Friday, January 24, 2025

ڦاٽل ڪهاڻين جا پرزا - تبصرو - منظور ڪوھيار

بيدل مسرور بدوي ۽ سندس "ڦاٽل ڪهاڻين جا پرزا"

تبصرو

منظور ڪوھيار



محترم بيدل مسرور بدوي جيڪو اٺ سال مون کان عمر ۾ وڏو آهي. نه صرف عمر جي حوالي سان، پر علمي ادبي ۽ فني حوالي سان به برگزيدگان ۾ شمار آهي . منهنجي حيثيت سندس آڏو رشندگان (عقيدتمندن) واري آهي. هو هڪ ئي وقت فنڪار، موسيقار، شاعر، ڪهاڻيڪار، ناول نگار،ڪالم نگار، محقق، راڳي، ڪمپوزر، پي ٽي وي پروڊيوسر آهي. ان کانسواء به گھڻو ڪجھ هوندو. هر انسان پنهنجي ذات ۾ وڏو ڳجھ آهي. هن مون کي ويجھڙ ۾ ٿيندڙ سنڌ لٽريچر فيسٽوئل ڪراچي ۾ پنهنجي ناول تي ڳالهائڻ لاء چيو هيو ته مون معذرت ڪري ڇڏي هئي. ڇو ته مان هڪ ڪراچي ۽ ٻيو حيدرآباد۾ ٿيندڙ ادبي فيسٽوئلس ۾ ماڊريٽر صاحبائن جو ڪهڪائل هيس جن پروگرامن جي شروعات ۾ مون سميت اسپيڪرس کي حڪم ڪيو ته اوهان ميان مٺو ٿي پنهنجو تعارف پاڻ ڪرايو. ان وقت مون دل برداشته ٿي سوچيو هيو ته جڏهن اهڙا ٻرڙ به نه وسن ته اک وڃڻ جا پار... بس اهو ڏينهن هي ڏينهن. ڀلئي واڻئي گانء کاڌي.


بهرحال، بيدل مسرور سان اهو واعدو ضرور ڪيم ته ناول پڙهي پنهنجي حال ۽ خيال تحت ٻه اکر ضرور لکبا. اها ته خبر هئي ته اهو ڪهڙو واعدو جيڪو وفا ٿئي. پر راجپوتن جو اهو وچن ياد آيو ته: پراڻ جائي پر وچن نه جائي. 

10جنوري 2025 تي ناول پهتو. جنهن جي پهرين پني تي بيدل مسرور پنهنجي حسن اظهار سان نوازيو ته

”مانواري پياري ليکڪ، دانشور، ناول نگار، ترجمي نگار سائين منظور ڪوهيار لاء“

ٻيو ته کڻي ٺيڪ، پر دانشور لفظ جنڊ جو پڙ لڳو. اسان جھڙن لاء جنڊ کڻ ته جنڊ ڳؤرو، پڙ کڻ ته پڙ ڳؤرو. دانشور ٿيڻ لاء ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڄاڙي هڻڻي پوندي آهي ۽ دانشمندي ڏيکارڻ لاء هر ادبي ۽ غير ادبي پروگرام ۾ "وڻان نه وڻان پر وچئون گرھ کڻان!" تي عمل ڪرڻو پوندو آهي. جڏهن ته پاڻ وٽ نه قاف قلم واري قابليت، نه ڪاف ڪتي واري. بس بيدل سائين جو حسن بيان آهي. باقي جي دانشور مان سندس مراد اها آهي ته جيڪو "پاڻ نه پلي، ڏوجھان جھلي!" ته پوء مان دنيا جو وڏو دانشور آهيان. 

بيدل لفظ جي لغوي معني ته رنجيده ۽ سنجيده شخص جي آهي پر مجازن دلير عاشق جي به آهي. پر مان سمجھان ٿو ته جڏهن بيدل، مسرور آهي ته پوء خوش باش عاشقن يا معشوقن ۾ شمار ٿيڻ گھرجي. گھڻو ڪري ته مون کيس پهريون دفعو سرڪٽ هائوس لاڙڪاڻي ۾ پيپلز پارٽي جي منعقد ٿيل هڪ عوامي جلسي ۾ هن گناهگار ڪنن ۽ اکين سان شيخ اياز جو انقلابي گيت: مان ڏوهي آن... مان ڏوهي آن.. ڳائيندي ٻڌو ۽ ڏٺو هيو.

اهڙي ورجاء سان ورلاپ ڪيائين جو لڳو ته منهنجا هلڪا سلڪا ڏوه گناه به پنهنجي سر تي کڻي ويو... اڄ به جڏهن ڪنهن محفل ۾ اهو گيت ڳائيندو آهي ته لڳندو آهي ته شاعر شيخ اياز کي به اڇو اجرو ڪري ڇڏي ٿو.

مان جنهن وقت پهريون دفعو کيس ڳائيندي ڏٺو هيو. ان وقت به اهڙو ئي پپو هيو جنهن جو ذڪر هن پنهنجي ناول" ڦاٽل ڪهاڻين جا پرزا" ۾ ڪيو آهي. هن ناول ۾ نه صرف ”پپوپڻي“ تي پر پپن جي پياسي عاشقن تي به جلھ ٿيل آهي. ان جو مثال ڏيک سورهون آهي. جنهن ۾ امرد باز /بچه باز عاشق ڇا ٿو چوي، ڌيان طلب آهي:

عاشق: هن مونکي چريو کريو ڪري ڇڏيو آهي. سمورو وقت هن جي باري ۾ سوچيندو ٿو رهان. مان ته هن جي گھر جو خرچ به ڏيڻ لاء تيار آهيان. (پپو ڏانهن وڌندي) اڙي من مون سان بي وفائي نه ڪر! بس هڪڙو ڀيرو سنئين منهن کلي ڳالهاء." 

اها تلخ حقيقت ۽ ”اگھاڙو سچ“ آهي ته شڪارپورين کي اهڙن عاشق نامرادن جي گهڻي خبر آهي. يا ٻين شھرن وارا پپو سچي نه ٿا ڪن، پيا ٿا عاشقن جون ارٺان سهن ۽ خوار ٿين. 

بيدل مسرور صوفياڻي خانواده سان تعلق رکڻ جي باوجود به هن ناول ۾ صوفي سڏائيندڙ ڪردارن جي کل لاٿي آهي. ناول جا چند ڊائلاگ ان حوالي سان پيش ڪجن ٿا. 

صوفي: جيڪو ڀنگ نه ٿو پيئي سو صوفي ناهي.

فناسر: جيڪو ڪرامت نه ٿو ڪري اهو به صوفي ناهي.

مست: جيڪو اگھاڙو ناهي، اهو به صوفي ناهي..“

صوفين جي وڏي خوبي اها آهي ته هو خود تنقيد واري عمل self-criticism مان گذرندي ملامتي ٿيندا آهن. ان ڪري ليکڪ پاڻ صوفي هوندي به صوفين کي سنهي بھ مان ڪڍيو آهي. 

هن ناول ۾ ليکڪ چؤمکي ويڙھ وڙهيو آهي. نه ڇڏيو اٿئين ڪاري کي، نه قمري کي. صوفين کان وٺي سياست دانن، وزيرن، اميرن، فنڪارن، ليکڪن ۽ دهشت گردن سڀني کي سرڙي رکيو اٿئين. ايستائين جو نام نهاد باغين جي به پت وائکي ڪئي اٿائين. سندس ناول مان ان حوالي سان چند جملا پيش نظر آهن.

گراهڪ: توهان کي خبر آهي ته نانو بغاوت ڪا ٿي رهندو آهي؟

دوڪاندار: ابا هاڻي ته هرڪو باغي ٿو سڏائي، ڪو شاعر باغي آهي ته ڪو ڪهاڻيڪار باغي آهي، ڪو ڳائڻو باغي آهي ته ڪو...

مون کي لڳي ٿو ته باغين جي باغيانه هڙچ ضرور ٿيندس. جيڪي "ڊرت گابي!" چوڻ تي به چڙي پوندا آهن. پر جيڪي سچ جي اکرين ۾ مٿو وجھندا، سي تضحيڪ يا تذليل جي مهرين کان ڪونهن ڊڄندا...

هاڻ ناول تي تنقيدي ٽچ ڏيڻ به ضروري آهي جيئن سياستدان تقرير ۾ اسلامي ٽچ ڏيندا آهن. ناول ۾ جيڪا ڳالھ ککي ٿي، سا انهن ڪردارن بابت آهي، جيڪي اوچتو پئراشوٽر بڻجي ناول جي ڏيکن ۾ وارد ٿين ٿا ۽ بي تڪي انداز ۾ ڊائلاگ هڻي پڇ پائي ڀڄي وڃن ٿا. خاص ڪري اديبن وارا ڪردار. ٿي سگھي ٿو ته اها سندن عضوي جهڙي عادت هجي. جيئن چئبو آهي ته: عادت عضوو آهي. ان ڪري ڪٿي ڪٿي بي ربطگي ضرور محسوس ٿئي ٿي. پر ٿي سگھي ٿو ته اها ڊرامائي ناول جي اسلوبي نواڻ يا ٽيڪنڪ هجي. جيڪا اڳتي هلي ان اسلوب کي مقبول يا غير مقبول بڻائي..

"ڦاٽل ڪهاڻين جا پرزا“ هڪ چيڙهالو ناول آهي.

جنهن ۾ ليکڪ پنهنجي سماج کي آئينو ڏيکاريو آهي ته هي توهان جا حال ۽ افعال آهن. ڪارو اٿو منهن، نيرا اٿو پير.. 

ڏهاڪو سال اڳ جڏهن گھٽ ناول لکيو ويندو هيو. ته اها دانهن ٻڌڻ ۾ ايندي هئي ته سنڌيء ۾ ناولن جي کوٽ آهي. جڏهن کان سنڌي ۾ ناول لکڻ جو رجحان وڌيو آهي. ليکڪ ويچارا هڙئون وڙئون ڏئي به ڇپرائن ٿا ۽ حال سارو سنڌي ادب ۾ اضافو ڪن ٿا. ڪا تخريب نه پر تخليق ڪن ٿا. پر نام نهاد نقاد يا دانشور چون ٿا ته: سائين عالمي معيار ڪونهين!...

 پاڻ کان ڪير پڇين ته پاڻ عالمي معيار جا آهن..؟ 

 خبر ناهي ڇو مکڻ پئي مٿو ٿو سڙي؟

 

(منظور ڪوھيار جي ۲۴ جنوري ۲۰۲۵ع تي رکيل فيسبڪ پوسٽ)




ناول ڦاٽل ڪهاڻين جا پرزا

جاويد پنهور 

ناول ڦاٽل ڪهاڻين جا پرزا (سنڌي ٻوليءَ جو پهريون ڊرامائي ناول) مرڪ پبليڪيشن ڪراچي، سنڌ طرفان ڊسمبر ۲۰۲۴ع ۾ شايع ٿيو. ناول جو لکيڪ بيدل مسرور بدوي آهي. ناول جو مقدمو ليکڪ پاڻ لکيو آهي. هي ناول ۲۶۸ صفحن تي مشتمل آهي. هن ناول جي قيمت ۷۰۰ رپيه مقرر ڪئي وئي آهي. 

هي سنڌ جو پهريون ڊرامائي ناول ناهي جيڪا هڪ وڏي حام آهي. ان کان پهريان آفتاب راهمون جو ناول "آئون ۽ مان" پڻ ڊرامائي ناول آهي اهو ڪامياب آهي يا نه اهو سوال برقرار رهي ٿو. ناول جي نالي تي ڊرامو هُئڻ ۽ ڊرامائي ناول هُئڻ ٻئي ڳالهيون متضاد آهن. جيڪڏهن ناول اندر ناول جا بنيادي فني عنصر موجود آهن پر اهو غير روايتي طور ڪهاڻيءَ جي واقعن کي پيش ڪري جيڪو ڊرامي جو تاثر ڏئي جيئن ناول "بي رنگ" يا "بوند بوند زندگي" ان کي ڊرامائي ناول چئي سگهجي ٿو جو انهن جي ڪهاڻي ڪٿي ڪٿي ڊرامائي آهي. ڊرامائي ناول جيڪو Hybrid Literature ۾ شامل ٿئي ٿو. ڇو ته اهڙن ناولن اندر ڪجھ عنصر ڊرامي مان کنيل هوندا آهن ۽ ڪجھ پاسا ناول جا شامل هوندا آهن. پر جڏهن اُهو ناول مڪمل طور ڊرامي جو عڪس ڏئي بنسبت نيريٽو نثر جي ۽ اهو نثر جي شڪل ۾ ڊرامو "play in prose form" لکيل هجي اهو ناول نٿو چئي سگهجي توڙي جو گوئٽي جو "فائوسٽ" جورج برنارڊ شا جو "مين ۽ سپرمين" لکيل آهن پر انهن کي ڊرامو ڪري ئي لکيو ويو ناول نہ. اصل ۾ اسان وَٽ پبلشر/ليکڪ پڙهندڙ کي دوکي ۾ رکي ٿو ناولن جو ٽائيٽل هڪڙو مثال سائنس فڪشن ۽ اندر مواد وري بائيوگرافيڪل اهو ٽائيٽل ۾ موجود تضاد "Title-content disparity" آهي. ان جي پويان خاص مقصد ڪمرشلزم، کپت ۽ مقبوليت هوندو آهي جيڪا اڄ ڪنزيومر سماج جو باقاعده حصو آهي. ان سان هڪ سنجيده پڙهندڙ جي وسيلن جو زيان ٿئي ٿو جيئن وقت، قوت، جذبو، ارادو ۽ اهم پئسي جو زيان ٿئي ٿو، خير اهو وڏو بحث آهي ڪنهن ٻئي دفعي ڳالهائبو. 

هاڻي هن ناول تي ڳالهائجي ته هي نه ناول تي پورو ٿو لهي نه ڊرامي واري پاسي تي توڙي جو ڪن جاين تي لهرن ۾ نظر اچي ٿو. 

جديديت پڄاڻان ادب جي نقطه نگاھ سان هن وقت جينر واري لڪير ڌنڌلي بڻجي چڪي آهي، ان ڪري روايتي بنيادن تحت ناول کي نٿو ڏسي سگهجي (not judged solely by traditional standards) پر جڏهن صنف هڪڙي (ناول) ۽ متن ٻيو (ڊرامو) هجي ته ان کي باقاعده صنف جي طئي ٿيل معيارن مطابق پرکڻ لازمي آهي، جيئن هي ناول ڪٿي ڪٿي ڊرامي ۾ شُمار ٿئي ٿو ها توڙي جو پلاٽ کي ڀرپور طريقي سان ناول واري ٽيڪنڪ تحت جوڙيو ويو آهي جيڪو وسيع تناظر ۾ ڏسي سگهجي ٿو اهو پاسو "آئون ۽ مان" ۾ انتهائي ڪمزور هو. اهڙي ناول کي "theatrical script" ۾ به شُمار ڪري سگهجي ٿو. ڇو ته ان ۾ مرڪزي ڪهاڻي ناهي نه ئي مخصوص جوڙيل پلاٽ (plot-driven) آهي جنهن کي ڪردار اڳتي وٺي هلندا آهن. ها لازمي ناهي اُهي شيون ناول اندر هُجن غير روايتي/ تجرباتي ناول ائين لکي سگهجن ٿا اهي ڪامياب ٿين ٿا يا نٿا ٿين اهو سوال برقرار رهي ٿو ۽ هتي پڻ موجود آهي. 

ناول ۽ ڊرامي ۾ بنيادي فرق:

ناول ۾ ڪهاڻي جي وضاحت هوندي آهي جڏهن ته ڊرامي ۾ ڪردارن جي ڊائلاگ تي زور ڏنو ويندو آهي. بنسبت ڊرامي جي ناول ۾ فليش بيڪ، سب پلاٽ ۽ داخلي مونولاگ هوندو آهي. ڊرامي جا ڪردار شيون ڏيکاريندا آهن جيڪي ناول ۾ تصور ڪيون وينديون آهن/ اهو به ڪو طئي ٿيل قانون ناهي. ناول ۾ موجود ڪردارن جو تعارف، وضاحت هوندي آهي، اوچتي ڪا شيءِ ناهي ٿيندي ان جو ماحول جوڙيل هوندو آهي جڏهن ته ڊرامو ان جي متضاد آهي. مجموعي طور ڊرامي جو زور ڪردارن ۽ ڊائلاگن تي هوندو آهي جڏهن ته ناول ۾ ڪهاڻي، پڙهندڙ جي پنهنجي سوچ، متن ۾ معنائن جا مختلف تھ ۽ پلاٽ ۾ موجود وضاحت هوندي آهي. 

مڪالمن جو بحث:

ناول جو پلاٽ باقاعده وسيع ۽ گهرو آهي. مڪالمن جي خيال جي اُڻت ڏاڍي وڏي ۽ کليل طور سنڌي سماج جي عڪاسي ڪري ٿي. موجوده مسئلا جيئن پريا ڪماري، رياست جو سنڌ ڏانهن نامناسب رويو، ٻارن سان جنسي زيادتي، ڪوڙا ڊوميسائيل، تعليم جو معيار، ٽرانسجينڊر تعليم، سنڌ ۾ لڳندڙ ميلا،ميلائي ڪلچر، سنڌ اندر سياسي محاظ جا اندروني تضاد، سنڌي ادبي بورڊ ۽ ڍڳي وارو لوگو، سماجي حقيقت نگاري، طنز و مزاح، بهارين جو ڪراچيءَ ۾ آباد ٿيڻ، ملڪ رياض جو سنڌ جي زمينن تي قبضو، پيپلز پارٽيءَ جا غيرسياسي ۽ غيرجمهوري فيصلا، عورتن جي نمائش، سياست جي آڙ وٺي دهشتگردي کي جنم ڏيندڙ سياسي جماعتون، تخليقارن جي قومي مسئلن تي خاموشي، ايم ڪيو ايم جي ڪراچي ۾ دهشتگردي، سنڌي ٻولي جي بقاءَ جو مسئلو، سنڌ جو اقليت ۾ تبديل ٿيڻ ۽ ٻڌي جو ٽُٽي پوڻ، جبرن مذهب تبديلي، ڪارو ڪاري قتل، عورت جي اُرهن ۽ اڳٺ تائين محدود شاعري، سنڌي ادبي بورڊ تي مخدومن جو قبضو، ڌاري آبادي کي وڌائڻ، اديبن جي منافقت، سياسي چالبازين جي چنگل ۾ ڦاٿل سنڌي عوام، قومي بدحالي، قوم پرستي، مُستقبل ۽ ماضي جون تباهڪاريون، ڪراچي ۾ هٿرادو مسئلن کي جنم ڏيڻ، انساني ڀوڳنا، وجودي بحران، نفسياتي ائبنارملٽي، نادرا ۾ ٿيندڙ ٻه نمبري، ثقافت کاتي جي بي حسي، جبري گمشدگيون، سنڌ ۾ موجود عقيده پرستي، نام نهاد دانشورن تي تنقيد، ليکڪن ۽ سائنسدانن جو ذڪر، مصنوعي ذهانت، ناولن جي مقدار تي طنز، روبوٽ جي هيجموني، سنڌي سياسيت جي ٻهروپي، ماضي، حال، مستقبل، تاريخ ۽ قابليت کي علامتي طور استعمال ڪرڻ، سنڌ جي زمين تي قبضاگيري، لساني فسادن جي پويان ماسٽر مائنڊ، سنڌي ماڻهن ۾ موجود اسٽيٽسڪو جي بيماري، وڏيرا شاهي جهڙي ناسور تي تنقيد، ٽيڪنالاجي جو غلط استعمال، جسماني راندين جو ختم ٿيڻ، اخلاقيات جو بحران مطلب موجوده زندگي سان جُڙيل نقطن کي هن ڪتاب جو حصو بڻايو ويو آهي. 

بقول ليکڪ جي "مون هي ناول اسٽريٽ ٿيٽر جي طور تي لکيو هو" هن ناول کي لکندي ليکڪ کي ۳۱ سال لڳي ويا. ان حوالي سان ڏسجي ته اهڙي دعويٰ گذريل سال "بي رنگ" ناول بابت ممتاز بُخاري طرفان ڪئي وئي هئي ته کيس ۹ سال لڳا اهو ناول لکڻ ۾ جيڪا ڳالھ پڻ ناممڪن ناهي پر تخليقن کي پڙهي تعجب ۾ وجهي ٿي. هي ناول کان وڌيڪ اسٽريٽ ٿيٽر جون جهلڪيون ان حوالي سان به ڏئي ٿو جو ڪردارن جي گفتگو "organic flow" سان گڏوگڏ بي ترتيب آهي. ليکڪ جيترو عرصو هن ڪتاب تي ڪم ڪيو آهي ان کي باقاعده طور فني پيچيدگين کان ٻاهر رهڻ گهرجي ها. واقعاتي حوالي سان جيئن مٿي ڄاڻايل واقعا، نقطا ان اسٽريٽ ٿيٽر ۾ شمار ٿين ٿا. ان کي نج تجرباتي ناول "modern dramatic experiment" ۾ پڻ شُمار ڪري سگهجي ٿو. جيڪڏهن ڪنهن ناول جي اندر شروعات، وچ ۽ آخر نه هجي، روايتي ناول کان بلڪل مختلف هجي، صرف مڪالمن تي مشتمل هجي، ڪٿي زمان مڪان کي پڻ متاثر ڪرڻ لڳي ڪٿي وري سڌو هلي ان لاءِ "dialogic fragmentation" استعمال ٿيندو آهي. اهو طريقو جديدت پڄاڻا ادب جو آهي. ان حوالي سان پڻ هن ناول کي مڪمل نٿو چئي سگهجي. مطلب جيئن مڪس سبزي جو مثال وٺون اُن ۾ سمورا مرچ مصالحا ۽ پيل سبزيون هونديون آهن ائين ئي هن ناول سان ٿيل آهي جنهن کي ڪنهن هڪ پاسي بيهارڻ ڏاڍو مُشڪل آهي. جيترو وقت ليکڪ کي ناول لکڻ ۾ لڳو آهي ان وقت جي تناظر ۾ ناول ڪافي ڪمزور ڏسجي ٿو. 

اسٽريٽ ٿيٽر ناول ۽ ڊرامائي ناول:

بقول ليکڪ جي "ڊرامائي ناول کي اسٽريٽ ٿيٽر چئي سگهجي ٿو." (ص ۱۰) ائين بلڪل به ناهي، ڊرامائي/ مڪالماتي ناول ۽ اسٽريٽ ٿيٽر ٻئي مختلف ڳالهيون آهن. اسٽريٽ ٿيٽر روايتي بنيادن کان مختلف هوندو آهي جڏهن ته ڊرامائي ناول ۽ پڙهندڙ جو ڪردار (active participation) اهم هوندو آهي. اسٽريٽ ٿيٽر ۾ زمان، مڪان، پيس تي گهڻو زور ڏنو ويندو آهي. ان ۾ "interactive manner" يعني سڌي سنئين گفتگو هوندي آهي. اسٽريٽ ٿيٽر ۾ فريگمينٽيشن هوندي آهي. ان جا گهڻا موضوع، ٿيم، واقعا سماجي ۽ حقيقي زندگي "real-time" سان جڙيل هوندا آهن جيڪا جهلڪ هن ناول ۾ ملي ٿي. ڊرامائي ناول ۾ ڪهاڻي هوندر آهي ان کي ڪردار اڳتي کڻي هلندا آهن، ان ۾ فرد ۽ سماجي تضادن، پيچيدگين ۽ نفسيات تي زور ڏنل هوندو آهي. اسٽريٽ ٿيٽر ناولن جو اثر/ تعلق سڌو سنئون (direct connection) هوندو آهي. جڏهن ته ڊرامائي ناول جو زور ڪردار جي داخلي/ خارجي تضادن (internal emotional journeys of the characters) تي هوندو آهي. 

ڪجھ مڪالمن تي بحث:

"عورت: سنڌي ماڻهو عاشق مزاج آهن شل نه ڪو سهڻو ڇورو ڏسن."

"اداڪار: پٺاڻ پورهيت هوندا آهن، هُو عشق جهڙا اجايا ڪم ناهن ڪندا."

اصل ۾ ڏٺو وڃي ته مڪالمن جا تضاد ممڪن آهن ۽ اهڙا پاسا ئي تخليق جي مختلف پاسن جي اکيل ڪرڻ ۾ هڪ زمين مهيا ڪندا آهن. پورهيت نه پٺاڻن جو ورثو آهي نه وري سنڌين جو ائين ئي ڇورن تي عاشق پڻ ٻئي ٿي سگهن ٿا. اصل ۾ طبقاتي نظام اندر هڪ ظالم ۽ ٻيو مظلوم، هڪ ڦورو ۽ ٻيو پورهيت هوندو آهي. اُن ڪري اهو سوال سماجي، سياسي ۽ معاشي حالتن جي بنياد تحت بحث هيٺ آڻي سگهجي ٿو، اُهو ڪنهن به سماج اندر هڪ پيچيده معاملو آهي جنهن ۾ قوم جي اجتماعي نفسيات پڻ شامل هوندي آهي. 

"خُدا بخش: ڪراچيءَ ۾ هر ماڻهو ننڊ آهي. "

"مارڪسي: ننڊ رڳو اهي ڪري سگهن ٿا جن مارڪسزم پڙهيو آهي."

اصل ۾ هتي نام نهاد، اينٽي مارڪسسٽ سان گڏ انهن تي پڻ تنقيد ٿيل آهي جيڪي مارڪسزم کي عقيدي جيان سمجهي ان تي ڪلما ٿا پڙهن. مارڪسزم آرام، سُڪون ميسر ڪندڙ ناهي پر بيدار ڪندڙ، جاڳائيندڙ ننڊ ڦٽائيندڙ، جدوجهد لاءِ قوت پيدا ڪندڙ، الٽي اک سان ڏسڻ، انساني ڀلائي لاءِ سوچڻ، جهالت جي ننڊ کي ختم ڪندڙ، تبديلي، برابري ۽ ڀائيچاري جا خواب ڏيکاريندڙ آهي. صفحي ۴۲ تي مَتن جي معنيٰ/ داخليت ۽ جوهر کي ڏسنداسين ته ليکڪ پنهنجي ناول جي مڪالمن اندر ناول جي تعاريف ڪندي نظر اچي ٿو. اتي ڪردارن جي مڪالمن تي ليکڪ جي سوچ حاوي بڻجي وڃي ٿي. جيڪو ٿورو گهڻو نرگسيت وارو لاڙو آهي. 

مجموعي طور ڏسجي ته ٻولي، مشاهدو، مطالعو، مڪالمن جي فڪري سگھ، سماجيات وارو پاسو ڏاڍو متاثر ڪندڙ آهي. ناول جو نثر، انٽرٽيڪسچوئلٽي، حقيقت نگاري، تنقيد، مزاح پڻ انفراديت رکندڙ آهي. هي ناول غير روايتي آهي، موضوعاتي حوالي سان ۽ واقعاتي تناظر ۾ وسيع آهي. هڪ سوال ته ڇا هي ناول آهي؟ ڊرامائي ناول آهي؟ ڊرامو آهي؟ جديديت پڄاڻا ادب جو تجربو آهي؟ يا اسڪرين ٿيٽر آهي؟ 

ڪجھ متاثر ڪندڙ مڪالما:

هتي دشمن کان وڌيڪ محافط مان خطرو آهي. بيماريءَ کان وڌيڪ ڊاڪٽر ۽ مجرم کان وڌيڪ مصنف مان خطرو آهي. ( ۵۲) 

انساني خوشحالي لاءِ فرد کي ڪا نه ڪا قرباني ڏيڻي پوندي آهي. (۵۹) 

غربت، اٻوجهائي، جهالت، ملاوٽ، دهشتگردي ۽ ويساھ گهاتين ۾ سڙندڙ عوام چپن تي آڱريون رکي ويٺو آهي. (۶۷) 

ماڻهو هتي به هٿيڪو اڳين دنيا ۾ به هٿيڪو. (۹۵) 

هن دنيا ۾ سچ ڳالهائڻ وارن کي فارغ ڪبو آهي. (۹۶) 

هتي زندگي اڻ لڀ آهي، رڳو لاش آهن، رستن تي، گهرن ۾ ۽ دفترن ۾. (۱۲۵) 

اديبن جي ڪا زبان نه هوندي آهي. (۱۲۷) 

جڏهن کان روس ۾ ڪميونزم جا آکيرا ڪري پيا آهن، تڏهن کان ڪانوَ به کاري هيٺان لڪي پيا آهن. (۱۵۶) 

هن دؤر ۾ اسلحي جي زبان کام سواءِ ڳالهائڻ بيوقوفي آهي. ((۱۷۴) 

هن غير حقيقي ماحول ۾ هر ماڻهو حقيقت جي ڳولها ۾ سرگردان آهي. (۱۷۶) 

هن دؤر ۾ اصول ڪرائي جي سائيڪل جيان آهن. (۱۷۷) 

فرد اجتماعيت جي بيوھ زال آهي. (۱۸۲) 

فرد اجتماعيت جو اڳ ڄائو پٽ آهي. (۱۸۳) 

ڌرتيءَ تي رهندڙ انسان هر جاندار جو دشمن آهي. (۱۸۷) 

ماڻهوءَ کي ماڻهو نظر نٿو اچي. ڌرتيءَ جو گولو برمودا ٽرينگل ۾ گم ٿي ويو آهي. (۱۸۹) 

هيءَ ليزر ڪائنات آهي. (۱۹۱) 

ڊگهن هٿن واريون مايون، مڙسن سان ناهن رهي سگهنديون. (۱۹۳)


(فيسبڪ جي سنڌي فڪشن پيج تي امر لغاريءَ جي ۲۶ ڊسمبر ۲۰۲۴ع تي رکيل پوسٽ)


No comments:

Post a Comment