Tuesday, October 29, 2019

عشق فقيريءَ ۾ آھي - دريا خان شنباڻي


عشق فقيريءَ ۾ آھي
پوڙھو عاشق بمقابله جوان عاشق - طنز ۽ مزاح
دريا خان شنباڻي
اسان ته سڄي حياتي عشق کان ان ڪري پري رهياسين جو اسان کي سدائين ڊيڄاريو ويو ته “عشق ڪندين ته لڳندئي ۽ پوءِ ننڊ نه ايندئي” ۽ وڌيڪ پڪ تڏھن ٿي جڏھن هي ڪلام ٻڌوسين جنهن ۾ صاف منع ٿيل آهي ته “لڳي واليان نون نيند نئين اوندي” سو اسان عشق جي معاملي ۾ صرف ايترو اڳڀرو ٿياسين جو ڪا اڳڀرائي نه ڪري سگهياسين. اسان هڪ نوجوان کي منجهائڻ جي ڪوشش ڪندي پڇيو ته “هن ڌرتيءَ تي پهريان ڪڪڙ آيو يا آنو؟” نوجوان بجاءِ اسان جي سوال جو جواب ڏيڻ جي اسان کي منجهائيندي پڇائين “پهريان عشق جنم ورتو يا عاشق؟”


اسين نه صرف نوجوانن کان ڏکيا ڏکيا سوال پڇي کين منجهائڻ جي ڪوشش ڪندا آھيون پر ڪڏھن ڪڏھن پوڙھن کي به منجهائڻ جي ڪوشش ڪندا آھيون. تنهنڪري اسان هڪ پوڙھي عاشق کان پڇيو ته “اوهان پوڙھن جو عشق ڪرڻ ۾ ڇا وڃي؟” ته چيائين “سچو عشق ٻڍا نه ٿيوي، توڙي هووي چٽڙي ڏاڙھي”. اتي بيٺل هڪ نوجوان عاشق پوڙھي کي چيو “چاچا! منهن ۾ رت ناهي، جان ۾ ست ناهي، پوءِ به عشق جون ڳالهيون پيو ڪرين”. پوڙھي عاشق ڏاڍي اطمينان سان جواب ڏيندي چيو ته “اها ئي ته عاشق جي سڀ کان پهرين نشاني آھي” ۽ ان پوڙھي عاشق چيو ته عاشق جون ڇھ (۶) نشانيون ٿينديون آھن.
عاشقان را شش نشانيان است اي پسر؛
رنگ زرد، آه سرد، چشم تر،
انتظاري، بيقراري، دربدر.
جوان عاشق خاموش ويٺو رهيو ته پوڙھي عاشق جوان عاشق جي ڳاڙھن ڳلن ڏانهن اشارو ڪندي چيو؛ ”اڃا تو منجهان ڪک ڇتي رت نڪري، منهن ۾ محبوبن جا ڪيئن جهليندين گهاءُ؟!!“
“سو تون ڪڄاڙيا سڪڻ جون سڌون ڪرين”
جوان عاشق پوڙھي عاشق کي طعنو هڻندي چيو؛ ”چاچا! مون کي خبر آھي ته اصل ۾ پوري طرح سان ماني نه ملندي اٿئو، لٺ تي هلين، ماني گرهه به پوري طرح سان چٻاڙي نه سگهين، پوءِ به عشق عشق ڪندو وتين.”
پوڙھي عاشق چيو، “عشق ناهي راند جو کيڏن ڳڀرو”.
ان سٽ کان پوءِ جوان عاشق، پوڙھي عاشق کي چيو؛ “چاچا! تنهنجا ڏند به ته هٿرادو آھن، ياد اٿئي ان ڏينهن تون جڏھن عشق جو اظھار ڪري رهيو هئين ته سڄي ٻٽيهي اچي پٽ تي ڪري هئي.”
هن ڀيري پوڙھي عاشق کي ڪجهه چڙ لڳي جو نوجوان ڪجهه پرسنل ٿي ويو هو. سو پوڙھي عاشق چيو؛ “وري به خير ٿي ويو، اها ٻٽيهي کڻي وات ۾ وڌم پر تو کي ياد آھي جڏھن تون عشق جو اظھار ڪيو هو ته ڪيئن مخالف طرف کان هڪ ٺونشي تنهنجا ٻه ڏند ڪيرايا هئا ۽ بونس ۾ نڪ مان به رت ڳاڙيندو ڀڄي ويو هئين”.
ڪجهه ماڻھن جو خيال آھي ته؛ “عاشق زهر پياڪ، وهه ڏسي وهسن گهڻو” پوءِ اسان ان سٽ تي به سوچيو ته واقعي به اڳين دور جا ماڻھو اٿڻ سان نم جي ڏندڻ سان ڏند صاف ڪندا هئا ۽ پنير پسائي ان جو زهريلو پاڻي پيئندا هئا ۽ اهي سدائين ٺيڪ رهندا هيا ۽ هاڻي نوجوان اٿڻ سان چانهه جو پيالو منهن تي چاڙھين ۽ مٺي پيسٽ سان ڏند برش ڪن. سو فرق ته پوڻو آھي. ان تي پوڙھن عاشقن جو چوڻ آھي ته “اسان زهر کائي پي مٺا ٿيندا هياسين ۽ اڄوڪا نوجوان مٺو کائي پي زهر ٿي پيا آھن”.
جوان عاشق به پوڙھي عاشق کي جهڪائڻ جي ڪوشش ڪندي چيو؛ “چاچا! ڀلا اهو ٻڌاءِ ته تون مجنون جيان ليليٰ جي ڪڍ هلي سگهندين، رانجهي جيان هير لاءِ مينهون چاري سگهندين، پنهون جيان سسئي لاءِ ڌوٻي بڻجي ڪپڙا ڌوئي سگهندين، فرهاد جيان شيرين لاءِ جبل ٽڪي سگهندين؟”
پوڙھو عاشق خاموش ٿيو ته جوان عاشق وڌيڪ چوڻ لڳو ته؛ “عشق به صحت سان ٿئي. عشق به اميريءَ سان ٿئي. خالي کيسي ڪهڙو عشق! ۽ سچ ئي ته چئي ويا آھن ته اڇا ڪپڙا کيسا خالي، ماڻھن ليکي ملڪ جو والي.“
پوڙھي عاشق جواب ڏيندي، نوجوان عاشق کي لاجواب ڪندي چيو؛ “عشق فقيري ۾ آھي”.

No comments:

Post a Comment