Sunday, November 10, 2024

جمال ابڙو جي ڪھاڻين جو اڀياس

جمال ابڙو جي ڪھاڻين جو اڀياس

جامي چانڊيو



زندگي ڪھاڻين جي تسلسل جو ئي نالو آھي ۽ ڪا به ڪھاڻي غير اھم ناھي ٿيندي، شرط رڳو اھو آھي ته اُھا سمجھڻ، بيان ڪرڻ ۽ ان مان سکڻ جو ڏانُ اچي ڇاڪاڻ ته ڪھاڻي زندگيءَ جي پنھنجي يا پرائي ڪنھن تجربي يا مشاھدي جي تخليقي بيانَ جو ئي نالو آھي. ڪھاڻيءَ جي اُڻت جو ڪمال اِھو ئي ھوندو آھي ته اُھو تجربو يا مشاھدو جي پرائو به ھجي ته به پنھنجو پيو لڳندو آھي. ڪھاڻيءَ جو دنيا ۾ ڪو ھڪ گھاڙيٽو نه آھي ۽ نه وري ٿي سگھي ٿو. ڪھاڻي مشاھداتي، تجرباتي ۽ تخيلاتي ٿي سگھي ٿي. عام طور ڪھاڻي ھڪ زمان ۽ مڪانَ جي وحدت ۾ نسرندي آھي پر ڪھاڻيءَ يا افساني ۾ زمانَ ۽ مڪانَ کان ماورائيت به ھڪ حقيقت جو روپ وٺي سگھي ٿي. مشاھدو ته ھر صورت ۾ خارجي ٿيندو آھي پر تجربو بنھ داخلي به ٿي سگھي ٿو، تخليلاتي به ٿي سگھي ٿو ۽ احساساتي پڻ، انھيءَ ڪري ئي ته انکي افسانويت چيو ويندو آھي، جنھن جو مطلب آھي فُسون يعني دل مان گھڙيل ڳالھ. انڪري ڪھاڻي حقيقي به ٿي سگھي ٿي ۽ تخيل جي تجربي يا مشاھدي ۾ آندل پڻ. جمال ابڙي جون ڪھاڻيون پڙھي اھو فيصلو ڪرڻ نھايت ڏکيو آھي ته اُھي ھن ٻُڌل يا مشاھدي ۽ تجربي ۾ آيل ڪھاڻيون قلمبند ڪيون آھن يا اھي نج تخيلاتي آھن، ٻنھي صورتن ۾ ماڻھو ھن جي ڪھاڻيءَ جي اُڻت ۽ بيان جي غير معمولي تخليقي صلاحيت تي حيران ٿيڻ کانسواءِ رھي نه ٿو سگھي. ھونئن به غير معمولي فن جي وصف اھا آھي ته اھو حيرت ئي پيدا ڪندو آھي. مان سمجھان ٿو ته سائين جمال ابڙي جون ڪھاڻيون مشاھدي، تجربي ۽ تخيل جو تخليقي امتزاج آھن.


ڪھاڻيون ته ھر سماج وانگر سنڌ جي لوڪ، رزميه ۽ ڪلاسيڪل ادب جو به حصو رھيون آھن پر جديد سنڌي ڪھاڻي پنھنجو سفر ۱۹۱۴ع کان شروع ڪيو جڏھن لعل چند امر ڏني مل “حُرَ مکيءَ جا” لکي، ادبي تاريخ جي ڪتابن ۾ ته ذڪر ساڳي ئي سال لکيل مرزا قليچ بيگ جي ڪھاڻي “شريفان” جو به ملي ٿو پر اُھا ڪھاڻي اڄ تائين ملي ناھي سگھي. ھونئن ته ڪاڪي ڀيرو مل، ڄيٺمل پرسرام، جھمٽ مل ڀاوناڻي، منوھر داس ڪؤڙو مل، محمد صديق مسافر، نانڪ رام ڌرمداس ميرچنداڻي، لطف الله بدوي ۽ ٻين ڪھاڻين لکڻ جي شروعات ڪئي پر سنڌي ڪھاڻيءَ ۾ حقيقت نگاريءَ جو باقاعده دور ۱۹۳۰ کان شروع ٿيو، جنھن جي ٽه-مورتي امر لعل ھڱوراڻي، نادر بيگ مرزا ۽ آساننند مامتوراءِ شامل آھن. مون نادر بيگ مرزا جي ڪھاڻين جو تفصيلي اڀياس ۱۹۹۴ ۾ لکيو ھو جيڪو منھنجي ڪتاب “ادبي تنقيد جا محرڪ ۽ ڪارج” ۾ شامل آھي. جمال ابڙو پنجاھ جي ڏھاڪي ۾ جديد سنڌي ڪھاڻي جي ٻين لھر جو ھڪ اھم ترين ۽ ڄڻ ته نقيب ٿي اُڀريو، جيتوڻيڪ ھن کان اڳ ان ساڳي دور ۾ شيخ اياز، اياز قادري، غلام رباني آگرو ۽ ٻيا ڪھاڻيون لکي رھيا ھئا. مختصر سنڌي ڪھاڻي ان دور ۾ وڏو ڇالُ جمال ابڙي جي ڇرڪائيندڙ، طبقاتي سماج جي بيرحم ۽ ڀَوائتين حقيقتن کي بي نقاب ڪندڙ ۽ روح ۾ چَڪُ ھڻندڙ ڪھاڻين سان ئي ڏنو، اھو پنڌُ سنڌي ادب ۾ مختلف دورن ۽ لاڙن مان گزرندو اڄ تائين ھلندڙ آھي.

جمال ابڙو گِھرو سوچيندڙ ۽ محسوس ڪندڙ پر ھميشه مختصر ڳالھائيندڙ انسان ھو، ھن جو اھو ساڳيو مزاج سندس ڪھاڻين مان به پڌرو آھي. ننڍا جملا ۽ اختصار ھن جي پھرين فني سُڃاڻپ بڻيا پر اھا ھن جي سنڌي ٻوليءَ تي بيمثال تخليقي دسترس ھئي جو ھن انھن ننڍن جملن ۾ مشاھدن، تجربن، احساسن، خيالن ۽ پيڙائن جي پَيرائي ۾ اُھا معنويت ڀري جو سندس مختصر جملا ڪٿي ڪٿي زخيم ڪتابن جي بيان تي ڀاري لڳن ٿا. ھن جو ڪمال اھو ھو جو ھن پنھنجي اختصار بياني واري مزاج کي ھڪ تخليقي اسلوب، ترڪيبَ، بيان جي ساخت ۽ اُونھي اظھار ۾ ھڪ معيار جيان مقرر ڪري ڇڏيو. حد کان وڌيڪ اختصار ڪڏھن ڪڏھن بيان جي رواني کي ماري، اظھار کي اڻ پورو ڪري، احساساتي يا معنوي تشنگي پيدا ڪري ڇڏيندو آھي پر جمال ابڙي جو اھو غير معمولي فن ۽ محاوراتي ٻوليءَ تي قدرت ھئي جو ھن ٻن لفظن جي مرڪب جُملي کي به ھڪ اھڙي مڪمل جُملي ۾ پنھنجي پيرن تي ٿَي بيھاريو جو ان ۾ ھڪ وڌيڪ لفظ جو اضافو به اجايو لڳندو.

جمال ابڙي سواءِ ٻن ڪھاڻين “مھرباني” ۽ “فرشتو” جي پنھنجين ڪھاڻين جا سمورا موضوع، ڪردار ۽ واقعا ٻھراڙيءَ جي سماج مان کنيا. جيتوڻيڪ ھو پاڻ شھري سماج جو فرد ھو. ان جا ٻه سبب ٿي سگھن ٿا. ھڪ ته پنجاھ ۽ سٺ جي ڏھاڪن ۾ سنڌ جي وچولي طبقي جي مھندار سنڌي ھندن جي لڏپلاڻ،وڏن شھرن ۾ سنڌين جي پيدا ٿيل ويڳاڻپ سبب انھن جي موجودگي محدود ٿي چُڪي ھئي، جنھن شھرن لاءِ سنڌين ۾ ھڪ قسم جي وقتي اوپرائپ پيدا ڪري ڇڏي ھئي. ٻيو ته ھن جن مظلوم ماڻھن جون درد ڪٿائون لکڻ ٿي گھريون، اُھي گھڻي ڀاڱي ٻھراڙين جي زرعي، پدري، قبائلي، عقيده پرست ۽ مجموعي طور جاگيرداراڻي نظام سان جڙيل ھيون. جيتوڻيڪ ان وقت شھري سماج جي پيدا ٿيل بحران پڻ نون موضوعن لاءِ ماحول پيدا ڪيو ھو پر جمال ابڙي جو ڌيانُ ۽ سندس موضوعاتي اوليتون سنڌ جي ڳوٺاڻي سماج سان ئي جُڙيل ھيون. ھن جي ڪھاڻين کي جدا جدا ۽ اڪيلو اڪيلو ڪري پڙھبو ته پوءِ “مان مڙد” پدري سماج بابت، “بدتميز” طبقاتي متڀيد بابت، “پيراڻي” غربت ۽ قبائلي سماج جي انساني المين بابت، “شاھ جو ڦَرُ” سيد پرستي يا طبقاتي درجه بندي جي بنياد تي بيٺل ذات پرستي، “بدمعاش” ۽ “ ھُو حُر ھو” فرد جي سماج پاران ڪيل بُڇڙي تشڪيل، “مھرباني” وچولي طبقي جي لالچي مزاج ۽ جنسي بُکَ، “خميسي جو ڪوٽ” ھڪ بي حس ۽ مفاد پرست مُلان، “لاري” ٻھراڙي ۽ ان سماج ۽ نظام تَھن ۾ لڪيل ۽ ساھ کڻندڙ انساني المين، “پشو پاشا” سماج سان بغاوت، “سينڌ” ڪاروڪاري جھڙي ڪُڌي رسم جي انساني المين جي چوڦير ڦرندڙ ڪھاڻيون آھن. جنھن مان ظاھر آھي ته جمال ابڙو سنڌ جي طبقاتي، قبائلي، وھمي، ذات پرست ۽ مجموعي طور ان جاگيرداراڻي نظام جون بيرحم حقيقتون چِٽي، انھن جي انساني المين کي بي نقاب ڪري، ان جا بَکيا انڪري اُڊيڙي رھيو ھو جو ھن سمجھيو ٿي ته سنڌ جي صدين جي سڀ طرفي غلامي، جھالت ۽ بي وسيءَ جا بنيادي سبب ۽ محرڪ اھي ئي ھئا. جمال ابڙي جي ڪھاڻين کي جدا جدا پڙھي ھن جي سماجي پرک، ڇيدَ ۽ باغيانه فڪر جي ڪُليت کي سمجھي نه ٿو سگھجي. ھن جون سڀئي ڪھاڻيون ۽ انھن جا بظاھر مختلف عڪس گڏجي ھن جي روشن خيال سماجي فڪر جي تصوير کي مڪمل ڪن ٿا. مونکي ھن جي ھم عصرن ۾ سنڌ جي روايتي طبقاتي زرعي سماج بابت ايترو گِھرو مشاھدو ۽ انجو ايترو حسين تخليقي اظھار، موجود ڪوڙھيل جاگيرداراڻي سماج خلاف ايتري معنوي نفرت ۽ اھو به ان ئي ٻھراڙيءَ جي ماحول جي نبار، محاوراتي ۽ حسين ٻوليءَ ۾ ٻيو ڪٿي نظر نه ٿو اچي، بعد ۾ ان روايت کي علي بابا اوج ڏنو.

جمال ابڙي جي حسين ۽ تخليقي ٻوليءَ جو ھڪ ساختياتي پاسو يعني اختصار ۾ اظھار جو فن ته مٿي ذڪر ھيٺ اچي چڪو پر ان جا ٻه ٻيا پاسا مان ھتي ذڪر ھيٺ آڻڻ چاھيان ٿو. ھڪ ته ھو نج نبار ان ئي ماحول جي ٻولي لکي ٿو، جنھن ثقافتي، علائقائي ۽ مجموعي طور سماجي ماحول مان اُھا ڪھاڻي اُسري ٿي، ٻيو ته ھن جي ٻولي ھر قسم جي تصنع يا مصنوعي لفاظي کان پاڪ آھي. تصنع معنويت ۽ لفظ جي روح کي ھڪ ٻئي کان جدا ڪري ڇڏيندو آھي جڏھن ته نبارپڻو معنويت، جماليات ۽ لفظ جي روح کي ھڪ وحدت ۾ پروئي ڇڏيندو آھي. خيال،احساس، معنويت ۽ لفظ ۾ اھا وحدت پيدا ڪرڻ ئي ھر وڏي ليکڪ ۽ چَيٽڪَ جي پھرين خوبي ھوندي آھي، جيڪا جمال ابڙي ۾ اسلوب ۽ لسانياتي اُڻت ۾ مثالي حد تائين موجود آھي. ھو پنھنجي ٻوليءَ ۾ مروج محاورن کي علامتي انداز ۾ پيش ڪري، ان ۾ اھڙي سماجي معنويت، نئون خيال، چُڀندڙ ۽ روح جي گھراين ۾ پيھي ويندڙ احساس پيدا ڪري ٿو جو اھا ترڪيب ھن جي ڪھاڻيءَ جي وارتائن کي ھڪ جيئري منظر طور پيش ڪرڻ ۾ نھايت اثرائتي انداز ۾ ڪامياب وڃي ٿي. ھو نثر ۾ به ھرھنڌ ڪمال ۽ نيون معنوي تشبيھون استعمال ڪري ٿو، تشبيھون عام طور جمالياتي يا رومانوي ھونديون آھن پر جمال ابڙو پنھنجي بنيادي خيال کي وڌيڪ چِٽو ڪرڻ ۽ اثرائتو بڻائڻ لاءِ معنوي تشبيھن جو استعمال وڌيڪ ڪري ٿو. ھن جي ٻولي ھن جي پڙھندڙ ۾ به اُھي ئي احساس، مشاھدا، تجربا، حساسيت، محبت، نفرت، ڪاوڙ، ارمانَ، حسرتون، بي وسي، ڪاٽ منتقل ڪري ٿي ڇڏي، جنھن مان ليکڪ پاڻ لکڻ وقت گزري ٿو. ليکڪ، متن ۽ پڙھندڙ ھڪ ئي وقت يعني وقت ۽ مڪانَ جي ھڪ ئي وحدت ۾ ھڪُ ٿي ٿا وڃن ۽ رولان بارٿ جي ادبي ٿيوري “ليکڪ مري چڪو آھي!” جيان عبارت جيان ليکڪُ مَتن کان لاتعلق ٿي، معنوي طور مري نه ٿو وڃي. اھو جمال ابڙي جي فن جو ڪمال آھي.

جمال ابڙي جي ڪھاڻين جو انداز بيانه آھي، ھو ھر ڪھاڻي بنا ڪنھن تمھيد جي سڌيءَ ريت شروع ڪري ٿو. اختصار، گھري مشاھدي، احساساتي باريڪ بينين سان گڏوگڏ ھن ۾ منظر نگاري، ڪردار نگاري ۽ احساس نگاري پنھنجي اظھار جي فن جي اُتم درجي تي پھتل آھي. ھو چند سٽن يا ھڪ پيراگراف ۾ پنھنجي ڪردار جو مڪمل خاڪو اھڙي ته ڪمال عڪسبنديءَ سان پيش ڪرڻ جو باڪمال ڏانُ رکي ٿو جو اھو ڪردار ھڪ جيئري انسان طور اکين آڏو اچي بيھي رھي ٿو. انجا ڪجھ ھي مثال ڏسو،

“ھڪ ڍڳي گاڏي چِيڪٽ ڪري اچي بيٺي. پَلال جي تِيلن تي، کُٿل ۽ گَريءَ رليءَ ۾ بيمار ٻيڻو ٿيو پيو ھو. جُوڻس ٽيڪ ڏئي وٺي آيس، اڌڙوٽ عمر جو، کَڏون پئجي ويون ھئس.“ (ڪھاڻي:بدتميز) ھتي ٽن جملن ۾ ھڪ اھڙو منظر پيش ڪيل آھي جو ماڻھو ان منظر کي جيئري ۽ متحرڪ حالت ۾ محسوس ڪري، ڏسي ۽ ٻڌي ٿو. پيراڻيءَ جي پھرين پيراگراف ۾ ھيءَ منظر نگاري ڏسو، “ ٽَڪر تان بروھين جي لَڏَ لٿي ھئي، سياري جي شروعات ھئي، جابلو پٽن تان خشڪ ھوا سَنھڙيون پٿريون گِھلي ٿي وئي. ٻه ٽي ڏاند ھئا، جن تي سامان لڏيل ھو. ھڪ اُٺَ جنھن تي بانس جون لٺيون ۽ ڏنڊا سنڌ ۾ وڪري لاءِ کنيل ھئا. پُٺيان ٻه ڪُتا پُڇَ لوڏيندي ڀڳا ٿي آيا. مردن جا پير اگھاڙا، سُٿڻون ڦاٽلَ ۽ لُنڊيون. مٿن ۾ عاليشان ٽڪڙن وارا ڀرت ڀريل ميرا ۽ گندا ٽوپَ، وڏا وارَ، خشڪ، اَڻڀا ۽ چيڙھ پيل. زائفن کي سھڻي کُٿل ڀرت سان ڊگھا گگھا. ڏانھن تي وڏا ٻورا رکيل، جن ۾ ڏاس جا وٽيل رسا پيل، ننڍڙا ٻار ڏاندن تي چڙھيل، مائٽن کي سنھا لڪڻَ ھٿن ۾جن سان ڏاندن کي ھڪليندا ٿي آيا ۽ سريلو “ھي-ھون” جو آواز پئي ڪيائون. شڪلين جا سھڻا ۽ شاندار، بدن جي بيھڪ ٺاھوڪي.“ ھڪ ئي پيراگراف ۾ نه رڳو ھڪ متحرڪ منظر جي متحرڪ عڪس بندي آھي پر ان ۾ بروھين جي غربت، ھر سال وقتي طور سنڌ اچڻ جا معاشي سبب، انھن جو ثقافتي رنگ ۽ مجموعي زندگي جو ھڪ ڇا ته خاڪو آھي.

ڪھاڻي “شاھ جو ڦرُ” ۾ ڳوٺ جي ھڪ دُڪانَ جي ماحول جي عڪس بندي به ساڳي طرح ٿيل آھي. ڏسو، “دوڪان ڄڻ ڳوٺ جي اوطاق ھو، جيڪو ڪم کان واندو ٿيو، سو اچي دوڪان تي ويھندو ھو. ڪو صندل تي، ڪو کٽ تي، ڪو ٻير جي ھيٺان پٽ تي. ڪنھن کي چِٻي لوھي ڪرسي ھٿ ايندي ته ڪو سر ھيٺان ڪري ويھي رھندو. پوڙھا حُقي تي، ته ننڍڙا ٻيڙين تي پيا کنگھندا ۽ کانگھارا اُڇلائيندا. ڪي گھڻي ڪم جا نپوڙيل ته ڪي ڳڻتين جا ڳاريل. ڪنھن جو رت چوسيل ۽ رڳون ڦونڊيل ۽ ڪي وري اڻ پوري خوراڪ جي ڪري ڪُٻاٽيل. ڪنھن جا ڀِرون پورالن وانگر مٿي ڇڪيل ھوندا. ڪو ڪاوڙيو ايندو، ڪو بيگر وھي آيو ھوندو ته ڪنھن تي تازي پوليس جي سمن آئي ھوندي. ڪي بنا ڳالھ جي پيا کلندا ۽ ٽوڪون ڪندا ۽ ڪي ھيسيل ڪُوئي وانگر اکيون پيا مچڪائيندا، ڪي ته نفرت مان ڪنڌُ پاسيرو ڪيو، پُٺيرا ويٺا ھوندا، ڄڻ ته جيڪي ٿئي پيو تنھن سان واسطو ئي ڪونه اٿن”. سنڌي نثر جي بي مثال ليکڪ علي محمد راشدي اُھي ڏينھن آھي شينھن جي پھرين جلد جي مُھڙ ۾ “وڏيرڪي زندگيءَ جي ھڪ تصوير” جي عنوان سان پنجاھ صفحن ڪمال لکيو ھو پر ھي ھڪ مختصر پيراگراف ۾ ڳوٺاڻي زندگيءَ ۾ غريبن جي معمول جي شام جو ڇا ته معاشي، سماجي، نفسياتي ۽ ثقافتي ۽ تمدني عڪس چٽيو آھي جو ماڻھو پڙھندي ان دوڪان جي ماحول جو متحرڪ حصو ٿي وڃي ٿو، جيتوڻيڪ ھاڻي ٻھراڙين ۾ اھڙا عوامي اوطاق جھڙا دوڪان معدوم ٿي ويا آھن، ھاڻي ماڻھن جو وقت برباد ڪندڙ چانھن جا ھوٽل آھن جن ۾ انساني تعلق کي ٽي وي ۽ موبائل فون ڳڙڪائي وئي آھي.

زماني جي جبر ھٿان ڪٺور دل بڻيل “بدمعاش” ساڳي عنوان واري ڪھاڻيءَ ۾ ھڪ لڪيل انساني روپ ڏيکاري ٿو،حساسيت ڀري عڪسبندي ۽ منظرڪشي ڏسو جيڪا بدمعاش جي به انساني احساس لاء دل ۾ ھمدردي پيدا ڪري ٿو. منظر، “سِڪي سِڪي رانديڪو چورايائين. سانڍيو پيو سانڍيندو ھوس. ننڍڙو ڪافور جو گڏڙو، وڏين اکين سان، ڄڻ ته ڀاءُ ھوس. ڪيئن نه پڻس کسي ورتس، سُڏڪا ڀريندي، مار کائيندي کائيندي، ٽپا ڏئي ڏئي، رانديڪو ڇڏائڻ جي ڪيائين. ويچارو گڏڙو پڻس جي پيرن ھيٺان چيڀاٽجي ويو. ھن ڏاڍيون رڙيون ڪيون. پيءُ کي “حرامي” به چيائين. پڻس لتون به ھنيس. ان ڏينھن ڏاڍو رُنو. ڀڳل گڏڙو کڻي پنھنجي منھن وري به رُنو. ٽُڪرا ميڙي، اِڳڙيءَ ۾ ويڙھي پاري ۾ وجھي ڇڏيائين. ڏينھن اھو، وري نه رُنو.“ ھڪ نڌڻڪو، ڇورو، ھر گھڙي تذليل مان گزريل، انساني محبتن ۽ ٻاجھ کان محروم ۽ زندگي جي کُوري مان پچي بيرحم ٿي نڪتل “بدمعاش” گُڏڙي جو درد محسوس ڪري ٿو، ھن سان جذباتي تعلق پيدا ڪري ٿو، ڪھاڻي پڙھي ڪٺور دل بدمعاش جي نفسياتي محرومين جي تَھن ھيٺان دٻيل بدمعاش جي اندر جي انسان سان ھمدردي ٿيڻ لڳي ٿي.

ڪھاڻي “ھوُ حر ھو” جو موضوع به ساڳئي قسم جو آھي جنھن ۾ ھي سماج ھڪ باغي حُر خيرو خاصخيلي کي بي رحم ڌاڙيل بڻائي ٿو ڇڏي. سندس باغي حُر بڻجڻ خاڪو ڏسو، “ ھو حُر ھو مشھور حُر، خيرو خاصخيلي. سندس رت نئون ھو، پير صاحب پاڳاري کي انگريزن قيد ڪيو. حُرن ۾ ڪُھرام مچي ويو. خيري جي رڳن ۾ جنسي باھ ٿي ٻري. سندس بدن ۾ ڄڻ ته پيٽُرول ٿي وھيو، صرف چڻنگ جي ضرورت ھئي جا لڳي چُڪي ھئي. سندس گھر ۾ ماء ۽ ننڍڙي ڀيڻ ھئي. انھن به کيس چيو ته وڃي “فقيرن سان مل”. سنڌ سونھاري جھنم جو ٽُڪرا بڻجي وئي. ريلون ڪريون، ڌاڙا لڳا، خون مٿان خون، مٿان اچي ملٽري ڪڙڪي. باھ تي گاسليٽ پيو. خيري جو واھڻي منھن ڦِري ھيبتناڪ ٿي پيو، اکيون ڳاڙھيون، “ڀيڄ پاڳارا!” چوندي منجھائن رت ٿي ٽميو. خشڪ چپن خون ٿي گھريو. “ ھو حالتن جي جبر ۾ باغي مان ڌاڙيل ٿي وڃي ٿو جيڪو به پنھنجين حالتن ۾ سماج کان انتقام جو ئي روپ ھجي ٿو. خيرو جڏھن ھڪ ڌاڙيل طور مقابلي ۾ مارجي وڃي ٿو ته رڳو ڪٿا بيان ڪندڙ ڪردار يا ليکڪ کي نه پر پڙھندڙ کي به ھڪ ڌاڙيل جي موت تي ساڳي طرح ڏُک ٿئي ٿو.

ڪھاڻي “منھن ڪارو” ۾ دينوءَ سان ٿيل انياء جي سڄي دردناڪ صورتحال ھن ھڪ جُملي مان پنھنجي سموري وجودي درد سان اُڀري اچي ٿي، جنھن ۾ لکيل آھي ته “ھو ننھن کان چوٽيءَ تائين چِٿيل، لُٻيل ۽ ڀيليل ھو.“ ھڪ بي حس سماج ۾ ھڪ گڏھ جي ردعمل ذريعي ان موجود صورتحال ۾ ڇا ته ردعمل جو خيال ۽ احساس پيدا ڪيو اٿس، “گڏھَ پُڇ مٿي ڪري، ھينگَ ڏني، ڏندَ شيڪيَ، ڳاٽُ اوچو ڪري، مٿي نھاريائين ڄڻ ته آسمانَ جا ويچارا ڪڍيائين!” ان ماحول ۾ جڏھن انساني بي حِسي دنگ ڪري ٿي جو جنھن نمازي دينوءَ جي نرڙ تي سجدن جا نشان ھئا ۽ ان ئي منھن مٿان ڪارنھن مَلي وئي ته ليکڪ انھن بي حس انسانن جي حيثيت ڏيکارڻ لاءِ ھڪ گڏھ کان اھو ڪم وٺي انجي اخلاقي برتري ڏيکاري ۽ ھن جي ردعمل کي آسمان جا ويچارا ڪڍڻ سان تعبير ڪيو، اُھو آسمان جيڪو ہنھنجي ھڪ نمازي کي تذليل کان بچائي نه سگھيو. اھا ڪھاڻي پيراڻي سرشتي جي ڍونگَ، پدرشاھي جي جاھل نفسيات، وھمن جي سماجي اثرن، انھن مٿان مذھب جي پيل پَڙن ۽ ڪوڙن آسماني آسرن جي عڪس بندي جو شاھڪار آھي.

ويھين صديءَ ۾ سنڌ ۾ آيل ٻن وڏين ٻوڏن جن کي جمال ابڙي ۽ اسانجي وڏن جو نسل وڏي ۽ ننڍي ٻوڏ سڏيندا ھئا، ان نسل کان ڪڏھن به نه وسريون. ھر وڏو فطري يا انساني حادثو انيڪ انساني الميا جنم ڏيندو آھي، ڪھاڻي “ڪارو پاڻي به اھڙي الميي جي ھڪ درد ڪٿا آھي جنھن ۾ طئي نه ٿو ڪري سگھجي ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل انساني المين مان وڏو الميو مرڻ واري پوڙھي جو آھي يا بچي ويل ننڍي ڀاءُ جو آھي. ڪاري پاڻي جي آمد جو ھڪ پيراگراف ۾ گھڻ پاسائون الميو ۽ منظر ڏسو، “مان ننڍو ھوندو ھوس، امان ڳالھ ڪندي ھئي ته اڳي ڪارو پاڻي ايندو ھو. ڪشمور کان ڪڙڪاٽ ڪندو ايندو ھو. ماڻھو، جانور، نانگ اڳيان ڀَڄندا ايندا ھئا. ڳوٺن جا ڳوٺ ناس ڪندو، اوڏڪا گھر ڊاھيندو، زمينون ٻوڙيندو، ڪاھيندو ايندو ھو. مِرون، بگھڙ نانگَ، ڪُتا ماڻھن سان گڏ دَڙن تي اچي ڳاھٽ ٿيندا ھئا. بک کان ماڻھو کٻڙن جا پن کائيندا ھئا. پيٽ اُڀامي ايندو ھئن، وات مان اڇي گجي وھندي ھئن ۽ مري ويندا ھئا.“ ھن منظر کي وضاحت جي ڪابه گھرج ناھي، پڙھندي لاشعوري طور ماڻھو پاڻ کي ڪاري پاڻيءَ اڳيان ڊڪندڙ سڀني جاندارن سان گڏ بدحواسيءَ منجھان ۽ بي ساخته ڊُڪندي محسوس ڪري ٿو. ھن ڪھاڻيءَ جو سڀني کام احساساتي پاسو اھو آھي ته اھو طئي ڪرڻ ڏکيو آھي ته درد بک وگھي مري ويندڙ ڪُراڙي يعني وڏي ڀاءُ جو آھي يا مجبوري سبب ان جو محرڪ بڻجندڙ ننڍي ڀاءُ جو!

“مھرباني” واحد ڪھاڻي آھي جيڪا شھري سماج ۽ وچولي طبقي ۽ شھرن اندر غريب فقيرياڻين سان ٿيندڙ نظر ايندڙ ۽ نظر نه ايندڙ بي واجبين تي لکيل آھي. انجو رڳو ھي ھڪ پيراگراف ئي سڄي ڪھاڻي جا سماجي، طبقاتي، نفسياتي ۽ جنسي بُکَ جا تَھَ کولي ٿو رکي. “اسان جون نظروں وڃي ھڪ فقيرياڻيءَ تي پيون. جست جو وڏو وٽو ھٿ ۾ کنيون، اُگھاڙو ٻار ڪَڇَ تي لڙڪايو ڊوڙي ڊوڙي پئي آئي وئي جو اڳ ورتائين. وار اڻڀا، لِڱ ميرا، ڪپڙا ڦاٽل، پَڙو کُٿل. ھُئي ننڍي نيٽي! منھنجا دوست چپ چٽڻ لڳا. ميري چولي کير لڳڻ سبب سَڻڀي ۽ ڳَري ٿي پئي ھئي. جُھوني پراڻي چولي کير ڏيندڙ ڇاتيءَ جي شدت اڳيان بي وس ۽ مجبور ٿي لڳي. ڪٿان ٿيون اھي نڀاڳيون ايترو کير آڻين؟ سو به بُکَ تي!” ڇا ڇا نه چئي، ڏيکاري ۽ آئينو ڏيکاري ويو ھن پيراگراف ۾ اسانجو ڪھاڻيڪار سائين جمال ابڙو.

سندس ڪھاڻي “مان مڙد” بظاھر ته آفريڪا جي ھڪ فرضي مائيتي سماج جي ھڪ ڪھاڻي آھي جنھن ۾ ھڪ سنڌي نوجوان وڃي ڦاسي ٿو پر گھرائي سان ڏسبو ته دراصل اھاھڪ افسانوي ترڪيب آھي جنھن ۾ پدري سماج کي ئي موضوع بڻايو ويو آھي. ڇاڪاڻ ته ھڪ ته اھڙو مائےتو سماج جيڪو ھو ھو قبائلي پدري سماج جھڙو ھجي انساني تاريخ ۾ ڪڏھن به نه رھيو آھي، ٻيو ته ليکڪ جو بنيادي مقصد ان افسانوي ۽ علامتي ترڪيب ذريعي سنڌي سماج کي پدري سماج ۾ ماين سان ٿيندڙ متڀيد ۽ اَنيائن بابت جاڳائڻ ۽ منجھن گھري صنفي حساسيت پيدا ڪرڻ ھو.

ائين ھڪ ھڪ ڪھاڻيءَ جي اندر لھبو ته ڌرتيء جي محروم، مجبور، بي وس، ڪنھن به اميد ۽ ڪوڙي آسري کان به وانجھيل انساني، طبقاتي، احساساتي، نفسياتي ۽ وجودي المين جا ڪيترا بظاھر محسوس نه ٿيندڙ ۽ نظر نه ايندڙ عڪس، منظر ۽ حقيقتون متحرڪ ۽ علامتي طور جيئريون محسوس ٿينديون. ڪھاڻي اھا ناھي ھر اک ڏسي وٺي، الميو اھو ناھي جيڪو ھرڪو پھرين نظر ۾ ڏسي وٺي. ڪھاڻي زندگيءَ جي لڪيل پاسن کي حساسيت سان ۽ زندھ صورت ۾ پيش ڪرڻ جو تخليقي ڏانءُ آھي. سائين جمال ابڙي جون ڪھاڻيون اھڙيون ئي آھن.

آخر ۾ اھم سوال ته ڇا سائين جمال ابڙي جي ڪھاڻين جو ڪو ڪمزور يا کُٽل پاسو به آھي. مان سائين جي تخليقي پورھيي بابت ٻن حوالن سان جزوي تنقيدي ويچار رکان ٿو. مثال طور سائين جي ڪھاڻي “پشوپاشا” کي ايتري شھرت ملي جو سائين جي نه رڳو سُڃاڻپ بڻجي وئي پر سندس ڪھاڻين جو مجموعو به گھڻي ڀاڱي انھيءَ نالي سان شايع ٿيو. مان ذاتي طور پشو پاشا کي ڪا وڏي يا سندس ٻين شاھڪار ڪھاڻين جي برابر نه ٿو سمجھان. سائين جمال ابڙي لکيو آھي ته کيس اھو ڪردار مثبت، کُليل ۽ ھڪ اھڙو ڪردار لڳي ٿو جيڪو اُتساھ لاءِ چئوڦير ۽ مٿي کُليل فضائن ۽ زميني حالتن کان متاثر ٿي عوام جي رھبري ڪري قربان ٿي وڃي ٿو پر ساڳئي وقت جمال صاحب کي اھو ڪردار مصنوعي لڳي ٿو. منھنجي تنقيد جمال صاحب جي راءِ سان متفق ٿيڻ آھي. افسانوي ادب ۾ فني، موضوعاتي ۽ ترڪيبي تجربن جي ڪابه حدبندي ناھي پر پشو پاشا جي ڪردار ۾ جيڪا تجربن ۽ مشاھدن سبب بنيادي ۽ وڏي تبديلي ڏيکاري وئي آھي ان ۾ اُھا تبديلي ڊرامائي انداز ۾ تڪڙي ايندي نظر اچي ٿي، اُھا تڪڙ ڪردار جي تبديلي ۽ اوسر سان نامياتي ميل نه ٿي کائي. ان تي گھربل محنت يا ڌيانُ ناھي ڏنو ويو. ھونئن به لڳي ٿو جمال ابڙو پنھنجي تخليق کي گوئٽي جيان ورائي ورائي پڙھي انکي اُڪلائڻ جي مزاج جو حامل نظر نه ٿو اچي، ڪڏھن ڪڏھن پنھنجي فن ۽ ٻوليءَ تي قدرت ۽ ندرت اھا حد کان وڌيڪ خود اعتمادي ڏيندي آھي، جيڪا ڪڏھن ڪڏھن ليکڪ کي ڪن جاين تي ڪمزور ڪندي آھي. اھڙين ڪھاڻين ۾ مان سندس ڪھاڻين “فرشتو”، “ماءُ جي جھولي” ۽ “لاٽَ” کي شامل سمجھان ٿو. ساڳي طرح ڪھاڻي “مان مڙد” جو مُنڍ ۽ پڇاڙي اثرائتي نه ٿي لڳي. ڪھاڻي “سِينڌ” شاندار آھي پر ڪھاڻي جي سگھ جي سامھون عنوان ايترو اثرائتو ناھي. ڪھاڻي ۾ خيال، موضوع، ٻوليءَ، اسلوب، ڪردارن، صورتحالن، داخلي توڻي خارجي وارتائن، مُنڍَ ۽ پُڄاڻيءَ ۾ ھم آھنگي يعني ھارمني جيتري وڌيڪ ھوندي ڪھاڻي اوتري حسين، اثرائتي ۽ سگھاري ھوندي. جمال ابڙي جي ڪھاڻين جي تنقيدي پاسي ۾ آخري ڳالھ ته ھن جي ڪھاڻين جو انداز ھر جاءِ تي گھڻي ڀاڱي بيانيه آھي، ھو ڊائلاگن ۽ مونولاگ جي ترڪيبن کان تخليقي ڪم نه ٿو وٺي ۽ سڀ ڪم بيانَ جي ندرت کان ٿو وٺي. ھن ڄڻ ته شعوري يا لاشعوري طور بيانيه انداز کي ئي پنھنجو مستقل اسلوب بڻائي ڇڏيو آھي.

سائين جمال ابڙو سنڌي ڪھاڻيءَ جي مزاج جي جيڪا روايت کڻي آيو اُھا دراصل عالمي انساني تاريخ ۾ آيل نئين سُجاڳيءَ جي دور ۾ دنيا جي ڪيترين ٻولين ۾ ارڙھين، اڻويھين ۽ ويھين صدين ۾ اچي چُڪي ھئي، خاص طور ترقي پسند ادب جو مزاج ئي اھو ھو. سنڌي ادب ۾ اُھا عوامي حقيقت نگاريءَ جي روايت جمال ابڙي ئي پنھنجي تخليقي سگھ سان تشڪيل ڪري بيھاري، کانئس ڏھاڪا اڳ ڄيٺمل پرسرام “چمڙا پوش جون آکاڻيون” لکي چڪو ھو پر ڪھاڻي ۾ فن، منظر ڪشي، ڪردار نگاري، احساس نگاري ۽ غير معمولي تخليقي ۽ نبار ٻوليءَ جي اھڙي اسلوب جي روايت جي سگھاري شروعات سائين جمال ابڙي کان ئي ٿي. سندس فن ۽ موضوعن تي اوھينري، موپاسان، گورکي ۽ منشي پريم چند جا اُتساھيندڙ اثر ته نظر اچن ٿا پر اُھي ھن تي تتبع جي ڇاپَ ھڻي، ھن جي تخليقي نبارپڻي کي متاثر نه ٿا ڪن.

مجموعي طور سائين جمال ابڙو جديد سنڌي ڪھاڻيءَ جي اھڙن تخليقڪارن مان آھي جنھن جي ذڪر کان سواءِ ويھين صديءَ جو اھو پنڌ ڪڏھن به پيرائتو پيش ٿي نه سگھندو. ھن جون ڪھاڻيون ويھين صديءَ جي ان دور ۾ زرعي سماج، ٻھراڙين، ان سماج جي طبقاتي متڀيد، محروم بڻايل طبقن جي زندگين جي المين ۽ مجموعي طور سماج جي زندھ عڪسن جي بيانيه مصوري آھي. جيتوڻيڪ ھن ڪڏھن پاڻ کي ڪنھن نظرياتي خاني ۾ رکي مخصوص معني ۾ ترقي پسند ڪونه سَڏآيو ھو، ضروري به ناھي ته ماڻھو پنھنجي ترقي پسندي جا اعلان ڪري، اھو ته ھڪ آدرشي فڪري جوھر آھي پر سندس ڪھاڻيون ويھين صديءَ جي ترقي پسند سنڌي افسانوي ادب جو به ھڪ حسين ۽ بي مثال تخليقي حصو آھن.

 

(ڏھاڙي ڪاوش حيدرآباد ۾ ۳۱ جولاءِ ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)


 

جمال ابڙو

سنڌي ٻوليءَ جو پھريون فيمينسٽ ڪھاڻيڪار

ڊاڪٽر فهميده حسين

فيمينزم ڇا آھي، فيمينسٽ ليکڪ ڪنھن کي ٿو چئجي، ان کي ورجائڻ جي ضرورت محسوس نٿي ڪريان جو ھتي سڀ سڄاڻ ۽ ساڃاھ وند ماڻھو ويٺا آھن، اھي عورت جو سنڌي سماج ۾ مقام ڄاڻن ٿا. اسان جي ھن خطي، يعني ھند سنڌ ۾ عام طرح ۽ پنھنجي سونھاري سنڌ ۾ خاص طرح عورت جي درد کي سمجھڻ جي دعويٰ ڪرڻ وارن ناليوارن ڪيترن مرد ليکڪن سندس حمايت ۾ گھڻو ڪجهھ لکيو آھي، خاص ڪري ترقي پسند دور جي اڪثر ليکڪن ڪنھن نه ڪنھن روپ ۾ عورت سان ٿيندڙ ناانصافين ۽ بيواجبين کي شعوري طور ڪھاڻين جو موضوع بڻايو آھي، جن ۾ اياز قادري، شيخ اياز، غلام رباني آگرو، رشيد ڀٽي، سراج ۽ ٻيا شامل آھن...

ھتي مون ان لسٽ ۾ جمال ابڙي جو نالو ڪونه ورتو، ڇو؟ اھو ان ڪري جو مٿي ذڪر ڪيل ليکڪن/ ڪھاڻيڪارن عورت جو درد سمجھيو ضرور پر پنھنجي مشاھدي جي قوت سان، جڏھن ته جمال ابڙي عورت جو درد ڄڻ ته ھڪ عورت بڻجي اندر ۾ محسوس ڪري، ڀوڳي لکيو ھجي ۽ سندس ڪھاڻيون پڙھي آئون خاطريءَ سان ٿي چوان ته ھن جڏھن اھي ڪھاڻيون لکيون ھونديون ته ڳوڙھن سان ڌنڌلين اکين سان لکيون ھونديون، نڙيءَ ۾ ڳنڍي وانگر ڦاٿل درد کي ڪاڳرن تي اتاريو ھوندو، ڇو ته ھڪ پڙھندڙ جي حيثيت ۾ مون جڏھن به اھي ڪھاڻيون پڙھيون، اکيون ڳوڙھن سان ڌنڌلائجي ويون ۽ نڙيءَ ۾ ڄڻ ڪو ڳنڍو اٽڪي ٿي پيو... وڌيڪ نه ته به ٽي ڪھاڻيون اھڙيون ضرور آھن جن ۾ ھن عورت بڻجي، ان جي اندر ۾ موجود پيڙا کي محسوس ڪري لکيو آھي، اھي ڪھاڻيون آھن "پيراڻي”، "سينڌ” ۽ "مان مرد”!

سنڌي ڪھاڻيڪار عورتن ان کان گھڻو پوءِ اھڙي حساسيت سان لکيو.

ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ پڙھائڻ دوران سنڌي ڪھاڻين تي ليڪچر ڏيندي جمال ابڙي جي ڪھاڻين تي عمومي طرح ۽ انھن ٽن ڪھاڻين تي خصوصي طرح ڳالھائيندي يقين ڪريو ته آئون جذباتي ٿي ويندي ھئس ۽ مون کي لڳندو ھو ته جيئن جمال وٽ انھن ڪھاڻين لکڻ پٺيان ڪو مقصد ھو تيئن پنھنجن شاگردن ذريعي سماج کي انھن جو پيغام پھچائڻ منھنجو مقصد آھي.

اڄ انھن ٽن ڪھاڻين مان مون صرف ھڪ ڪھاڻي چونڊي ان تي ڳالھائڻ جو سوچيو آھي، اھا آھي "مان مرد”!

ھيءَ ڪھاڻي فينٽسي واري ٽيڪنيڪ ۾ لکيل آھي. جنھن دور ۾ جمال اھا ڪھاڻي لکي ان وقت اھا محض ھڪ ٽيڪنيڪ يا طرز ھئي جنھن ۾ ڪجهھ ٻيا ليکڪ به لکندا ھئا، پر ھاڻي ھن صديءَ ۾ اھا ادب جي ھڪ منفرد صنف مڃي وڃي ٿي. ان جي وصف وقت جا نقاد ھيئن ٿا ڪن:

"Literary fantasy is considered a genre of speculative fiction and is distinguished from science fiction or horror

وري اڳتي لکن ٿا:

)”Fantasy literature is literature set in an imaginary universe” Wikipedia. Org, dated 29th July 2024)

سو ھن ڪھاڻيءَ "مان مرد” ۾ جمال ابڙي ھڪ فرضي، خيالي يا تصوراتي دنيا تخليق ڪئي آھي، جنھن ۾ ھن اسان جي موجوده پدر سري patriarchalسماج ۾ ڪردارن جي عملي روپ يا رول کي بنهه ابتو ڪري مردن جي جاءِ تي عورتن کي ۽ عورتن جي جاءِ تي مردن کي رکي ھڪ خيالي معاشرو ڏيکاريو آھي جتي وحشي عورتن جي حڪومت آھي. ان کي آئون مادرسري يا مائيتو (matriarchal) سماجي نظام بلڪل ڪانه چوندس ڇو جو دنيا ۾ ڪوبه مائيتو سماج ايترو وحشي نه ٿيو آھي ۽ نه ٿي سگھي ٿو، جيترو سنڌ جو پدرشاھي نظام وارو سماج آھي...

جمال صاحب جي تخليق ڪيل تصوراتي سماج ۾ اھڙين وحشي عورتن جي حڪومت آھي جيڪي مردن سان بلڪل اھڙو وحشياڻو ۽ ظالماڻو وھنوار ۽ رويو رکن ٿيون جھڙو اسان وٽ پدرشاھي سماج ۾ عورتن سان رکيو ويندو آھي. جمال ابڙي جي ھن فرضي سماج ۾ جنم کان مرڻ تائين مردن جي زندگين جي ھر فيصلي جو اختيار ۽ ڪنٽرول عورتن وٽ آھي. ھن ڪھاڻيءَ جو مکيه ڪردار ھڪ نوجوان مرد، اھڙي معاشري ۾ ڦاسڻ کان پوءِ ڇا ٿو محسوس ڪري... اھا آھي ھن افساني ۾ جمال ابڙي جي ٿيم!

اسان جي سماج ۾ ڪوبه مرد اويستائين عورت سان ٿيندڙ جسماني، جذباتي، ذھني ۽ نفسياتي اذيتن ۽ عذابن کي سمجھي نٿو سگھي جيستائين ھو پاڻ کي سندس جاء تي رکي اھو سڀ ڪجهھ محسوس نٿو ڪري. عورت جو درد عورت بڻجي محسوس ڪرڻ کان پوءِجمال صاحب اھو سنڌ جي مردن کي محسوس ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي ـ اھا ڳالهھ سمجھڻ لاءِ ضروري آھي ته ڪھاڻيءَ جي ٿوري اکيل ڪجي. ڪھاڻيءَ جي پھرين پئرا ۾ لکي ٿو:

"مان تڏھن ننڍڙو جوانڙو ھجان، ڳاڙھو ڳاڙھو ڳٽول، لڱ سڊول، پاڻ کي ڏسي خوش پيو ٿيان، تيل ڦليل ڪري، وارن کي سينگاري ٻاھر نڪران، ڀانيان سڀڪو پيو مون کي ڏسي.“

ھاڻي اھو معصوم جوانڙو پاڻ کي سنڌ جھڙي ھڪ ملڪ ۾ ٿو ڏسي، فرق صرف اھو آھي ته اتي مردن بدران عورتن جي حڪومت آھي. چوي ٿو:

"ھڪ اھڙي ملڪ ۾ اچي نڪتس جتي بس مون سان ڪِيس ٿي ويو، منھنجي ڪچڙي وھيءَ کي ڄڻ ته ڪنھن مٺ ۾ نپوڙي لڳڙو ڪري ڇڏيو، زندگيءَ جو نچڪو ٽپڪو جيڪو بل پيو ڏيندو ھو، تنھن جو ڄڻ ته ڪرنگھو ڀڃي ڪنھن لولو لنگڙو ڪري وڌو. حياتيءَ جو ھڳاءُ، زندگيءَ جي سرھاڻ سڀ چوسجي وئي”

ھاڻي ھي جوانڙو خوفناڪ، جابر ظالم عورتن جي چنبن ۾ اچي ويو آھي جتي ساڻس اجھو ھيئن ٿو ٿئي:

"ھڪ ڄڻيءَ ڳٿر کان جھليو. . ھڪ مم جھڙي ڪراڙيءَ ڏائڻ اچي مون کي ڳراٽڙي پاتي...ان مھل ھڪ ٻڪر ڪٽار سان ڪٺائون...ساٺ سوڻ ڪري مون کي ھن ڪراڙيءَ مم جي حرم ۾ داخل ڪيائون- مون کي ڏندڻ پئجي ويا، چيم خدايا ٻڪر ھجان ھا ته چڱو، ھڪ وار ڪسجي وڃان ھا، يا عمر جھنم جو عذاب ته نه ڏسان ھا. ڪيئن ھن ڪراڙيءَ کوڳ سان عشق ڪندس!”

اتي وري فاضل ليکڪ ادبي صنعت satire کان ڪم ورتو آھي ۽ طنزيه انداز ۾ لکي ٿو:

"ان مھل پنھنجي سنڌ ديس کي ساريم، پاڙي جي روئيندڙ نازنين ياد پيم، جنھن کي سٺ ورھين جي پوڙھي سان ٿي پرڻايائون. الا! جي ھينئر منھنجي روبرو ائين ٿئي ھا ته سڀني جا ميڄالا ڀڃي پوڙھي جو نڙگھٽ پٽي، ان نازنين کي جيئدان ڏياريان، ويچاري شاديءَ جي ڦنڊر ٿي مون وانگر ڪسجڻ لاءِتيار ٿي ھوندي، ڪنوار ٿيڻ لاءِ نه! ائين ڀانيم ته ان نازنين کي به نڪاح وقت اھڙا ڀوائتا جھنگلي، اگھاڙا، نِرلڄا انسان نچندا ۽ واڄٽ ڪندا نظر آيا ھوندا!”

ڪيئن ٿا ڀانئيو، اڄ ان ننڍڙي نماڻي نينگريءَ جو درد محسوس ڪري ٿو سگھجي يا نه؟ سنڌ جي نوجوانن جي دلين ۾ اھڙين نماڻين نينگرين جي لاءِڪھڪاءُ محسوس ڪرڻ جو پيغام واضح آھي يا نه؟

ڪھاڻيءَ ۾ جڏھن ڪراڙي کوڳ مائي ھن نوجوان ۾ پنھنجي لاءِ ڪي جذبا اڀاري نٿي سگھي ته پھرين موچڙا ٿي ھڻيس ۽ پوءِ؟. نوجوان ٻڌائي ٿو ته:

”ھار مڃي لڄي ٿيڻ بدران اٽلو مون تي ٺڪر ڀڃڻ لڳي، چي، ‘ھھڙو تھڙو، نڪ وڍيو گھر سان سچو ناھي، ضرور ڪٿي اک اڙي ھوندس’ مون واري سس ۽ ساليون به اچيو چنبا ھڻن ۽ ڀونڊا گھروڙي ڏين، چي، ‘ڪاريءَ تي پير پيوسون جو پنھنجي وسن جھڙي مومل جو ھن نڀاڳي سان پلئه اٽڪايوسين’. منھنجي زال کي صلاح ڏنائون ته ‘ڪھينس...غيرت جو سوال آھي’!”

ھن کان پوءِھڪ ڪلاسڪ جملو آھي جنھن جو طنز اصل روح ۾ لھي ٿو وڃي، لکي ٿو:

"مون کي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو، پنھنجي پياري ديس ۾ مون ڪڏھن نه سوچيو ھو ته ڪو ‘زائفن کي به غيرت ٿيندي آھي ۽ ھو به مڙسن کي ڪارو ڪري ماري سگھن ٿيون’!”

ھن ڪھاڻيءَ ۾ پيش ڪيل سمورا واقعا ۽ نوجوان سان ٿيندڙ ھر واردات سنڌ جي عورت سان ٿيندڙ ظلمن جو عڪس ۽ نظارو پيش ڪن ٿا ۽ دل رت جا ڳوڙھا ڳاڙي ٿي... ڪھاڻي ڊگھي آھي، واقعا به گھڻا آھن، پر ھتي آئون صرف اھا ڪلائيميڪس واري پئرا ٿي ورجايان جنھن جي ڪري آئون جمال ابڙي کي سنڌي ٻوليءَ جو فيمينسٽ ڪھاڻيڪار مڃان ٿي. ليکڪ ڪھاڻيءَ جي آخر ۾ ساڳئي نوجوان کي ستر سالن کان پوءِ پوڙھو ڏيکاري، ان ڪردار جي زباني چورائي ٿو:

(پنھنجي) ملڪ جو خيال ايندي ئي منھنجي دماغ ۾ جوالا ڦاٽي پيو. نه نه! منھنجو مٺڙو ملڪ اھڙو ڳُڻ چور نه آھي، ستر ورھين ۾ ضرور مٽيو ھوندو، ڪو جھنگلي ڀوتن جو ملڪ نه آھي. منھنجي ملڪ جي مڻيادار ماڻھن ڪُوپن وانگر ڪنڌ ڪپائي، پنھنجي گگدام مائرن، ڀينرن ۽ نياڻين جا نيئر ٽوڙيا ھوندا، پر جي نه ته؟... منھنجون پوڙھيون نسون ڦنڊجي پيون، ھزارن ڪوھن تان ٻيو ڇا ٿي ڪري سگھيس! نشتر ھڻي رت ڪڍيم، رت سان ڌار ھيءُ پيغام لکيم؛ جي توھان تائين پھچي وڃي ته ھن پوڙھي جي رت جو قدر ڪجو...مڙس ٿجو!”

ڇا ٻئي ڪنھن به مرد ڪھاڻيڪار عورت جي اندر جي درد جي پڪار کي ائين اظھاريو آھي؟؟ گھٽ ۾ گھٽ مون ته ڪونه پڙھيو آھي.

 

(ثقافت کاتي سنڌ طرفان محترم جمال ابڙي جي ملهايل سؤ سالا تقريب ۾ پڙهيل مقالو)

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۲ آگسٽ ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)

No comments:

Post a Comment