
هو يا وڏو هيو به ته هيءَ مڪمل غيرجانبدار رهيو ۽ جنگ ۾ حصو نه ورتائين.
هتي هڪ ٻي ڳالھه به
اهم آهي ته جيڪڏهن آرين اچي سنڌ ۽ هند ۾ طبقاتي نظام ۽ سماجي اونچ نيچ وارا نظريا
ڏنا ته مهاڀارت ۾ به هندو ڌرم وارا اها اونچ نيچ وارا نظام ملن ٿا. ان مان اهو
سمجهبو ته آرين جا حملا مهاڀارت کان به گهڻو اڳ ٿيل آهن. يا وري اهو سمجهبو ته
آريا اصل ۾ آيا ئي ڪو نه هئا ۽ هيءَ سموري طبقاتي اونچ نيچ جي راند هتان جي برهمڻن
۽ پنڊتن کيڏي هئي.
واپس نالن واري ذڪر
تي اچون ٿا ته ڪهاڻين ۾ ڏنل نالا قديمي هئڻ گهرجن. جيڪڏهن راجا چچ واري دور جي
هندو ۽ ٻڌ مت وارن نالن جهڙا نالا هجن ته به قديمي احساس ملندو. پر هتي مڪمل جديد
نالا به اچي وڃن ٿا، جيئن هڪ ڪهاڻيءَ ۾ عيدن نالو اچي ٿو. عيدن تي ڌيان ڏيون ته
اهو لفظ عيد مان نڪتل ملندو. ان حساب سان اهو اسلامي اثر ڏيکاريندڙ نالو پنج هزار
سال قديم دور جو رهاڪو ڪري بيان ڪرڻ کوڙ اڻ ٺهڪندڙ محسوس ٿئي ٿو. ٻئي پاسي اسٽوپا
جو ذڪر ته لڳ ڀڳ هر ڪهاڻيءَ ۾ ملي ٿو پر اسٽوپا سان لاڳاپيل گوتم ٻڌ جي ڌرم وارا
يا ٻڌمت کي گهڻو پکيڙيندڙ چندر گپت ۽ اشوڪ جي نالن سان ملندڙ نالا صفا گهٽ يا نه
هئڻ برابر ملن ٿا. جڏهن ته ٻڌ ڌرم جي رهواسين ۽ ٻڌ ڌرم جي رسمن بابت به ڪنهن
ڪهاڻيءَ ۾ ذڪر نه آيو آهي. هڪ ڳالھه اها به ذهن ۾ رکجي ته گوتم ٻڌ جي خاڪ جي اٺن
صندوقن منجهان هڪ بند صندوق سنڌ ڏانهن به موڪلي وئي هئي. ان مقدس صندوق مٿان هڪ
اسٽوپا جوڙايو ويو هو. اهو اسٽوپا ڪهڙو آهي ان تي تحقيق جي ضرورت آهي.
هيءَ ڳٽڪو جهانگير
عباسي جي انتهائي تعريف جوڳي ڪاوش آهي. هر ڪهاڻيءَ کان اڳ ليکڪ جو تعارف وارو ننڍو
مضمون سندس محنت ۽ لڳاءَ جي واضح نشاني آهي. ان حساب سان سندن ڪم فقط مرتب وارو نه
پر تخليقي طور پڻ شمار ٿيندو.
(ڏھاڙي سنڌ ايڪسپريس حيدرآباد ۾ ۲۴ ۽ ۲۹ آگسٽ ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
No comments:
Post a Comment