Monday, October 28, 2019

عبدالسلام ٿهيم جي ڪھاڻي ڪتاب ’گلن سان تعزيت‘ تي تبصرو- خالدہ منير


عبدالسلام ٿهيم جي ڪھاڻي ڪتاب گلن سان تعزيت‘ تي تبصرو
خالدہ منير
پھريون دفعو ڪنهن ڪهاڻين جي مجموعي تي تاثرات لکي رهي آهيان. هونئن به آئون ڪهاڻين جا ڪتاب تمام گهٽ پڙهندي آهيان. ڀاءُ عبدالسلام ٿهيم محبت مان پنهجي ڪهاڻين جو ڪتاب، گلن سان تعزيت، موڪليو ته مناسب سمجهيم ته ڪتاب پڙهي ان تي پنهنجي راءِ لکان.


هن ڪتاب ۾ پهرين ڪهاڻي، ’خوشبو جهڙي ڇوڪري، هلندڙ دور جي عڪاسي ڪندڙ آهي. حقيقت جي بلڪل قريب. جنهن وقت ۾ اسين رهون پيا، ان ۾ مرد سان گڏ عورت به هر شعبي ۾ ڪم ڪري ٿي. حنا جو ڪردار به اهڙي ڇوڪري جو آهي جيڪا آفيس ۾ مردن سان گڏ ڪم ڪري ٿي. گڏ ڪم ڪرڻ سان ظاهر آهي ته هڪ ٻئي سان ڄاڻ سڃاڻ ۽ ويجهڙائپ ٿي ويندي آهي پر ان ڪهاڻي جي ڪردارن جو اخلاقي ۽ سمجهداري وارو رويو تمام سهڻي نموني لکيو ويو آهي ان ۾ ڪردارن جا ڊائلاگ به اثر ڇڏيندڙ آهن.
جيئن حنا جليل کي چوي ٿي؛ ”جيڪڏهن رقيب پنھجي لڳايل باھ ۾ پاڻ سڙي مرن ته ان کان وڌيڪ سزا ٿيندي“
ائين جليل هڪ هنڌ تي حنا کي چوي ٿو ته؛ ”مون لاءِ هوءَ تمام خاص ۽ مقدس آهي جنھن کي مان ڪڏھن به ڇهي عام ڪرڻ نه چاهيندس هن سان آئون محبت به ۽ عقيدت به رکان ٿو“.
اهڙين لکڻين جي هن وقت ضرورت آهي جنهن ۾ نوجوانن لاءِ سبق به هجي. محبت صرف جسماني ضرورت پوري ڪرڻ جو نالو نه آهي محبت عزت ۽ احترام به گهري ٿي.
ٻي ڪهاڻي هڪ غريب گهر جي پسمنظر ۾ لکيل آهي جنهن جو نالو ”گار“ آهي. غربت هن دور ۾ گار مثل آهي. غريب ماڻهو ماني ۽ دوا جهڙين اهم ضرورتن ۽ گهرج لاءِ به وياج تي قرض کڻڻ تي مجبور آهن. ائين لڳي ٿو موجود حالات ڏسي ڄڻ وياج تي زندگي جي رهيا آهن. هيءَ ڪهاڻي مڪمل طور تي سماج پٽاندر آهي.
عبدالسلام ٿهيم جون ڪهاڻيون، هاڻي واري معاشري جون حالتون بيان ڪندڙ آهن. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ليکڪ پنهنجي آس پاس جو ڪيتري گهرائي سان مشاهدو ڪندڙ آهي. هو جيڪو ڏسي ٿو، اهو پوري ايمانداري سان لکي ٿو. ڪهاڻين کي اجائي ڊيگھ ڏي وڌايو نه ويو آهي. ان جي باوجود به هر ڪهاڻي ،پنھنجو هڪ الڳ مڪمل تاثر پڙهندڙن تي ضرور ڇڏي ٿي.
پوري ڪتاب ۾ جيڪي به ڪهاڻيون آهن، سي سڀ ڪارائتيون آهن. انهن جا ڪردار اهي آهن جيڪي روز اسان جي سامهون هوندا آهن. عبدالسلام ٿهيم جنهن حقيقت شناسي سان ڪهاڻين جي ڪردارن جا ڊائلاگ چونڊي لکيا آهن، اها سندس مدبرانہ سوچ آهي، جن کي پڙهي ڪير به متاثر ٿيڻ کانسواءِ نٿو رهي سگهي.
هڪ ڪهاڻي ”ڪرسي“، جنهن ۾ ٻار، پنهنجي ماما کان سوال ڪري ٿو ته؛ ”ماما ڇا ڪرسيون ڳالهائينديون آهن؟“ واقعي ۾ انتهائي ڇرڪائيندڙ سوال ٻار جو آهي ۽ اها حقيت آهي ته ڪرسيون ڳالهائينديون آهن. ڪرسي کي اسان جي سماج م ڪيتري اهميت حاصل آهي. جيڪو جيڏي وڏي ڪرسي تي ويٺل آهي، اهو ايترو ئي پاور فل آهي. جيئن چاهي جيڪو چاهي ڪري، مرضي آهي هن جي.
هڪ ڪهاڻي ”ذميوار“ نالي سان آهي، جيڪا مظاهرن ۽ ڌرڻن جي پسمنظر ۾ لکيل آهي. مظاهرا/ ڌرڻا سنڌ ۾ هاڻي روز جو معمول بڻجي ويا آهن. ان ڪهاڻيءَ ۾ سمورا نڪتا، حقيقت جي بنياد تي لکيل لڳن ٿا. ادب، جيترو حقيقت جي ويجھو هوندو، ايترو پائيدار هوندو آهي.
اسان وٽ عمومًا اهو رواج ٿي ويو آهي ته اسان وڏي نالي واري اديب کي زياده پڙهندا آهيون، چاهي ان جي لکڻي اسان کي سمجھ ۾ اچي يا نه اچي. نون لکندڙن کي ايتري اهميت نه ڏيندا آهيون. جنهن جو تمام گهڻو خراب اثر ٿئي ٿو. ڇو جو لکندڙ، جوڳي موٽ نه ملڻ ڪري مايوس ٿي ويندو آهي. نون لکندڙن کي ضرور پڙهجي. ان سان انهن ۾ لکڻ جو اتساھ وڌندو. مستقبل ۾ هو ان کان به وڌيڪ سٺو لکندا.
اسان وٽ ليکڪ جو قدر نه آهي. ان جو مثال علي بابا جهڙو عظيم ڪهاڻيڪار آهي، جنهن جي سڄي زندگي، ڏکن ڏولاون ۾ گذري. ان ڪري اسان پنهنجي اديبن جو قدر ڪريون.
ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته، عبدالسلام ٿهيم جي ڪهاڻين جو مجموعو، گلن سان تعزيت، ادب ۾ تمام ڪارائتو واڌارو آهي.

No comments:

Post a Comment