Wednesday, February 5, 2025

ڪتابن جا عجيب نالا - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

ڪتابن جا عجيب نالا

(ننڍڙي ڪھاڻي)

سنڌيڪار: انجنيئر عبدالوھاب سھتو



ھڪڙي ڇوڪري، پنھنجي پيءُ سان گڏجي، ڪتاب کپائي رھي ھئي.

اوچتو، ھن پريان کان پنھنجي محبوب کي ايندي ڏٺو. دل جو دھڪو تيز ٿي ويس. نيٺ چپن تي شرارتي مرڪ آڻيندي، چيائينس؛ ”ڇا تون ان ڪتاب جي خريداريءَ لاءِ آيو آھين، جنھن جو نالو آ ’بابو، مون سان ساڻ‘ انگريزي ليکڪ شيڪسپيئر اٿس.“


محبوب، سندس سوال کي سمجھندي، ٿورو مرڪيو ۽ موٽ ڏنائينس؛ ”نه! مان ان ڪتاب لاءِ آيو آھيان ’ڪٿي ملڻ گھرجي‘ انگريزي مصنف ٿامس جو آ.“

ڇوڪريءَ ٿورو ڇرڪي چيس؛ ”مون وٽ اھو ڪتاب ته ڪونھي. مگر تون ’انب جي وڻ ھيٺان‘ نالي ڪتاب وٺي سگھين ٿو، جيڪو پيٽريس لکيو آ.“

محبوب چيس؛ ”ٺيڪ آ پياري! ليڪن سڀاڻي يونيورسٽيءَ ۾ ڇا توھان مون لاءِ ’پنجن منٽن کان پوءِ ڪال ڪندس‘، مشھور مصنف جون برنار وارو کڻي اچي سگھندئو؟“

ڇوڪريءَ شوق ڀريل لھجي ۾ ورندي ڏنس؛ ”ضرور! ۽ توھان به ’مان تو کي ھرگز مايوس نه ڪندس‘، نالي واري مصنف ميشيل دانيال جو ڪتاب، آڻڻ نه وسارجو. خدا حافظ.“

جڏھن ڇوڪرو موڪلائي ويو، ته پيءُ مرڪندي چيس؛ ”ايترا ڍير ڪتاب! ڇا اھو واقعي سڀ پڙھي ويندو؟“

ڇوڪريءَ محبت وچئون پيءُ ڏي نھاريندي چيو؛ ”ھائو بابا! ھو يونيورسٽيءَ جو انتھائي ذھين ۽ نامور شاگرد آ.“

پڻس سوچيندي چيس؛ ”ٺيڪ آ! منھنجي پياري ڌيئڙي! ڏس! مون وٽ به توھان ٻنھي لاءِ ٻه ڀلا ڪتاب آھن، جيڪي پڪ سان اوھان کي پسند ضرور ايندا. پنھنجي دوست کي اھو ڪتاب ڏي، جنھن جو نالو آ ’مان بيوقوف ناھيان، سڀ ڪجھ سمجھي ويو آھيان‘، ڊچ مصنف فرانڪ مرتيز وارو. وري تو لاءِ، منھنجي جان، ھيءُ ڪتاب آ ’پنھنجي سؤٽ سان سڀاڻي پرڻي جي تياري ڪر‘، روسي ليکڪ ھينري موريس وارو.“

No comments:

Post a Comment