Tuesday, October 29, 2019

قرض جي ادائيگي - زاھد علي ڀٽو


قرض جي ادائيگي
ڪھاڻي
زاھد علي ڀٽو
گهڻن ڏينهن کان هن جي سڪ ستائي رهي هئي۔ اها سڪ لاهڻ خاطر نوڪريءَ کان چند ڏينهن جي موڪل تي ساڻس ملڻ، ڳوٺ پهچي ويس.


هوءَ سامهون ڏسي، اکين ئي اکين ۾ ٺري ۽ ٻري پئي۔ سندس چھري تي خوشيءَ گاڏڙ شرم سان ڳٽن تي ڳاڙهاڻ ايئن بکيءَ رھي هئي، ڄڻ ڪا ڪنواري ڪنيا مندر ۾ ڏيئا پئي ٻاري!
گهر ڀاتين جي ڀئو کان، تڪڙو تڪڙو، گهر جي هڪ ڪنڊائتي ڪمري ۾ ويهاري ڊگهو شوڪارو ڀريائين. اهو شوڪارو ڊپ جو هئس يا گڏجڻ جي آسيس ۽ اطمينان جي اظهار جو؟!
پڇڻ تي وراڻيائين، ڪا ئي ڳالهه ناهي. تون ٻڌاءِ! ايڏن ڏينهن کانپوءِ منهنجي ياد ڪيئن پيئي؟ هن پڇيو.
وراڻيم؛ ”پرين! روزگار.. پيٽ پوڄا جي ڪري ڪراچيءَ جي ڪُنَ ۾ مورڙي جيان غرق ٿيندو پيو وڃان. ڇا ڪجي، مجبوري آھي. هڪ مهانگائي، ٻيو ايڏي تعليم ۽ ڊگريون هوندي به سرڪاري نوڪري جو ڪو آسرو ئي ناهي! بس پاڻ ٻنهي جو مستقبل سنوارڻ لاءِ ڪراچي ۾ ڪمايان پيو. ايڏو پري کان روز روز جي موڪل ۽ ڪرايو ڀاڙو به ڏاڍو اوکو ٿو لڳي.
ميارن وضاحتن جو سلسلو اڃا جاري ئي هو ته سندس اکين ۾ پاڻيءَ جو درياهه ڇلڪڻ لڳو ۽ اوچتو پاڻي اکين جا بند ٽوڙي سيلاب بڻجي، سندس ڳلن ۽ ڪپڙن کي سيراب ڪرڻ لڳو. هوءَ اوڇنگارون ڏيڻ لڳي، سندس اهڙي حالت ڏسي، منهنجي لڱن مان ساهه نڪري ويو. وري به پاڻ کي سنڀاليندي کيس آٿت ڏيڻ لڳس ته؛ ”چري روئين ڇو ٿي؟ دعا ڪر هتي ڪا سرڪاري نوڪري ملي ته ڪراچي ڇڏي، ڳوٺ موٽي ايندس ۽ پاڻ شادي ڪنداسين. .
وڏيري وريام کي بابي منهنجي نوڪري لاءِ منٿ ميڙ ڪئي آهي ۽ ڪجهه خرچ پاڻي به ڏيئڻو ڪيو اٿس. رب ڪندو ته ڀلائي ٿيندي.“
سڏڪندي چيائين؛ ”هاڻي پنهنجي شاديءَ جو آسرو لاهي ڇڏ!“
سندس اهڙي ڳالهه تي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي ۽ مٿو ڀنواٽيون کائڻ لڳو.
چيومانس؛ ”دماغ ته خراب نه ٿيو اٿئي؟ ٺپ ماري ڇڏيندس پنهنجو پاڻ کي!“
روئندي چيائين؛ ”وڏيري وريام کان، بابي امڙ جي علاج ۽ گهر جي گذر سفر لاءِ ٽي لک قرض ورتو هو. وڏيرو ان قرض تي وياج هڻي، ٽيڻو ڪري، جلد ادائيگي جي گهر ڪري پيو، لهڻو نه لاهڻ جي صورت ۾ منهنجو سڱ گهريو اٿائين. بابي مجبور ٿي، ٻي ڪا واهه نه ڏسي، کيس منهنجي ٻانهن ڏيڻ جي حامي ڀري ڇڏي آهي. امڙ، قرض ۽ منهنجي سڱ جي ڳالهه ٻڌي ويتر بيماريءَ ۾ بي حال ٿي وئي آهي.
ڀاءُ به ننڍڙو آهي، مان جيڪو ڀرت ڀريان ٿي ۽ رليون سبان ٿي تنهن مان ته پورت ئي نٿي پئي.
خدا کي مڃ، مون کي وساري ڇڏ!
پنهنجي پيار کي به وساري ڇڏ، ته پاڻ ڪڏهن مليا به هئاسين!“
اڃا چوندي رھي؛ ”مان تو کان سواءِ جي ته ڪا نه سگهندم پر امان، بابا ۽ ڀاءُ تان قرض جو بار ته لهي ويندو!!“
سندس روئڻ سڏڪا جاري هئا ۽ منهنجو من، بلڪ سڄو وجود ٽڪرا ٽڪرا ٿي، وکرجي چڪو هو.
ڄڻ ته وقت کان اڳ ڪا قيامت ڪڙڪي پئي هئي.

No comments:

Post a Comment