Monday, January 6, 2025

بختاور مکيءَ جي ناول جو جائزو ۽ اڀياس

بختاور مکيءَ جي ناول جو جائزو

ناول جو اڀياس

اڪبر لغاري



هِي ناول ان دور جو قصو آهي، جڏهن انگريزن، مکي ٻيلي کي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. مکي ٻيلو، اتي صدين کان رهندڙ ماڻهن، جانورن، پکين ۽ جيت جڻين جي آماجگاهه ۽ آسائش سان گڏ، هزارين خاندانن ۽ انهن جي چوپائي مال جي گذران جو ذريعو هو. هتي رهندڙ ماڻهن جي ثقافتي زندگيءَ جو بنياد ۽ محور سندن مال متاع تي هو. جيڪڏهن مينهيون، ڍڳيون، ٻڪريون ۽ رڍون خوش ته انهن تي گذران ڪندڙ ماڻهو به خوش. مکي ٻيلي ۾ مال لاءِ گاھ پٺي سان گڏ، ڳوٺاڻن جي اجهي اڏڻ لاءِ ڪاٺ ۽ ڪک پن سان گڏ، ٻيو به گھڻو ڪجھ هو.

ڳوٺاڻن جي سادي زندگي، جنهن ۾ سڪون ۽ باهمي احترام سان گڏ، جھيڙا جھٽا، چوريون چڪاريون ۽ انهن جون ڇيڙيون نبيريون به هيون، جيڪي زرعي ۽ مالوند سماج جون حصو هونديون آهن. سڀ ڪجھ ٺيڪ هلي رهيو هو پر جڏهن ڌاڙيلن جو آزار وڌيو ته انگريزن، مکي ٻيلي کي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.


ناول جي مُک ڪردار بختاور کي ٻه پٽ هئا: هڪ جمعو ٻيو عثمان. جمعو مينهيون چاريندو هو ۽ عثمان اسڪول ويندو هو. جمعو طبيعت جو تيز هو ۽ ننڍي ڀاءُ کي مارڪٽ به ڪندو رهندو هو، جنهن تان ڪاوڙجي، عثمان هڪ ڏينهن گھر ڇڏي هليو ٿو وڃي ۽ ناتجربيڪاريءَ سبب، خرڪارن جي ور چڙهيو وڃي. جمعو ماءُ سان به هر وقت جھيڙو ڪندو رهي ٿو ته هُوءَ سندس شادي ڇو نٿي ڪرائي. ڳوٺ ۾ جعفر نالي هڪ وڏيرو به هوندو آهي پر زرعي سماج واري وڏيري جي ابتڙ، هِي وڏيرو، اوڙي پاڙي وارن جو ٻانهن ٻيلي ۽ همدرد آهي. سادي طبيعت وارو هي وڏيرو به صرف چوپائي مال تي گذران ڪندو آهي.

ٻيلي واري زمين، الاٽ ڪرڻ لاءِ جڏهن ڪليڪٽر، کلي ڪچهري منعقد ڪري ٿو ته، اتي جعفر جي ڳوٺ وارا به اچن ٿا. اهي زمين وٺڻ بجاءِ، ڪليڪٽر کي ٻيلو بحال ڪرڻ لاءِ زور ڀرين ٿا. صرف بختاور زمين لاءِ درخواست ڏي ٿي. گھڻيون زمينون پنجاب کان گھرايل آبادڪارن کي الاٽ ڪيون وڃن ٿيون، جيڪي پنهنجي ٻنيءَ مان ڪنهن کي گذرڻ جو گس به نٿا ڏين. سندن رهڻي ڪهڻي، اُٿڻ ويهڻ ۽ ڳالهائڻ ٻولهائڻ پڻ مقامي ماڻهن کان مختلف آهي. عثمان کي، سومار جنائي، خرڪارن وٽان آزاد ڪرائي، ڪنهن سيٺ وٽ نوڪري وٺي ڏي ٿو. عثمان جي شادي، جمعي جي دوست ڦتوءَ جي نياڻي ڀاڳل سان طئه ٿئي ٿي ته هڪ رقيب به پيدا ٿي ٿو پوي. ڀاڳل جو سئوٽ ۽ ساڻس شاديءَ جو اميدوار خُدن، عثمان تي حملو ڪري ٿو پر عثمان جي حياتي بچي وڃي ٿي.

ٻيلي ختم ٿيڻ سان، هڪڙا مالوند ماڻهو مال کپائي ڇڏين ٿا ته ڪي ٻيا وري لڏي ٻئي پاسي هليا وڃن ٿا. مالوندن سان گڏ، اتان جا جھنگلي جانور ۽ پکي پڻ لڏي هليا وڃن ٿا. ڌاڙيلن جو آزار به خودبخود ختم ٿي وڃي ٿو. وڏي سماجي ۽ ثقافتي تبديلي اچي ٿي، مالوند سماج بدلجي زرعي سماج بنجي پوي ٿو. بختاور سئو سالن جي ٿي وڃڻ کان پوءِ، کٽ ڀيڙي ٿي وڃي ٿي. عثمان کي هڪ پٽ پيدا ٿئي ٿو ۽ آخر ۾ کيس ٽي بي ٿئي ٿي، جنهن سبب هو گذاري وڃي ٿو. جمعي کي، ڀاڳل سان شادي ڪرڻ لاءِ چون ٿا پر هو انڪار ڪري ڇڏي ٿو. ائين هن ڪهاڻي جو اختتام ٿئي ٿو.

هن ناول ۾ مصنف جتي ٺيٺ مقامي ٻولي استعمال ڪئي آهي، اتي مقامي يا سنڌي ثقافت جي ذيلي شاخ، “مالوند سماج ۽ ثقافت” (Cattle Grazing Society & Culture) جي به متاثر ڪن عڪاسي ڪئي آهي. جنهن لاءِ، مصنف جس لهڻي. جھنگ جهر ۾ استعمال ٿيندڙ ٻولي، ان جا استعارا ۽ تشبيهون، نڙ بيت، ڌنارن جون ڪچهريون، مال جون بيماريون ۽ انهن جا علاج، ملاکڙا، ٻيلهاڙا، چوريون چڪاريون، محبتون، رقابتون، تعويذ ڪرائڻ، جنن کان ڊڄڻ، بدي جي شادين جون بد رسمون، ڪڪڙن جو خفت، جوا، خانه بدوش عورتن سان عشق ۽ سرنديءَ وارن جي انهن سان عياشي وغيره جا قصا ايتري تفصيل ۽ چٽائي سان بيان ڪيل آهن جو پڙهندڙ کي لڳي ٿو ته هو اتي پاڻ موجود آهي.

هن ناول جو اصل جوهر آهي ٻيلي ڪٽجڻ جو درد، جنهن جو نه ڪو درمان ٿي سگهيو ۽ نه ئي ڳوٺاڻن وٽ ان کي منهن ڏيڻ جي ڪا طاقت هئي. انهن جي وس ۾ صرف پنهنجي بيوسي جو اظهار هو. هو پنهنجن انهن پٽن ۽ مال جي گذرگاهن کي بس حسرت سان ڏسندا رهيا جن تي هاڻي ڌاريا اچي آباد ٿيا هئا. انهيءَ درد جي عڪاسي، مصنف سٺي نموني ڪئي آهي.

هي ناول، مصنف جي نيڪ نيتي، ٻولي ۽ ثقافت جي ڀرپور عڪاسي هئڻ سان گڏ، فني خامين جو به ڀنڊار آهي، جنهن تي مصنف لڳي ٿو ته ٿورو به توجهه نه ڏنو:

جڏهن عثمان، ڪيئي سال گذارڻ کان پوءِ، خرڪارن وٽان آزاد ٿيو ته هو فورن ڳوٺ ڇو نه ويو؟ هو وري سال ٻن تائين مزدوري ڪندو رهيو! اهو انساني فطرت جي خلاف آهي. جمعي جي پنهنجي ماءُ ۽ ڀاءُ سان کِٽ ڦٽ ۽ منهن ماري تقريبن پندرهن ويھ دفعا، ساڳين ساڳين جملن سان ورجائي وئي آهي، جيڪا بيحد بور ڪري ٿي.

روشن خيال مصنف جو ڪم آهي ماڻهن کي توهم پرستي مان ڪڍڻ پر هتي مصنف خود توهم پرستي ۾ بري طرح مبتلا آهي.

صفحي ۱۰۲ تي پڙهجي ٿو ته سومار جنائي، عثمان جي فرمائش تي جنن کي حڪم ٿو ڪري ته اهي انڊيا مان، الائچي جي ٽاري پٽي کڻي اچن ٿا، جنهن مان تازي خوشبوءِ پئي اچي ۽ ٻه ننڍڙا ۽ سنهڙا هٿ ظاهر ٿين ٿا جيڪي اها ٽاري عثمان جي حوالي ڪن ٿا. ڪيڏي مهل، جن هنن لاءِ ٿڌي پاڻيءَ جو جڳ کڻي اچن ٿا. هن قسم جي توهم پرستانه سوچ تي افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو، جنهن جي توقع ڪنهن روشن خيال ۽ جديد مصنف کان نٿي ڪري سگهجي.

پهرين بختاور کي عثمان جي شادي جي تڪڙ آهي پر مڱڻو ٿيڻ کان پوءِ کيس اها ڳالھ ڄڻ ته وسري ٿي وڃي. مڱڻو انگريزن جي دور ۾ ٿيو، تنهن کان پوءِ ٻنيون الاٽ ٿيون، ڌاريا آيا، جھنگ وڍي آباديون ڪيائون، پاڪستان ٺهيو، انڊيا کان ماڻهو هجرت ڪري آيا پر شادي جو نالو ئي نه! آخر ۾ اهو ڏيکاريل آهي ته بختاور سئو سالن جي آهي ۽ عثمان جو پٽ اڃا ننڍڙو ٻار آهي ته عثمان جو انتقال ٿئي ٿو. ان وقت، هڪ اندازي موجب، جمعي جي عمر ۷۵ کان ۸۰ سالن جي وچ ۾ هئڻ گھرجي پر تاثر اهو ٿو ڏنو وڃي ته ڄڻ ٻئي پٽ اڃا جوان آهن، ڇو ته جمعي کي پنهنجي ڀاڄائيءَ سان شادي ڪرڻ لاءِ چيو وڃي ٿو. لڳي ٿو مصنف، وقت جو ڪو حساب رکيو ئي ناهي.

جڏهن ڌاڙيلن جو آزار هو ته، مصنف لکي ٿو ته صوبيدار، ڳوٺاڻن کي بندوقون موڪلي ڏنيون ته هو ڌاڙيلن سان مقابلو ڪن! اها اڻ ٿيڻي ڳالھ آهي. جيڪڏهن بندوقن جي لائسنس جي ڳالھ هجي ها ته کڻي مڃجي ها. بختاور جي گھر ۾ کاٽ لڳي ٿو ته، بختاور کي خواب ۾ “باڇا پير” اچي کيس چوري بابت ٻڌائي ٿو! انهيءَ توهم پرستي جو ڪهڙو علاج ٿي سگهي ٿو!! مصنف بار بار لکي ٿو ته انگريزن ٻيلو سڪائڻ لاءِ، ان جو پاڻي بند ڪيو.

ٻيلو ڪو فصل ته ڪونهي جو ان جو پاڻي بند ڪبو ته سڪي ويندو. انهيءَ کي مشاهدي جي زبردست ڪمي ئي چئي سگهجي ٿي، ڇو ته نهري پاڻي بند ڪرڻ سان ٻيلو ڪڏهن به نه سڪندو. جيڪڏهن پنجن سالن ۾ رڳو هڪ دفعو به بارش پوي تڏهن به ٻيلو سلامت رهندو. هڪ ڏينهن بختاور مال چارڻ وئي، سج بيٺي موٽي آئي، پوءِ ڏاٽو کڻي، گھوڙي تي چڙهي ٻني تان گاھ ڪرڻ وئي جيڪا پنج ڇھ ڪوھ پري هئي. پنجن ڪوهن ۾ ۱۶ ڪلو ميٽر ٿيندا آهن. ڇا هي ممڪن آهي؟

مشاهدي جي ڪمي ته جا بجا نظر اچي ٿي. مثلن: “پيرو، ڊڊي تان لهي، ڪانڀ ڪڍي ماني کائڻ لڳو”. اول ته ماني کائڻ مهل ڪانڀ ڪڍبي نه آهي، ڇو ته ائين ماني کائڻ انتهائي مشڪل ٿي ويندو. ٻيو ته پيرو ٽنگن کان معذور آهي. هڪ معذور لاءِ، اهو ممڪن ئي ڪونهي ته هو ڪانڀ ڪڍي ويهي، ڇو ته ڪانڀ ڪڍي ويهڻ سان ٽنگن تي زور پوي ٿو.

مصنف ٿورو تاريخ جو مطالعو ڪري ها ته، کيس انگريزن طرفان، مکي ٻيلي کي ختم ڪرڻ جي اصل ڪارڻ جو پتو پوي هئا. مکي ٻيلو، حر مجاهدن جي محفوظ پناھگاهه هئي. نه صرف ايترو پر اتي ابو پوٽا به رهندا هئا، جيڪي هٿيار ٺاهڻ جا وڏا ڪاريگر هئا، جيڪو فن هنن کي ٻن سِکن سيکاريو هو، جيڪي پورچوگيزن جي فوج ۾ رهي چڪا هئا. اهي هٿيار، حرن کي ڪم ايندا هئا. ڌاڙيلن جو ته بهانو هو، انگريزن کي اصل ۾ حرن جو مضبوط ٿاڪ ختم ڪرڻو هو.

فني خاميون پنهنجي جاءِ تي پر، علامتي طور ڏسجي ته هن ناول ۾ پنهنجي ڌرتي پيرن هيٺان کسڪڻ جو گھرو درد سمايل آهي. مکي ٻيلي جي ياد ڏياري، مصنف شايد، اهو چوڻ ٿو چاهي ته جيڪڏهن قوم هٿ تي هٿ رکي ويٺي رهي ته، ان سان به اهڙو ئي حشر ٿيندو جيڪو مکي جي مالوندن سان ٿيو.


(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲۱ نومبر ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)



بختاور مکيءَ جي 

ھڪ خوبصورت ناول‏ - هڪ خوبصورت چِٽُ

منوج ڪمار

“ماڻھو جي طاقت جي خلاف جدوجھد، يادگيري جي ويسارپ خلاف جدوجھد آھي.” - ٽھڪن ۽ ويسارپ جو ڪتاب، ميلان ڪنڊيرا.

ادب بنيادي طور تي آھي ئي ويسارپ خلاف جدوجھد. ڪونئرا احساس، بدلجندڙ منظر، جيءُ جهنجهوڙيندڙ واقعا، لمحاتي ڪيفيتون، دٻيل خواھشون، بي اظهارمحبتون، بي پناه نفرتون، اڻ ميا عذاب، يڪي سڪ، ڇنال سپنا، گونجندڙ ٽھڪ، خاموش سڏڪا، اڻکٽ جدوجھد....۽ اھو سڀ جيڪو وقت جي ويرن ۾ لڙھيو وڃي ۽ جيڪو ويسارپ جي پولارن ۾ گم ٿيو وڃي تن کي لفظن ۾ سانڍي، ايندڙ نسل لاءِ محفوظ ڪرڻ جو نالو ئي ادب آھي. ادب آھي ئي تخليق جي مسيحائي سان مئل وقت کي وري جيئرو ڪرڻ جو نالو. 

منظور ملاح جو ناول “بختاور مکيءَ جي” به اهڙي ويسارپ خلاف يادگيري جي جدوجھد آھي. منظور پنهنجي تخليقي سگهه سان مُکي ڍنڍ جي آس پاس وسيل انهيءَ سموري تهذيب کي وري جيئرو ڪيو آهي جيڪا تهذيب پنهنجن جي لاپرواهي ۽ پراون جي سازشن سبب گم ٿي وئي. منظور ڪنهن ماهر مصور جيان ان تهذيب کي ايتري ته پيار ۽ مهارت سان چٽيو آهي جو انهيءَ چِٽ ۾ مُکي جا وڻ، ٻوٽا، جانور، راتيون، ڏينهن، رنگ، سڳنڌ، شيل، شڪار، ريتون، رواج، هيرون، جهولا، ڪردار ۽ ڪهاڻيون اسان جي اڳيان پنهنجي پوري جوڀن سان جاڳي پيا آهن.

 منظور جي ناول ۾ منظر نگاري جي سونهن سان گڏ سندس ٻولي جي حسناڪي به شامل آهي. اهي لفظ ۽ آواز جن جي چاشني کان سنڌي ادب هاڻ محروم ٿيندو پيو وڃي تن کي منظور پنهنجي هِن ناول جي آکيري ۾ پناه ڏني آهي. هن ناول جي ٻين ڪردارن وانگر، منظور جي ٻولي به هن ناول جو هڪ ڪردار آهي جيڪا هر سٽ ۾پنهنجي سگهاري وجود جو احساس ڏياري ٿي. 

هيءُ ناول انتهائي جاندار ۽ فطري ڪردارن سان آباد آهي. ڪو به ڪردار ناول جي ڪهاڻي ۽ ان جي مجموئي سٽاءُ کان ٻاهر ناهي. ڪردارن جي ٻولي ۽ سندن مزاج جي باريڪين کي منظور انتهائي فنڪارانه انداز سان چٽيو آهي. ڪتاب جو مکيه ڪردار بختاور سنڌ جي ميسارجي ويل قدرن جو نشانبر آهي. اها سنڌ جنهن ۾ عورت پوري سگهه ۽ سنمان سان سماج ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي هئي، هيءُ ناول انهيءَ سنڌ جو عڪاس آهي. عورت واد تحريڪ جن قدرن جا مثال اولهه جي سماجن مان ڳولهڻ جي ڪوشش ڪري پئي، اهي قدر سنڌي سماج جا هزارن سال کان حصو رهيا آهن. هيءُ ناول انهن قدرن جو ساکي آهي.

پر جتي “بختاور مکيءَ جي” هڪ خوبصورت چِٽُ آهي ته اتي اهو ڪرب ناڪ الميي جو نوحو به آهي. هيءُ نوحو اسان کي ٻڌائي ٿو ته ڪيئن سنڌ جي شاهوڪار ماحوليات هٿ وٺي تباهه ڪئي وئي. هيءُ نوحو بيان ڪريو ٿو ته ڪيئن سنڌ جي ٻهراڙين جو حسناڪيون سياسي نادانين ۽ حرص جي حرفتن جو شڪار ٿي ويون. هيءُ نوحو اهو ورلاپ ڪري ٿو ته سنڌ جي برداشت، ميٺ، محبت، عدم تشدد ۽ درگذر جي قدرن کي ڏاڍ وارن ڪيئن تباهه ڪيو. 

منظور ملاح عالمي ادب جي انتهائي وڏو پاڙهو آهي. هن ناول مان جتي سندس ناول جي ٽيڪنيڪ تي عبور ۽ لکڻ جي ڏانءُ سان واقفيت جي خبر پئي ٿي اتي سندس گهري مشاهدي جا به نشان ملن ٿا. مونکي يقين آهي ته منظور جي هيءُ ناول سنڌي ادب ۾ پنهنجي جوڳي جاءِ والاريندو.


(ڏھاڙي ڪاوش حيدرآباد جي ڪاوش دنيا ۾ آچر ۷ جولاءِ ۲۰۱۹ع تي ڇپيل)



بختاور مکيء جي ناول جو اڀياس

ڪتاب جو نالو: بختاور مکيء جي

صنف: ناول

ليکڪ: منظور ملاح

ڇپائيءَ جو سال: ۲۰۱۹ع

تبصرو: نواز ڪنڀر

ناول ’مکيءَ جي بختاور‘، رڳو ناول ئي نه پر ھڪ دؤر جي ھٿ وٺي برباد ڪيل قدرتي نعمتن سان مالا مال سنڌ جي منفرد علائقي ’مَکيءَ‘ جي پوري تاريخ آھي، جيڪا ڏاڍي ڏکوئيندڙ آھي! جنھن ۾ مکي جي شاندار ڪلچر، مال وندن جي ماحول، انھن جي اُٿڻي ويھڻي، شادي مُرادي کان وٺي ٻار ڄمڻ تائين جي سنئوڻن ساٺن ۽ ان موقعي تي استعمال ٿيندڙ مختلف شين، مکيءَ جي پکين، جانورن، گاھه ٻوٽن، مختلف دڙن، ڀٽن ۽ ڍنڍن جي ڄاڻ به شامل آھي. جنھن ۾ انگريز مارشلا دوران ماڻھن سان پيش آيل ڪن واقعن جو به ذڪر پڻ بيان ڪيل آھي، پر ڪافي مختصر ۽ گھڻي حد تائين اشارتاً! انھي حوالي سان حقيقتون تمام گھڻيون ۽ ڏاڍيون تلخ آھن، جن تي سانگهڙ جي مخصوص ادبي ۽ صحافتي ماحول سبب تمام گھٽ لکيو ويو آھي. پيارو منظور ملاح ان پاسي رڳو مکي جا ئي ڪجھه وڌيڪ مثال ڏي ھا، جيڪي سندس آس پاس ٽڙيا پکڙيا پيا ھئا ته ھي ناول ڪنھن حد تائين يڪ طرفه لکيل ’سانگهڙ‘ ناول جو سُٺو ’جوابه شڪوه‘ ٿي پئي سگھيو! ان کان علاوه مکي شروع ۾ ڪيئن سُڪائي وئي، پوءِ ڪيئن ان جا ڀاڱا ڪري، ورھائي وئي، اھا سڄي ڪھاڻي به ڪمال ڪاريگري سان ھن ناول ۾ پيش ڪئي وئي آھي، جنھن ۾ ليکڪ اھا تلخ حقيقت به ٻڌائي آھي ته مقامي ماڻھن جي اڪثريت دورانديشي کان ڪم نه ورتو ۽ زمينون وٺڻ کان جواب ڏنو، سواءِ بختاور جي! ۽ پوءِ ان جو نتيجو به سڀني ڏٺو ۽ ڀوڳيو، بلڪه اڃا به ڏسون پيا ۽ ڏسندا به رھنداسين!! اھڙي طرح ’پادري ڳوٺ‘ جي پادرين توڙي اُتي جي نرسن جو تاريخي ڪردار پڙھندي، پڙھندڙ اھو ضرور سوچيندو ته اسان جي ’پنھنجن‘ جو ان دوران ٻين مقامي ماڻھن سان ڪھڙو رويو ۽ سلوڪ ھو، ۽ ست ڌارين جو ڏُکي سُکي ۾ ڪھڙو ڪردار ھو! مکي مان واڻين جي موڪلاڻي ۽ سندن جاءِ تي نئون ماڻھن جي اچڻ ۽ ان کان پوءِ جي ماحول کي به ڏاڍي سُٺي نموني بيان ڪري، ناول جي تاريخي حيثيت کي اڃا به وڌايو ويو آھي. 

ڪردارنگاري جي حوالي سان، ھڪ ئي گھر جي ٽن مختلف مزاجن جي فردن جي ڪردار کي به واھه جو نڀايو ويو آھي. جتي بختاور جي ’مُڙس ماڻھو‘ واري ڪردار کي خوبصورتيءَ سان بيان ڪيو ويو، اُتي جمعي جو ڪردار به واھه جو پينٽ ٿيل آھي. عثمان جو ڪردار جيتوڻيڪ ڪجھه مختصر آھي، پر ھو ڄڻ ته نئين دور جو ھڪ مثالي نوجوان آھي، جتان تبديلي جي شروعات ٿئي ٿي، جيڪا وقت جي ضرورت ھئي، پر ان طرف اڪثريت ڌيان نه ڏنو ۽ پوءِ ان جا تلخ نتيجا به ڀوڳيا. اھڙي طرح مصري جو ڪردار، حُر مارشلا دوران ھتي ’پنھنجن‘ ۽ ’پراون‘ ۾ ھلندڙ عام جام چغلن جي ڪاروبار جي ڪھاڻي بيان ته ڪري ٿو، پر ان ۾ ڪافي ’تشنگي‘ رھجيو وڃي، ۽ اُتي ليکڪ ڪجھه مصلحتن جو جو شڪار ٿيندي نظر اچي ٿو! ان کان علاوه جنن ڀوتن جو ذڪر به ڏاڍي دلچسپ انداز ۾ ڪيو ويو آھي. جيڪو ذڪر اڄ به سنڌ جي ھر ڳوٺ ۾، ڪنھن نه ڪنھن نموني ضرور ملي ٿو. ڳوٺاڻن پاران شڪارين جي گھرن ۾ ’شڪار‘ ڪرڻ جي دلچسپ قصن کان وٺي، ڳوٺاڻن جي محبوب مشغلي ڪڪڙ وڙھائڻ ۽ ان تي جُوا رھڻ وارو ذڪر به ڏاڍو حقيقي ۽ دلچسپ آھي، جيڪو لکيڪ جي شاندار مشاھدي جي عڪاسي ڪري ٿو. ليکڪ ناول ۾ جيڪا نج نبار مکيءَ جي ٻولي استعمال ڪئي آھي، ان جي کوڙ سارن لفظن جي معنيٰ جي ته ھينئر گھڻن کي خبر ئي ڪونه ھوندي، ڪجھه سالن بعد ته پڙھندڙ وڃي لغت جاچيندا. 

اھي سڀئي ڳالھيون هن ناول کي سنڌي ادب ۾ ھڪ منفرد حيثيت ڏيارين ٿيون. ان ڪري جڏھن به سنڌي ادب ۾ سُٺن ۽ منفرد موضوعن تي لکيل ناولن جي ڳالھه نڪرندي ته، ’مکيءَ جي بختاور‘ ناول جو ذڪر به ضرور ايندو.


(بڪ رويو فيسبڪ صفحي تي ۲۱ جولاءِ ۲۰۱۹ع تي رکيل پوسٽ)

 


منظور ملاح جو ناول “بختاور مکيءَ جي” تي هڪ نظر

زاهد راڄپر

هڪ دور هو جڏهن سنڌيءَ ۾ چند ليکڪن جا ناول پڙهڻ لاءِ ملندا هئا يا وري انگريزي ۽ اردو ناولن جو سنڌي ترجمو پڙهڻ لاءِ ملندو هو. پر هاڻي سنڌ ناول جو دور مٽجي رهيو آهي ۽ سنڌي ۾ هاڻي تمام خوبصورت ناول لکجي ۽ پڙهڻ لاءِ ملي رهيا آهن. اهڙن خوبصورت ناولن مان ليکڪ منظور ملاح جو ناول “بختاور مکيءَ جي” سانگهڙ جي پياري دوست عظيم رونجهي وٽان تحفي ۾ ناول سانگهڙ ضلع جي علائقي مکي ڍنڍ جي پس منظر ۾ لکيل آهي. جنهن ۾ ناول نگار مکيءَ جي معاشي، سماجي ۽ نج ڳوٺاڻي زندگيءَ کي خوبصورتيءَ سان ظاهر ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي ۽ انهيءَ ڪوشش ۾ هو ڪامياب به ويو آهي. ناول ٽن خاص اهم ڪردارن بختاور ان جي پٽن جمعي ۽ عثمان جي چوگرد ڦري ٿو جڏهن ته باقي ٻين ڪردارن ۾ وڏيرو جعفر جنهن جي نالي سان مکيءَ ۾ ڳوٺ آباد آهي. ان جي زال جادل، جمعي جو يار فتو، فتوءَ جي ڌي ڀاڳل ۽ پيروءَ جي ڪردارن جي به پنهنجي اهم حيثيت آهي. ناول بختاور جي گهر کان شروع ٿي ان جي گهر تي ئي ختم ٿئي ٿو. جنهن ۾ جمعي جي شوخ طبيعت سبب پنهنجي ڀاءُ عثمان کي مار ڏيڻ جنهن تان هو گهر مان ڀڄي وڃي ٿو ۽ بعد ۾ جڏهن جوان ٿئي ٿو ته پنهنجي گهر واپس اچي ٿو ۽ سڄي ناول ۾ بختاور جو ڪردار تمام گهڻو مضبوط آهي، حوصلي، همت، بهادري، شرافت، سگهڙ عورت وارو آهي جيڪا آخر ۾ کٽ تي پئجي رهڻ تائين هڪ عورت جو بيوهه هجڻ باوجود به جوانيءَ کان پوڙهائپ تائين ثابت قدمي سان بيهي سماج جو مقابلو ڪرڻ ۽ پنهنجي اولاد کي نپائڻ واري بياني هن ناول کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن. جڏهن ته مکي پرڳڻي جي جهڙي نموني منظر ڪشي ڪئي وئي آهي اها به ڪمال جي آهي. مکي جي ڍنڍ، اتان جي وڻن، وٿاڻن جو تعارف ڪرايو ويو آهي ته مکيءَ ۾ ڪهڙا ڪهڙا وڻ ٻوٽا ٿين ٿا، وٿاڻن ۾ چوپايو مال ڪيئن ٿو رهي انهن کي ڪهڙيون ڪهڙيون بيماريون ٿين ٿيون ۽ ڀاڳيا انهن جو علاج ڪيئن ڪن ٿا علاج ۾ ڪهڙيون جڙي ٻوٽيون استعمال ڪن ٿا ۽ انهن جي ڪچهرين جي منظرڪشي ائين آهي جيئن پڙهندڙ پاڻ ان ڪچهري ۾ ويٺو سڀ ڳالهيون ٻڌي رهيو آهي. جملن جي ادائگي ۽ ٻوليءَ جو استعمال به بلڪل سادو ٺيٺ ٻهراڙيءَ وارو آهي. ليکڪ ناول ۾ اجائي ٻاهرين ٻولين جي لفظن کي پنهنجي ناول ۾ ٽنبڻ بجاءِ نج سنڌي ٻولي کي اهميت ڏئي پنهنجي ٻولي کي بچائڻ وارو ڪارنامو به ان سان گڏوگڏ سرانجام ڏنو آهي. مکيءَ جي ماڻهن جي شادي ۽ غميءَ سميت انهن جي اٿلڻ، ويهڻ، کائڻ، پيئڻ سميت زندگيءَ جو ڪوبه پاسو هن ناول ۾ ڪٿي به کٽل نظر نه ٿو اچي. ناول ۾ مکيءَ جي ورهاڱي کان اڳ واري صورتحال ۽ پوءِ واري صورتحال کي بيان ڪيو ويو آهي ائين جيئن بختاور جي جوانيءَ کان وٺي پوڙهائپ تائين واري حالت ساڳي مکيءَ جي به آهي. جيڪا مکي جي پرڳڻي ۾ نهرون نڪرڻ بعد ڪيئن پنهنجي سونهن ورونهن وڃائي ويهي ٿي ۽ ڪيئن ان جي جوڀن تي پلجندڙ مالوند معاشي بدحاليءَ جو شڪار ٿين ٿا ۽ ڪيئن مکيءَ کان ماکي، مڇي، کير، گدڙ، بگهڙ، پکي، وڻ، ٽڻ، گاهه، ٻوٽا، ڏيڏر ۽ ٻيا جيت جڻا رسي هليا وڃن ٿا جنهن سبب معاشي تنگدستي جنم وٺي ٿي، مکيءَ جون زمينون ڌارين کي ملن ٿيون جنهن سبب محبتون ڪلفتن ۾ تبديل ٿين ٿيون. ان دوران بختاور پاران زمين وٺڻ جو فيصلو ۽ ڳوٺاڻن پاران مٿس ڦٽڪار ڪرڻ باوجود به پنهنجي فيصلي تي بيهڻ واري ڳالهه به ناول کي نرالو بڻائي ٿي. هونئن به ناول اهو جنهن کي پڙهڻ دوران پڙهندڙ جي دلچپسي وڌندي رهي، بلڪل ائين هي ناول پنهنجو پاڻ پڙهائي ٿو، جنهن مان ثابت آهي ته ناول جي ليکڪ جو تسلسل به باڪمال آهي. ائين کڻي چئجي ته هي تحقيقي ناول آهي. ناول جا ڪردار کلائين به ٿا، روئارين به ٿا ۽ گڏوگڏ ڳارائين به ٿا.

ناول “بختاور مکيءَ جي” ۾ ليکڪ جتي ناول لکڻ کان اڳ تمام گهڻو گهرو مطالعو، مشاهدو ۽ تحقيق ڪئي آهي اتي ڪجهه هنڌن تي کٽي به پيو آهي. جيئن ناول ۾ هڪ هنڌ آهي ته عثمان جڏهن ڀاڳل سان لانئون لهڻ ويو ته هن ڀاڳل جي چاچيءَ کي ڪنوار جو منهن ڏيکارڻ لاءِ ۵۰۰ روپيا ڏنا ۽ ڪجهه ٻين هنڌن تي ۵۰۰ جي ڳالهه ڪئي وئي آهي پر حقيقت ائين نه آهي. ڇاڪاڻ ته ناول نگار پنهنجي ناول ۾ جنهن دور جي ڳالهه ڪري ٿو اها ورهاڱي کان اڳ ۽ پوءِ جو آهي ۽ ان دور جي ڳوٺاڻي معاشي حالت ايتري سگهاري نه هئي ۽ خود عثمان جي معاشي حالت به گهڻي بهتر ناهي جو هو ڪنوار جي منهن ڏيکارڻ تي ايترا پئسا خرچ ڪري سگهي. ان ڪري ان تي غور ڪري ان کي درست ڪرڻ جي ضرورت آهي. باقي ناول سان ليکڪ ڀرپور نڀايو آهي جنهن ڪري اميد آهي ته ناول سنڌي ادب ۾ پنهنجي خاص اهميت ماڻيندو.


(ڏھاڙي سنڌ ايڪسپريس حيدرآباد ۾ ۴ سيپٽمبر ۲۰۱۹ع تي ڇپيل)



مکيءَ جي سَمفني

منظور ملاح جي ناول ”بختاور مکيءَ جي“ جو مُختصر جائزو

بخشل باغي

*منظور ملاح سان منهنجو پهريون تعارف سندس مُختلف ادبي لکڻين توڙي ترجمن جي معرفت ٿيو هو۔ ۽ ساڻس منهنجي روبرو پهرين ملاقات به شايد راجن مڱريي جي ڪتاب ”اُهو اجنبي“ جي مهورت دوران سانگهڙ ۾ ٿي هئي۔ اڄ باقاعدي ساڻس نِج پنهنجي لکڻي،سا به فڪشن ۾ تخليقي ادب جي صنف ناول جي صورت ۾ ”بختاور مکيءَ جي“ سان ٿي آهي۔ ناول جي دنيا به عجيب دنيا ٿئي ٿي جنهن ۾ آرٽ وسيلي ليکڪ ڪيئن نه اَڻ ڏٺل واقعن، ڪردارن،توڙي منظر نگاريءَ ذريعي اُهي گُذري ويل ماڻهو توڙي ماحول اَکرن مان اُڀاري دل ۽ دماغ تي چِٽي ڇڏي ٿو۔۽ ائين پڙهندڙ ۽ ٻُڌندڙ کي اُن ۾ تَحليل ڪري اُن ناول جو اَڻ ٽُٽ حصو بڻائي ڇڏي ٿو۔ جو ناول جي اُن تخليقي دنيا سان روح جون تَندون جَڙيل محسوس ٿيڻ لڳنديون آهن۔ ليکڪ چواڻي ته ”منهنجي هِن ناول ۾ پنهنجي اَباڻي علائقي مکيءَ جي سالن کان وٺي موجود وڻن، ٻوٽن، چراگاهن، ڍنڍن ڍورن، مالوند ڪلچر، اُن سان لاڳاپيل ريتن رسمن، صدين کان سيني ۾ موجود ڏند ڪٿائن جو ذڪر آهي۔ هن ناول جو مرڪزي ڪردار مکيءَ جي پورهيت، بهادر، سڻوڦري ۽ سُگهڙ عورت بختاور آهي۔ هي ڪردار اصل ۾ مون ٻاروتڻ ۾ اهڙن چار، پنجن مکيءَ جي جُهونين عورتن جي ڪردارن ۾ موجود اُن قسم جي خاصيتن کي ڏسڻ،محسوس ڪرڻ ۽ سندن ڳُڻ ۽ ڳالهيون ٻُڌڻ کان پوءِ اُنهن کي گڏائي تخليق ڪيو آهي.“هُون به ڏٺو وڃي ته هِن ناول ۾ جادوئي حقيقت نگاري جو به ڪجهه اثر آهي پر اهو آرٽسٽڪ انداز سموري ناول کي پنهنجي گرفت ۾ نٿو وٺي هلي۔جنهن ڪري ناول جي ڪهاڻيءَ ۾ ڪرافٽ جي کوٽ محسوس ٿئي ٿي۔ توڙي جو مکي ٻيلي جو سڄو علائقو موضوعاتي اعتبار کان مزاحمت، رومانس، بهادري، جُرئت ۽ درد جي هڪ وڏي ڪائنات سمائي ٿو۔جنهن ۾ دردن جا انيڪ رنگَ به ڀَري سگهجن پيا۔پر ليکڪ اُتان جي ڳوٺاڻي زندگيءَ جي گُمنام پھلوءَ کي اُجاڳر ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي جنهن ۾ هُو گهڻي قدر ڪامياب به ٿيو آهي.پر جيتوڻيڪ ليکڪ گهڻ پڙهيو ۽ سنڌ جي سرويچن جي تاريخي ماڳ سانگهڙ جي مقامي رهاڪو هجڻ ڪري کائونس گهڻي توقع هئي ته ”بختاور مکيءَ جي“ ڪهاڻيءَ ۾ اُهي ڇِرڪائيندڙ پَھلو به سَمايل هوندا جن جا تصور مکي ٻيلي جي نانءُ وٺڻ سان ذهن تي ايئن تَري ٿا اچن جيئن سائين الهه ورايي بهڻ جي ڪتاب آتم ڪٿائي ڪتاب ”قيد ڪشالا زندگي“ جي نالي سان اُنهن لوڙهن جو تصور اُڀري اچي ٿو جن ۾ هزارين حُرن کي پنهنجن خاندانن سان گڏ قيد ۽ بند ۾ رکيو ويو هو۔ يا جيئن محمد عثمان ڏيپلائيءَ سدا حيات ۽ تاريخ جي انمول ڪردارن کي ”سانگهڙ“ ناول ۾ جادوئي حقيقت نگاريءَ سان فڪشنائيزڊ ڪيو آهي۔ جنهن ۾ سڀ واقعا دل کي ڇُهندڙ ۽ پنهنجي حقيقي لِڪل تاريخ سان روشناس ڪرائيندڙ آهن. پر تنهن هوندي به منظور ملاح جو هي ناول ”بختاور مکيءَ جي“ هڪ اهڙي عورتاڻي ڪردار توڙي ماضيءَ جي مکي ٻيلي ۽ ڍنڍ جي ڪهاڻي آهي۔ جنهن جي علائقي جي تاريخي حيثيت ۽ فطري حُسناڪين کان ڪير به انڪار نٿو ڪري سگهي۔ بلڪ ايئن چوڻ بهتر ٿيندو ته اُهو سمورو وايو مَنڊل ۽ اُن جي دل سوز ڪهاڻي سنڌ جي درد جو هڪ الڳ داستان آهي۔

ڳوٺاڻي زندگي جي عڪاسي ڪندڙ هن ناول جي ڪهاڻي مختلف دورن جي لاهن ۽ چاڙهن جي هڪ عجيب ڦوٽو گرافي يا منظر نگاري آهي۔ ناول پنهنجي بيهڪ ۾ جنهن رنگ ۽ ڍنگ کي سمائي هلي ٿو۔ اُتي ناول ۾ ڪردارن جي ٻولي ڏاڍي سَڀاويڪ ۽ اَڇوتي آهي۔ کوڙ سارا لفظ يا جملا توڙي چوڻيون سُونهن ۾ مٽيءَ جي سُندرتا بڻجي اضافو ڪن ٿيون۔ ناول جي ڪهاڻيءَ پڙهندي ناني واتان ٻُڌايل ڪنهن آکاڻيءَ جو گُمان به ٿئي ٿو۔پر منظور ملاح اِن ناول ۾ آرٽ جي وسيلي جيڪا دلچسپي پيدا ڪري ٿو اُها ڪٿي ڪٿي ڪنهن مضمون جو سادو پيراگراف به ڀاسي ٿي۔۔ ناول جنهن شدت سان اُڀري ٿو اُهو پڇاڙيءَ ۾ کاپندي محسوس ٿئي ٿو۔ ايئن ٿو لڳي ڄڻ پُڄاڻيءَ ۾ ليکڪ ناول کي زوريءَ وائينڊپ ڪرڻ چاهيندو هجي۔ ڇاڪاڻ ته اوچتو ئي اوچتو عثمان جو سِلھ جي مرض ۾ مري وڃڻ سموري ڪهاڻيءَ کي ڪمزور ڪري وجهي ٿو۔ بختاور جي عمر درازي ته سمجه ۾ اچي ٿي يا جمعي جون روز روز جون ڦڙتيون به ڦٻي وڃن ٿيون پر عثمان جو موت تڪڙ جو جواز بڻجي پوي ٿو۔ ٻيو ته ناول پُراڻي فارميٽ ۾ لکيل آهي۔ جنهن تحت شروعات وچ ۽ پُڄاڻي واري انداز جي بنياد تي ڪهاڻي جي اُڻت ٿيل آهي۔ تنهن هوندي به منظور ملاح جَس لهڻي جنهن مکي ٻيلي توڙي ڍنڍ جي ماحول کي فڪشنائيزڊ ڪري هڪ اهم موضوع کي ڪهاڻيءَ جي ڪيئنواس تي اُڀاري هڪ ناول تحرير ڪري سنڌي ادب ۾ هڪ سٺو اضافو ڪيو آهي۔۔۔۔۔


(بخشل باغيءَ جي ۴ مارچ ۲۰۲۰ع تي رکيل فيسبڪ پوسٽ)



بختاور مکيءَ جي

امر لغاري

اڄ عيد (يعني خوشيء جي ڏينھن) سان گڏ ماحوليات جو عالمي ڏينھن Environment Day پڻ آھي. مزي جي ڳالھ تي جنھن شدد جي گرميءَ جو مقابلو اڄ اسان ڪري رھيا آھيون، ان جو ھڪڙو ڪارڻ فطرت سان انسان جي ھٿ چراند پڻ آھي. وڻن، ٻيلن، جھنگن، ۽ ٻي فطري سونھن جو خاتمو اسان جي ماحولياتي مسئلن مان ھڪ اھم مسئلو آھي. سانگھڙ جي سر زمين انگريزن جي اچڻ کان اڳ متوازن فطري ماحول جو نمونو ھئي. سانگھڙ ۾ ھر طرف ساوڪ ئي ساوڪ ۽ وڻن جي جھجھائي ھئي. مکي ٻيلي جون سرحدون سانگھڙ، سنجھوري، کپري ۽ خيرپور جي علائقي کينواريء تائين پکڙيل ھيون. منجھس مقامي بادشاھن جون ڪيئي شڪارگاھون موجود ھيون. مکي ڍنڍ سان گڏو گڏ ڪيئي واھ، واھڙ ۽ سانگ منجھانئس وھندڙ ھئا. پکي پکڻ، ناياب جانور، مڇي، ۽ ٻي آبي توڙي خشڪيء جي مخلوق جا محفوظ ٺڪاڻا ھن ئي سرزمين تي موجود ھئا. پوء جيئن ئي انگريز سنڌ ۾ داخل ٿيو.... سنڌ جي سڄي ماحولياتي مساوات ھڪ طرف ريلوي جي انجڻن جو ٻارڻ ٿي، ٻئي طرف زراعت جي آڙ ۾ جنگن ء ٻيلن کي سوڙھو ڪيو ويو (ڪٿي ڪٿي ته ختم ڪيو ويو..جيئن مکيء ۾ ٿيو) ٽئن طرف بي تحاشا شڪاري ڪلچر متعارف ڪرائي ھر طرح جي جانورن جو خاتمو آندو ويو. بگھڙ، سيسر، سيڙھ، سھا، سانا، سوئر ۽ ٻين ان خور پکين کي مارڻ جا ته ليسن جاري ڪيا ويا...۽ ڪن جانورن جي مارڻ تي انعام بہ رکيا ويا...صدين کان امن ۽ آشتيء ۾ رھندڙ مقامي ماڻھن کي تنگ ڪري انھن کي ڀڳل بنجڻ تي نه فقط مجبور ڪيو ويو، پر انھن کي ٻين مقامي ماڻھن سان ويڙهائي وري انھن کي ختم ڪرڻ جي آڙ ۾ رھيل سھيل جھنگ ۽ ٻيلن کي باھيون ڏيئي صاف بہ ڪيو ويو. ڍنڍن جو پاڻي بند ڪيو ويو. فقط ھڪڙي ئي حرص ۾ تي حاڪميت جي طاقت ۽ ڦھلاء سان گڏ زمين جي دولت تي مڪمل دسترس حاصل ڪجي...پوء ڇو نه ڌرتي پنھنجي فطري حسن ۽ ان سان ھم اھنگيء سان گڏ رھندڙ ماڻھن کان محروم ٿي وڃي. اھڙي ئي ھڪڙي رڙ، ھڪڙي پڪار آھي اسان جي دوست منظور ملاح جي ناول ”بختاور مکيء جي“ ۾. منظور سن آف سوائل آھي. ھن جو ناول مکيء جي فطري ماحول جي اجاڙ ۽ ھٿراڌو برباديء جو نوحو آھي. مقامي ماڻھن جي زندگين جي لاھن چاڙھن ۾، انھن جي گذر سفر، شوق شڪار ۽ المين اندر ھڪ جھاتي آھي. اڄ عيد به آھي، ۵ جون ڌرتيء جو عالمي ڏينھن به آھي ۽ مکيء جي زوال جي ڪھاڻيءَ جي اجراء جو ڏينھن پڻ!


(امر لغاريءَ جي ۵ جون ۲۰۱۹ع تي رکيل فيسبڪ پوسٽ)




بختاور مکيءَ جي

(ناول جو جائزو)

اڪبر لغاري

هي ناول ان دور جو قصو آهي جڏهن انگريزن، مکي ٻيلي کي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. مکي ٻيلو، اتي صدين کان رهندڙ ماڻهن، جانورن، پکين ۽ جيت جڻين جي آماجگاه ۽ آسائش سان گڏ، هزارين خاندانن ۽ انهن جي چوپائي مال جي گذران جو ذريعو هو. هتي رهندڙ ماڻهن جي ثقافتي زندگي جو بنياد ۽ محور سندن مال متاع تي هو. جيڪڏهن مينهيون، ڍڳيون، ٻڪريون ۽ رڍون خوش ته انهن تي گذران ڪندڙ ماڻهو به خوش. مکي ميلو ۾ مال لاءِ گاھ پٺي سان گڏ، ڳوٺاڻن جي اجهي اڏڻ لاءِ ڪاٺ ۽ ڪک پن سان گڏ، ٻيو به گھڻو ڪجھ هو. ڳوٺاڻن جي سادي زندگي، جنهن ۾ سڪون ۽ باهمي احترام سان گڏ، جھيڙا جھٽا، چوريون چڪاريون ۽ انهن جون ڇيڙيون نبيريون به هيون جيڪي زرعي ۽ مالوند سماج جون حصو هونديون آهن. 

سڀڪجھ ٺيڪ هلي رهيو هو پر جڏهن ڌاڙيلن جو آزار وڌيو ته انگريزن، مکي ٻيلي کي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ناول جي مُک ڪردار بختاور کي ٻه پٽ هئا: هڪ جمعو ٻيو عثمان. جمعو مينهيون چاريندو هو ۽ عثمان اسڪول ويندو هو. جمعو طبيعت جو تيز هو ۽ ننڍي ڀاءُ کي مارڪٽ به ڪندو رهندو هو، جنهن تان ڪاوڙجي، عثمان هڪ ڏينهن گھر ڇڏي هليو ٿو وڃي ۽ ناتجربيڪاري سبب، خرڪارن جي ور چڙهيو وڃي. جمعو ماءُ سان به هر وقت جھيڙو ڪندو رهي ٿو ته هوءَ سندس شادي ڇو نٿي ڪرائي. 

ڳوٺ ۾ هڪ جعفر نالي وڏيرو به هوندو آهي پر زرعي سماج واري وڏيري جي ابتڙ، هي وڏيرو، اوڙي پاڙي وارن جو ٻانهن ٻيلي ۽ همدرد آهي. سادي طبيعت وارو هي وڏيرو به صرف چوپائي مال تي گذران ڪندو آهي.

ٻيلي واري زمين، الاٽ ڪرڻ لاءِ جڏهن ڪليڪٽر، کلي ڪچهري منعقد ڪري ٿو ته، اتي جعفر جي ڳوٺ وارا به اچن ٿا. اهي زمين وٺڻ بجاءِ، ڪليڪٽر کي ٻيلو بحال ڪرڻ لاءِ زور ڀرين ٿا. صرف بختاور زمين لاءِ درخواست ڏي ٿي. گھڻيون زمينون پنجاب کان گھرايل آبادڪارن کي الاٽ ڪيون وڃن ٿيون، جيڪي پنهنجي ٻنيءَ مان ڪنهن کي گذرڻ جو گس به نٿا ڏين. سندن رهڻي ڪهڻي، اٿڻ ويهڻ ۽ ڳالهائڻ ٻولهائڻ پڻ مقامي ماڻهن کان مختلف آهي.

عثمان کي، سومار جنائي، خرڪارن وٽان آزاد ڪرائي، ڪنهن سيٺ وٽ نوڪري وٺي ڏي ٿو. عثمان جي شادي، جمعي جي دوست ڦتوءَ جي نياڻي ڀاڳل سان طئه ٿئي ٿي ته هڪ رقيب به پيدا ٿي ٿو پوي. ڀاڳل جو سئوٽ ۽ ساڻس شادي جو اميدوار خدن، عثمان تي حملو ڪري ٿو پر عثمان جي حياتي بچي وڃي ٿي. 

ٻيلي ختم ٿيڻ سان، هڪڙا مالوند ماڻهو مال کپائي ڇڏين ٿا ته ڪي ٻيا وري لڏي ٻي پاسي هليا وڃن ٿا. مالوندن سان گڏ، اتان جا جھنگلي جانور ۽ پکي پڻ لڏي هليا وڃن ٿا. ڌاڙيلن جو آزار به خودبخود ختم ٿي وڃي ٿو. وڏي سماجي ۽ ثقافتي تبديلي اچي ٿي، مالوند سماج بدلجي زرعي سماج بنجي پوي ٿو.بختاور سئو سالن جي ٿي وڃڻ کان پوءِ، کٽ ڀيڙي ٿي وڃي ٿي. عثمان کي هڪ پٽ پيدا ٿئي ٿو۽ آخر ۾ کيس ٽي بي ٿئي ٿي جنهن سبب هو گذاري وڃي ٿو. جمعي کي، ڀاڳل سان شادي ڪرڻ لاءِ چون ٿا پر هو انڪار ڪري ڇڏي ٿو. ائين هن ڪهاڻي جو اختتام ٿئي ٿو. 

هن ناول ۾ مصنف جتي ٺيٺ مقامي ٻولي استعمال ڪئي آهي، اتي مقامي يا سنڌي ثقافت جي ذيلي شاخ،”مالوند سماج ۽ ثقافت“ (Cattle Grazing Society & Culture) جي به متاثرڪن عڪاسي ڪئي آهي. جنهن لاءِ، مصنف جس لهڻي. جھنگ جهر ۾ استعمال ٿيندڙ ٻولي، ان جا استعارا ۽ تشبيهون، نڙ بيت، ڌنارن جون ڪچهريون، مال جون بيماريون ۽ انهن جا علاج، ملاکڙا، ٻيلهاڙا، چوريون چڪاريون، محبتون، رقابتون، تعويذ ڪرائڻ، جنن کان ڊڄڻ، بدي جي شادين جون بد رسمون، ڪڪڙن جو خفت، جوا، خانه بدوش عورتن سان عشق ۽ سرندي وارن جي انهن سان عياشي وغيره جا قصا ايتري تفصيل ۽ چٽائي سان بيان ڪيل آهن جو پڙهندڙ کي لڳي ٿو ته هو اتي پاڻ موجود آهي.

هن ناول جو اصل جوهر آهي ٻيلي ڪٽجڻ جو درد، جنهن جو نه ڪو درمان ٿي سگهيو ۽ نه ئي ڳوٺاڻن وٽ ان کي منهن ڏيڻ جي ڪا طاقت هئي. انهن جي وس ۾ صرف پنهنجي بيوسي جو اظهار هو. هو پنهنجن انهن پٽن ۽ مال جي گذرگاهن کي بس حسرت سان ڏسندا رهيا جن تي هاڻي ڌاريا اچي آباد ٿيا هئا. انهيءَ درد جي عڪاسي، مصنف سٺي نموني ڪئي آهي.

هي ناول، مصنف جي نيڪ نيتي، ٻولي ۽ ثقافت جي ڀرپور عڪاسي هئڻ سان گڏ، فني خامين جو به ڀنڊار آهي جنهن تي مصنف لڳي ٿو ته ٿورو به توجه نه ڏنو:

• جڏهن عثمان، ڪيئي سال گذارڻ کان پوءِ، خرڪارن وٽان آزاد ٿيو ته هو فورن ڳوٺ ڇو نه ويو؟ هو وري سال ٻن تائين مزدوري ڪندو رهيو! اهو انساني فطرت جي خلاف آهي.

• جمعي جي پنهنجي ماءُ ۽ ڀاءُ سان کِٽ ڦٽ ۽ منهن ماري تقريبن پندرهن ويھ دفعا، ساڳين ساڳين جملن سان ورجائي وئي آهي، جيڪا بيحد بور ڪري ٿي. 

• روشن خيال مصنف جو ڪم آهي ماڻهن کي توهم پرستي مان ڪڍڻ پر هتي مصنف خود توهم پرستي ۾ بري طرح مبتلا آهي. صفحي ۱۰۲ تي پڙهجي ٿو ته سومار جنائي، عثمان جي فرمائش تي جنن کي حڪم ٿو ڪري ته اهي انڊيا مان، الائچي جي ٽاري پٽي کڻي اچن ٿا جنهن مان تازي خوشبو پئي اچي ۽ ٻه ننڍڙا ۽ سنهڙا هٿ ظاهر ٿين ٿا جيڪي اها ٽاري عثمان جي حوالي ڪن ٿا. ڪيڏي مهل، جن هنن لاءِ ٿڌي پاڻي جو جڳ کڻي اچن ٿا. هن قسم جي توهم پرستانه سوچ تي افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو جنهن جي توقع ڪنهن روشن خيال ۽ جديد مصنف کان نٿي ڪري سگهجي.

• پهرين بختاور کي عثمان جي شادي جي تڪڙ آهي پر مڱڻو ٿيڻ کان پوءِ کيس اها ڳالھ ڄڻ ته وسري ٿي وڃي. مڱڻو انگريزن جي دور ۾ ٿيو، تنهن کان پوءِ ٻنيون الاٽ ٿيون، ڌاريا آيا، جھنگ وڍي آباديون ڪيائون، پاڪستان ٺهيو، انڊيا کان ماڻهو هجرت ڪري آيا پر شادي جو نالو ئي نه! آخر ۾ اهو ڏيکاريل آهي ته بختاور سئو سالن جي آهي ۽ عثمان جو پٽ اڃا ننڍڙو ٻار آهي ته عثمان جو انتقال ٿئي ٿو. ان وقت، هڪ اندازي موجب، جمعي جي عمر ۷۵ کان ۸۰ سالن جي وچ ۾ هئڻ گھرجي پر تاثر اهو ٿو ڏنو وڃي ته ڄڻ ٻئي پٽ اڃا جوان آهن، ڇو ته جمعي کي پنهنجي ڀاڄائي سان شادي ڪرن لاءِ چيو وڃي ٿو. لڳي ٿو مصنف، وقت جو ڪو حساب رکيو ئي ناهي. 

• جڏهن ڌاڙيلن جو آزار هو ته، مصنف لکي ٿو ته صوبيدار، ڳوٺاڻن کي بندوقون موڪلي ڏنيون ته هو ڌاڙيلن سان مقابلو ڪن! اها اڻ ٿيڻي ڳالھ آهي. جيڪڏهن بندوقن جي لائسنس جي ڳالھ هجي ها ته کڻي مڃجي ها.

• بختاور جي گھر ۾ کاٽ لڳي ٿو ته، بختاور کي خواب ۾ ”باڇا پير“ اچي کيس چوري بابت ٻڌائي ٿو! انهيءَ توهم پرستي جو ڪهڙو علاج ٿي سگهي ٿو!!

• مصنف بار بار لکي ٿو ته انگريزن ٻيلو سڪائڻ لاءِ، ان جو پاڻي بند ڪيو. ٻيلو ڪو فصل ته ڪونهي جو ان جو پاڻي بند ڪبو ته سڪي ويندو. انهيءَ کي مشاهدي جي زبردست ڪمي ئي چئي سگهجي ٿي ڇو ته نهري پاڻي بند ڪرڻ سان ٻيلو ڪڏهن به نه سڪندو. جيڪڏهن پنجن سالن ۾ رڳو هڪ دفعو به بارش پوي تڏهن به ٻيلو سلامت رهندو.

• هڪ ڏينھن بختاور مال چارڻ وئي، سج بيٺي موٽي آئي، پوءِ ڏاٽو کڻي، گھوڙي تي چڙهي ٻني تان گاھ ڪرڻ وئي جيڪا پنج ڇھ ڪوھ پري هئي. پنجن ڪوهن ۾ ۱۶ ڪلو ميٽر ٿيندا آهن. ڇا هي ممڪن آهي؟

• مشاهدي جي ڪمي ته جا بجا نظر اچي ٿي. مثلن: ”پيرو، ڊڊي تان لهي، ڪانڀ ڪڍي ماني کائڻ لڳو.“ اول ته ماني کائڻ مهل ڪانڀ ڪڍبي نه آهي ڇو ته ائين ماني کائڻ انتهائي مشڪل ٿي ويندو. ٻيو ته پيرو ٽنگن کان معذور آهي. هڪ معذور لاءِ، اهو ممڪن ئي ڪونهي ته هو ڪانڀ ڪڍي ويهي، ڇو ته ڪانڀ ڪڍي ويهڻ سان ٽنگن تي زور پوي ٿو.

• مصنف ٿورو تاريخ جو مطالعو ڪري ها ته، کيس انگريزن طرفان، مکي ٻيلي کي ختم ڪرڻ جي اصل ڪارڻ جو پتو پوي هئا. مکي ٻيلو، حر مجاهدن جي محفوظ پناھگاه هئي. نه صرف ايترو پر اتي ابو پوٽا به رهندا هئا جيڪي هٿيار ٺاهڻ جا وڏا ڪاريگر هئا جيڪو فن هنن کي ٻن سِکن سيکاريو هو، جيڪي پورچوگيزن جي فوج ۾ رهي چڪا هئا. اهي هٿيار، حرن کي ڪم ايندا هئا. ڌاڙيلن جو ته بهانو هو، انگريزن کي اصل ۾ حرن جو مضبوط ٿاڪ ختم ڪرڻو هو.

فني خاميون پنهنجي جاءِ تي پر، علامتي طور ڏسجي ته هن ناول ۾ پنهنجي ڌرتي پيرن هيٺان کسڪڻ جو گھرو درد سمايل آهي. مکي ٻيلي جي ياد ڏياري، مصنف شايد، اهو چوڻ ٿو چاهي ته جيڪڏهن قوم هٿ تي هٿ رکي ويٺي رهي ته، ان سان به اهڙو ئي حشر ٿيندو جيڪو مکي جي مالوندن سان ٿيو. ***


(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲۱ نومبر ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)

No comments:

Post a Comment