Showing posts with label ڪهاڻي، ڪتاب، “وِيهه تولا سون” جو اڀياس، تبصرو، محمد صديق منگيو،. Show all posts
Showing posts with label ڪهاڻي، ڪتاب، “وِيهه تولا سون” جو اڀياس، تبصرو، محمد صديق منگيو،. Show all posts

Tuesday, December 3, 2024

ڪهاڻي ڪتاب “وِيهه تولا سون” جو اڀياس - محمد صديق منگيو

ڪهاڻي ڪتاب “وِيهه تولا سون” جو اڀياس

ڪتاب تي تبصرو

محمد صديق منگيو



سنڌي ڪهاڻي، ته انگريزن جي اوائلي دور کان، ميران محمد شاهه (اول) جي (ترجمو ڪيل) ڪهاڻي “سڌا تورو، ڪڌا تورو” کان لکي پئي وڃي، پر جديد سنڌي ڪهاڻيءَ جو سفر لعل چند امر ڏني مل جي ڪهاڻيءَ “حر مکيءَ جا” کان شروع ٿئي ٿو، جيڪا ۱۹۱۴ع ۾ لکي وئي، ان هڪ صديءَ جي سفر ۾ سنڌي ڪهاڻيءَ ڪيترائي لاها چاڙها ڏٺا ۽ ڪيترن تجربن مان گذري آهي، پر ان جو سفر ڪڏهن به جهڪو ۽ جهيڻو نه ٿيو ۽ اهو ٿيڻو به ڪونهي، اڄ به سنڌي ادب ۾ ڪهاڻيءَ جي صنف جو پاسو سگهارو آهي، اڄ به ملڪ جي ٻين ٻولين جي ڀيٽ ۾ سنڌي ڪهاڻي نه رڳو معياري ۽ جهجهي انگ ۾ لکي پئي وڃي پر ان جو رنگ به چوکو آهي، اڄ به سنڌي ڪهاڻيڪارن جي سٿ مان گهڻن کي ڇڏي، ڳڻڻ جهڙن ميچوئر ۽ سيبتن ڪهاڻيڪارن جو انگ ڏسبو، ته سنڌي ڪهاڻيڪارن جو ايترو انگ، ورهاڱي کان اڳ ۽ پوءِ وارن دورن ۾ ڪڏهن به نه رهيو آهي، سينيئر ڪهاڻيڪارن کان سواءِ جتي نئين ٽهيءَ جي ڪهاڻيڪارن جي کيپ تخليقي پورهيو ڪري پئي، اُتي نئون تخليقي جوهر به دريافت ٿئي پيو، اها سرهائي جوڳي ڳالهه آهي، اڄ به وڏي شاهڪار ڪهاڻي لکي پئي وڃي. اڄ به سنڌي ڪهاڻيءَ جي اعليٰ روايتن کي ڇيهو نه رسيو آهي. بس ڪا کوٽ آهي، ته نقادن ۽ پڙهندڙن جي کوٽ آهي، اڄ جي سنڌي ڪهاڻيڪارن جي ڪُڻي ۾ ڪو به نقاد نه آهي، دل جي اکين سان پڙهندڙن جي اڻاٺ آهي!