ھيڻو ھجڻ به عذاب آ
(ننڍڙي روسي ڪھاڻي)
ڪھاڻيڪار: انتون چيخوف
سنڌيڪار: انجنيئر عبدالوھاب سھتو
ٿورا ڏينھن ٿيندا جو مون کي آفيس جي ڪمري ۾ گھرايو ويو، جتي منھنجي ٻارن جي اتاليق، يوليا واسيليونا، پنھنجو حساب چڪتو ڪرڻ آئي ھئي.
مون کيس چيو؛ ويھ! يوليا! ... اچ ته پھرين ليکو ٿا ڪيون. تو کي سدائين پئسن جي گھرج پوندي رھندي آ، ليڪن تون ايڏي لڄاري آھين جو زبان سان ته گھرندي ئي ناھين. خير اسان تو سان ٽيھ روبل مھيني جا طئي ڪيا ھيا.“
يوليا چيو؛ ”چاليھ.“
مون چيس؛ ”نه!.. ٽيھ!.. مون وٽ رڪارڊ موجود آ. مان سدائين اتاليق کي ٽيھ روبل ئي ڏيندو آھيان.“
ھن چيو؛ ”ٺيڪ آ.“
مون پڇيس؛ ”اسان ڪيترا مھينا ڪم ڪيو؟“
يوليا ورندي ڏني؛ ”ٻه مھينا ۽ پنج ڏينھن.“
مون چيس؛ ”ٺيڪ آ! ٻه مھينا! مون وٽ به ايترا ئي لکيل آھن. تون ته سٺ روبل جي حقدار آھين. ليڪن اسان آچرن جون نو ڏھاڙيون ڪٽينداسين. ڇو جو تن ڏينھن ۾ ڪوليا کي ڪو نه پڙھايئي، رڳو ساڻس گڏ رھي ھئين. وري ٽن ڏينھن جي موڪل به ورتئي.“
يوليا واسيليونا جو چھرو ڦڪو ٿي ويو ۽ سندس آڱريون ڪپڙن ۾ وچڙڻ لڳيون. تنھن ھوندي به ھن شڪايت ڪا نه ڪئي.
مون وڌيڪ چيس؛ ”اسان ٽن موڪلن جا ٻارھن روبل ڪٽيون ٿا. ڪوليا چار ڏھاڙا بيمار ھيو، تو فقط فاريه کي پڙھايو. ان جا ست روبل ٻيا به گھٽ ٿيا. وري ٽي ڏينھن تنھنجي ڏندن ۾ سور ھيو، ته مون واري زال تو کي ٻپھريءَ کان پوءِ پڙھائڻ ڏنو، ان جا به ٻارھن روبل گھٽيا. ته ملائي سلائي اوڻويھ ڪٽجي ويا ۽ باقي بچيا ايڪيتاليھ! ٺيڪ آ؟“
يوليا واسيليونا جي اکين جا تُنر، نير سان ڀرجي ويا. سندس کاڏي ڏڪڻ شروع ٿي، مگر ھوءَ اڃا به ڇُلڪي ڪا نه.
مون وڌيڪ حساب ھنيو؛ ”نئين سال کان اڳي تو ھڪڙو ڪوپ ۽ پليٽ ڀڳا. تن لاءِ ڇھ روبل ڪٽبا. وري، ڪوليا تنھنجي لاپرواھيءَ جي ڪري وڻ تي چڙھيو ۽ پنھنجي جئڪيٽ ڦاڙي وڌائين. ان جا ڏھ روبل گھٽ ٿيا. نوڪرياڻيءَ ھڪڙو بوٽ چوري ڪيو ۽ اھو سڀڪجھ تنھنجي ذميواري ھئي، ته ان جا پنج روبل ڪٽجي ويا. ۽ ۱۰ جنوريءَ تي تو مون کان ڏھ روبل اڌارا ورتا ھيا.“
يوليا واسيليونا سرٻاٽ ۾ چيو؛ ”مون نه ورتا ھيا.“
مون چيس؛ ”مگر مون وٽ رڪارڊ ۾ لکيل آھن.“
ھن چيو؛ ”ٺيڪ آ! جيئن اوھان چئو!“
مون ليکو پورو ڪيو؛ ”ايڪيتاليھن مان ستاويھ نڪتا ته باقي بچيا چوڏھن روبل.“
يوليا واسيليونا جي اکين جا تنر ڇلڪي پيا، سندس ڊگھي نڪ جي سھڻي چوٽڙيءَ تي پگھر جا ڦڙا ظاھر ٿي پيا.
ھن ڏوگھريل آواز ۾ چيو؛ ”مون فقط ھڪڙو ڀيرو ٽي روبل اڌارا ورتا ھيا. ان کان وڌيڪ نه!“
مون ڇرڪ ڀريندي چيس؛ ”واقعي؟ مون ته اھي رڪارڊ ۾ لکيا ئي ناھن! پوءِ چوڏھن مان ٽي ڪڍي باقي يارھن ٿا بچن. ھان ھيءُ وٺ پنھنجا يارھن روبل!“
مون سڪا، سندس تريءَ تي رکي ڇڏيا. ھن ڏڪندڙ ھٿن سان اھي کيسي ۾ وڌا ۽ ھورڙيان چيائين؛ ”مھرباني!“
مون کي ڪاوڙ اچي وئي. مون پڇيس؛ ”ڇا جي مھرباني!؟“
ھن ورندي ڏني؛ ”پئسن جي!“
مون چيس؛ ”ليڪن مون ته تو سان ٺڳي ڪئي آ. تو کان ڦر مار ڪئي آ. تنھنجو حق ڦٻايو اٿم. تنھن ھوندي به تون پئي ٿي مھربانيون مڃين!“
ھن چيو؛ ”ٻين ھنڌن تي ته ڪجھ به نه ملندو آ.“
مون حيرت مان کيس چيو؛ ”ڇا؟ تو کي ڪجھ به نه ڏنو ويندو آھي؟ ڪمال آ! مان ته تو سان دل پِشوري پئي ڪئي. تو کي سبق پئي سيکاريم! ھيءُ وٺ! تنھنجا اصلي اسي روپيا! جيڪي مون تو لاءِ لفافي ۾ وجھي رکيا ھيا!“
مون رقم سندس حوالي ڪندي، کيس وڌيڪ چيو؛ ”ليڪن تون ايتري بيوس آن ڇا؟ پنھنجي حق لاءِ ٻڻڪ به نه ٿي ڪڍين؟ ڇا دنيا ۾ ائين ممڪن آھي ته تون پنھنجو حق گھرڻ کان به ڪيٻائين؟! ڇا تون واقعي به ايتري بيوس ۽ لاچار آن؟“
يوليا واسيليونا ھلڪڙي مرڪ سان چيو؛ ”ھائو! ائين ممڪن آھي!“
مون جُوھَ وجھي کيس ڏٺو. وري سوچڻ ويٺس؛ ”ڪيڏو نه دردناڪ آ ھن دنيا ۾ ھيڻو ھجڻ!“
No comments:
Post a Comment