Tuesday, October 29, 2019

ھاريءَ جو پٽ - وحيد محسن


ھاريءَ جو پٽ
ٻارن لاءِ ڪھاڻي
وحيد محسن
ڳوٺ رسول آباد ۾ ھڪ ھاري سليمان پنهنجي ڪٽنب سان رھندو ھو، جيڪو انتھائي محنتي ۽ جفاڪش انسان ھو!-- روزانو صبح سوير اٿي نماز پڙهي قرآن شريف جو دؤر ڪري، مسجد کان واپس اچي، پنهنجي گهر واري سڀاڳيءَ کي چوندو هو؛ ”سنگھار جي ماءُ! سگھو اڄ نيرن ڪراءِ ته مان ٻنيءَ تي وڃان! سڀاڳي به جيءُ بسم الله ڪري، پنهنجي مڙس کي ماني، مکڻ ۽ لسيءَ جو لوٽو ڀريل آڻي اڳيان رکندي ھيس. ھيءُ ماني کائي، سوير پنهنجي ٻنيءَ ڏانهن ھليو ويندو هو.


سليمان، پنهنجي ٻنيءَ تي تمام گهڻي محنت ڪندو رھندو ھو. ان کي سنواري سڌو ڪري، موسمي پوکون پوکيندو ھو، جنهن ۾ ڪڻڪ، ساريون، چڻا، مٽر ۽ مال متاع لاءِ لوسڻ به ھوندو ھو. کيس سخت جفاڪشي جي ڪري زمين مان گهڻو لاڀ حاصل ٿيندو ھيو ۽ ڪل پنج جريب زمين ھئي جيڪا سندس خانداني ورثي مان ملي ھيس.
سليمان وسيع سوچ وارو ھو. انھيءَ ڪري زمين ۾ ڪجهه سبزيون به ڪندو رھندو ھو جنهن مان روزاني جو خرچ پکو به نڪري پوندو ھيس.
سليمان پنهنجي گهر واريءَ کي چوندو هو؛ ”سڀاڳي تون واقعي سڀاڳي آھين! جڏهن کان منهنجي جيون ساٿياڻي بڻي آھين، تڏھن کان گهر ۾ خوشحالي ئي خوشحالي ٿي وئي آهي.“
ان تي سڀاڳي چوندي ھيس؛ ”سنگھار جا پيءُ اسان لاءِ ته اصل ڀاڳ اوھان ئي ته آهيو ڪو به فضول قسم جو خرچ اوھان ڪو نه ڪندا آهيو ۽ اوھان جي ڪري ته مان به سڀاڳي ٿي پئي آهيان، سکي آهيان.“
سنگھار، پرائمري تعليم پاس ڪري، انگريزي اسڪول ۾ داخلا ورتي. ڳوٺاڻو ٻار ھو ۽ سھڻي تربيت ٿيل ھيس. ماءُ ۽ پيءُ جو احترام تمام گهڻو ڪندو ھو ۽ ان سان گڏ لکڻ پڙهڻ جو شوق به ان کي بيحد ھوندو ھيس. ماڻس سڀاڳي دم دم دعائون ڪندي ھيس؛ ”سنگھار پٽ تون وڏو ٿي ڊاڪٽر ٿيندين.“
سنگھار، ماءُ ۽ پيءُ جي اکين جو ٺار ھو. جڏهن مئٽرڪ پاس ڪيائين ته ان لاڙڪاڻي ڪاليج ۾ پري ميڊيڪل سائنس گروپ ۾ داخلا ورتي. روزانو شوق سان ڪاليج وڃڻ لڳو ۽ ڳوٺ جا ڪجهه ٻيا به شاگرد ان سان گڏ پڙھندا ھئا، جنهن ۾ وڏيري سانوڻ خان جو پٽ محمد ھاشم به ساڻس پري ميڊيڪل ۾ ھوندو ھو.
سنگھار، پنهنجي مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ، ڏينهن رات محنت ڪندو رھيو ۽ تعليم کي جاري رکيائين. ڪاليج جي موڪل وارن ڏينهن تي پنهنجي والد سليمان سان ٻنيءَ تي به ويندو هو، جتي ان کي فطرت جا رنگ ڏاڍا سونھندا ھئا. وڻ، ٻوٽا، پکي ۽ جانور ڏسي خوش ٿيندو هو.
سليمان، مضبوط ۽ حوصلي وارو ماڻهو ھو. کيس ڪنهن به قسم جي ڪا تڪليف ڪو نه ٿيندي ھئي ۽ سدائين پنهنجي ڪم ۾ رڌل رھندو ھو. پر جڏهن کان سندس پٽ سنگھار ساماڻو ۽ سندس ھٿ ونڊائيندو ھيو ته ھو باغ بھار ٿي پوندو ھيو!
سنگھار، انٽر جو امتحان اي ون گريڊ سان فرسٽ پوزيشن ۾ پاس ڪيو ته سندس والد سليمان ۽ ماءُ سڀاڳيءُ جي اکين ۾ جوت اچي وئي ۽ خوشيءءَ مان انھن جون اکيون به مرڪي پيون!---
سنگھار جي محنت رنگ لاتو. ان جي داخلا ميرٽ تي ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ ٿي وئي ته ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ھن ڊاڪٽري پڙهڻ لاءِ يونيورسٽيءَ جا وڃي وڻ وسايا ۽ ان کي اتي پڙھندڙ ٻن سينيئر شاگردن سان گڏ ھاسٽل ۾ روم ميٽ ڪيو ويو. اھي سينيئر شاگرد جونيئر شاگرد جي تربيت به ڪندا ھئا.
سنگھار، ذھين شاگرد هو. ان ڪري کيس ميڊيڪل يونيورسٽيءَ ۾ ڪا به پريشاني نه ٿي ۽ پنهنجن روم ميٽ دوستن ساگر ۽ اياز سان فر فر ڪري انگريزي ٻولي ڳالھائڻ لڳو ته اھي به ان جي ذھانت ڏسي حيران ٿي ويا ۽ داد ڏيڻ لڳس؛ ”واھ يار سنگھار! اوھان ته انگريزي رواني سان ڳالھايو ٿا.“
سنگھار، انهن جو ٿورو مڃيندي چوندو ھيو؛ ”بس ادا ڪوشش ڪيان پيو ته سھڻي نموني سان علم حاصل ڪيان ته جيئن منهنجي امڙ جو سونھري خواب ساڀيان ٿي سگهي.“
ساگر ۽ اياز به ان جي حوصلا افزائي ڪندي چوندا ھيا؛ ”اوھان ڪو به الڪو نه ڪيو. ھتي يونيورسٽيءَ ۾ اعليٰ قسم جي لائبرري موجود آهي. جيڪڏهن ڪو به ڪتاب اوھان کي گھربل ھجي ته پنهنجو انٽري ڪارڊ لائبررن نظير احمد کان ٺھرائي پوءِ اتان سڄو سال ڪتاب اشو ڪرائي پڙھندا رھجو.“
ڪافي ڏينهن گذري ويا! سڀاڳي پنهنجي پٽ کي ياد ڪري رهي هئي. ڪانگ لنوي پيو. ان کي چيائين پئي؛ ”ڪانگل اچ ته اڄ مان تو کي مٺو لولو کارايان! منھنجو پٽڙو سنگھار اچي پيو ڇا؟!“
ڪانگل به پنهنجي ٻوليءَ ۾ ڳالھائيندي نم جي وڻ تي وڃي ويٺو. سڀاڳيءَ جي گهر جي ٻاھرئين در ۾ ديد کتل ھئي ۽ انهيءَ لمحي در کليو ته واقعي سندس نيڻن جو ٺار سنگھار پنھنجا قدم گهر جي اندر وڌائيندي السلام عليڪم چيو ته سڀاڳيءَ جي وجود ۾ خوشيءَ جون وليون ڦٽي پيون. سنگھار، ماءُ سان، ھيٺ جھڪي، پيرن تي ھٿ رکي، مليو ته سڀاڳي پنهنجي پٽ کي مٿي اٿاري، پيشانيءَ تي چمي ڏئي، پنهنجي مامتا جي ٻاجهه سان محبت ڀريو اظهار ڪيو.
سنگھار، پنهنجي ماءُ سڀاڳيءَ کي چوڻ لڳو؛ ”امان! مون پھرئين سال جو امتحان پاس ڪيو آهي ۽ ٻن ھفتن جي موڪل تي آيو آهيان. ھاڻي ته مان پنهنجي بابا سان گڏ ٻنيءَ تي خوب محنت ڪندس. ڇو ته ساريالي فصل جي پوک لاءِ ھاريءَ کي وڌيڪ جفاڪشي ڪرڻي پوندي آهي.“
ماءُ، کيس دعائون ڏيندي رهي؛ ”پٽڙا! سدائين سکيو ھوندين! شل ڪوسو واءُ نه لڳندءِ!“
انھيءَ دعا کانپوءِ، سنگھار مرڪي پيو.
سنگھار کي ڳوٺ جي تازي آبھوا وڻندي ھئي ۽ ڳوٺ اچي تازو توانو ٿي پوندو ھو ۽ پنهنجي والد سليمان سان ٻنيءَ تي ڪم ڪار لاءِ خوشيءَ سان ويندو هو. ھن دفعي ٻئي ھفتا به ائين مصروف گذري ويس. ان ڳالھ جو کيس احساس ئي نه ٿيو.
سنگھار، پنهنجي والد سليمان ۽ ماءُ سڀاڳيءَ کان موڪلائي، يونيورسٽيءَ لاءِ روانو ٿي ويو ۽ ٻئي سال جا ڪلاس شروع ٿيا ته ھو پنهنجي روايتي محنت ۽ جستجوءَ سان پڙھندو رھيو. آخر ڪار سٺين مارڪن سان امتحان پاس ڪري سرھو ٿيو.
آخري سال جي فارم في جمع ڪرائي ڇڏيائين ۽ يونيورسٽيءَ جي لائبريري ۾ ويھي پنهنجي مطالعي کي جاري رکيائين. پنهنجي تعليم سان سلھاڙيل رھيو ۽ وقت جو تمام گهڻو قدر ڪندو رھيو. آخري سال جو امتحان به امتيازي مارڪن سان پاس ڪيائين ته ڪجهه ڏينهن لاءِ وري پنهنجي ڳوٺ ڏانهن آيو ۽ پنهنجي والدين کي اھڙي خوشخبري ٻڌايائين؛ ”مان اوھان جي دعائن ۽ پنهنجي محنت سان، ڊاڪٽريءَ جو امتحان پاس ڪيو آهي. مون کي گولڊ ميڊل به ملندو. ھاڻي مان ميڊيڪل يونيورسٽي جي ھاسپيٽل ۾ ئي ھائوس جاب ڪندس!“
سڀاڳي ۽ سليمان، پنهنجي پٽ سنگھار جون اھي ڳالهيون ٻڌي تمام گهڻو خوش ٿيا.
سنگھار، ھائوس جاب ڪرڻ دوران، پنهنجي سينيئر ڊاڪٽرن کان ڪافي علم ۽ تجربو حاصل ڪيو . مريضن کي به آٿت ڏيندو رھيو.
آخرڪار، پنهنجي مضبوط ارادي سبب، ھڪ ھاريءَ جو پٽ ڊاڪٽر بڻجي ويو.
سنگھار، پنهنجي محنت ۽ جستجوءَ سان، سرجريءَ واري شعبي ۾ ميڊيڪل جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ ميڊيڪل سائنس ۾ سندس دلچسپي اڃا به وڌندي وئي. پنهنجي مطالعي ۽ تحقيق جي آڌار تي ڪجهه ڪتاب به لکي ورتائين، جيڪي شايع ٿيڻ کانپوءِ ميڊيڪل سائنس ۾ مقبول ٿي ويا.
سنگھار جي اھڙي شھرت ڏسندي، سندس پيءُ سليمان ۽ امڙ سڀاڳي خوش ٿيا ۽ نصيحت ڪرڻ لڳس؛ ”پٽ! ھميشھ غريبن جي مدد ڪندو رھجانءِ، جيئن اھي تو کي دعائون ڏيندا رھن.“

No comments:

Post a Comment