ڇا مطلب؟
ننڍڙي ڪھاڻي
ڪھاڻيڪار: حزب
الله آءِ سومرو
“ڪتا..... تو وٽ آهي؟”
ڪتاب گھر واري کان پڇيم پر ھن ھڪدم
اچي مڪ وھائي ڪڍي. چيائين؛ “تو مون کي ڪتو چيو؟”
چيم؛ ”يار! رسول ميمڻ جي ناول’ڪتا‘
بابت پڇيم ته اھو ڪتاب تو وٽ آهي؟”
چيائين؛ ”نه، اسان وٽ اھو نه
آيو آهي اڃا!”
وري ٻئي بوڪ اسٽال تي آيم، کيس
چيم؛ ”رنڊيء جي ڌيءُ تو وٽ آهي؟”
ڪاوڙ مان چيائين؛ ”تميز سان ڳالھاءِ!”