بختاور مکيءَ جي ناول جو جائزو
ناول جو اڀياس
اڪبر لغاري
هِي ناول ان دور جو قصو آهي، جڏهن انگريزن، مکي ٻيلي کي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. مکي ٻيلو، اتي صدين کان رهندڙ ماڻهن، جانورن، پکين ۽ جيت جڻين جي آماجگاهه ۽ آسائش سان گڏ، هزارين خاندانن ۽ انهن جي چوپائي مال جي گذران جو ذريعو هو. هتي رهندڙ ماڻهن جي ثقافتي زندگيءَ جو بنياد ۽ محور سندن مال متاع تي هو. جيڪڏهن مينهيون، ڍڳيون، ٻڪريون ۽ رڍون خوش ته انهن تي گذران ڪندڙ ماڻهو به خوش. مکي ٻيلي ۾ مال لاءِ گاھ پٺي سان گڏ، ڳوٺاڻن جي اجهي اڏڻ لاءِ ڪاٺ ۽ ڪک پن سان گڏ، ٻيو به گھڻو ڪجھ هو.
ڳوٺاڻن جي سادي زندگي، جنهن ۾ سڪون ۽ باهمي احترام سان گڏ، جھيڙا جھٽا، چوريون چڪاريون ۽ انهن جون ڇيڙيون نبيريون به هيون، جيڪي زرعي ۽ مالوند سماج جون حصو هونديون آهن. سڀ ڪجھ ٺيڪ هلي رهيو هو پر جڏهن ڌاڙيلن جو آزار وڌيو ته انگريزن، مکي ٻيلي کي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.
