فقير، چپل، سيلفي ۽ مان
ننڍڙي ڪھاڻي
جبار آزاد منگي
تمام گهڻن
مھينن کان، هُن کي پيرين اگهاڙو گهمندي ڏسندو هيس، هڪ دفعي اکين مان لڙڪ لارون ڪري
وھي پيا، جو کيس سخت گرمي ۽ تپش ۾ ڏامر جي روڊ تي پيرن کي بچائيندي ڏٺم! تازي پگهار
کيسي ۾ پيل هئي، سوچيم ته خير جو ڪم ڪريان ۽ هن درويش کي هڪ چپل وٺي ڏيان، پر پنھنجي
گهر جو خيال آيو، جن ڀاتين کي سياري جي موڪلن ۾ ملڪ جي مختلف شھرن ۾ گهمائڻ جو واعدو
ڪيو آهي، جنھن لاءِ خرچ گهرجي! ۽ مون فقير کي چپل وٺي ڏيڻ جو خيال دل مان ڪڍي، پنھنجي
اکين مان وهندڙ ڳوڙها اگهندو گهر هليو آيس.