Saturday, February 1, 2025

صبح ساجھر جو منھنجي اک کلي - پطرس بخاري - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

صبح ساجھر جو منھنجي اک کلي

(مختصر ڪھاڻي)

ڪھاڻيڪار: پطرس بخاري

سنڌيڪار: انجنيئر عبدالوھاب سھتو



گدڙ کي کڻي کُٽي ته شھرِ مُنھن ڪري. مون کي به کنيو کُٽيءَ جو ھڪڙي ڏھاڙي پنھنجي پاڙيسريءَ لالا ڪرپا شنڪرجي برھمچاريءَ سان ڳالھ ڳالھ تان چُرندي چئي ويٺس؛ ”لالاجي! امتحان جا ڏھاڙا ويجھا پيا اچن. اوھان اسر ڏئي اٿندا آھيو، سو مون کي به ڀنڀراڪي مھل جاڳائيندا ڪيو.“

ھو حضرت به نيڪين ڪمائڻ لاءِ ڪو آتو ويٺو ھيو، سو ٻئي ڏھاڙي، اٿڻ سان ئي ايشور جو نالو وٺي اچي مون واري دروازي کي مڪن سان ورتائين. جھٽ سوا تائين ته مون سمجھيو، خواب پيو لھان. ھاڻِ ڪھڙي ڳڻتي. جاڳيس ته لاحول پڙھي وٺندس. ليڪن اھا گولا بازي ھوريان ھوريان وئي تيز ٿيندي ۽ سائين منھنجا جڏھن دروازي جي چؤنڪ واريون ڀتيون ڌُڏڻ، گھگھيءَ مٿان اونڌو رکيل گلاس پياني وانگر وڄڻ ۽ ڀت تي ٽنگيل ڪئلينڊر پينڊوليم وانگر جھولڻ لڳو ته سجاڳ ٿيڻو ئي پئجي ويو. ليڪن ھاڻ دروازو آھي جو لاڳيتو وڄائجندو پيو ٿو رھي. مان ته ڇا، مون وارن ابن ڏاڏن جا روح ۽ مون واري ستل قسمت به جاڳي پيا ھوندا. ڀلو آ ته ورندي ڏيانس. 



”ھائو!.... ھ ھائو!... مھرباني!... اٿي ويو آھيان.... ڏاڍو ڀلو.... وڏا ڪرم!...“ سائين جن آھن جو، ٻڌن ئي ڪين! اي خدا! ڪھڙي مصيبت مان اڙياسين؟ ھيءُ ستل کي اٿاري پيو يا مئل کي ساڙي پيو؟ ٻيو ته حضرت عيسيٰ به ته بس واجبي طور تي ھلڪڙي سڏ ’قم‘ چوندو ھيو. مئو، جيئرو ٿيو ته ٿيو، نه ته ڇڏي ڏنائونس. ڪو مئي جي ڪڍ لٺ کڻي لڳي پوندو ھيو ڇا؟ توبون ٿورئي ٺوڪيندو ھيس؟ اھو به مون کان ڪو پڄي پئي سگھيو ڇا جو اٿي دروازي جو ڪڙو لاھيان. ان کان اڳ جو ھنڌ مان ٻاھر نڪرجي، دل کي ڪيتري قدر سمجھائڻو پرچائڻو ٿو پوي، ان جو اندازو ته ذوق وارا ئي ھڻي سگھن ٿا. نيٺ جڏھن بتي ٻاريم ۽ کيس ٻاھرئون روشني نظر آئي، ته وڃي طوفان ٿَميو.

ھاڻ جو مان دريءَ مان آسمان ڏانھن نھاريان ته مار! اڃا ته تارا بيٺا آھن ۽ پيا ٽمڪن. سوچيم؛ اڄ خبرچار وٺبي ته اھو سجُّ آخر ڪيئن نڪرندو آھي. ليڪن جڏھن گھمي ڦري دريءَ مان ۽ روشندان منجھئون چؤڏسا ڏٺم ۽ وڏڙن کان ڀنڀراڪي جون جيتريون به نشانيون ٻڌيون ھيم، تن منجھان ڪا ھڪ به ڪٿي نظر نه چڙھي، ته ڳڻتيءَ اچي ورايو ته اڄ ڀلا ڪٿي سجُّ گرھڻ ته نه ٿيو آھي؟ ڪجھ به سمجھ ۾ نه آيو، ته پاڙيسريءَ کي سَڏَ ڪيم؛

”لالا جي!... لالا جي!“

ورندي آئي؛ ”ھون!“

پڇيومانس؛ ”اڄ ڇا ڳالھ آ. ڄڻ اوندھ اوندھ لڳي پئي آ؟“

ٻڌائڻ لڳو؛ ”ته پوءِ ٽين بجي به سجُّ اڀري پوي ڇا؟“

ٽين بجين جو نالو ٻڌندي ئي اوسان خطا ٿي ويا. ڇرڪ ڀري پڇيومانس؛ ”ڇا چيو اوھان؟ ٽي ٿيا آھن؟“

چوڻ لڳو؛ ”ٽي.... ته نه.... ڪو ستن..... ساڍن ستن.... منٽن کان مٿي ٽي ٿيا آھن.“

مون چيس؛ ”اڙي نڀاڳا! خدائي فوجدار! بدتميز ڪنھن جاءِ جا! مون تو کي اھو چيو ھيو ته صبح ڌاري اٿارجانءِ، ڪن اھو چيو ھيومانءِ ته مورئون سمھڻ ئي نه ڏجانءِ؟ ٽين بجي جاڳڻ به ڪو شرافت آ؟ مون کي تو ريلوي جو گارڊ سمجھيو آ ڇا؟ ٽين بجي اگر مان اٿي سگھڻ جھڙو ھجان ھا ته ھن وقت ڏاڏي جو دادلو نه ھجان ھا؟ اڙي ڄٽ ڪنھن جاءِ جا! ٽين بجي جاڳي اسان جيئرا به رھي سگھون ٿا؟ اميرزادا آھيون، ڪا مذاق آ، لا حول و لا قوة.“

دل ته چيو پئي، عدم تشدد ٻشدد کي لت ھڻي ڇڏيان. پر وري خيال آيو ته مڙني ماڻھن جي سڌرڻ جو ٺيڪو ڀلا، اسان ئي کنيو آھي ڇا؟ اسان کي پنھنجي ڪم سان ڪم. چمني وسايم ۽ ڀِڻ ڀِڻ ڪندي سمھي پيم.

وري پوءِ ڏھاڙيءَ واري حساب سان، ڏاڍي اطمينان سان، ڀلن ماڻھن وانگر ڏھين بجي ڌاري اٿيس. ٻارھين ڌاري تائين ھٿ منھن ڌوتم ۽ چئين ڌاري چانھ پي، ٺنڊي سڙڪ جي سير سپاٽي تي نڪري پيم.

شام ڌاري موٽي ھاسٽل ۾ پڳس. جوانيءَ جو جوش ته آھي ئي، مٿئون وري ارمان کڙا ڪندڙ شام جو ٽاڻو. ھوا به ڏاڍي مزيدار پئي لڳي. طبيعت جي ڪيفيت به ٿوري اونت کان ٻاھر ھئي. اسان به مستيءَ ۾ ڳائيندا اچي ڪمري ۾ گھڙياسين؛ ”بلائين زلف جانان ڪي اگر ليتي تو ھم ليتي.“

ته ايتري ۾ پاڙيچيءَ جو آواز آيو؛ ”مسٽر!“

اسان به ان وقت چپٽيون وڄائڻ شروع ئي ڪيون ھيون. بس آڱريون اتي جو اتي جھلجي ويون ۽ ڪن آواز جي طرف ڏانھن کڄي ويا. مٿئون ارشاد فرمايائون؛ ”اھو اوھان پيا ڳايو؟“ سڄو زور ’اوھان‘ تي ھيو.

مون چيس؛ ”اي منھنجا سائين مان ان لائق ڪٿي آھيان. ليڪن اوھان حڪم ڪيو؟“

چيائين؛ ”ٿورو.... اھو مان..... مان ڊسٽرب ٿو ٿيان.“

بس منھنجا سائين! اسان ۾ جيڪو موسيقيءَ وارو روح پيدا ٿيو ھيو، سو ته ھڪدم فوت ٿي ويو. دل چيو؛ ”اي نڀاڳا انسان! ڏس! پڙھڻ وارا ائين ٿيندا آھن.“ سائين منھنجا! خدا جي درٻار ۾ سُڏڪي سُڏڪي دعا گھريم ته؛ ”اي خدا! اسان به ھاڻي باقاعده مطالعو شروع ڪرڻ وارا آھيون. اسان جي مدد ڪر ۽ اسان کي ھمت ڏي!“

ڳوڙھا اگھي، دل جھلي، ميز جي اڳيان اچي ويٺس. ڏند ڀڪوڙيندي، نيڪ ٽائي کوليم. ٻانھون ڪُنجيم. ليڪن سمجھ ۾ آڱوٺو ئي نه اچي ته ڪيان ڇا؟ اڳيان ڳاڙھن، ساون ۽ ڦڪن ڪتابن جا ڍير لڳا پيا ھجن. ھاڻي منجھانئن ڪھڙو پڙھان؟ فيصلو اھو ٿيو ته پھرين ڪتابن کي ترتيب سان ميز تي سٿي ھڻجي، ڇو جو باقاعدي مطالعي ڪرڻ جي پھرين منزل اھا آھي.

وڏي تختيءَ جي ڪتابن کي جدا ڪري رکيم. ننڍي تختيءَ وارن ڪتابن کي سائيز جي حساب سان الڳ قطار ۾ اڀو ڪري رکيم. ھڪڙي پني تي ھر ھڪ ڪتاب جي صفحن جو ڳاڻيٽو لکي، مڙني جو جوڙ ھنيم. پوءِ ۱۵ اپريل تائينءَ جا ڏينھن ڳڻيم. صفحن جي انگ کي، ڏينھن جي انگ سان ونڊ ڪيم. ساڍا پنج سؤ جواب آيو. پر پريشانيءَ کي ڪھڙي مجال آھي جو اسان جي چھري تي ظاھر به ٿئي! دل ۾ ٿورو سو پڇتايم ته صبح جو ٽين بجي ڇو نه اٿيم. ليڪن گھٽ ننڊ ڪرڻ جي طبي پاسن تي غور ڪيم ته ھڪدم پنھنجي پاڻ کي ملامت ڪيم. آخرڪار ان نتيجي تي پڳم ته ٽين بجي ڌاري اٿڻ ته اجايو آ، البته پنجين، ڇھين يا ستين بجي جي اَرِيب قَرِيب ننڊ مان سجاڳ ٿيڻ، ٺيڪ ئي رھندو. صحت به قائم رھندي، ۽ امتحان لاءِ تياري به باقاعده ٿي سگھندي. لال به لڀندو، پريت به رھجي ايندي.

اھا ته اسان کي اڳي ئي ڄاڻ ھئي ته اگر سوير اٿي جاڳڻو آھي ته سمھڻو به سوير ئي پوندو. ماني ته ٻاھرئون ئي کائي آيو ھيس. بس، گھڙي پياسين ھنڌ ۾.

ھلندي ھلندي خيال آيو ته لالاجيءَ کي جاڳائڻ لاءِ چئي نه ڇڏجي؟ ائين ته پنھنجي قوت ارادي به گھڻي پختي آھي، اگر چاھيون ته اٿي به سگھون ٿا، ليڪن وري به چوڻ ۾ ڇاھي؟ ڊڄندي ڊڄندي سَڏُ ڪيم؛ ”لالاجي!؟

ھن به ڀينڊُ اڇلي ھنيو؛ ”ييس!“

مان اڃا به وسامي ويس؛ ”شايد لالاجي ٿورو ٿورو ناراض پيا لڳو.“ ٻاتڙائي عرض ڪيومانس؛ ”لالا جي! صبح اوھان کي گھڻي تڪليف آئي. مان ان لاءِ اوھان جو ٿورائتو آھيان. سڀاڻي به ٿورو مون کي ڇھين ڌاري يعني جنھن وقت ڇھ وڄي وڃن......“

جواب؛ نه ھون، نه ھان.

مون وري چيو؛ ”جڏھن ڇھ وڄي وڃن ته..... اوھان ٻڌو؟“

جواب؛ نه جيءُ، نه ڦوٽ.

”لالاجي!“

ڪڙڪي سان آواز آيو؛ ”ٻڌم! ٻڌم! ڇھين وڳي اٿاريندوسانءِ! ڀري گاما پلس، فور الفا پلس....“

”منھنجو چوڻ آ، وَ وَ وَڏي مھرباني. اھا ڳالھ آ.“

توبھ! خدا شل نه ڪنھن جو موٿاڄ ڪري!

لالا جي، ماڻھو ڏاڍو شريف آ. پنھنجي واعدي مطابق ٻئي ڏينھن صبح جو ڇھين ڌاري، اچي مڪن جا وسڪارا لائي ڏنائين. ھن جو جاڳائڻ ته مڙيئي ھڪڙي ٽيڪ ھئي، نه ته اسان پاڻ به ان انتظار ۾ ھياسين ته بس ھيءُ ھڪڙو خواب پورو ٿئي ته اسان به سجاڳ ٿي ٿا پئون. ھو نه جاڳائي ھا ته مان پاڻ ئي منٽ ٻن کان پوءِ اکيون پٽيان ھا! بھرحال، جيڪو منھنجو فرض ھيو، مون سندس شڪريو ادا ڪيو. ھن وري، ان کي ان شڪل ۾ قبول ڪيو جو اھا بمباري بند ڪيائين.

ان کان پوءِ وارا واقعا، ٿورو بحث گھرن ٿا ۽ انھن متعلق ڳالھين ۾ ٿورو گھڻو اختلاف آھي. بھرحال ان ڳالھ جي ته پڪ آ ۽ مان قسم به کڻي ٿو سگھان ته مون اکيون پٽيون ھيون. وري اھو به ياد آھي ته ھڪڙي نيڪ ۽ سچي مسلمان وانگر شھادت وارو ڪلمو به پڙھيو ھيم. ۽ اھو به ياد آھي ته اٿڻ کان اڳي، ديباچي طور، ھڪ اڌ دفعو پاسو به مٽيو ھيم. پوءِ جو پتو ناھي. شايد رلي مٿان ھٽايم! يا شايد ٻوٿ ان ۾ ويڙھي ڇڏيم. يا شايد کنگھيم، يا خدا ڄاڻي کونگھرو لڳي ويو. خير اھا ته پڪي ڳالھ آھي ته ڏھين وڳي اسان بلڪل جاڳياسين پئي. ليڪن لالاجيءَ جي جاڳائڻ کان پوءِ ۽ ڏھين وڳي کان اڳي، رب ٿو ڄاڻي اسان پڙھيو پئي يا شايد ستا پيا ھياسين. نه! اسان جو خيال آھي پڙھيوسين پئي يا ستا پيا ھياسين! بھرحال، اھو نفسياتي مسئلو آھي، جنھن جا وري اسان ماھر ناھيون. ڪھڙي پڪ، لالاجيءَ جاڳايو ئي ڏھين وڳي ھجي يا ان ڏھاڙي ڇھ وڳا ئي دير سان ھجن. خدا جي ڪمن ۾ اسان توھان، ڪو دائو دخل ته ڏئي نه ٿا سگھون. ليڪن اسان جي دل ۾ سڄو ڏھاڙو اھو شڪ رھيو ته قصور ٿورو پنھنجو ئي ٿو لڳي پيو. سائين منھنجا! شرافت ته ڏسو! محض انھيءَ شڪ جي بڻياد تي صبح کان شام تائين ضمير جي ملامت ٻڌندا رھياسين ۽ پنھنجي پاڻ کي گھٽ وڌ ڳالھائيندا رھياسين. مگر لالاجيءَ سان کلي کلي ڳالھيون پئي ڪيوسين. سندس شڪريو پئي ادا ڪيوسين ۽ ان خيال کئون ته متان سندس دل ڀڄي پوي. حدئون حد اطمينان جو مظاھرو ڪيوسين جو سندس مھربانيءَ سان مون صبح جو سھڻو ۽ روح پرور وقت ڏاڍي ڀلي نموني سان گذاريو. ور نه ته ٻين ڏھاڙن وانگر اڄ به ڏھين وڳي اٿان ھا! ”لالاجي! صبح جي وقت دماغ ڪيڏو ته صاف سٿرو ھوندو آھي، جيڪو پڙھ، خدا جو قسم، سو سڄو فٽافٽ ياد ٿي ٿو وڃي. يار! خدا به صبح به ڇا ته خلقيو آھي؟ يعني جيڪڏھن صبح جي بدران رڳو صبح صبح يا رڳو شام شام ھجي ھا ته ڏينھن ڪيڏو نه خراب نموني گذري ھا!“

لالاجيءَ اسان جي انھن جادوئي لفظن جو داد ائين ڏنو ۽ پڇڻ لڳو؛ ”ته پوءِ مان تو کي ڇھين وڳي جاڳائيندو ڪيان نه؟“

مون چيس؛ ”ھائو ھائو! واھ سائين! اھا به ڪا پڇڻ جي ڳالھ آھي، بي ڌڙڪ.“

شام جي وقت، ايندڙ صبح جو پڙھڻ وارا ٻه ڪتابَ، چونڊي ميز تي جدارا ڪري رکيم. ڪرسيءَ کي کٽ جي ويجھو سيري رکيم. اوورڪوٽ ۽ گلوبند کي ڪرسيءَ جي پٺين ٽيڪ تي کنڊيڙي رکيم. ڪن-ٽوپ ۽ دستانا ويجھو ڪري رکيم. سرمي داڻيءَ لاءِ، وھاڻي ھيٺان ھٿوراڙيون ڏنم. ٽي ڀيرا آيت الڪرسي پڙھيم ۽ دل ۾ وڏا نيڪ منصوبا رِٿي، لت ڏئي سمھي پيس. 

صبح جو، لالاجيءَ جي پھرئين کڙڪي سان ئي جھٽ اک کلي وئي. ڏاڍو مرڪڻي منھن سان، رليءَ جي ڪنڊڙيءَ مان ٻوٿ ڪڍي، کيس ’گڊ مارننگ‘ چيم ۽ سجاڳن واري لھجي ۾ کنگھ کُڙڪو ڪيم. لالاجي مطمئن ٿي موٽي ھليو ويو.

اسان پنھنجي ھمت ۽ ارادي جي پڪائيءَ کي وڏو پڏايو، جو اڄ اسان ھڪدم جاڳيا ھياسين. دل کي چيم؛ ”دل ادي! صبح جو اٿڻ ته محض ننڍڙي ڳالھڙي آ، اسان خواھ مخواھ پيا ان کان ونءُ ويندا ھياسين.“ دل چيو؛ ”۽ ٻيو!؟ تنھنجا ته ھروڀرو اوساڻ خطا ٿي ويندا ھيا.“ اسان چيس؛ ”سچ ٿي چوين ادي! يعني اگر اسان سستيءَ ۽ ڪاھليءَ کي پاڻئون ويجھو اچڻ نه ڏيون ته کين ڪھڙي مجال آھي جو اسان جي باقاعدگيءَ ۾ اچي ٽُنبڪو وجھن. ھن وقت لاھور شھر ۾ ھزارين اھڙا ڪانھلا مڙس ھوندا جيڪي دنيا و ما فيھا کان بي خبر ٿي، ننڊن جا مزا ماڻيندا ھوندا! وري اسان آھيون جو فرض جي ادائگيءَ خاطر، انتھائي وڻندڙ طبيعت سان ڏند ٽيڙي پيا جاڳون.“ ”سائين منھنجا! ڇا ته اوھان عزتدار ۽ سعادتمند ثابت ٿيا آھيو؟“ نڪ کي ٿورو سيءُ لڳو ته ائين ٿورو رليءَ جي اَڙَ ورتيسين ۽ سوچڻ لڳاسين....؛ ”زبردست! ڇا ته اڄ اسان پوري وقت تي جاڳيا آھيون. بس ھاڻي ٿورو ان جي ھير پئجي وڃي ته پوءِ باقاعدي قرآن مجيد جو دور ۽ فجر جي نماز به شروع ڪنداسين! آخرڪار مذھب مڙني ڳالھين کان مٿي آ. اسان به ڪيترو نه ڏينھون ڏينھن وڃون ٿا ڪفر ۽ الحاد ڏانھن مائل ٿيندا جو نه خدا جو ڊڄ آ ۽ نه رسول جو ڀؤ! سمجھئون ٿا ته بس پنھنجي محنت سان امتحان پاس ڪري وينداسين. اڪبر ويچارو به ائين چوندو چوندو مري ويو. مگر اسان جي ڪن تي جونءَ ئي ڪا نه چُري! (رلي، ڪنن تائين سُرڪي آئي.) ... ته ڄڻ اسان اڄ ٻين ماڻھن کان اڳي جاڳيا آھيون.... گھڻو ئي اڳي..... يعني ڪاليج شروع ٿيڻ کان به چار ڪلاڪ اڳي. ڇا ته بات آ! اي منھنجا خدا! ڪاليجن وارا به ڪيتري قدر نه سست آھن. ھر چاق چڱي ڀلي ماڻھوءَ کي ڇھين وڳي تائين ڪنھن به حالت ۾ جاڳي پوڻ گھرجي. سمجھ ۾ ئي نه ٿو اچي ته ڪاليج ستين وڳي ڇو نه ٿيڻ گھرجي.....“ (رلي مٿي جي مٿان).... ”ڳالھ اھا آھي ته جديد تھذيب، اسان جي اعليٰ صلاحيتن کي نپوڙي ڇڏيو آھي. عيش پسندي وڃي ٿي ڏينھون ڏينھن وڌندي.... (اکيون ٻوٽجي ويون) ... ته پوءِ اڃا ڇھ وڳا آھن. ته پوءِ ٽي ڪلاڪ ته لاڳيتو مطالعو ڪري سگھجي ٿو. سوال فقط اھو آھي ته پھرين ڪھڙو ڪتاب پڙھجي. شيڪسپيئر يا ورڊز ورٿ؟ مان سمجھان ٿو؛ شيڪسپيئر بھتر ٿيندو! سندس عظيم الشان تصنيفن ۾ خدا جي عظمت جا آثار نظر ايندا آھن ۽ صبح جي وقت الله سائينءَ جي ياد کان وڌيڪ ڀلي شيءِ ٻي ڪھڙي ٿي سگھي ٿي؟ وري خيال آيو ته ڏينھن کي، جذبات جي حشرستان سان شروع ڪرڻ ٺيڪ ڳالھ ناھي. ورڊز ورٿ ٿا پڙھون. ان جي پنن ۾ فطرت وارو سڪون ۽ اطمينان ملندو ۽ دل دماغ، قدرت جي ڪشش سان ٿورو ٿورو لطف اندوز پڻ ٿئي.... ليڪن شيڪسپيئر... نه ورڊز ورٿ ئي ٺيڪ رھندو.... شيڪسپيئر.... ھيمليٽ...... ليڪن ورڊز ورٿ..... ليڊي ميڪبيٿ..... ديوانگي.... سبز زار..... سنجر سنجر.... باد بھاري...... ھوس جو شڪاري... ڪشمير..... مان مصيبت جو ٽڪرو آھيان......

اھو معمو ھاڻي مابعد الطبعيات سان ئي تعلق رکي ٿو، جو اسان رليءَ کان ٻوٿ ٻاھر ڪڍيو ۽ ورڊز ورٿ پڙھڻ جو ارادو ڪيو ته ڏھ وڄي رھيا ھيا. ان منجھ ڄاڻ ناھي ته ڪھڙو راز آھي!

ڪاليج جي ھال ۾ لالاجي مليو؛ ”مسٽر! صبح مون اوھان کي ٻيھر سڏ واڪو ڪيو ھيو، اوھان ورندي ئي نه ڏني؟“

مون وڏو ٽھڪ ڏئي چيس؛ ”او ھو! لالا جي ياد ڪونھيوَ جو مون اوھان کي ’گڊ مارننگ‘ چيو ھيو! مان ته اڳي ئي جاڳيو ويٺو ھيس.“

چيائين؛ ”اھو ته ٺيڪ آ ليڪن پوءِ.... ان کان پوءِ!.... لڳ ڀڳ ستين وڳي ڌاري مون اوھان کان تاريخ پڇي ھئي، اوھان ورنايو ئي نه!“

اسان انتھائي عجب مان کيس ڏٺو. ڄڻ ھو چريو ٿي ويو ھجي! پوءِ ٿورو سنجيده چھرو ٺاھي، نرڙ ۾ گھُنڊُ وجھي، غور فڪر ۾ گم ٿي وياسين. ھڪ اڌ منٽ تائين اسان انھيءَ ٻڏ تر ۾ رھياسين. پوءِ ھڪدم معشوقڙن ۽ محبوبڙن وارو انداز ٺاھي، مرڪي کيس چيو؛ ”ھا! ٺيڪ آ! ٺيڪ آ! مان ان وقت.... او.... او نماز پڙھي رھيو ھيس.“

لالاجي ته مرعوب ٿي ھليو ويو ۽ اسان پنھنجي زھد ۽ تقويٰ جي مزي ماڻڻ ۾ ڪنڌ لاڙي ڪمري ڏانھن موٽي آياسين. اھو ئي اسان جو ڏھاڙيءَ جو وتيرو ٿي ويو ھيو. جاڳڻ نمبر ھڪ، ڇھين وڳي. جاڳڻ نمبر ٻه، ڏھين وڳي. ان وچ ۾ لالاجي سڏي ته نماز!

جڏھن مرھيات دل، ھڪڙو حسرتن جو جھان ھيو، تڏھن جاڳڻ جي لاءِ ھيئن خواھشون ڪندا ھياسين؛ ”ہمارا فرق ناز محو بالش کمخواب“ ھجي ۽ سج جا پھريان ڪرڻا، اسان جي واسينگ نما وارن تي پوندڙ ھجن. ڪمري منجھ گلن جي سرھاڻ، روح کي جيئرو ڪندڙ ھجي. نازڪ ۽ سھڻا ھٿ پنھنجين آڱرين سان سرندي جي تارن کي ھورڙيان ھورڙيان سوريندا رھن ۽ عشق ۾ ٻڏل سريلو ۽ نازڪ آواز، مرڪي ڳائي رھيو ھجي؛ ”تون جاڳ موھن پيارا!“

ننڊ جو سونھري ڌُنڌُ، ھوريان ھوريان موسيقيءَ جي لھرن ۾ ملندو وڃي ۽ سجاڳي، ھڪڙي وڻندڙ جادوءَ وانگر اوندھ جي ڪاري نقاب کي چپ چپات ۾ چيھون چيھون ڪري ڇڏي. چھرو، ڪنھن جي اشتياق وارين نگاھن جي گرمي محسوس ڪندو ھجي. اکيون، ڳھرجي کلن ۽ چار ٿي پون. دل کي ڇھندڙ سَرھائي، صبح کي اڃا به چمڪائي وجھي. ويتر ”او ڪڻڪ-رنگي، جا منھنجي دل کي وڻي“ جھڙي راڳ سان گڏ، شرم ۽ حجاب ۾ ٻٽجي وڃي.

نصيب اھو آ جو پھرين ”مسٽر! مسٽر!“ جا آواز ۽ دروازي جي ٺڪ ٺڪ ٻڌڻ لاءِ ملندي آ ۽ پوءِ وري چئن ڪلاڪن پڄاڻان، ڪاليج جي گھڙيال جي رڳ رڳ مان صبح جا ڏھ وڄڻ شروع ٿيندا آھن ۽ انھن چئن ڪلاڪن جي عرصي ۾، ڪونري جي وڄڻ، ديڳڙين جي اونڌي ٿيڻ، دروازن جي بند ٿيڻ، ڪتابن جي ڇنڊ ڦوڪ، ڪرسين جي سير پير، گرڙين ۽ گراڙن ڪرڻ، کنگھڻ ۽ کڙڪڻ جا آواز ته ڄڻ پاڻئون واڻئون جون ٺمريون آھن. سمجھي وڃو ته انھن سازن ۾ سُرَ تار جي ڪيتري قدر نه اڃا گنجائش باقي آھي.

موت مون کي ڏيکاري پيو ڏئي،

جڏھن طبيعت تي ٿي نظر پوي.


(ماھوار ھمسري حيدرآباد آن لائين جي فيبروري ۲۰۲۵ع واري پرچي ۾ ڇپيل)

No comments:

Post a Comment