ويھ تولا سون
مختصر ڪھاڻي
ڊاڪٽر پروين
موسيٰ ميمڻ
رفيه موبائل جي گهنٽيءَ تي ننڊاکڙين
اکين سان فون ڏي هٿ وڌائيندي سست نموني سان چيو، ”هيلو!!“
سامهون جو آواز ٻڌي کن پل ۾ ننڊ
اڏامي ويس، سندس سڀ کان سٺي ۽ پياري ساهيڙي شهناز جو فون هو. هوءَ گهڻيون ساهيڙيون
ڪڏهن به ڪونه رکندي آهي، فقط ٻه يا ٽي جيڪي دل کي سيبائيندڙ، صلاح مشوري ۽ خيال
شيئر ڪرڻ سان گڏ رازدار ۽ پر خلوص هجن، شهناز جو شمار انهن ۾ ئي هو. هوءَ سندس ننڍپڻ
جي ڪلاس فيلو ۽ دِل گهري دوست رهي آهي، ان کانسواءِ سئي گئس ڪالونيءَ جون ٻه ساهيڙيون
به اٿس هن جو گهر وارو سئي گئس ڪمپنيءَ ۾ آفيسر آهي، سندس رهائش گذريل ويهن سالن
کان سئي گئس جي ڪالونيءَ ۾ آهي، هتي عورتون شادين، غمين، موقعن مهلن تي ميل ميلاپ
سان گڏ هر ٻئي مهيني”ڪميٽي پارٽي“، ”افطار پارٽي“، ”عيد ملن پارٽي“، ”پروموشن پارٽي“
نموني جون دعوتون ڪنديون آهن، جن ۾ سڀ آفيسرن جون زالون شرڪت ڪن ٿيون. ائين هتي به
رازدار ساهيڙيون پاڙي ۾ هئس.
شهناز سان خير عافيت ڪندي کيس
هوءَ فڪرمند لڳي هڪدم پڇيائين، ”شهني! ڪجهه پريشان پئي لڳين؟“
