Tuesday, October 29, 2019

چاٻيُون - ياسر قاضي


چاٻيُون
ڪهاڻي
ياسر قاضي

”اوهان گهر جُون چاٻيون ڪٿي رکيون آهن؟“
فريحه پنهنجي مُڙس کان ڳڻتيءَ وچان پُڇيو
”ياد ناهي... ڊريسنگ ٽيبل تي ئي هُونديون، جتي رکندو آهيان.“ عرفانَ، جيڪو گهر جي لائُونج ۾ ڪتاب پڙهڻ ۾ مصروف هو، زال جي ڳڻتيءَ کي نه ليکيندي، تسليءَ ۽ پڪ سان، اڌ توجّهه مان جواب ڏنس... سندس نظرون ڪتاب ۾ ئي کُپيل رهيون...
”اتي ڪونهن... تڏهن پُڇيم...“


”اتي ئي هونديون... ٻيو ڪيڏانهن وينديُون... صفائيءَ دؤران هيڏانهن هوڏانهن ٿي ويون هونديون... يا وري تو پاڻ ئي ڊريسنگ ٽيبل جي خاني ۾ رکيون ڇڏيون هونديون...“ عرفان وراڻيو
”هر جاءِ تي ڏسي چُڪي آهيان...“
”مسئلو ڇاهي؟ اوچتو ڇو ياد پيون هن منهنجيون چاٻيون...؟“
عرفان ڪتاب بند ڪري هلڪي بيزاريءَ مان فريحه طرف متوجه ٿيندي پُڇيو...
”ڪجهه نه!“ جوڻهنس ڳالهه اڌ ۾ ڇڏي، اندر ڪمري ۾ هلي وئي ۽ وري ڪم ڪار سان لڳي وئي...

ٻئي ڏينهن شام ڌاري گهر کان ٻاهر وڃڻ لاءِ جڏهن عرفان سنبرِي، ڊريسنگ ٽيبل تان پنهنجو پيسن وارو ٻٽُون، پين ۽ چشمو پئي کنيو ، ته فريحه کان پُڇيائين: ”نظر آيو منهنجو ڪِي چين...؟“
فريحه، جيڪا ڪمري ۾ ويٺي ٽوپي ٽڳي ۾ مصروف هئي، تنهن وراڻيس: ”اهو ئي ته ڪلهه ٻُڌايم پئي توهان کي...“
”ٻُڌايئي ته پئي... پر ان کان پوءِ نظر ناهن آيون ڇا؟“
”نه...“
”ڪيڏانهن ويون...؟“
”اها ئي ته پريشاني آ...“
”پريشاني وري ڇا جي...! جانچ نه... اتي ئي هونديون... گهر مان ڪيڏانهن وينديون...!
هيءَ جيڪا تو ڊريسنگ ٽيبل جي مٿين خاني ۾ اڌ دنيا سٿَي رکي آ نه... انهن ۾ ئي ڪٿي لڪيون پيون هونديون... منهنجا رومالَ ۽ هي واچُون ٻاچُون هٽائي ڏسي وٺجانءِ...“
”ڏسي چُڪي آهيان... ڪونهن...!!“ فريحه پوريءَ پڪ سان چيو.
عرفان، جنهن کي ان وقت گهر کان ٻاهر ڪنهن ڪم سان وڃڻو هو، تنهن وري زال جي ڳڻتيءَ کي گهڻو سنجيده نه ورتو ۽ روانو ٿي ويو....
”در بند ڪري ڇڏ... اچان ٿو مان ڪجهه دير ۾..“
ان چاٻين جي ڇُڳي ۾ عرفان جي دفتر جُون ضروري چاٻيون، گهر جي دروازي جي چاٻي ۽ گهر واريءَ بلڊنگ جي مک دروازي جي ڪُنجي به هئي... ان رات هُن زال جي ڳالهه کي جزوي طرح سنجيده ورتو ۽ فريحه کان ان وقت پڇيو، جڏهن هوءَ رنڌڻي ۾ ڪم ڪري رهي هئي:
”ٻڌ، آخري دفعو تو منهنجي چاٻين جو ڇلو ڪڏهن ڏٺو هو!؟“
”ياد ناهي... شايد ٻه ٽي ڏينهن اڳ...“
”سُومر تي منجهند جو مان جڏهن آفيس کان جلدي واپس آيو هئس ته گهر جو دروازو مُون ئي کوليو هو... ڇوته تُون ان ڏينهن شام جو گهر آئي هئين...“
”ها...“
فريحه هنڊي اڌ ۾ ڇڏي رنڌڻي مان لائُونج ۾ سُري آئي، جتي مُڙسهنس ويٺي ساڻس ڳالهايو پئي.
”ان ڏينهن ته چاٻيُون هيون... مُون پاڻ گهر ۾ داخل ٿي... کيسي مان چاٻيون، پين، پيسا ۽ ٻيو سامان ڪڍي ڊريسنگ ٽيبل تي رکيو هو...“ عرفان چيو
”جي...! ۽ ان کان پوءِ اوهان آفيس مان ٻن هفتن جي موڪل تي آهيو... جنهن ڪري اوهان کي چاٻين جي ضرورت ئي پيش ڪانهي آئي...“
”ها نه... ۽ ان وچ ۾ گهر کان جنهن وقت به ڪم سان ٻاهر نڪتو آهيان، ته تُون يا ڪو نه ڪو گهر ۾ موجود آهي ئي آهي، تنهنڪري مُون کي گهر جو دروازو ٻاهران بند ڪرڻ جي ضرورت ئي پيش ڪانهي آئي...“
”هائو...!“
”ٻُڌو... اوهان کي ڪاوڙ ته لڳندي... پر هڪ ڳالهه ٻُڌايانوَ!؟“
فريحه پنهنجي ڳالهه کي جاري رکندي چيو...
”چئه!“ عرفان متوجه ٿيندي چيو...
”مُون کي خبر آ ته اوهان خوابن تي يقين ناهيو رکندا... ۽ چوندئو ته خواب سڄي ڏينهن ۾ سوچيل ڳالهين جو چرٻو هوندا آهن، پر...“
”پر ڇا...؟“ عرفان تجسّس مان وڌيڪ مُتوجهه ٿيندي پُڇيس...
”پر اهو ته... مُون ڪجهه ڏينهن اڳ خواب ڏٺو هو ته اوهان جي چاٻين جو ڇُڳو گم ٿي ويو آهي ۽ اسان گهر کي ٻاهران تالو هڻي ڪيڏانهن ويا آهيون... موٽي آيا آهيُون ته سڄو گهر ٻُهاريو پيو آهي.. اوهان جي چاٻي ٻاهر ڪٿي ڪِري پئي آهي ۽ ڪنهن کي هٿ اچي وئي آهي... جنهن وجُهه وٺي اها چوري ڪئي...“ فريحه ڊپ سان ڀريل هيڻي لهجي ۾ مُڙس کي ٻُڌايو...
”تُون رڳو مافُوق الفطرت ڳالهيُون سوچي پئي پريشان ٿجانءِ...“
عرفان دل ۾ هلڪو گھٻرائڻ جي باوجُود پنهنجي لهجي ۾ پُر عزم هو...
”اسان عام ماڻهو آهيون. اسان جا خواب ڪو پيغمبري خواب ٿورئي هن جو انهن ۾ بشارتُون ۽ اشارا هجن... اتي ئي هونديون چاٻيون... واندڪائيءَ ۾ ڳولهجانءِ... ملي وينديون... يا وري بيڊ يا ڊريسنگ ٽيبل جي هيٺان ڪِري پيُون هُونديون... سڀاڻي ڪم وارِي اچي ته چئجانس جُهڪي ڳولي ڏيندئي...“
عرفان ڳالهه کي جاري رکندي چيو...
فريحه گهٻراهٽ باوجُود وري پنهنجي رنڌ پچاءَ ۾ مشغول ٿي وئي، پر چاٻيءَ جي پُر اسرار طور تي گم ٿيڻ جو خوف ٻنهي جي دل ۾ هر گذرندڙ لمحي سان وڌندو ويو. فريحه ته اڳ ئي ان ڳالهه تي آماده هئي ته اهو خواب سچو آهي ته چاٻيون گم ٿي ويون آهن ۽ دعاڳو هئي ته ان جو انجام خواب جهڙو نه ٿئي، جڏهن ته عرفان جهڙو روشن خيال سيڪيولر سوچ جو مالڪ به، نه چاهيندي به لاشعوري طور ان ڊپ ۾ ورائجي رهيو هو ته چاٻيون اوچتو ڪيڏانهن ٿيون وڃي سگهن... ان حد تائين جو رات جو سمهڻ کان اڳ به ڪيتريءَ دير تائين ان بابت سوچڻ هڪ ٻن ڏينهن اندر سندس معمُول بڻجي ويو.
عرفان به پنهنجي طور تي گهر ۾ ممڪنه جاين تي چاٻيءَ لاءِ هٿ پير هنيو، پر ڪٿي به چاٻيون ڪونه مليس.
ان گمشدگيءَ کي ڏهون ڏينهن هو جو گهر جي سڀني ڀاتين کي مائٽن جي گهر هڪ ئي وقت وڃڻو پيو. سڀني جو وڃڻ ضروري به هو ۽ اهو ممڪن ڪونه هو ته ڪنهن هڪ کي گهر ۾ ترسائجي. عرفان جي لاشعور ۾ وسيل ڊپ کيس مجبور ڪيو ته گهر جو تالو ٻاهران لڳائي نه وڃجي، جنهن جُون ڊپليڪيٽ ڪُنجيون ته موجُود هيون، جيڪي فريحه جي ’ڪِي چين‘ ۾ هيُون، پر عرفان جي دل ۾ اهو ڊپ ويهي چڪو هو ته جيڪڏهن خواب جي تعبير جي عين پٽاندر سندس چاٻيون واقعي گهر کان ٻاهر ڪِريون آهن، يا ڪنهن ڄاڻي واڻي چوري ڪيون آهن، ته پوءِ اهو چور اهڙي ڪنهن وجهه ۾ ضرور هوندو، ته سڀ گهر ڀاتي گهر کي تالو هڻي ڪيڏانهن وڃن ۽ هُو پنهنجي ڪارروائي ڪري سگهي. تنهنڪري کيس اهو خوف هو ته ڪنجين جي ان گمشدگيءَ جو ڪلائيميڪس به هُوبهُو خواب وانگر نه ٿئي. ان ڊپ هٿان مجبُور ٿي زال کي چيائين:
”ٻڌ.... پاڙي واري آنٽيءَ کان ڪجهه ڪلاڪن لاءِ سندن گهر جو تالو ۽ چاٻي ته وٺي اچ!؟“
”ڇو!؟“ فريحه پُڇيس... جيڪا روانگيءَ کان اڳ وارين تيارين ۾ هئي.
”بس... اهو تالو ٿا هڻي هلئُون ٻاهرين در کي...“
“لڳي ٿو نه اوهان کي به ڊپ؟ رڳو مون کي چوندا آهيو ته خواب ڪوڙا هُوندا آهن.. خوابن تي ويساهه نه ڪندي ڪر...!!“
”بس ٺيڪ آ نه... بحث نه ڪر...! وٺي اچينِ تالو... ۽ ان جي چاٻي...“

فريحه پاڙي واريءَ جو دروازو کڙڪايو، جيڪا پنهنجي گهر ۾ هڪ نوڪرياڻيءَ سان اڪيلي رهندي هئي. عرفان ۽ سڀ گهر ڀاتي پنهنجي گهر جي مک دروازي کي پاڙي وارن جو تالو هڻي، تسليءَ سان مائٽن ڏانهن روانا ٿي ويا ۽ رات جو خير سان واپس گهر موٽيا به...
هاڻي عرفان به جاڳ توڙي ننڊ ۾ پنهنجي گم ٿيل چاٻين جي حوالي سان سوچڻ ۽ تصوّر ڪرڻ لڳو ۽ سندس ذهن ۾ ان حوالي سان عجيب عجيب خيال اچڻ لڳا.
اڄ آچر هو... چاٻين جو ڇُڳو گم ٿيڻ کي اڄ لڳ ڀڳ ٻه هفتا ٿي رهيا هئا ۽ اڄ عرفان جي آفيس کان موڪل جو به آخري ڏينهن هو... سڀاڻي کيس آفيس وڃڻو هو. جيڪڏهن اڄ سندس چاٻيون نه مليون، ته کيس سڀاڻي آفيس ۾ ڏاڍي ڏکيائي ٿيندي... آچر هجڻ ڪري هُو دير سان اٿيو. جوڻهنس هميشه جيان سوير اٿي گهر جي ڪمن ڪارن سان لڳي وئي هئي ۽ هر آچر جيان هُوءَ گهر جي تفصيلي صفائيءَ ۾ مصروف هئي.
عرفان صبح جو يارهين لڳي ڌاري جاڳيو... ڪمري جي بتي ٻرڻ ۽ زال پاران صفائيءَ دؤران هلڪن ڦُلڪن کَڙڪن کُڙڪن تي کيس جاڳ ٿي. پهريان هلڪي ڦُلڪي چُرپر کان پوءِ زوريءَ اکيون کولڻ جي ڪوشش ڪيائين... آرس ڀڄندي هڪ وڏي اوٻاسي ڏيندي هيڏي هوڏي نهاريائين....
فريحه، جيڪا ڄڻ ڪافي دير کان مڙس جي اٿڻ جو انتظار ڪري رهي هئي، ان وقت ڊريسنگ ٽيبل جو شيشو صاف ڪري رهي هئي. مُڙس کي سُجاڳ ٿيندي ڏٺائين، ته ڏانهنس مُسڪراهٽ سان متوجهه ٿي.
عرفان اڌ کليل اکين سان چُپ ئي چپ ۾ زال کان ڪُمهلي مُشڪڻ جو سبب پُڇيو، ته فريحه بغير ڪجهه ڪُڇئي پري کان پنهنجي ساڄي هٿ ۾ پڪڙيل گم ٿيل چاٻين جو ڇلو لهرائيندي ڏيکاريس.
عرفان تسليءَ ۽ خوشيءَ مان بستري تي اُٿي ويهي رهيو ۽ ٿڌو ساهه ڀري ٻيو ڪجهه به چوڻ ۽ پُڇڻ جي بدران سندس زبان مان رُڳو اهو جملو نڪتو: ”ڪٿان مليُون؟“
”اوهان جي جِينز جي پوئين کيسي ۾ پيون هيون. اڄ واشنگ مشين لڳايم ۽ ڪپڙا ڌوئڻ لاءِ ڪڍيم ته مليون...“
”۽ جينز ڪٿي هئي؟“
”لانڊري باڪس ۾...“
عرفان پنهنجي بيوقوفيءَ ۽ وَيسر تي پنهنجو هٿ پنهنجي نرڙ تي هنيو.
ڪمري ۾ عرفان ۽ فريحه جا ٽهڪ گُونجڻ لڳا.

No comments:

Post a Comment