Saturday, November 2, 2024

پريوش - رزاق سھتو

پريوش

مختصر ڪھاڻي

رزاق سھتو



پروفيسر ظهور احمد هڪ زيبائتو ماڻهو. مٿي جا وار وڏا ۽ وڏيون مُڇون. جنهن سان چپ ڍڪيل، قلم اڌ چهري تائين لٿل، منهن ۽ اکين ۾ چمڪ، جوانيءَ واري ڪشش رکندڙ پروفيسر ڏاڍو گھٽ ڳالهائيندڙ. پر جو به جملو چپن تي ايندس ان ۾ ڪو نه ڪو فلسفو ۽ ماڻهن جي لاءِ جيون ۾ اتساهه پيدا ڪندڙ جذبو هوندو. هو محبت جي باري ۾ ڳالهائيندو ته اکين ۾ پاڻي پيو ڇُلڪندس. اڪيلائپ سندس ميراث، ماڻهن جي ميڙن کان ونءُ ويندڙ. ڪلاس وٺندو ته شاگردن جو من موهيو وجهي. ايڏو سحر سندس ليڪچر ۾ جو مجال آ ڪو شاگرد چري پري سگھي. خوش لباس ۽ خوشبوءِ هميشه هڪ ئي لڳائيندو (اوپن) جا کيس محبوبه نيها جي طرفان پهريون ڀيرو تحفي ۾ سندس جنم ڏينهن تي ملي هئي.


يونيورسٽيءَ ۾ نئين داخلائن کان پوءِ سندس پهريون ڪلاس هو. ڪلاس ۾ گھڙڻ شرط، هڪ نهار سمورن شاگردن تي وڌائين ته سانت ڇانئجي وئي. سندس ڪڙڪيدار آوز گونجيو.

“اڄ پهريون ڪلاس آهي. مان چاهيندس ته هر هڪ شاگرد بيهي پنهنجي سڃاڻپ ڪرائي ۽ ڇوڪريون ويٺي ئي پنهنجي تعارف ڪرائينديون.”

ائين چوندي سندس نظرون ويٺل ڇوڪرين تان ڦرندي. هڪ ڇوڪريءَ تي کپي ويون. ڇوڪري ڏاڍي سٻاجهڙي هئي. سندس اکين ۽ چھري مان شوخي، بکي رهي هئي ۽ سندس منهن جي مرڪ کيس وڌيڪ سندر بڻائي ڇڏيو هو. هن جي نهار مان ئي شوخي جهلڪي پئي. هن ڏانهن ايڏو ته ڇڪجي ويو جو دل گھريس ته پهريون تعارف جو سلسلو اتان شروع ڪري جيئن جلدي ڄاڻي وٺي ته هوءَ ڪير آهي. ليڪن ائين ڪري نه سگھيو. ڇو ته تعارف جي شروعات پهرين قطار ۾ ويٺل شاگردن کان ٿي چڪي هئي ۽ هوءَ ٻيءَ قطار ۾ ويٺل هئي. ڏاڍو بيچين ٿي پيو. آخر ڇوڪريءَ جو وارو آيو. پهريون مرڪي ۽ پوءِ نالو کنيائين؛ “پريوش.”

پروفيسر نالو ٻڌو، ماضيءَ جو درياهه موج ۾ اچي ڪُن ۾ بدلجي ويو. جنهن ۾ پروفيسر ظهور احمد ڦيراٽيون پائڻ لڳو. دماغ چڪرائجي ويس. رڳو چپن ۾ چئي سگهيو؛ “پريوش.”

هن جون اکيون رڳو تعارف ڪرائيندڙ شاگردن ۾ هيون. باقي پريوش نالي جي گونج سندس دماغ ۾ ڦري رهي هئي. محبت جي کاڌل زخمن تان پريوش کرنڊ ڇڪي لاهي وڌس. ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا واري واري سان سڃاڻپ ڪرائيندا ويا. پر پروفيسر کي تڏهن سڌ پئي جڏهن ڪلاس ۾ سانت ٿي وئي. سڀني شاگردن جي نگاهن جو مرڪز پروفيسر بڻيل هو. پاڻ ڇرڪي پيو. هيڏي هوڏي ڏٺائين، وري به پريوش ڏانهن نهاريندي چيائين؛ “ڪورس جي شروعات باقائدگيءَ سان سڀاڻي کان ٿيندي.”

ائين چئي ڪلاس کان ٻاهر نڪري ويو. پريوش سندس وجود کي ڌوڏي ڇڏيو هو. پريوش سندس زندگيءَ جي اڌوري ناول جي بابن کي وري مڪملتا ڏانهن ڌوڪي ڇڏيو هو.

سوچڻ لڳو؛ ”پريوش. اها ئي ته ناهي.؟ ڪيئن پڇانس. هن کان فقط اهو پڇي سگھان ٿو ته ڪنهن جي ڌيءَ آهين. هوءَ ته پيءُ جو نالو ٻڌائيندي پر کانئس ماءُ جو نالو ڪيئن پڇان.”

پروفيسر ظهور ڳالهين جي سُٽ ۾ وچڙندو ويو. ڪنهن نتيجي تي ڪو نه پڳو ۽ آفيس ۾ وڃي ويٺو. پٽيوالي کي سڏ ڪيائين.

“جي سر.”

پٽيوالو ڊوڙندو آيو.

“وڃ! ڪڙڪ چانهه ٺهرائي اچ.“

“حاضر سائين.“

پريوش جو نالو، سندس وجود ۾ رت بڻجي ڊوڙڻ لڳو. پريوش جا ٻاتا ٻول ننڍڙا ننڍڙا ٽهڪ روئڻ جا آواز نه سمجهه ۾ ايندڙجملا، سڀ سندس ذهن ۾ اچي سهيڙيا. پروفيسر جو مٿو ڦاٽڻ لڳو. ٻئي هٿ مٿي تي ڏئي، ٺوٺيون ٽيبل تي رکي سوچ ۾ ٻڏي ويو. پٽيوالو چانهه کڻي آيو ته ڪنڌ مٿي ڪيائين. چانهن جون سُرڪون به ڀريندو رهيو ۽ پنهنجي منهن ڀڻ ڀڻ به ڪندو رهيو. پاڻ تي قابو رکي نه سگھيو ۽ پٽيوالي کي سڏ ڪيائين.

“ڪلاس روم مان، پريوش نالي ڇوڪريءَ کي سڏي اچ.“

پٽيوالو ويو ۽ ٿوري دير ۾ موٽي آيو.

“سائين، ڪلاس ۾ ڪو به شاگرد ڪونهي.“

پروفيسر فقط پٽيوالي ڏانهن نهاريو ۽ هو واپس ٿي ويو. پاڻ چانھه پوري ڪري چڪو هو سو ٻاهر نڪري آيو. ڪلاس روم جي ٻاهران باغيچي ۾ اجايا سجايا ڦيرا پائڻ لڳو. اوچتو ڪي ٽھڪ هن جي ڪن تي پيا. ٽھڪ جيڪي ڪيترن ئي سالن کان سندس ڪنن ۾ ڪبوتر جيان آکيرو ٺاهي ويهي رهيا ها، سي ڀڙڪو کائي ٻاهر نڪري آيا. پاڻ ٽهڪن طرف وڌي ويو. هن ڏٺو پريوش ساهيڙين سان مذاق ڪندي ٽهڪ ڏئي رهي هئي. ڳالهائڻ ۾ ساڳيو لهجو، منهن مهانڊو به ساڳيو نيها جهڙو ۽ ساڳيا گھنڊيدار وار. پروفيسر، پاڻُ روڪي نه سگھيو. هنن ڏانهن وڌي آيو. ڇوڪريون کيس ڏسي خاموش ٿي ويون. ڏسندي ئي چيائون؛ ”سر! توهان.؟”

”جي ها.“

پروفيسر، پريوش ڏانهن ڏٺو ۽ اشاري سان کيس سڏ ڪيائين. پريوش هن ڏانهن وڌي آئي؛ ”جي سر.“

پروفيسر ظهور بي معنى نهار سان پريوش ڏانهن ڏسندو رهيو. زبان مان اکر ڪو نه اڪليس.

پريوش پريشان ٿيندي چيو؛ “سر توهان ڪجهه چوڻ چاهيو ٿا.؟”

“نه نه نه. تون وڃ.“

پريوش ساهيڙين ڏانهن موٽي وئي ته ساهيڙين سان گڏ هوءَ به حيران ٿي وئي. پروفيسر ساڳين پيرن تو موٽيو ۽ پنهنجي منهن ڀڻ ڀڻ ڪندو رهيو.

“اسان جي سماج جي جوڙ-جڪ به عجب جهڙي آهي. ڇوڪريءَ کان پيءُ جو نالو ته پڇي سگھجي ٿو پر ماءُ جو نالو پڇي نه ٿو سگھجي. عام طور تي سڃاڻپ ته پيءُ جي نالي سان ئي ڪرائبي ۽ پڇبي آهي پريوش کان ماءُ جو نالو ڪيئن پڇان.؟ ويچاري عورت جي سڃاڻپ ته ڪاٿي به ڪانهي، ڄڻ سماج جو حصو ئي ناهي. اکين کي اوجاڳا ڏئي ابهم ٻار جا لڱ ڌوئي صاف ڪري، پر ٻار وڏو ٿي سڃاڻپ پيءُ جي نالي سان ئي ڏيندو ۽ ماءُ جو ڪردار گھر کان شروع ٿيو ۽ گھر ۾ ئي ختم.“

 پروفيسر پنهنجي بيوسيءَ کي لڪايو ته چهرو ڳاڙهو ٿي ويس. اکين ۾ تري آيل آلاڻ کي لڪائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪرڻ لڳو.

 پروفيسر سڄي رات سمهي نه سگهيو. هر هر ڌيان پريوش ڏانهن ٿي ويس. مرڪڻ، ٽهڪن ڏيڻ، ڳالهائڻ جو لهجو هوبهو ساڳيو. چهري ۾ ڪشش ۽ چمڪ ساڳي. اهو ڪتابي چهرو جنهن جي سٽ سٽ مان مرڪ جا موتي ٿي مهڪيا. پروفيسر پريوش جي ڪتابي چهري ۾ سندس ماءُ نيها کي پڙهڻ لڳو. کيس اها هرکر هئي ته ڪهڙو بهانو ڪري کانئس ماءُ جو نالوپڇان. هوڏانهن پريوش پروفيسر جي پريشان حالت تي پريشان ٿي ڏٺي.

پروفيسر کي پريوش جي ماءُ جي الڪي سمهڻ نه ڏنو.

اوجاڳيل اکين سان يونيورسٽي پهتو. ڪلاس ورتائين. ڪيئي ڀيرا پريوش کي ڏٺائين. ليڪچر ڏيڻ ۾ ڏکيائي پئي محسوس ٿيس. پنهجي ليڪچر ۾ اڳوڻي روايت، موج ۽ رواني پيدا ڪري نه سگھيو. ڪلاس وٺي پنهنجي آفيس ۾ آيو. پٽيوالي کي سڏي چانهه جو چيائين. چانهه پيئندو رهيو پر من ڪنهن به شيءِ سان ڪو نه ٿي لڳس. ياد جي واچوڙن سندس دماغ ۾ ڦيراٽيون پئي پاتيون. سرير ۾ اهڙي پيڙا ٿي محسوس ڪيائين، ڄڻ ڪو پرانهون پنڌ ماري موٽيو هجي. وري پٽيوالي کي سڏ ڪيائين.

“جي سر.“

“وڃ ڪلاس روم مان پريوش کي سڏ ڪري اچ.“

“جي سر.“

پريوش پٽيوالي سان گڏ اچي پڳي. پٽيوالو آفيس کان ٻاهر ئي ويٺو رهيو. پريوش کي پروفيسر ڪرسيءَ تي ويهڻ جو اشارو ڪيو. هوءَ ويهي رهي. هڪ عجب نهار پروفيسر هن تي وڌي. پريوش جي مُکڙي تي لڄ گاڏڙ مرڪ نرت ڪرڻ لڳي.

پروفيسر چيو؛ ”اصل ۾ توهان کان هڪ ڳالهه پڇڻي هئي.؟”

“جي سر.“

“تنهنجو نالو پريوش آهي نه.“

“ها سر.“

“منهنجو مطلب آ تنهنجو نالو.؟”

“سر ڇا ٿيو منهنجي نالي کي.؟”

پروفيسر نٽائيندي چيو؛ “تنهنجو نالو ڏاڍو نرالو ۽ موهيندڙ آهي.“

”تنهنجي پيءُ جونالو.؟“

پرفيسر مڙئي روايتي طور پيءُ جو نالو پڇيو. کيس ته پيءُ جي نالي سان دلچسپي ڪا نه هئي. اهو ته پريوش جي رڪارڊ تي موجود هئو. هن ته سندس ماءُ جو نالو ڄاڻڻ ٿي چاهيو. پريوش پيءُ جو نالو ٻڌايس. وڌيڪ اکر ڪو نه اڪليس ۽ چيائين؛ ”بس ٿئينڪ يو وڃ. مون رڳو اهو ٿي ڄاڻڻ چاهيو.“

”ڇو سر ڪا خاص ڳالهه.؟“

پروفيسر هَڪو ٻَڪو ٿي ويو. ڇا چئي بس پڪو منهن ڪندي چيائين؛ ”تون ڏاڍي ذهين ڇوڪري آهين ۽ تنهنجي ڳچيءَ تي جو تر آهي سو تو کي وڌيڪ شانائتو بڻائي ٿو.“

پريوش شرمائجي وئي.

”نائو بيبي يو ڪين گو.“

هوءَ هلي ته آئي. پر پروفيسر جي ڳالهائڻ جي انداز ۽ ساراهه جي طريقي کيس ٻِه-چَتو بڻائي ڇڏيو. پاڻ ٿورو منجهيل به هئي. پروفيسر جي انداز کيس ٻڏ تر جو شڪار بڻائي ڇڏيو.

پروفيسر ڪا دير خالي ڪرسيءَ کي ڏسندو رهيو ۽ سوچڻ لڳو؛ ”هوبهو ماءُ جهڙي آهي. ساڳو ڳچيءَ تي تِر جيڪو نيها کي به ساڳيءَ جاءِ تي هو. مان ائين ڇو ٿو سوچيان، ٿي سگهي ٿو پريوش هن جي ڌيءَ نه هجي.؟ هو پاڻ سنڀالي اٿيو ۽ آفيس کان ٻاهر نڪري آيو. شاگرد ٽولين جي صورت ۾ باغيچي ۾ ويٺل ته ڪي باغيچي جي پيچرن تي هيڏانهن هيڏانهن ڦريا پئي. سندس ڪنن تي ڪجهه آواز پيا. شاگرد هڪ ٻئي کي بيت ٻڌائي رهيا هئا. هڪ شاگرد ترنم ۾ سچل سرمست جو بيت جهونگاريو.

اسين آهيون، ڇا اسين آهيون.

ٻيلي نه ٿا ڄاڻون، ڇا اسين آهيون.

پرفيسر جا پير پاڻ هرتو بيهجي ويا. مڌر آواز ۾ شعر جي ٻولن ويتر کيس تڙپائي ڇڏيو.

هو باغيچي جي پيچرن ۽ املتاس جي وڻن جي ڇانوري مان ٿيندو گھر پهتو. پاڻ کي ڪمري ۾ بند ڪري ڇڏيائين. تصويرن جي البم مان نيها جي تصوير ڪڍي سامهون رکندي چيائين: ”سالن پڄاڻان وري تون نئون جنم و‎‎ٺي پريوش جي روپ ۾ موٽي آهين ۽ وري محبت کي ورجائي رهي آهين. محبت به هڪ آئينو آهي. جنهن ۾ محبوب ۽ عاشق پنهنجي تصوير پسن ٿا. جڏهن وقت جي دز آئيني مٿان چڙهي وڃي ٿي ته وقتي طور آئينو ڌنڌلو ٿي وڃي ٿو. پر حادثاتي طور تي جڏهن وقت انهيءَ تان دز لاهي ڇڏيندو آهي ته محبت جو ميساريل چهرو ٻيهر ساڳئي اوج ۽ موج سان اڀري بيهندو آهي.“

*****

ماضي، پروفيسر جي من ۾، لهي آيو آهي. کيس ياد اچڻ لڳي اها تحرير جا هن نيها کي نئين سال جي شروع ۾ لکي ڏني هئي.

 ”نئون سال شروع ٿيڻ وارو آهي. رڳو وڃي ڪجهه ڪلاڪ بچيا آهن. مان جڏهن گذريل سال کي ڏسان ٿو ته اونداهي رات آهي. جنهن ۾ ڪٿي ڪٿي ستارن جيان مرڪون نظر اچن ٿيون.

پر سڀ کان وڏي ڳالهه ته سال جي آخر ۾ تون ملي آهين. جيڪو سڄي سال جي محرومين جي مٿان ڳرو پئجي وڃي ٿو ۽ گذريل سال خوشين جي پردي ۾ ويڙهجي وڃي ٿو. تنهنجي آواز ۽ ساٿ ۾ اوپرائپ ناهي. پنهنجائپ آهي. ائين ٿو لڳيم پاڻ صدين جو سفر گمناميءَ ۾ گڏجي ڪيو آهي. جنهن کان اسان ٻئي باخبر هوندي به بيخبر رهياسين. باخبر ان جي ڪري ٿو چوان جو تنهنجي ويجهڙائپ کانپوءِ ائين ٿو لڳي ڄڻ اسان جنم جنم ڪٺي گذاريا هجن. تون اهو اڻ ڇهيل احساس آهين جنهن کي اڃا تائين ڪو به تخليقڪار ڇهي نه سگهيو آهي. اهڙو ڪنوارو احساس منهنجي حصي ۾ آيو آهي. تنهنجي ساٿ کان پوءِ منهنجو ڪنڌ فخرکان اوچو ٿي ويو آهي. جيون جي نوڪدار پيچرن تي هلندي هلندي جيڪي مون زخم کاڌا. مون کي هاڻ انهن زخمن سان به پيار ٿي ويو آهي. مان تنهنجي سونهن کي جهڪي سلام ٿو ڪريان ۽ اميد ٿو ڪريان ته نئون سال تنهنجي ۽ منهنجي لاءِ، سڀني پيار ڪندڙن لاءِ لاڀائتو ثابت ٿيندو. ۽ جهولي سدائين خوشين سان ڀريل هوندي.

فقط

تنهنجو

*****

پريوش ۽ پروفيسر ظهور جي وچ ۾ ويجهڙائپ وڌندي وئي. پاڻ ڄڻ پريوش جي وجود ۾ نيها کي پائي ورتو هئائين. ڳالهه ڪلاس روم کان ڊپارٽميٽ ۽ پوِءِ آهستي آهستي پکڙجند ي وئي ته پروفيسر پريوش ۾ گھري دلچسپي وٺي رهيو آهي.

پريوش ساهيڙين جي جهڳٽي ۾ هئي. جيڪي کيس ڇيڙي رهيو هيون.

هڪ چيو؛ ”ائي پرو. ڇا ڳالهه آهي. سر ظهور جي فلسفيانه، مفڪرنا، جملن جي وڪڙ ۾ ته نه اچي وئي آهين.؟“

پريوش مرڪندي مذاق وراري لهجي ۾ چيو؛ ”ٿي سگھي ٿو.“

سڀني ساهيڙين هڪ آواز ٿي چيو؛ ”او هو.“

 پوءِ ٻيءَ چيس؛ ”سائين تنهنجا ته وارا نيارا آهن. پروفيسر جي چاهت آهين. فل مارڪون ملندئي ۽ پوزيشن الڳ کڻندينءَ.“

سڀئي ٽهڪ ڏئي کلڻ لڳيون ته ٽين ڄڻيءَ پريوش جي ڀر ورتي؛ ”اهڙي به ڳالهه ناهي. پريوش ذهين آهي. هوءَ اڳ ئي سيمسٽر ۾ پوزيشن کڻندي آئي آهي.“

پهرينءَ ڀڙڪو کائيندي چيو؛ ”ڪهڙي خبر پروفيسر جي شروع کان نظر پريوش تي هجي ڳالهه هاڻ کُلي آهي.“

سڀني ۾ ٽھڪڙو مچي ويو.

چوٿين ڏاڍي رحم جوڳي صورت ڪري ڳالهايو؛ ”ڪاش. . . . ! ڪو پروفيسر مون تي مهربان ٿئي ها. راتين جو اوجاڳا ڪري ٿلها ٿلها ڳرا ڳرا ڪتاب پڙهڻ کان ته جند ئي ڇٽي پئي ها.“

ٻيءَ جواب ڏنس؛ ”هائي هائي قسمت ويچاريِءَ جي.“

سڀني گڏجي ٽهڪن جا ڪبوتر اڏائي ڇڏيا. انهن ٽهڪن ۾ پريوش جا به ٽهڪڙا شامل هئا.

*****

پريوش جي دل ۾ پروفيسر ظهير لاءِ ڇڪ وڌڻ لڳي هئي. گھڻو وقت گذري چڪو هئو پر پروفيسر وري ڪڏهن به پريوش کان سندس ماءُ بابت ڪو نه پڇي سگھيو. جيڪو هڪ ظاهري ڏيک هو. پاڻ اهڙيون حالتون پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ۾ هو جيئن پريوش سندس ويجهو ٿئي ۽ اعتماد ۾ اچي ته هو کيس گھر هلڻ جي دعوت ڏئي. جتي کيس نيها جي تصوير ڏيکاري پڪ ڪري وٺندو ته پريوش نيها جي ڌيءَ آهي يا نه.؟

پريوش هاسٽل ۾ رهندي هئي. هوءَ دير تائين يونيورسٽيءَ ۾ هوندي هئي. ڪڏهن لئبرريءَ ۾ ته ڪڏهن ڪينٽين ۾ يا باغيچي ۾ ويهي پڙهندي رهندي هئي. اهڙو بهانو پروفيسر لاءِ ڏاڍو لاڀائتو هو. جڏهن شاگردن جو ججهو تعداد گھر هليو ويندو هو ته ٻئي پاڻ ۾ ويهي ڪچهري ڪري وٺندا ها. پوءِ هوءَ هاسٽل هلي ويندي هئي. پروفيسر پنهنجي گھر جيڪو يونيورسٽي جي رهائشي ڪالونيءَ ۾ ئي هو.

شام ويلي هوءَ هاسٽل کان ٻاهر نڪري آئي هئي. پروفيسر باغيچي ۾ ڊوڙيو پئي.

پاڻ ۾ گڏجي ويا.

”پريوش ڪيئن آهين.“

”سر ٺيڪ آهيان“

”اچو. هيڏانهن بيچ تي ٿوري دير ويهجي.“

”سر توهان روز ايڏو ڊوڙو ٿا ٿڪجي نه ٿا پئو.؟“

”نه. . . نه. . . . ڏس نه زندگي ته نالو ئي ڊوڙ جو آهي. هر ساه وارو ڪنهن نه ڪنهن جي پويان ڊوڙي ٿو. ٿڪجي بيهي رهيو ته تحرڪ ختم ٿي ويندو. تحرڪ ختم ته زندگي ختم.“

پريوش مرڪي ۽ ڏاڍي مذاق واري موڊ ۾ چيائينس؛ ”توهان ڪنهن جي پويان ڊوڙو پيا.؟“

پروفيسر ظهور کلندي؛ ”ها. ها. ها. ها. سٺو سوال. سٺو سوال.“

هو مرڪيو.

ٻنهي جون نظرو ٿوري دير لاءِ هيٺ زمين ۾ لهي ويون.

پروفيسر چيو؛ ”پنهنجي وجود جي جدا ٿي ويل اڌ جي ڳولا لاءِ ڊوڙي رهيو آهيان. هر انسان توڻي حيوان پنهنجي اڻپوريت کي پورڻتا بخشڻ لاءِ ڀٽڪي پيو. جيئن پنهنجي حصي کي پائي مڪلمتا ماڻي سگھي. جڏهن ڪوئي پورڻتا جي سفر ۾ هلندي هلندي فنا ٿي وڃي ٿو ته هو نئون جنم وٺي وري زندگيءَ جي ڊوڙ ۾ شامل ٿي وڃي ٿو. انسان، حيوان، نباتات سڀ پنهنجي پورڻتا جي منزل طرف وڌي رهيا آهن.“

”سر توهان جون ڳالهيون مون کي ٻڌل ٿيون لڳن.“

”اهو ڪيئن.؟“

”سر منهنجي ماءُ به اهڙي قسم جون ڳالهيون ڪندي هئي. پر توهان جي ڳالهين ۾ گھرائي وڌيڪ آهي. جيئڻ جو ڪارج ڇُپيل آهي. سر مون پنهنجي شعوري زندگيءَ ۾ امڙ کي ڪڏهن به ٽهڪ ڏئي کلندي ڪو نه ٻڌو. هوءَ سدائين انتظار واري ڪيفيت ۾ رهندي هئي. خبر ناهي سر سندس اداس اکڙين کي ڪنهن جو اوسيئڙو هوندو هئو. هوءَ ٻڌائيندي ڪجهه به ڪا نه هئي. عجب مزاج جي عورت هئي. غمن جي موقعي تي کلندي هئي ۽ خوشيءَ جي مهل تي روئندي هئي.“

اهو ٻڌي پروفيسر ظهور سن ٿي ويو. پريوش ڳالهائيندي رهي.

”سر الائي ڇو مون کي توهان پنهنجا لڳندا آهيو. تنهنڪري بي حجاب توهان سان گھر جون ڳالهيون ڪندي آهيان. سر توهان ٻڌو پيا نه.“

”هان. ها. ها ٻڌان پيو.“

”سر سمجهه ۾ نٿو اچي ته منهنجي اندر ۾ توهان جي لاءِ پلجندڙ ويجهڙائپ، عقيدت آهي. پيار يا محبت آهي يا ڪوئي قدرتي ڪرشمو توهان کي ڀانئڻ لڳي آهيان. منهنجي دنيا مٽبي پئي وڃي. توهان جي ڪا به ڳالهه مون کي خراب نٿي لڳي. توهان سان ملان ٿي ته استاد ۽ شاگرديءَ وارا فاصلا مٽجي ٿا وڃن. اندر کي سڪون ٿو ملي. نٿي ملان ته ملڻ لاءِ من ماندو ٿو رهي. سر هڪ ڀيري امان عجب ڳالهه ڪري وڌي هئي. ان ڏينهن کان وٺي مان خوف ۾ ورتل آهيان.“

”ڇا چيو هئائين.؟“ پروفيسر بيچينيءَ وچان چيو.

”سر هي منهنجي ڳچيءَ تي تر آهي نه، اهو منهنجي ماءُ جي ڳچيءَ تي به هئو. اوهان کي ياد آهي نه ڳچيءَ تي تِر ڏسي اوهان ان تِرَ جي تعريف ڪندي چيو هئو ته تو کي ترِ ڏاڍو خوبصورت ٿو بڻائي. سر منهجي ماءُ چوندي هئي ته اها خوبصورتي ڪهڙي ڪم جي جيڪا انسان جي زندگيءَ کي اپاهج بڻائي ڇڏي. گھر جي چار ديواريءَ ۾ بند ڪري ڇڏي. هر وقت عورت جو، مرد جي شڪ جي تلوار هيٺان زندگي گذارڻ عذاب آهي. مونکي اڪيلائيءَ ۾ ڀاڪرن ۾ ڀري چوندي هئي.

هي تنهنجي ڳچي تي تر ڏسي مان ڏک ۾ وٺجي ٿي وڃان. ان جاءِ تي جنهن کي به تر هوندو آهي اهي زندگيءَ ۾ ڏک ڏاڍا ڏسندا آهن. ساري عمر منزل کي ماڻڻ جي جدوجهد ۾ رهندا آهن. مون ته جيئن تيئن جيون گھاري ڇڏيو. پر تنهنجي ڳڻتي ڳاري ٿي ڇڏي. سر توهان سمجهو ٿا ائين آهي ڇا.؟“

”. . . . . . . . . . . . . . .“

”سر توهان ڪو به جواب ڪو نه ڏنو“

پروفيسر ظهور جون نظرو پريوش جي چهري تي هيون. هوءَ کيس ايڏي ته پنهنجي پنهنجي لڳي رهي هئي، جو من ۾ خيال آيس اٿي کيس ڀاڪر ۾ ڀري ڇڏي. پريوش جي به اهڙي ڪيفيت هئي. پاڻ رڳو پريوش جي ڇلڙن ڇلڙن وارن جي چڳ کي ڏسندو رهيو.

”جواب ٻئي ڀيري! اٿو ته هلون دير ٿي وئي آهي.“ پروفيسر نٽائيندي اٿيو.

پريوش کي پروفيسر جو گھورڻ ننڊ ۾ به ستائيندو رهيو. هر هر پروفيسر جو چهرو پنهنجي وجود کي گھوريندي محسوس پئي ڪيائين. هوڏانهن پروفيسر ظهور کي ائين پئي لڳو ڄڻ سالن پڄاڻان نيها ٻيهر ملي هجيس.

******

 پهرين اپريل پروفيسر ظهور جو جنم ڏيهن هئو. هن چاهيو پئي ته پريوش کي سالگره جي بهاني گھر گھرائي ڪنهن به طريقي سان کيس نيها جي تصوير ڏيکاري.

هڪ ڀيري پروفيسر پريوش کي چيو؛ ”تو سان هڪ ڳالهه ڪرڻي هيم پريوش.“

”چئو سر ڪا خاص ڳالهه آهي.؟“

”ها ڏينهن به خاص آهي. ڳالهه به خاص!“

”ڇا مطلب.؟“

”مان تو کي پنهنجي گھر گھرائڻ ٿو چاهيان.“

 ”ڀلي سر.“

”پهرين اپريل منهنجي لاءِ اهميت وارو ڏينهن هوندو آهي. چاهيان ٿو ته ان ڏينهن تون مون سان گڏ هجين.“

”پر گهر ئي ڇو ٻاهر ڇو نه.؟“

مرڪندي پروفيسر سادگيءَ سان چيو؛ ”جيئن تنهنجي مرضي.“

*******

پريوش ڌڙڪندڙ دل، بيقرار من ۽ هيسيل تن سان پروفيسر ظهور جي گھر پهتي ته هن سندس آجيان ڪئي. پهريون ته ٿوري دير خاموش رهي. پوءِ آهستي آهستي پاڻ ۾ اعتماد پيدا ڪيائين. پروفيسر ڏاڍو خوش نظر پئي آيو. هر هر پريوش جون نظرون پروفيسر جي چهري ڏانهن کڄي ٿي ويون. هوءَ پروفيسر جي چهري تي اڀري آيل پيار ۽ پاٻوهه جي تاثرات کي محسوس ڪندي پاڻ کي هلڪو ۽ ٿانيڪو پئي محسوس ڪيو. پر پوءِ به ڊپ جي لهر سندس هيانءَ ۾ هلي رهي هئي. ايتري ۾ پروفيسر جو نوڪر دلدار ٻه گلاس پاڻي جا کڻي آيو ته پروفيسر چيو؛ ”هي دلدار آهي. پر مان کيس پيار مان دلو سڏيندو آهيان.“

دلدار پريوش کي سلام ڪيو. پريوش کيس ڪنڌ سان ئي جواب ڏنو.

”هي دلو منهنجي ڏکن ۽ سکن جو ساٿي آهي. منهنجو هم راز به آهي. ڪيئن دلو آهي نه.؟“

”سائين مان ڇا چوان توهان جون مهربانيون آهن.“

دلدار هليو ويو.

دلدار نوڪر کي ڏسي ڄڻ پريوش جي وجود ۾ تحفظ ۽ دلجاءِ جي لهر ڊوڙي وئي. دل ۾ چوڻ لڳي؛ ”خير، اسان ٻن کانسواءِ ٽيون ڄڻو به هت آهي. پروفيسر جي من ۾ جي کوٽ هجي ها ته نوڪر کي چلتو ڪري ڇڏي ها. پريوش ڏاڍي اطمينان سان ويهي پروفيسر سان ڪچهري ڪرڻ لڳي.

”سر توهان اڪيلا.؟“

” آهي نه دلو. دلدار.“

مرڪندي پريوش چيو؛ ”نه سر منهنجو مطلب آ؛ شادي؟“

”جنهن سان مون ڪرڻ ٿي چاهي. هن سان ٿي ڪو نه پوءِ مان شاديءَ ڪرڻ جو ارادو ئي ترڪ ڪري ڇڏيو.“

”هون.“

پروفيسر چيو؛ ”اٿي اچو هيڏانهن ٻئي ڪمري ڏانهن ٿا هلون.“

”سر هتي به ٺيڪ آهيون!“

”نه نه اچو ٻي ڪمر ۾ هلون.“

پريوش ۽ پروفيسر ٻئي ڪمري ۾ آيا.

پريوش ڏٺو. ڪمرو ڏاڍي سليقي سان سجايل هو. ڪنڊ ۾ ٽي وي رکيل هئي. ديوارن تي خوبصورت پينٽنگس لڳل هيون. جنهن مان هڪ کيس ڏاڍو موهي ورتو. ڇوڪريءَ جي وارن ۾ هڪ ڇوڪرو گل هڻي رهيو هو. پاسي کان ڪتابن جا ڪٻٽ هئا. هڪ پاسي کان سوفا سيٽ رکيل ها، جن تي ٻئي ويهي رهيا.

”سر گھر ته ڏاڍو سليقي سان سجايل آهي. هي سڀ توهان. . . . . . . .؟“

”نه.“

”پوءِ.؟“

”ان ۾ دلدار عرف دلو جو به حصو شامل آهي.“

ٻئي مرڪي پيا.

پريوش جون اکيون وري ان تصوير ڏانهن کڄي ويون. جنهن ۾ ڇوڪرو ڇوڪريءَ کي وارن ۾ گل هڻي رهيو هئو ته پروفيسر ڏسي ورتس ۽ پڇيائينس؛ ”تو کي اها تصوير وڻي ٿي ڇا.؟“

”ها سر.“

”ان تصوير جي پويان به هڪ ڪهاڻي آهي.“

”اهو ڪيئن سر.؟“

پروفيسر يادگيرين جي ڪُن ۾ گم ٿي ويو. ڏاڍو ڳنڀير ٿي چوڻ لڳو؛ ”ڪو وقت هو صبح جو روز ڪنهن جي وارن ۾ گل وجهي ڏينهن جي شروعات ڪندو هوس.“

”ڪير هئي. اها خوش نصيب.؟“ اهو چوندي پريوش جي مُکڙي تي مرڪ ترڻ لڳي.

”سمجهه ته تون ئي آهين.“

”سو وري ڪيئن.؟“

”اهو ائين ته تون هن جو روپ وٺي آئي آهين.“

پريوش ٽهڪ ڏئي کلڻ لڳي؛ ”سر مذاق ڇڏيو! سچ ٻڌايو.“

ايتري ۾ جنهن ڪمري مان هو اٿي آيا هئا، اتان ڪنهن جي قدمن جو کڙڪو ٿيو. ته پريوش ڪنايو.

”تون ڪناءِ نه! دلو آهي، دلو.“

”سر، توهان خاص ڏينهن جي باري ۾ ڪو نه ٻڌايو.؟“

”ها، ان خاص ڏينهن جي خاص تياريءَ ۾ ته دلدار رُڌل آهي.“

”اڇا.“

”جي ها.“

”پروفيسر ظهور کي ڪا تڪڙ ۽ اٻهرائپ ڪا نه هئي. ڏاڍي سڪون ۾ هو.

ايتري ۾ دلدار اندر آيو.

”صاحب، سڀ ڪجهه اوهان جي چوڻ مطابق سجائي ڇڏيو اٿم.“

”ٺيڪ آهي تون وڃ اسان اچون ٿا.“

نوڪر هليو ويو. پريوش حيرت گاڏڙ نهار پروفيسر تي وڌي.

پروفيسر مرڪيو. ٻنهي جون اکيون ڪا دير هڪ ٻي ۾ اٽڪيون رهيون. پرفيسر جي اکين ذريعي نيها لاءِ اٿاهه پيار، پريوش جي وجود ۾ لهي ويو. پريوش ڄڻ پروفيسر جي وجود جوحصو بڻجي وئي. پريوش اکيون پاسيريون ڪري ڇڏيون.

پروفيسر مرڪندي چيو؛ ”اچو ٻاهر ڏسون ته دلدار ڪهڙو ڪم ڏيکاريو آهي.“

پريوش ۽ پروفيسر گڏجي ٻاهر آيا ته سينگاريل ٽيبل تي ڪيڪ رکيو هو. ميڻ بتيون ٻريون پئي.

پريوش چيو؛ ”اڇا ته اها خاص ڳالهه آهي.“

”جي اها ئي آهي.“

”سالگره آهي ڪنهن جي.؟“

”اڄ منهنجو جنم ڏينهن آهي.“

”اوهه.“

پهرين پروفيسر ميڻ بتيون وسايون پوءِ پريوش سندس هٿ مٿان هٿ رکيو. گڏجي هيپي برٿ ڊي ٽو يو جي جهونگار ۾ ڪيڪ ڪٽيائون. پريوش ڪيڪ جو ٽڪڙو ڪٽي پروفيسر جي وات ۾ وڌو ۽ موٽ ۾ پروفيسر پريوش کي پڻ ڪيڪ جو ٽڪر کارايو. پوءِ ٻئي ڪرسين تي اتي ئي ويهي رهيا. پروفيسر جو چهرو ٻهڪي رهيو هو. ائين پئي محسوس ڪيائين اڄ سالن پڄاڻان نيها ساڻس گڏجي ڪيڪ ڪٽيو هجي. پر آهستي آهستي پريوش جو چهرو اجهامندو ويو. پروفيسر فڪرمند ٿيو.

”پريوش ڇا ٿيو.؟“

”سر، توهان مون کي اڳواٽ ٻڌايو ها ته مان ڪو تحفو وٺي اچان هان.“

”افسوس نه ڪيو.“

”پر سر مون کي پنهنجي امڙ شدت سان ياد اچي رهي آهي. عجيب اتفاق آهي سندس به جنم جو ڏينهن پهرين اپريل هئو. اسان ساڻس مذاق ڪندا هئاسين ته ماڻهو اپريل ڦول ملهائيندا آهن ۽ توهان جي سالگرهه، توهان کي به مذاق وراي ڏينهن پيدا ٿيڻو هئو. امان جواب ۾ دکي ٿي چوندي هئي؛ تڏهن ته چوندي آهيان زندگيِءَ مون سان مذاق ڪيو آهي. سر هوءَ سالگره واري ڏينهن ئي گھڻو خوش نظر ايندي هئي. اسان به هن جو خوب ساٿ ڏيندا هئاسين. رڳو ان ڪري جو پورو سال ته هوءَ غم ۾ ٻڏل رهندي هئي. اهو ئي پهرين اپريل واحد ڏينهن هوندو هئو. جنهن تي هوءَ ناسي جوڙو خاص ڪري پائيندي هئي ۽ واه جو هن جوڙي ۾ ٺهندي هئي ۽ سر عجب اتفاق آهي. منهنجي امڙ پڻ اوپن خوشبوءِ کي پسند ڪندي هئي. توهان به ان خوشبوءِ جا مشتاق آهيو.“

پروفيسر جي دل ويهندي وئي. هو ڄڻ بي قابو ٿي ويو. وڏي مشڪل سان پاڻ سنڀاليائين.

دلدار آيو ۽ سندس هٿن ۾ گلن جو گلدستو هو، پروفيسر کي اچي پيش ڪيائين ۽ کيس سالگره جي مبارڪ چيائين ته پروفيسر گل وٺندي سندس شڪريو ادا ڪيو. ۽ ٻاهر هليو ويو.

پروفيسر اندر ۾ پاڻ سان ڳالهايو؛ ”پهرين اپريل ۽ ناسي جوڙو. ناسي جوڙو ته نيها منهنجي پسند تي پائيندي هئي. ڇو ته اهو رنگ مونکي ڏاڍو وڻندو آهي. پر سندس جنم ڏينهن ته جولاءِ جي پهرين هفتي ۾ هوندو هئو. ته ڇا هوءَ منهنجو جنم ڏينهن ملهائيندي هئي. تنهن کانسواءِ اوپن خوشبوءِ ته نيها ئي مون کي تحفي ۾ ڏني هئي.“

کيس ياد اچڻ لڳو. سالگره ويجهي هئس. نيها کيس فون ڪيو. مان تنهنجي شهر ۾ آهيان. پر تو سان ملي نٿي سگهان. مون سان گڏ مڙس پاران مقرر ڪيل پهريدار گڏ آهن. تنهنجي سالگره تي تو کي ڪيئن ٿي وساري سگھان. نيها کيس پتو ٻڌايو. تون ان دڪان تي هن کي پنهنجو نالو ٻڌائجان، مون سندن ئي دڪان تان اوپن خوشبوءِ خريد ڪري، اتي تنهنجي نالي سان رکرائي ڇڏي آهي. تون رڳو پنهنجو نالو ٻڌائيندين ته هو تو کي منهنجي طرفان رکيل تحفو ڏئي ڇڏيندا. پوءِ پروفيسر ظهور ان دڪان تي هليو ويو ۽ کين نالو ٻڌايو هئائين. دڪاندار نه رڳو کيس نيها طرفان رکيل امانت ڏني هئي پر سندس تمام گهڻي عزت ڪندي دڪان کان ٻاهر کيس گاڏيءَ تائين ڇڏڻ آيو هو.

 ”سر اوهان ڪجهه سوچيو پيا.“

”نه، ها توهان ڳالهايو مان ٻڌان پيو.“

”سر امڙ جي زندگيءَ ۾ خبر ناهي الائي ڪهڙو شخص طوفان بڻجي آيو. جو سندس پير ڪڏهن زمين تي کپي نه سگهيا. هوءَ بنا ڪنهن سبب جي روئي پوندي هئي. اڪثر وقت اڪيلائپ ۾ گذاريندي هئي. مٽن مائٽن ڀائرن ڀينرن سان ميل ميلاپ ختم ڪري ڇڏيو هئائين. غمي شاديءَ ۾ جسماني طور شريڪ ته هوندي هئي پر ذهني طور خبر ناهي ڪٿي پئي گهمندي هئي. سر ڇا محبت ماڻهوءَ جي زندگيءَ کي اپاهج بڻائي ٿي ڇڏي.؟ سر پنهنجي ماءُ جي حالت ڏسندي مان ان محبت لفظ کان ئي ڊڄندي آهيان.“

پروفيسر ماٺ ۾ هو پرسندس ذهن ۾ پريوش جا جملا ۽ نيها بابت وِيچارن ڊوڙون پئي پاتيون.

سندس اندر مان هڪ جملو اٻڙڪو کائي نڪتو.

”نيها، سڄي زندگي مون کي وساري نه سگھينءَ، ڀلا مان ڪٿي توکي وساري سگھيو آهيان. هاڻي سمجهه ۾ سولائي ٿيندي پئي وڃي ته پريوش، نيها جي ئي ڌيءَ آهي. پر هوءَ پنهنجي ماءُ بابت ڳالهائيندي لفظ ”هئي“ يا ”هئائين“ يعني ماضيءَ ۾ ٿي ڳالهائي ڪٿي سندس ماءُ هيءُ جهان ڇڏي ته نه وئي آهي.؟“

”سر ڇا پيا سوچيو.؟“

” ڪجهه نه!“

”نه، سرلڪايو نه.؟“

”ها ته تون پنهنجي ماءُ جي باري ۾ ڳالهائي رهي هئينءَ.“

”سر نٽايو نه.؟ “

”مون به تنهجي ماءُ جي باري ۾ پئي ويچاريو.“

”ڇا پيان ويچاريو.؟“

”اهو ئي ته هوءَ ڪيڏي نه ڏکايل زندگي گهاري رهي آهي.“

پريوش جي وجود تي ڏک جي ول ويڙهجي وئي. سندس نيڻن ۾ ڳوڙها تري آيا.

”آهي نه. هئي سر.“

پروفيسر جو من وسامي ويو.

”ڇا.؟“

”جي سر هوءَ هن دنيا ۾ ناهي.“

”او خدايا.“

پروفيسر جي اکين ۾ اونده ڀرجي وئي. کيس ڪا به شيءِ نظر ڪا نه ٿي آئي. خاموشي چئني طرف پکڙجي وئي. اوچتو هڪ سڏڪي پروفيسر جو ڌيان ڇڪايو. هن ڏٺو پريوش سڏڪي رهي هئي، پنهنجي ڳلن تي آيل ڳوڙهن کي پروفيسر ظهور صاف ڪيو. پوءِ پريوش جي ويجهو ٿيندي کيس اڌ ڀاڪر ۾ ڪيائين.

”نه رو پريوش، تنهنجي ماءُ جو درد منهنجو درد آهي. مان تنهنجي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان. تون روئڻ بند ڪر! هي وٺ گلاس پاڻيءَ جو، هن مان ڪجهه پيءُ ته حوصلو ملئي.“

پريوش پاڻي پيتو. پروفيسر اٿيو ۽ ٽيبل تان ٽشو پيپر جي دٻي مان چار ٽشو پيپر پريوش کي ڳوڙهن اگھڻ لاءِ ڏنائين. ايتري ۾ دلدار کاڌي واري ٽرالي ڪاهيندو ڪمري ۾ داخل ٿيو.

ٽيبل جي ڀرسان پهچي آهستي آهستي ٽرالي مان شيون کڻندو ٽيبل تي لڳائيندو ويو. ڪجهه دير اڳ جيڪو اداسي ۽ ڏک واروماحول پيدا ٿيو هو، سو ڪجهه مٽجي ويو. جڏهن دلدار سڀ ڪجھ لڳائي چڪو ته پروفيسر ۽ پريوش ڪرسيون سيري ٽيبل جي ويجهو ٿي ويا. اوچتو دلدار عجب ڳالهه ڪري وڌي جيڪو سندس پويان بيٺو هو.

”پروفيسر ظهور صاحب، اڄ توهان کي ته ٻٽيون مبارڪون هجن.“

”هڪ ته سالگره جون مبارڪون ٻيو سائين. . . . !“ هن پريوش کي ڏسندي چيو؛ ”ٻيو ته سالن کانپوءِ توهان پنهنجي پسند سان جو مليا آهيو. منهنجو مطلب آهي ميم صاحبه سان.“

پروفيسر کي مٺيان لڳي ۽ دلو ڏانهن ڪاوڙ منجهان نهاريندي چيائين؛ ”تون هل ٽر اکين کان.“

هو هليو ويو پريوش پريشان ٿئي وئي.

”سر دلدار ڇا پئي چيو.؟“

”ڪجهه نه توهان هن جي ڳالهه تي ڌيان نه ڏيو. هي وٺو ڪيڪ ڏاڍو سٺو ۽ لذيذ ٺهيل آهي.“

پريوش گھڻو ڪجهه محسوس ته ڪيو پر خاموشي اختيار ڪيائين. سندس ذهن اندر دلدار جو جملو ڪلابازيون کائڻ لڳو. ڪجهه دير ڪچهري ڪيائون پوءِ پريوش موڪلائڻ لڳي. پروفيسر کيس گهر جي گيٽ تائين ڇڏڻ لاءِ آيو. موڪلائيندي پريوش چيو ته؛ ”سر معاف ڪجو اڄ اوهان جي سالگره هئي. خوشيءَ جي مهل تي مان ڪجهه اهڙيون ڳالهيون ڪيون جو ماحول دکي بڻجي ويو ۽ توهان لاءِ ڪو تحفو به ڪو نه آڻي سگهيم.“

”. . . . . . . . . . . .“

وري به پريوش ڳالهائيندي ڏاڍي معصوم انداز ۾ چيو؛ ”سر، اهو به ڪون ٻڌايو ته اها ڪير هئي. جنهن کي صبح جو ڏيهاڙي وارن ۾ گل سجائيندا هئا.“

 ”ڪا ڳالهه ناهي ڪنهن ٻئي ڀيري.“ پروفيسر مرڪيو؛ ”ها ڪجهه ڳالهين کي ٻي ملاقات تي ٿا ڇڏيون. باقي، تون ڪو تحفو ناهي آندو ته ان جو افسوس نه ڪر تو کوڙ خوبصورت جملن جا تحفا ڏنا آهن.“

پريوش مرڪي ۽ پروفيسر کي الوداع ڪيو. پروفيسر چاهيندي به کيس نيها جي تصوير ڏيکاري نه سگھيو.

*******

پريوش هلي وئي ته پروفيسر ان ڪمري ۾ هليو آيو، جت نيها جي تصوير رکيل هئي. هو ڄاڻي واڻي ان ڪمري ۾ نيها کي ڪو نه وٺي ويو هو. پروفيسر مناسب نه سمجهيو ته هو پريوش کي نيها جي تصوير ڏيکاري. پروفيسر نيها جي تصوير کي چنبڙي پيو. اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳو.

”نيها تون هي جهان ڇڏي هلي وئينءَ مون کان موڪلائيو به ڪو نه ائين ڀلا ٿيندو آ.“

اڄ پريوش سان مليو آهيان. هوبهو تو جيان آهي. اها ئي پريوش جڏهن تون منهنجي بڻجي نه سگھينءَ ۽ هڪ بااثر شخص تنهنجي مائٽن تي زور ڪري تنهنجو سڱ ورتو. تنهنجي ڪنهن به نه ٻڌي. تون ۽ مان پڙهائي پوري ڪري ڪاليج کي الوداع ڪري چڪا هئاسين. اسان جي رابطي جو ذريعو فقط فون هئي. ها اهو ئي فون نمبر، جو تو مون کان موڪلائڻ وقت ورتو هو تون پنهنجو ڪو به رابطونه ٻڌايو. اهو تون مون سان ظلم ڪيو. ڪيڏيون نه منٿون ڪيون هيون. پر تو رابطو نه رکيو ۽ چيو، منهنجي مجبورين کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪر، پوءِ اهو چيو هئي ته تنهنجو فون نمبر آهي نه مون وٽ. مٿان مصيبت اها جو ايترا سال گڏ رهڻ جي باوجود تو مون کي پنهنجي اصل شهر جو ڏس پتو به ڪو نه ٻڌايو هو. مٿان وچن ورتو هئي ته مون کي ڳولهڻ جي ڪوشش نه ڪجانءِ. ۽ ڳولها بعد جيڪو تنهنجو پتو هٿ آيو. سا تنهنجي چاچي جي ائڊريس هئي. جت تون پڙهڻ خاطر اچي ترسي هئينءَ. پوءِ تو هڪ ڏينهن فون تي سالن پڄاڻان رابطو ڪيو هو ته منهنجي شادي ٿي وئي آهي ۽ مون کي ڌيءَ ڄائي آهي جنهن جو نالو مون پريوش رکيو آهي. ڪڏهن ڪڏهن تون نيها مون کي پريوش جا ٻاتڙا ٻول ٻڌرائيندي هئينءَ سا پريوش اڄ مون سان منهنجي سالگره تي گڏ هئي، جنهن ٻڌايو ته تون منهنجي سالگرهه جو ڏينهن پنهنجي سالگره جو ڏينهن ڪري ملهائيندي هئينءَ ۽ منهنجي پسند جو رنگ ناسي جوڙو پائيندي هئينءَ. مون انهن وصال جي لمحن کي جيءَ ۾ سانڍي رکيو آهي. ۽ پل پل جون يادگيريون، منهنجي اڪيلي ميراث آهن. پروفيسر روئندو رهيو. نيها جي تصوير سندس سيني تي رکيل هئي.

*******

آچر موڪل جو ڏينهن هو. پروفيسر دستور موجب صبح جو سوير پارڪ ۾ واڪ پئي ڪئي ته کيس پرڀرو بينچ تي پريوش ويٺل نظر آئي. هو اوڏانهن ڊوڙندو اچي پهتو. پريوش کيس ڏٺو ته اٿي بيهي رهي. پروفيسر تڪڙو تڪڙو ۽ ڏاڍيان ساهه کڻندي ڳالهائيندو رهيو.

”تون، پريوش ڪيئن سويل اٿي آهين.“

”ها سر، الائي ڇو دل اٻاڻڪي ٿي پئي هئي. رات کان وٺي من اداس هئو. ننڊ ڪو نه ٿي آئي. سو سوير ئي اٿي ٻاهر نڪري آئي آهيان.“

”اوهو اچو هلو گڏجي واڪ ڪيون ۽ اداسيءَ کي ڀڄايون.“

ٻئي گڏجي واڪنگ ٽريڪ تي هلندا رهيا. دير تائين هلندي هلندي هنن پاڻ ۾ ڪو نه ڳالهايو. پوءِ پاڻ اچي هڪ بينچ تي ويهي رهيا. سج اڀري چڪو هو. ماڻهو پنهنجن گهرن ڏانهن واپس وڃي چڪا ها. پروفيسر پريوش ڏانهن ڏٺو ۽ ڀرسان ئي ٽڙيل گلن ڏانهن ڏٺو. هو اٿيو ۽ اتان هڪ گل پٽي آيو. پريوش کيس ڏسندس رهي پروفيسر ڏاڍي مرڪندڙ پياري اندار ۾ پريوش جي وارن ۾ گل هڻي ڇڏيو. هوءَ کيس عجب وچان ڏسندي ئي رهي.

”سر هي ڇا پيا ڪيو.؟“

”اهو ئي جيڪو منهنجو من گھري ٿو.“

”پر توهان ته اڳواٽ ڪنهن جي وارن ۾ گل هڻي چڪا آهيو.“

”ها اهو سچ آهي پر تون هن جو تسلسل آهين.“

 

(ماھوار روح رھاڻ حيدرآباد جي سيپٽمبر ۲۰۲۴ع واري پرچي ۾ ڇپيل)

No comments:

Post a Comment