ڪاٻاڙ
ننڍڙي ڪھاڻي
عابد مظھر
ھو ھر ھفتي صدر ڪراچي ۾ پراڻن ڪتابن جي ڪاٻاڙ مان پراڻا ڪتاب خريد ڪرڻ ويندو ھو. ڪيترائي ڀيرا کيس وڏن وڏن اديبن جا، ڪن دوستن کي سوکڙي ڏنل اھم ڪتاب ملي ويندا ھئا، اھي اڌ بھا ۾ خريد ڪري، خوش به ٿيندو ھو. اھڙا ڪتاب خريدڻ وقت، پريشان ٿي سوچيندو بہ ھو ته، اسان جي اديبن جي دوستن کي به شابس ھجي، پنھنجي اديب دوستن جي ڪتابن جو قدر ايترو اٿن.
ڪتاب ڳوليندي، ھن کي اوچتو پنھنجو لکيل ڪتاب، ڪنھن دوست کي سوکڙي طور ڏنل ملي ويو. جنھن ۾ ھن لکيو ھو؛ پيار مان پياري دوست ....... کي.
ڪتاب ڏسي خوش ٿيو ۽ زبان مان خوشي ۽ غم گاڏڙ چپن ۾ ڀڻڪيو: ”پيارا دوست شابس اٿئي!“ ڇو جو ھن جو ويھ سال اڳ اھو ڇپيل ڪتاب سندس پنھنجي لائبرريءَ ۾ به ڪو نہ ھو. شايد ڪنھن پڙھندڙ وٺي، واپس ڪو نہ ڪيو ھئس.
ھن ان ئي ڪتاب تي نئون آٽوگراف لکيو: ”غم ۽ غصي مان ڪاٻاڙيءَ کي ڏنل ڪتابن مان، پيار سان ڪاٻاڙ مان مليل ڪتاب“ خريد ڪري، اکين تي رکيو.
(ڏھاڙي مومل ڪراچي جي ادبي صفحي تي ڇپيل)
No comments:
Post a Comment