Wednesday, October 30, 2019

نه ته ڳالھه نه ٺھندي - مٺل جسڪاڻي


نه ته ڳالھه نه ٺھندي
مختصر ڪھاڻي
مٺل جسڪاڻي
ھُن ٻُڌايو؛ ”جڏھن موبائيل رنگ ٽون ٽئين دفعي به وڳي، ته مُنھن ۾ گهُنج وجهي، موبائيل کڻي، ٻُڌڻ ۽ ڳالھائڻ لاءِ بٽڻ آن ڪري، سيٽ ڪن تي آندم.“


مون تي ڪاوڙ ڪندي، ڄڻ ته ڪال ڪرڻ وارو آئون ھئس، ھُن نرڙ ۾ گهُنڊ وجهي چيو: ”نه سلام نه دعا، نه ڪو حال احوال پڇيائين، ڄڻ ته آئون وٽس پيٽ تي ڪمائيندڙ ھجان. بنا ساھي چوندو ويو؛ ’اخبار واري ڏانھن وڃ، سڀ سنڌي اخبارون ڏس، خط به ڏسجانءِ، جنھن جنھن به اخبار ۾، منھنجو ڪو شعر، منھنجي ڪا تحرير، يا ڪو خط ڇپيل ھجي، اھا وٺي رک. ايندڙ آچر تي کڻڻ ايندس... پر ٻُڌ، جنھن جنھن به اخبار ۾، جيڪو ڪجھ به ڇپيل ھجي، ڪال ڪري ٻُڌائجان به ضرور، نه ته ڀلا ايس ايم ايس ئي ڪجان... ھا، ھاڻ اُٿ به، وڃ به، صبح جا اٺ پيا ٿين. متان تو کان اڳي، ڪا اخبار کڄي نه وڃي“.
آخر ۾ ھُن ٻڌايو؛ ”چئي پيو، ڇپيل مواد جون تصويرون ڪڍي، واٽس ايپ تي موڪلجان، نه ته ڳالھه نه ٺھندي“.

No comments:

Post a Comment