راھَ مٽاءِ
ننڍڙي ڪھاڻي
ڪھاڻيڪار: فرانز ڪافڪا
سنڌيڪار: انجنيئر عبدالوھاب سھتو
ھڪڙي ڪُئي چيو؛ ”ھاءِ افسوس! ھيءَ دنيا، ڏھاڙي وڃي ٿي گھٽبي.
اڳي ايڏي ته وڏي ھوندي ھئي جو لڳاتار ڊوڙندو ھيس پيو ته کُٽندي ئي نه ھئي. اڳتي وڌندي، مون کي ڀؤ پئي ٿيو. جڏھن مون پنھنجي ساڄي ۽ کاٻي، ڀتيون ڏٺيون ته مون کي اڻ لکي خوشي محسوس ٿيڻ لڳي. اھي ڀتيون مون سان ساڻ ھلندي ھلندي سوڙھيون ٿي ويون ۽ مان پڇڙيءَ تائين پڄي ويس. اھا ٽپندي ئي، مان پاڻ لاءِ تيار ڦندي ۾ وڃي ڦاٿس.
ٻلي، اھو چوندي، کيس ڳڙڪائي وئي؛ ”تو کي فقط، پنھنجي راھ مٽائڻ گھرجي ھا.“
(محسن عليءَ جي اردو ترجمي تان کنيل)
No comments:
Post a Comment