مينڊل جو قانون
پنجابي ڪهاڻي
ڪهاڻيڪار: جميل
احمد پال
سنڌيڪار: ننگر
چنّا
“مينڊل اڄ کان ڪي ڏيڍ سَو سالَ
اڳ هڪ پادري ٿي گذريو آهي، هُنَ مَٽَرَ جي ٻُوٽي ۽ ٻِجَ تي ڪي تجربا ڪيا هئا، جَنِ
مان وراثت جي باري ۾ اَمُلهه ڄاڻَ ملي. اڄ اسين ڄاڻون ٿا ته ڪو به ٻارُ ماءُ پيءُ
منجهان ڪھڙيون وَٿون وراثت ۾ وٺندو. جيئن جيڪڏهن پيءُ ماءُ مان ڪو هڪ قَدَ جو مَنڌرو
۽ هڪ ڊگهو هجي ته چئن مان ٽن ٻارن جا قَدَ ڊگها هوندا. ائين ئي سايُون اکيون پَرڌانُ
ٿينديون آهن. ماءُ پيءُ منجهان هڪ جون اکيون سايون هجن ته چئن مان ٽن ٻارن جون
اکيون سايون هجڻ جو امڪان آهي.....”
نائين ڪلاس جي ڇوڪرن کي بائلاجي
پڙهائيندي پڙهائيندي ماسٽر رشيد ڪيئي ڀيرا ٿَڪُ محسوس ڪري ٿو. توڻي جو سندس ڄَمارَ
ٿَڪجَڻ واري ناهي. ايڪويھ ٻاويھ ورهيه به ڀلا ڪا عمر آهي ٿَڪَجِي پَوَڻَ واري! ٻن
مھينن کان پوءِ سندس وهانءُ آهي. وهانءُ به ليٽ ٿي ويس. بي روزگار بَندي کي ڪو به هوشَ
وَندُ ماڻهو پنھنجِي ڌيءُ جو سَڱُ ناهي ڏيندو. ماسٽر رشيد کي به مُنڍَ ۾ تعليم
پِرائيندي ۽ پوءِ وري نوڪري لَڀَندي چڱو ٽاڻو لڳي ويو. ٽي سال ٿيا اَٿس نوڪريءَ
کي. پھريون گهر جا ڪجهه مامرا نِبيريائين. پِڻَسِ قرضُ کَنيو هو، ماءُ پيءُ جي ڪرڻِي
کي به مُنھُن ڏيڻو پَيُسِ ۽ ننڍي ڀيڻُ جو پَرڻو ڪرڻو پَيُسِ. ماءُ پيءُ به ڏاڍا
عجيب هوندا آهن. ڌيئون پيدا ڪري وٺندا آهن ۽ آسَ رکي ويھي رهندا آهن ته پُٽُ وڏو ٿي
کين پَرڻائيندو. هُو پنھنجي ڪَرڻي پُٽَنِ جي مَٿي تي ٿَڦي ڇڏيندا آهن.....
ماسٽر رشيد اسڪول ۾ انگريزي پڙهائيندو
آهي ۽ بائلاجي بہ. ٻئي مضمون اَوکا ڄاتا ويندا آهن ۽ اِنهن کي پڙهائڻ وارا گهٽ
ملندا آهن. اسڪول ۾ اِهو مضمونُ پڙهائڻ جي ڪري ماسٽر رشيد کي وڏو پڙهيو لکيو ڄاتو
ويندو آهي. جيتوڻيڪ کيس هِنَ اسڪول ۾ ٽرانسفر ٿئي اڃا ڏيڍ مھينو مَسَ ٿيو آهي. 32
سالن جي ماسٽر رشيد جو جيوَنُ ٻن ٽن ورهين کان ڏاڍو هِڪَ ڪَرو گذري رهيو آهي. نوڪري
ملڻ کان پوءِ هُو زندگيءَ مان راضي آهي. وهانءُ ٿي وَڃيسِ ته سندس جيوَنُ اڃا وڌيڪ
شانتُ ٿي ويندو. پوءِ سندس جيوَنُ دالِ چانورن جي مامرن کي مُنھُن ڏيندي، اولاد
جون فيسون ڀَريندي، ڪتابَ وٺي ڏيندي ۽ ڪُراڙپَ ۾ اولاد کي پرڻائيندي لنگهي ويندو.
ماسٽر رشيد کي سُڌَ آهي ته چاليھن
ورهين کان پوءِ مرد جي زوالَ جو عمل شروع ٿي ويندو آهي. هُو ذهني طور تي انهيءَ
لاءِ سَنبِريَلُ به آهي. 13، 14 ورهين جي ڄمارَ ۾ انسان جي عُروجَ جو عمل شروع ٿي
ويندو آهي، ٻارن کي هر لحاظ کان پَرَ لڳي ويندا آهن. سندن اِها اُڏارَ 25 ورهين
تائين هلندي آهي، تنھن کان پوءِ پندرهن سالن تائين انهيءَ ۾ ٿَھَمَرِ رهندي آهي ۽
پوءِ لاٿِ. پر مُنڍَ ۾ اِها لاٿِ ڏاڍي معمولي هوندي آهي، سُڌَ به ناهي پوندي. پنجاھُ
ورهين کان پوءِ لاٿِ ۾ تِکائي اچي ويندي آهي، سَٺِ کان پوءِ اڃا وڌيڪ تِکائي، ۽ نيٺ
سَتر اَسي ورهين تائين همراھ رهجي ويندو آهي.....”
اهي ڳالهيون ماسٽر رشيد کي رُڳو
بائلاجيءَ نه زندگيءَ به ٻُڌايون آهن. هُو اسڪول ۾ ڪم سان ڪَمُ رَکَڻَ وارو ماڻهو ڄاتو
ويندو آهي. هيڊ ماسٽر کي هُنَ کان ڪا به شڪايت ناهي. شاگردن کي به ناهي. مارَ تي
روڪَ هجڻ جي باوجود به ٻيا ماسٽر ته ڪڏهن هَٿَ سان يا وري سوٽيءَ سان مارَ ڪڍي وٺندا
آهن. ڪڏهن ڪنھن گهڻي لُچَرَ ڇوري کي ڪُڪُڙُ به بڻايو ويندو آهي. پر ماسٽر رشيد ڪڏهن
به ائين ناهي ڪيو. کيس هِنَ اسڪول ۾ بدلي ٿي آئي اڃا ڏيڍ مھينو مَسَ ٿيو آهي پر
هُنَ شاگردن جي ذهن ۾ پنھنجي ڀَلي ۽ ٻاجهاري هُجَڻَ جو ڀاوُ ويھاري ڇڏيو آهي. اِنَ
جي ڪري ئي سندس شاگرد ساڻس پِريم ڪن ٿا. هُونءَ ماسٽر رشيد مارَ موچڙو ڪرڻَ وارن
استادن کي غلط به ناهي سمجهندو. وَهيءَ چَڙهندڙَ ڇوڪري کي هڪ پيءُ جھڙي استاد جي
گهڻي گهرج هوندي آهي. هُنَ کي پيارُ به کَپَندو آهي ته ڪڏهن ڪڏهن ڪاوڙ ۽ ڪُٽڪو سَٽڪو
به....
ڪلاس ڪھڙو به هجي، وَڻَ وَڻَ جي
ڪاٺي هوندي آهي. هر قسم جي ذهني ليول، قَدَ ڪاٺَ، رَنگَ رُوپَ جا شاگرد هڪ ئي ڪلاس
۾ هوندا آهن. 52 ڇوڪرن جي نائين واري انهيءَ ڪلاس ۾ هر رَنگُ رُوپُ شامل آهي. ڇوڪرا
وَهيءَ چڙهي رهيا آهن، اُنهن جا قَدَ وڌي رهيا آهن ۽ سندن مُنھَن تي ڏاڙهي مُڇُنِ
جي واڌِ ٿي رهي آهي. ڪَن جون مُڇون چڱيون اَچي چڪيون آهن، ڪي اڃا تائين ساوَلِ ۾
آهن ۽ مُنھَن جي انهيءَ مَٽَ سَٽَ ۾ ٻه سال وٺندا. اُهي عمر جي سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ
دور ۾ آهن. شعور ۽ سمجهه اچڻ جو دورُ. اِنهن منجهان ڪيئي ڄڻا پنھنجي بدن جي اَنيڪ
اَنگَنِ جو هڪ کان وڌيڪ استعمالُ سِکي چڪا آهن. باقي ٻيا به ساٿَ وارن کان اڄ سڀاڻي
سِکي وٺندا. اِنهيءَ سان گڏوگڏ ڪي اُبتيون سُبتيون ڳالهيون ۽ وَهَمَ به سندن دماغن
۾ ويھجي ويندا، جيڪي سڄي ڄمار ساڻن گڏ رهندا....
بائلاجيءَ جي ڪلاس ۾ ماسٽر رشيد
جڏهن ڪا کُلِيَل ڳالهه ڪندو آهي ته ڪيئي ڇوڪرا ٽَھَڪَ ڏئي کِلَڻ لڳندا آهن. تنھن
مھل ماسٽر رشيد جَتَنُ ڪندو آهي ته سندس مُنھَن تي ڪي به ڀاوَ نه اُڀرن. ڪڏهن ڪڏهن
کيس چَوڻو پئجي ويندو آهي تہ: “اِها ڳالهه کِلَڻ يا لَڄِي ٿيڻ واري ناهي، علم جي ڳالهه
آهي، اِها ذهن ۾ ويھاري ڇڏيو.”
اِنهيءَ ڪلاسَ ۾ ٻه جاڙا ڀائر به
پڙهندا آهن. ٻئي قَدَ ڪاٺَ ۾ هڪ جھڙا آهن، ڪجهه ته سندن عمر جي گُهرَ آهي جو سُھڻا
آهن. جوانُ ٿيندڙ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جا بَدَنَ ڏينھون ڏينھن سُھڻا ٿيندا ويندا آهن. ڀُوري
وَرنَ ۽ نيرين اکين وارا ٻئي ڀائِرَ اسڪول جو يوني فارمُ پائڻ کان پوءِ ڏاڍا چَڱڙا
لڳندا آهن. اڃا واڌِ ۾ پيرَ وِڌَل اَٿَنِ، اِنَ ڪري سَنهڙا ۽ قَدَ جا ڊگها آهن. جي
وڏي ٿيڻ کان پوءِ بدن ڀَرجِي وَيَنِ ته سُھڻا مرد ٿي پوندا.
پر جيئن سڀئي وَهِي چڙهندڙ ڇوڪرا
۽ ڇوڪريون پنھنجي سپنن جي دنيا وَسائي، اڪيلائي کي پسند ڪرڻَ لڳندا آهن ۽ پنھنجن
گهر وارن کان پَري پَري رهندا آهن، اِئين ئي هِنَن ڇوڪرن جي ڪارِ به آهي. جاڙا
هوندي به هڪٻئي کان پري ويھندا آهن ۽ الڳ الڳ لَڳَڻَ جو جَتَنُ ڪندا آهن. هِنَن جي
وچ ۾ نه ڀائرن واري ٻَڌي ۽ ڀائيچارو آهي ۽ نه وري ڪا ٻي هڪجھڙائي. هِنَن جا نالا به
ملندڙ جلندڙ ناهن. گهڻو ڪري ماءُ پيءُ اولاد جا نالا رَکَڻَ مَھَلَ قافيا ملائي ڇڏيندا
آهن پر هنن ڀائرن مان هڪ جو نالو ڪاشفُ آهي ته ٻئي جو سُھيلُ. ڪاشف ٿورڙو ٿُلهيرو
آهي. بس اِهوئي سَنڌو آهي ٻنهين ۾.
اسڪولُ سرڪاري هوندي به پڙهائي
جي مامري ۾ پوئتي پَيَلُ ناهي. هيڊ ماسٽر وڏو محنتي آهي ۽ سندس ڪوشش هوندي آهي ته اسڪول
۾ ڪو نه ڪو پروگرام به ٿيندو رهي، جنھن ۾ تعليم کاتي جي ڪنھن آفيسر کي گهرايو وڃي.
اِنهيءَ ڪري سندس پَھچَ مٿي تائين آهي. هُو هِنَ اسڪول ۾ گذريل ڏهن ورهين کان نوڪري
ڪندو پيو اچي. آسِ پاسِ واري تَرَ جي ماڻهن ۾ سندس وڏي ڄاڻَ سُڃاڻَ آهي. انهيءَ جي
ڪري اسڪول جا ڪيئي مسئلا حل ٿي ويندا آهن. پوين ڏينھن ۾ ئي بزمِ ادب جي گڏجاڻيءَ ۾
هُنَ تَرَ جي هڪ مشھور واپاري حاجي صاحب کي گهرائي ورتو. حاجي صاحب جي باري ۾ تقرير
۾ چڱا اکر ڳالهايا ويا ۽ حاجي صاحب موٽي وڃي اسڪول جي لاءِ پَنجَ پَکا دانُ ڪري ڏنا.
اُهي پَکا هِنَ ٽاڻي به اسڪول ۾ مختلف جاين تي لڳل آهن ۽ شاگردن لاءِ سُکُ لڳو پيو
آهي. اسڪول جِي ڏاکڻي ڪُنڊَ ۾ ٺھيل چار واش رُومَ به هيڊ ماسٽر تَرَ جي ماڻهن کان
اِئين ٺھرايا هئا. جتي حڪومتن وٽ تعليم جي لاءِ بجيٽ نه هجي، اُتي ائين ئي ڪم ڪندو
رهڻ تعليم جي لاءِ گهڻو لاڀائتو هوندو آهي.
هيڊ ماسٽر جي ڪوشش هوندي آهي ته
اسڪول منجهه ٿيندڙ سرگرمين ۾ شاگردن کي وڌ کان وڌ گَڏايو وڃي. اسڪول منجهه سال ۾ ٽي
ڀيرا صفائي جو سَتوڳُ ملهايو ويندو آهي. اُنَ ڏينھن ۾ شاگرد گهران ڏھ رپيا به کڻي
ايندا آهن ۽ يونيفارم به نه پائي ايندا آهن. ٻارَ گڏجي اسڪول جي ڪُنڊُنِ پاسَن جي
صفائي ڪندا آهن ۽ پوءِ اُنهن پيسن ۾ اسڪول فنڊ مان ٻيا پيسا وجهي سڀني کي منجهند
جي ماني کارائي ويندي آهي. اسڪول جي صفائي به ٿي ويندي آهي ته شاگردن جي پڪنڪ بہ.
نائين ڏهين جا شاگرد ٽَٻر آهن، انهن
کي مختلف سرگرمين ۾ وڌ کان وڌ رُنڀايو ويندو آهي. اسڪول منجهه اسڪائوٽنگ به ٿيندي
آهي جنھن ۾ انهن ڪلاسن جا ڇوڪرا ئي حصو وٺندا آهن. جڏهن ماسٽر رشيد بدلي ٿي هتي
آيو تڏهن هيڊ ماسٽر اسڪائوٽنگ جي ذميواري مٿس رکڻ جو سوچيو، پر ماسٽر رشيد ڪنڌ ڪڍائي
ويو. باقي ڪلاس ۾ هُو شاگردن کي ڪڏهن ڪڏهن ترانا، گيت يا نظم ڳائڻ جو وَجُهه اَوَسُ
ڏيندو آهي.
ائين اڄ اهڙي ئي محفل هئي. ڪلاس
جو در بند ڪري ترانا ۽ گيت ڳايا پئي ويا. ڪي ڇوڪرا بنان ڪنھن هٻڪ جي ڪلاسين جي اڳيان
اچي پنھنجي مرضيءَ سان ڪجهه به ٻڌائڻ ٿي لڳا. ڪن کي وري ٻڌائڻ لاءِ چَوڻو ٿي پيو. ڪي
هَٻَڪَ جي ڪري ننھڪر ڪري پيا ڇڏينِ ته وري ڪي ڪَنڌُ جهڪائي ائين انڪار ڪري رهيا
هئا ڄڻ ته ڳيت ڳائڻ سان کين موت اچي ويندو. اڄ ماستر رشيد کي سُڌَ پئي ته ڪاشف ۽
سھيل جي وچ ۾ ان مامري تي اُڀَ ۽ ڌرتيءَ جيڏو سَنڌو آهي. ڪاشف ڪلاس جي اڳيان اچي
پھريون ته هڪ نظم ڳائي ٻڌايو. جڏهن اهو پورو ٿيو ته چوڻ لڳو، “سائين! هڪ لطيفو به ٻڌائڻو
آهي.” موڪل ملڻ تي هُنَ هڪ لطيفو به ٻڌايو جنھن ۾ ٿوري اوگهڙ به هئي. سڄو ڪلاس کِلڻ
لڳو ته ماسٽر رشيد کي چوڻو پيو، “پُٽَ! جڏهن به ڪا ڳالهه ڪجي ته ڀلي ڪجي.”
ڪاشف کان پوءِ ماسٽر رشيد سھيل
کي ڪجهه ٻُڌائڻ لاءِ سَڏيو ته سھيل کي ڄڻ ته مِرگهي وٺي وئي. هُنَ ڪنڌ کڻي جهڪايو
۽ انڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو. ڪنھن ڇوڪري چيس، “هَلُ ڀلا، کِلي ئي ڏيکار!” پر سھيل کِلَڻ
جوڳو به نه هو. چڱو ڀلو لائق ڇوڪرو اسٽيج تي ڳالهائڻ جي قابل به نه هو. پڙهائيءَ ۾
ته ٻئي ڀائر ڀلا هئا. پر ڪاشف اسٽيج تي به هٻڪ نه رکندو هو. ماسٽر رشيد ڇوڪري کي وڌيڪ
پريشان ڪرڻ چڱو نه ڄاتو ۽ هڪ ٻئي هوشيار شاگرد کي اشارو ڪري گهرايو ته هُو اچي ڪجهه
ٻڌائي.
ڪو ڏيڍ ستوڳ پوءِ اسڪول ۾
“والدين جو ڏينھن” هو. انهيءَ ڏينھن جو مقصد ته اهو هوندوآهي ته شاگردن جا پيءُ
ماءُ انهن جي استادن سان ملي پنھنجي ٻار جي تعليمي قابليت، چال چلت ۽ سِکيا جي
باري ۾ ڳالهه ٻولهه ڪري سگهن، پر ڪيترائي ماءُ پيءُ ٻارن کي اسڪول داخل ڪرائي اهو
سمجهندا آهن ته سندن فرض پورو ٿي ويو. ماسٽر رشيد کي اڳين اسڪولن جو تجربو هو.
تمام گهٽ پيءُ ماءُ اسڪول ايندا آهن. هن کي هتي به اهائي اميد هئي.
۽ سندس اها اميد پوري به ٿي.
منجهند جي 11 وڳي ڪي ڪي ماءُ پيءُ اچڻ لڳا. سڀني کان اڳ ۾ ذيشان جي ماءُ پھتي.
ذيشان پھرئين جوڙَ جو حرامي ڇوڪر هو. هُنَ کي شرارت کان سواءَ ٻيو ڪجهه سُجَهندو
ئي نه هو. ماسٽر رشيد کيس ڪڏهن نه ماريو هو پر ٻيو ڪو اهڙو استاد نه هو جنھن جي هٿان
ذيشان مار نه کاڌي هجي. نائين ڪلاس جو انچارج هجڻ جي ڪري ذيشان جي ماءُ جو ماسٽر
رشيد سان ملڻ به ضروري هو. “ماسٽر صاحب! منھنجو پٽ اڪيلو آهي، لاڏن ڪوڏن سان پَليو
آهي، اِنَ ڪري ٿورو شرارتي به آهي، پر مون کي اميد آهي ته توهان هِنَ جي تربيت ڪري
کيس سُڌاريندا.” ماءُ جي لھجي ۾ خوشامد ڀَريل هئي ۽ پُٽَ لاءَ پيار بہ.
“باجي! شرارتي ٻار به هوشيار
هوندا آهن پر انهن جي شرارت جي به ڪا حد هجڻ گهرجي. توهان ٿورو سندس خيال رکو، رڳو
لاڏ ڏيڻ سان ٻار خراب ٿي ويندا آهن.” ماسٽر رشيد انهيءَ کان وڌيڪ ڪجهه چئي نه سگهيو.
پوءِ هڪ ٻه ٻيا ماءُ پيءُ آيا.
شعيب جو پيءُ به روايتي ڳالهه ڪري رهيو هو، “ماسٽر صاحب! اسان جي زماني ۾ ته ماسٽر
جي مار کي ڀلو ڄاتو ويندو هو ته اها مار ماڻهوءَ کي انسان بڻائيندي آهي.” هن چيو، “اڄ
سُڌَ ناهي ته ڪھڙي مار پئي آهي، جو چَون ٿا ته مار نه پيار سان سِڌو ڪري سگهجي ٿو.
سونارا به سونُ ڪُٽي ڪُٽي زيور ٺاهيندا آهن، ماڻهو پاڻ ڪيئن ٿو سِڌو ٿي سگهي!؟”
گهڻي ڀاڱي پيئر “ماسٽر صاحب! ٻي
ڪا سيوا اسان جي لائق هجي ته ٻڌايو.” چوڻ آيا هئا. پوءِ هڪ سانوري رنگ وارو ٿلهو
همراھ آيو. “توهان ماسٽر رشيد آهيو؟ منھنجو نانءُ شفيق آهي. منھنجا ٻار توهان وٽ پڙهندا
آهن. توهان جي وڏي ساراھ ڪندا اهن ته توهان وڏي پيار سان کين پڙهائيندا آهيو ۽ ڪڏهن
به مار نه ڪڍندا آهيو.”
ماسٽر رشيد ماٺ ڪري ٻُڌندو
رهيو.
“منھنجو سڀني کان ننڍو پُٽ چوٿين
۾ آهي، توهان کيس انگريزي پڙهائيندا آهيو... سندس نالو شڪيل آهي....”
ماسٽر رشيد کي هڪدم شڪيل ياد
اچي ويو جيڪو اُڪوئي شڪيل نه هو پر پنھنجي پيءُ جي هُو بَھُو ڪاپي هو ۽ چوٿين ۾ پڙهندو
هو.
“هون... ته شڪيل توهان جو پُٽ
آهي!”
“ها، سائين! پڙهائي ۾ ڪيئن
آهي؟”
“وچولي درجي جو آهي. هونءَ ته هوشيار
آهي. ٿوري محنت ڪري ته سٺيون مارڪون کڻي سگهي ٿو. توهان ٻارن کي ٿورو ٽائيم ڏيو
نہ.”
“ڇا ٻڌايانوَ ماسٽر صاحب!
منھنجو دڪان اڪبر منڊيءَ ۾ آهي. سڄو ڏينھن اتي خوار ٿيڻو پوي ٿو. مون وٽ ٽائيم ئي
نه هوندو آهي. سوچيان ٿو ته ٻارن کي ٽيوشن تي ويھاريان.” شفيق چيو.
“سٺي ڳالهه آهي پر ٽيوشن پيءُ
ماءُ جي پڙهائيءَ جو مَٽُ ناهي هوندي. توهان پاڻ ڇو نه ٿا ڇوڪرن کي ٽائيم ڏيو؟”
ماسٽر رشيد چيس.
“ماسٽر صاحب! مونکي ميٽرڪ ڪئي
ويھ سال ٿي ويا آهن. تن ڏينھن جي پڙهائي ڪاٿي ٿي ياد رهي. ٻي ڳالهه ته ڪتاب به مٽجي
ويا آهن. مولا ڄاڻي اڄ ڪلهه ڇا ٿو پڙهايو وڃي. اسان جي دور ۾ ته سادي پڙهائي هوندي
هئي.” شفيق لَڄِي ٿيندي چيو. “چڱو ڀلا، سھيل جي باري ۾ ته ٻڌايو؟”
“ها، سھيل سٺو ڇوڪرو آهي، هوشيار
آهي پر لڄاڙو ڏاڍو آهي. ڪجهه ڏينھن اڳ مون کيس ڪلاس ۾ ڳالهائڻ لاءِ چيو پر هُنَ
کان اکر نه اُڪليو. شرمائيندو رهيو، هُنَ جي هَٻَڪَ....”
“سَر! توهان کي هيڊ ماسٽر ياد ڪري
رهيو آهي ۽ چوي ٿو ته جلدي اچو.” اوچتو پٽيوالي اچي سندن ڳالهه ٻولهه ڪپي ڇڏي.
“خير آهي؟” ماسٽر رشيد پڇيس.
“سُڌَ ناهي، سائين! چوي پيو ته نائين
ڏهين جي ڪلاس انچارجن کي ٿورو تڪڙو سڏي آ.” پٽيوالي چيس.
“ڪا ڳالهه ناهي، توهان وڃو. مان
به دڪان تي منشي کي ويھاري آيو هان. هنن جي ماءُ چوي پئي ته وڃي ڇوڪرن جي سارَ لھي
آ.”
ماسٽر رشيد شفيق کي ڪاشف جي
باري ۾ اڃا وڌيڪ ڪجهه ٻُڌائڻ گهري پيو، هُنَ جي ٽيلنٽ جي واکاڻ ڪرڻ سان گڏوگڏ ٻار
جي همت وڌائڻ جي تاڪيد به ڪرڻ گهري پيو پر شفيق کي وڃڻ جي تڪڙ هئي هوڏي هيڊ ماسٽر
به اوسيئڙو ڪري رهيو هئس، هُو ﷲ واهي چئي هيڊ ماسٽر جي ڪمري ڏي هلي پيو.
شڪيل ته صفا پنھنجي پيءُ تي ويو
آهي، سانورو ۽ ٿُلهو پر هي نائين ڪلاس وارا ٻئي ڇوڪرا ڏاڍا سھڻا آهن، انهن جي ماءُ
به ڏاڍي سھڻي هوندي، پڪ ماءُ تي ويا هوندا. پڪ سندن ماءُ جون اکيون شيريون هونديون،
الائي ڪيئن هِنَ سانَهه جھڙي کي ايڏي سھڻي ڇوڪري ڏني هُوندَنِ ۽ الائي ڇو ڏني
هُوندَنِ؟ رشيد هيڊ ماسٽر ڏي ويندي سوچيندو ٿي ويو.
“اچ، ماسٽر رشيد! اچ!” هيڊ ماسٽر
کيس ڀليڪار چئي ۽ ويھڻ جو اشارو ڪيائينس. ڏهين جو انچارج ماسٽر قيوم اڳ ۾ ئي هيڊ
ماسٽر وٽ ويٺو هو. ماسٽر رشيد به هُنَ سان گڏ ويھي رهيو.
“ مون توهان کي رڳو اِنَ ڪري تڪليف
ڏني ته اڄ پيرنٽس ٽيچرس ڊي آهي. توهان وٽ به شاگردن جا پيءُ ماءُ اچي رهيا هوندا.
توهان کي سُڌَ آهي ته اسڪول جي لاءِ پيسا ڏيندي حڪومت کي ٻَرو وٺي وڃي ٿو. مون کي
هاڻي هاڻي هڪ خيال آيو تنھن ڪري توهان کي تڪڙو گهرائي ورتم. ٻارن جا پيءُ ماءُ اچن
وڃن پيا. توهان انهن سان ملاقات ۾ اها جاچ به وٺندا رهو ته انهن مان ڪھڙا اسڪول جي
ليباريٽري لاءِ سائنس جو سامان وٺي ڏئي سگهندا. اسان کي ان جي لاءِ چاليھ هزار کن
جي گهرج آهي. جي ڪجهه ٻارن جا پيءُ ماءُ رلجي چاليھ هزار ڏين ته سائنس جي ٻارن جي
لاءِ وڏو سُک ٿي پوندو.اسان وٽ ته لِٽمس پيپر ئي ڪونهي. سامان کان سواءِ ٻار ڇا
سِکَندا؟ مٿان وري حڪومت اسان کان نتيجا به ڀلا ٿي گهري.” هيڊ ماسٽر پنھنجو پلان
کين ٻڌايو.
“هون... توهان هاڻ پيا ٻڌايو. ڪيئي
پيءُ ماءُ وڃي چڪا آهن.” قيوم صاحب کين چيو.
“ڇا ڪريان؟ خيال ئي هاڻي آيو.
جهٽ ۾ پٽيوالي کي توهان ڏي ڊوڙايم. ڪي نه ڪي اڃان ايندا، بس هاڻ خيال رکجو، ” هيڊ
ماسٽر چيو.
“جي، ضررو.” ماسٽر رشيد چيو.
“ٺيڪ آهي ته پوءِ هاڻ توهان ڀلي
وڃي والدين سان ملو.” هيڊ ماسٽر ملاقات پوري ٿيڻ جو اعلان ڪيو.
ماسٽر رشيد موٽي آيو ته هڪ ڀُورو،
سھڻو، شيرين اکين وارو همراھ سندس اوسيئڙي ۾ بيٺو هو. ماسٽر کي اهو همراھ ڄاتل سڃاتل
لڳو. ڄڻ ته هُنَ سان اڳ ئي ڪا ملاقات ٿيل هجيس. هُو سمجهي ويو ته هي هنن ڇوڪرن جو
پيءُ آهي، ڪاشف ۽ سھيل جو. پر هُو سانَهه جھڙو ڪارو؟
“جي سائين! مان توهان جي ڪھڙي
سيوا ڪريان؟” ماسٽر رشيد ڪرسيءَ ۾ ويھندي پڇيس.
“مان پيرنٽس ٽيچرس ميٽنگ جي
سلسلي ۾ آيو آهيان. منھنجو پُٽُ توهان وٽ پڙهندو آهي. ڪاشف نالو اٿس.” هُنَ وڏي
پنھنجائپ وچان چيو.
“جي...!” ماسٽر رشيد حيران ٿيندي
چيس. ڪلاس ۾ ڪاشف هڪ ئي هيو. “ڪٿي ڪا ڀُلَ ته نه ٿي رهي اٿم؟”
“توهان ڪاشف ۽ سھيل جا والد
آهيو؟”
“سھيل ڪھڙو؟ نه منھنجو پُٽ ڪاشف توهان جو شاگرد
آهي.” شيرين اکين واري چيو. هُنَ جي منھن تي هڪ رنگ آيو وري ٻيو ويو پئي.
“ڪاشف پڙهائي ۾ ٺيڪ آهي، ڳالهائڻ
۽ تقرير ڪرڻ ۾ ڀَڙُ آهي. توهان تي ويو آهي.” ماسٽر رشيد ڳالهه ڪندي مُرڪڻ جي ڪوشش ڪئي
پر مرڪي نه سگهيو.
“شڪر آهي، ماسٽر صاحب! هي ٻار
اسان جا گهٽ توهان جا وڌيڪ هوندا آهن. جسماني پيءُ کان وڌيڪ روحاني پيءُ اهميت
رکندو آهي، ڇو ته اهو ماڻهوءَ کي انسان بڻائيندو آهي.”
ماسٽر رشيد ڪَنڌُ لوڏيو. هُنَ هڪ
ڀيرو ٻيھر مرڪڻ جي اَسَڦَلُ ڪوشش ڪئي.
ڪاشف جي پيءُ ٻيو الائي الائي ڇا
چيو ۽ هليو به ويو، ماسٽر رشيد کي سُڌَ ئي نه پئي. هُنَ جو ذهن واچوڙي ۾ ڦاٿل هو.
ٻئي ڏينھن ڪلاس ۾ سبق تڪڙو پورو
ٿي ويو ته ڪلاس ۾ ٻارن سان گپ شپ ڪندي ماسٽر رشيد ڪاشف کان پڇيو، “تون ڪھڙي پاڙي م
رهندو آهين؟”
“جي، سَر! مان سردار پُورا ۾، گهٽي
نمبر اٺ آهي اسان جي.” ڪاشف ورندي ڏني.
“۽ تون ڪٿي رهندو آهين؟” ماسٽر
رشيد سھيل کان پڇيو.
“سَر! سردار پُورا ۾.” سھيل هٻڪندي
وراڻيس.
“سَر! هي به اسان جو پاڙيسري
آهي.” ڪاشف چيو. “هيءُ گهٽي نمبر سَتَ ۾ رهندو آهي، اسان گهٽي نمبر اَٺَ ۾. هنن جو
گهر اسان جي گهر جي پُٺِ ۾ آهي. اسان جي پوئين ڀِت گڏيل آهي. اسان جي ڇت تي وڃجي ته
هنن جي ڇت گَڏي پئي آهي.” ڪاشف کيس وڌيڪ وِچُور ٻڌايا.
پيريڊ پورو ٿيو. ماسٽر رشيد
انچارج ڪلارڪ وٽ وڃي داخلا وارو رجسٽر گهريس، انهيءَ منجهه ڄمڻ جي تٿ ۽ سال لکيل
هوندو آهي.
ڪاشف جي ڄمڻ جي تٿ 28 ڊسمبر، سھيل
جي ايڪويھ فيبروري. ٻئي جاڙا نه هئا، بس ٻنهين جي وچ ۾ ڊگهو قد، ڀُورو رنگ ۽
شيريون اکيون ئي هڪجھڙيون هيون.
مينڊل جو قانون صحيح ثابت ٿي
رهيو هو.
*
سَتوڳُ =هفتو ڪهاڻي : مينڊل جو
قانون
ڪهاڻيڪار : جميل احمد پال
پنجابيءَ مان ترجمو: ننگر چنّا

سَتوڳُ =هفتو
No comments:
Post a Comment