مائيڪل اينجلو
(ريختہ ڪھاڻي)
ڪھاڻيڪار: گلزار
سنڌيڪار؛ انجنيئر عبدالوھاب سھتو
فلورينس کان آئي، مائيڪل اينجلو کي وري پنج سال ٿي ويا ھيا. روم کان دل کٽي ٿيڻ لڳي ھيس.
”روم ۾ ڪو چھرو ئي ڪو نه ٿو ھٿ اچي. چھري تي ڪو ڪردار ئي نه ٿو نظر اچي. مڙئي ھڪجھڙا ٿا لڳن پيا.“ ھن پوپ جولئس کي ٻڌايو ھيو.
”منھنجي چھري تي تو کي ڇا ٿو نظر اچي؟“ جولئس پڇيو ھيس؛ ”ھڪ ٻرندڙ ميڻ بتي!“
جولئس ٿوري وقفي کان پوءِ مرڪيو. اينجلو جي اُگرين ڳالھين ٻڌڻ جو ھو ھيراڪ ھيو. ”ھا! مون کي ڄاڻ آھي ته تون چوڻ ڇا ٿو چاھين. ھزارين ميڻ بتين ۾ ھڪ ٻرندڙ ميڻ بتي، جنھن کي ماڻھو پوڄا جي وقت گرجا جي آلٽر تي ٻاري ڇڏيندا آھن.“
اينجلو ماٺ ئي رھيو...
”حيرت آ، خدا جي ايڏي وڏي جھان ۾ ھڪڙو چھرو ٻئي سان نه ٿو ملي ۽ تو کي پنھنجي تصويرن لاءِ شڪليون نه ٿيون ملن، ماڊل نه ٿا ملن ۽ چئن مھينن کان تون يھوده جي لاءِ...“
سندس ڳالھ اڌ ۾ ئي رھجي وئي ۽ اينجلو، سينٽ پيٽرز کان ٻاھر نڪري ويو.
پوپ جولئس، اينجلو جي طبيعت کان واقف ھيو. ھيءُ پنجون سال ھيو. پنجن سالن کان اينجلو، سينٽ پيٽرز جي اسٽين چيپل جي قبي ۽ ڀتين تي پراڻي ۽ نئين عھدنامي جا اھم واقعا چٽي رھيو ھيو ۽ ھاڻ پڇاڙيءَ ۾ اچي جولئس، اينجلو سان ڦٽائڻ نه پئي چاھيو. جولئس ٻئي کي ياد ھيو ته اينجلو، چرچ آف ھولي اسپرٽ جي ڪاٺيءَ تي يسوع جو ’ڪرسيفڪس‘ اُڪيريو ھيو. ته ان جو ماڊل، اھو نوجوان ھيو جيڪو ھولي اسپرٽ مونٽيسريءَ ۾ اچانڪ فوت ٿي ويو ھيو.
ھيءُ برمانتي (Bramante) نه ھيو، جيڪو تخيل سان ڪردار پيدا ڪري. انھيءَ ڪري برمانتي جي ڪردارن جا خد خال سدائين ساڳي طرز جا لڳندا ھيا. ميديسي چواڻي؛ ’اھي ساڳئي خاندان جا لڳندا ھيا.‘ برمانتي کي پاسي تي ڪري، کيس وري به اينجلو سان ئي ٺاھ ڪرڻو پئجي ويو ھيو.
پنج سال اڳي جڏھن مائيڪل اينجلو روم کان واپس موٽيو ھيو ته ڪلاڪن جا ڪلاڪ، سينٽ پيٽرز جي قبي ھيٺان ليٽئي پنھنجي منھن پيو ڀڻڪندو ھيو. ڪجھ نه ڪجھ ڳالھائيندو رھندو ھيو. جولئس کي سندس ذھني حالت تي شڪ ٿيو ھيو. ھڪ ڀيري، ھن ويجھو وڃي ڪن ڏئي ٻڌس ته ھو بائيبل جا ڪي واعظ دھرائي رھيو ھيو.
”اھو ڇا ٿو ڪرين، اينجلو؟“
”اون!“ ھن ڇرڪي ڏٺو ھيو پوپ ڏانھن: ”آيتن جون پٽيون پيو کوليان.“
جولئس ٻئي ڄاتو پئي ته ھو ڇا ٿو چوي. انھن، سرن ۽ گاري مان، چوني سان ٺھيل ڀتين ۾ ھو چھرا ڳولي رھيو ھيو. يسوع جو چھرو، مريم جو چھرو، پطرس، يوحنا ۽ يھوده جو چھرو. اھي جن جو ھڏ-ماس جا پير ته نظر آيا پئي، ليڪن چھرا بائيبل جي آيتن ۾ ويڙھيل ھيا.
جبريل جي صورت جا ڪئي خاڪا، ھن ڪاغذ تي ٺاھيا ھيا. جولئس پڇيو ھيس؛ ”جبريل جو خاڪو ڪيئن ٺاھيو تو؟ اھو ته ھن خاڪي دنيا مان آھي ئي نه.“
”سندس آواز ٻڌو ھيو. پراڻي عھدنامي مان.“
”ته پوءِ خدا جو آواز به ٻڌو ھوندو تو!“ جولئس مذاق ڪئي ھيس.
”ان جي خاموشي ٻڌي ھئي.“
جولئس کي پڪ ٿي وئي ھئي ته ھن صحيح مصور جي چونڊَ ڪئي آھي. ”ٿِڙيل آ.“ ھن ’ويٽيڪن‘ ڪاميٽيءَ کي چيو ھيو؛ ”ليڪن اسٽين چيپل جي سڃاڻ فقط ھيءُ ئي ڪرائي سگھي ٿو.“
مريم جو ماڊل، اينجلو پنھنجي امڙ منجهئون چونڊيو ھيو ۽ ان ڏينھن چونڊيو ھيو جنھن ڏينھن ھن پنھنجي امڙ کي ھڪڙي بانس تي پاڻيءَ جا ٻه ڏول لڙڪائي، ڪلھن تي کڻي ھلندي ڏٺو ھيو. اھڙي ئي ڪا سگھي عورت ھوندي، جنھن نبيءَ جو ٻوجھ پنھنجي ڪُکِ ۾ کنيو ھوندو. باھ ٻاريون جڏھن سندس امڙ، سندس پيءُ جي وھنجڻ لاءِ پاڻي گرم ڪري رھي ھئي ته ھن وڏي غور سان امڙ جو چمڪندڙ چھرو ڏٺو ھيو. باھ جي ڄِڀين پويان ٽمڪندڙ، ڳاڙھو، گرم ڪندن وانگي تتل چھرو... ڪاڳر تي ھن گھڻيئي اسڪيچ ٺاھيا ھيا، سندس چھري جا.
ان رات چلھ آڏو ويٺل امڙ کي چيو به ھيائين؛ ”تو يسوع کي ڄڻيو ڇو نه؟“
”ان ڪري جو تنھنجو پيءُ ملي ويو ھيو. ھو ڏس! شراب پيتيون ڌُتِ لڳو ڪريو پيو آھي. وڃي سنڀالينس.“
پنھنجي پيءُ کي ڏيکارڻ لاءِ، ھن ان وقت ئي ھڪڙي پاٺي تي وڏيٽڙو اسڪيچ ٺاھي، سندس پلنگ تي لڙڪائي ڇڏيو ته جيئن ھو به ڏسي وٺي ته پيئڻ کان پوءِ ھو ڇا ٿو لڳي. ھيٺئون لکيو ھيائينس؛
”بابا! جي تون ھيئن نه ھجين ھا ته امڙ، مريم ھجي ھا.“
ليڪن سندس امڙ کي اھو اسڪيچ ڏاڍو وڻيو ھيو. سدائين پاڻ وٽ رکيائين. پڇاڙيءَ تائين کيس چوندي رھي؛
”اھڙو ئي ھڪڙو بت ٺاھ نه پيءُ جو. ڏاڍو معصوم ٿو لڳي.“
۽ ھيءُ سدائين اھو چئي ٽاريندو رھيو...؛
”ڪو سنگ مرمر ئي نه ٿو ملي، جنھن جو ڪردار منھنجي پيءُ سان ميچ ٿيندو ھجي.“
اھا گھڻا سال اڳي جي ڳالھ آھي. تن ڏينھين ھو، بولوگنا ۾ رھندا ھيا. گھٽيءَ جي موڙ وارو پب، سندس مخصوص اڏو ھيو ۽ اھو اڏو سندس پيءُ جو ھيو. پيءُ مئخاني جي اندر ويھي پيئندو ھيو ۽ اينجلو بوتل وٺي، پب جي ٻاھران اچي ويھندو ھيو. آڏو ويٺل ٺيلھي واري کان ورائي ورائي، گرم گرم بيھي مڱ، وٺي پيو کائيندو ھيو. ٺيلھي وارو جيترا ڀيرا بيھي مڱ توريندو ھيو، ٿورا داڻا ٺيلھي کان ھيٺ زمين تي ڪري پوندا ھيا، جيڪي سامھون بيٺل ھڪڙو اگھاڙو ڇوڪرو ھر ڀيري کڻي، ٿالھ ۾ واپس رکندو ھيو ۽ ھڪڙو داڻو وات ۾ پڻ وجھندو ھيو ۽ وري اڳئين گراھڪ جو انتظار ڪندو ھيو. انھيءَ رونشي جي ڏسڻ لاءِ ھي ورائي ورائي بيھي مڱ خريد ڪندو ھيو. انھيءَ ٻار جا گھڻا ئي خاڪا ٺاھيا ھيائين ۽ گھڻن سالن پڄاڻان ’ميڊونا آف برجيس‘ جو بت ٺاھيائين ته ننڍڙي يسوع جي لاءِ انھيءَ ٻار جو ماڊل استعمال ڪيو ھيائين. ننڍڙو اگھاڙِڙَو يسوع.
اھي ساڳيا ئي ڏھاڙا ھيا، جڏھن پھريون ڀيرو مائيڪل اينجلو کي پوپ، سينٽ پيٽرز جي اسٽين چيپل ۾ پراڻي ۽ نئين عھدنامي جون تمثيلون چٽڻ جي لاءِ چيو ھيو. اينجلو صرف ان ڪري ملاقات لاءِ روم پھتو ھيو جو اٽليءَ جو ھر مصور ۽ سنگ تراش، ساڳئي ڪم لاءِ پنھنجي سر ڌڙ جي بازي لڳائڻ لاءِ تيار ھيو. تواريخ ۾ لافاني ٿي وڃڻ لاءِ، ھيءُ ھڪڙو ڪم ئي ڪافي ھيو. ليڪن مائيڪل اينجلو لاءِ لافاني ٿي وڃڻ ئي ڪافي نه ھيو. ھن فاني حياتيءَ لاءِ پڻ ھن جا ٿورا شرط ھيا. کيس سنگ مرمر جي لاءِ پئسن جي ضروت ھئي. پوپ جولئس ٻئي، واعدو ته ڪيس، ليڪن پئسا ڏنائينس ڪو نه.
”تو کي پٿر سان ايڏي دل ڇو آھي؟ رنگن سان ڇو ڪونھي؟“
”رنگ، ٻين سان ملي پنھنجو رنگ ڇڏي ويندا آھن. ڦري ويندا آھن. سنگ مرمر، ائين ناھي ڪندو.“
پر ھاڻي ھو رنگن مان پڻ اوترو ئي بيزار ٿيو ھيو، جيترو روم مان!
چار مھينا گذري چڪا ھيا. چيپل جي چٽسالي، ھاڻ آخري حصي تائين پھچي وئي ھئي. ھن عيسيٰ جو ’لاسٽ سپر‘، چٽڻ چاھيو پئي. ليڪن ھر ڀيري سندس تخيل ھڪ ئي چھري تي اچي خالي ٿي پئي ويو. يھوده! عيسيٰ جو تيرھون شاگرد، جنھن سون جي ٽيھن ٽڪرن عيوض، پنھنجي پير مرشد کي رومين حوالي ڪيو ھيو. صليب تي چاڙھائي ڇڏيو ھيائينس.
جولئس ٻئي جي اُڻ تُڻ، پڻ وڌڻ لڳي ھئي.
اينجلو به سڄو سڄو ڏينھن ڪاڳر پيو ڪارا ڪندو ھيو. پراڻا اسڪيچ ڪڍي، انھن کي ڦلھوريندو ھيو، مٿن ڪم ڪندو ھيو، ليڪن ڪنھن چھري مان به تسلي نه ٿيندي ھيس.
۽ ھڪ ڏينھن اوچتو، روم جي ھڪڙي ننڍڙي ۽ گندي پب ۾ کيس يھوده ملي ويو. گھرج کان وڌيڪ چمڪندڙ اکيون، اٻھرو، ڦڙت، ورائي ورائي ھيڏانھن ھوڏانھن پيو ٿڪون اڇليندو ھيو. عمر کان اڳي ئي منھن جي منجي موڪري ٿي وئي ھيس. ڳالھائيندو ھيو ته لفظ ايڏو تڪڙا نڪرندا ھيس، جيئن کيسي ڦاٽڻ سان سمورا سڪا يڪساھيءَ ڪري پوندا آھن. ھڪڙي دينار جو ريزو وٺڻ آيو ھيو اينجلو وٽان ۽ سندس بوتل جو ڀاڱي ڀائيوار ٿي ويو ھيو. اينجلو جڏھن ٻاھر نڪري رھيو ھيو ته ھو ڪنھن ٻئي کان دينار جو ريزو گھري رھيو ھيو.
اينجلو کيس پاڻ سان چيپل ۾ ورتيون آيو، سودو طئي ڪرڻ لاءِ. ۽ کيس ٻڌايائين ته پاڻ ڇا پيو ڪري. کيس يھوده جي شڪل ۾ چٽڻ ٿو چاھي. ھو لافاني ٿي ويندو. کيس چادرون ھٽائي ھٽائي سڄي ڀت ۽ ڇت ڏيکاريائين. ھو وائڙو ٿي سڀ ڪجھ ڏسندو رھيو. پوءِ پنھنجي انھيءَ خدمت لاءِ چڱا خاصا پئسا گھريائينس، جيڪي اينجلو ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويو. ھو ڪجھ ڏينھن باقاعده ايندو رھيو چيپل ۾. اينجلو کيس ڊرائينگ روم ۾ پڻ سڏائيندو ھيو. ھڪ ڏھاڙي اينجلو جا پراڻا اسڪيچ ڦلھوريندي، ھن ’بولوگنا‘ جي ٻار بابت پڇيس؛
”ھيءُ ٻار ڪير آ؟“
”بولوگنا ۾ رھندو ھيو. گھڻا سال اڳي جي ڳالھ آھي. ان کي ننڍڙي يسوع جي صورت ڏني ھئي مون.“
”ان جو نالو ياد آھي تو کي؟“
”ھا! مارسولني!“
ھو ھمراھ مرڪيو. پنھنجي قميص جو ٻانھونٽو مٿي ڪيائين. ٻانھن تي اڪريل نالو ڏيکاريائينس؛
’مارسوليني.‘
”مان اھو ئي يسوع آھيان، جنھن کي تون ھاڻي يھوده چٽي رھيو آھين.“
(’دھوان‘ تان ترجمي سان کنيل)
No comments:
Post a Comment