Tuesday, October 29, 2019

منور سراج جون ڪھاڻيون - ممتاز بخاري


منور سراج جون ڪھاڻيون
ممتاز بخاري
حقيقت جو مبهم اظهار ۽ لفظن وسيلي خيالن جو بيان يا تصورن ۽ حقيقت کي ڳنڍڻ ئي اصل ۾ سريئلزم هوندو آهي. حقيقت تصورن جي چوگرد يا تصور حقيقت ۾ ڦرندا رهن ٿا. ايڪويهين صديءَ جي هن ٻئي ڏهاڪي ۾ ايئن تڏهن ٿيندو آهي جڏهن اسين منور سراج جون ڪهاڻيون پڙهون ٿا يا وري رسول ميمڻ جي حقيقي دنيا جي تجريدي، مبهم، علامتي ۽ جادوئي ڪيفيتن جي ثرابن ۾ ڀٽڪي پاڻ کي لڀي وجهون ٿا.


نوابشاهه به واقعي نواب آهي جتان ماڻڪ روايت پڻي کي لت هڻي ٿو ۽ مٽي اڏامي ٿي ته ضراب حيدر ۽ مراد قريشي اها مٽي ميڙي ڳوهي ان مان ڪهاڻين جا گڏا ٺاهين ٿا جن جي حقيقت کي تصور بڻائي منور سراج سريئلزم جو فن تخليق ڪندو ٿو رهي. اهڙي قسم جون ڪهاڻيون هڪ ڀيرو پڙهڻ سان گهٽ مزو ايندو. ان لاءِ ساڳي گهاٽ وٽان ٻه، ٻه ڀيرا به لهڻو پئي ٿو. لاشعور جا وهڪرا منور جي ڪهاڻين جا پيرا آهن، جن ۾ خيالن جي لهرن سان ڪردارن جا وجود لڙهندي اڳتي وڌي رهيا آهن. ان فن ۾ وجود واري حقيقت، تصورن ۾ ترندي نظر اچي ٿي. توهان کي منور سراج جي ڪهاڻي-فن ۾ اڄ جي دور جو هڪ اهڙو لاڙو نظر ايندو، جنهن کي “حقيقت نگاري ۾ سريئلزم” وارو طرز چيو ويندو آهي. ان جو تازو تجربو جاپاني ناول نگار هاروڪي موراڪامي ۽ مصري ناول نگار بسما عزيز ڪيو آهي. جڏهن ته منور سراج جي ڪهاڻي “مسٽر ايم بي عرف سينيئر ڪلارڪ محمد بخش جو صبح” جي آخري سٽ “سپرنٽينڊنٽ جي ڪرسي تي هن پاڻ کي ويٺل ڏٺو” ان جو مثال آهي. جيتوڻيڪ ڪهاڻي ۾ هڪ سپرنٽينڊنٽ موجود هو. ان کي ايئن به چئي سگهجي ٿو ته وجود کي هڪ نئون رنگ ملي ٿو. جيڪڏهن اهڙا ڪجهه رنگ ڊي ڪوڊ ڪجن يا ڪجهه ڪهاڻين جي اکيل ڪجي ته ادبي تنقيد تحت منور سراج جي ڪهاڻين جي رخ جي خبر ضرور پئجي ويندي.
اسان وٽ ڪهاڻين کي ڪردارنگاري، منظرنگاري، پلاٽ کان اڳتي وڌي ڏٺو به ويندو آهي ته بس اهو لازمي هوندو آهي ته: “سماج جو اولڙو آهي” يا اهڙي قسم جا ڪي ٻيا جملا. يا وري ڪيفيتن ۽ احساسن جي ڇٽي کڻي گهمندا آهيون، اهو به ضرور آهي پر ان جهان ۾ ڪجهه اڳتي ۽ ٻيو ڪجهه به آهي. منور سراج جون ڪهاڻيون سريئلزم ضرور آهن پر انهن ۾ وجوديت به نظر اچي ٿي. ڪهاڻي“ Date Expiredماڻهو” جا ٻئي ماڻهو پاڻ ۾ موجود “پاڻ” آهن. جڏهن ته اهو پاڻ “روشنيءَ جو دائرو” ۾ پاڻ مان نڪري ٻاهر موجود پاڻ سان ملي وڃي ٿو. وجود سان خارجي ڪيفيت جي پرسونيفڪيشن به ملي ٿي. جملن جي بناوت لاءِ روايتي فن کي تخليقي فن بڻائڻ واري ڪاريگري به منور بهتر انداز ۾ استعمال ڪئي آهي. عام طور جيئن پاڻ وٽ چيو ويندو آهي “دٻلي ۾ دٻلي، دٻلي ۾ دٻلي” گهٽ ۾ گهٽ لفظن وارن جملن جو فنائتو استعمال ڪهاڻين ۾ نظر اچي ٿو جيئن: “طويل گھيرو. گھيري ۾ ڪيئي ننڍا وڏا گھيرا. بي انت گھيرا. سوڙهو دائرو. دائري ۾ ڪيئي دائرا. بي انت بي پناهه دائرا. روشنيءَ جو دائرو. اونداهيءَ جو دائرو.” (ڪهاڻي، روشنيءَ جو دائرو). سنڌي ڪهاڻي ۾ اهو تجربو ماڻڪ، ڪيهر شوڪت ۽ ٻين وٽ به ملي ٿو. منور سراج ڪهاڻي جي اڻت گهڻي ڀاڱي اندروني ڪيفيتن جي وهڪري سان ڪري ٿو. وجود جو احساس ڏيارڻ لاءِ ٻاهرين ماحول کي به اهڙي ريت اندورني ڪيفيت جي احساسن سان جوڙي ٿو جو ماڻهوءَ کي “ڪُن” مان ڪڍي اچي ٿو، جيئن: “رات جو دير سان گهر اچڻ. گهر ۾ هوندي به ڄڻ گهر ۾ نه هجڻ. جهڙو ڪنهن اسٽيشن جي انتظار گاهه ۾ ويٺل پري جو مسافر. گهڻو ڪري هر وقت دوستن سان ڪچهريون، ڪتاب، بحث، سگريٽن جو دونهون.” (دل جي ڪنڊ ۾ ڄمي ويل برف).
هونئن ته ڪهاڻي “روشنيءَ جو دائرو” تصور وسيلي لاشعور مان حقيقت تائين پنهنجي وجودي جهان جي وارتا بيان ڪري ٿي پر منور هن ڪهاڻي ۾ پنهنجي فن کي پوري ريت استعمال ڪيو آهي. زندگيءَ جي 28 سالن جي ان الميئي کي بيان ڪيو آهي جيڪو کٽڻ جهڙو ناهي، هن ڪهاڻي کي ڊيڪوڊ ڪرڻ سان معلوم ٿيندو ته هوءَ ان آسري تي هڪڙين ڏکين حالتن مان نڪرڻ جو سوچي نڪتي ته سندس آجيان خوشحال زندگي ڪندي ۽ هوءَ ريلوي جي ڪلاس فور جي ملازم خدو بتي واري سان شادي ڪرڻ کان بچي ويندي پر هوءَ اهڙي جهنگ ۾ پهچي ٿي جتي وحشتن جا ڏينهن گذارڻ تي مجبور ٿئي، جن کي بيان ڪرڻ لاءِ منور کي رڳو ڪجهه ئي پيرائون لکڻيون پيون آهن باقي سڄي ڪهاڻي ۾ ته سريئلزم جو فن ڪتب آڻي پڙهندڙ کي جڪڙي ڇڏيو آهي. ان ڪهاڻي ۾ “ڪهاڻي” کي هن هڪ پيرا ۾ ئي بيان ڪيو آهي، باقي حقيقت کي تصوراتي انداز ۾ بيان ڪري پڙهندڙ کي گهمائيندو رهيو آهي: “هڪ خواب کان ٻئي خواب تائين ماڻهوءَ جا پير پٿون.. هڪ واعدي کان ٻئي واعدي تائين پلصراط جو سفر. هڪ شخص کان ٻيو شخص. ٻئين کان ٽيون، چوٿون ۽ پنجون.. وڌندڙ انگ.. ماڻهو ساڳيا. ساڳيا واعدا، آسرا، دلاسا، ساڳيون ڳالهيون، ساڳيا بسترا، چادرون، ڪمرا، در دريون، ساڳيا ڪلف، ڪنجيون. پنهنجي پرس ۾ ڪنهن هڪ گھر جي هڪ ڪنجي سانڍي رکڻ جي عورتاڻي خواهش ۾ هٿن ۾ ايندڙ ويندڙ ڪيترن ئي بند دروازن جون ڪنجيون. هر ڪنجي هڪڙو ڏک. هر دروازو هڪ حادثو. پرس ۾ رهجي ويل ڪنڊوم ۽ برٿ ڪنٽرول ٽيبليٽس. هڪ شادي، ٻي شادي، ٽين شادي، ٽي طلاقون. منهن ۾ پئجي ويل انيڪ گهنج. ڪجهه چاندي چاندي وار. حواسن ۾ رهجي ويل سگريٽن، شراب ۽ ڪوڪين جي بوءِ ۽ گذري ويل وقت کان تحفي ۾ مليل نظر جي چشمي سان گڏ اڻ وسرندڙ حادثن جو ڏک.“
ايئن ئي هن جي ڪهاڻي “مسٽر ايم بي عرف سينيئر ڪلارڪ محمد بخش جو صبح” جي اڻت آهي. هن ڪهاڻي ۾ فارم جي وڏي پختگي نظر اچي ٿي. جنهن ۾ ڪهاڻي رڳو هڪ جاءِ تي ڪٿي موجود آهي ۽ اها جاءِ آهي ايم بي جي ٽيبل. ايئن توهان کي سندس هر ڪهاڻي ۾ “ڪهاڻي” ڳولڻ لاءِ ڪهاڻي ۾ موجود ماڻهن يا ڪردارن کي ڦلهورڻو پوندو. هونئن ته هر ڪهاڻي پنهنجي همه گيريت رکندڙ هوندي آهي پر ڪهاڻي “آءِ ايم ناٽ جسٽ بيوٽيفل ڊسٽ” وري جاگرافيائي همه گيريت رکي ٿي. فلسطيني نوجوانن عبدالله، علي سعيد ۽ يهودي حسينا مشعل شيراڪ جي ڪهاڻي آهي. علي سعيد سالگرهه واري ڏينهن مارجي وڃي ٿو، مشعل ڪجهه ڏينهن بعد وري ظاهر ٿئي ٿي ۽ ڪهاڻي ٻن سٽن ۾ بيان ٿئي ٿي ته اصل ۾ هوءَ علي سعيد جي محبوبا هئي. پر ڪهاڻي جو اصل ڪردار ڪهاڻي ۾ موجود ئي ناهي، پر جيڪڏهن اهو نه هجي ها ته اها ڪهاڻي بلڪل عام درجي جي هجي ها. اهو ڪردار مشعل جو ٻار آهي جيڪو اڃان دنيا ۾ ناهي آيو: “مان توکي تنهنجو سعيد ڄڻي ڏيان ته پوءِ؟ هان.. ٻڌاءِ عبدالله، پوءِ ته بس نه؟ هان ٻڌاءِ؟ هاسٽل “ليليٰ خالد” جي ڪمري نمبر اٺ جون چاٻيون آسمان کي اُڇلائي ڏيان ته پوءِ؟ هاڻ ٻُڌاءِ!!!” مشعل ڀر ۾ ويٺل اداس ۽ ناراض نوجوان جي ٻانهن ۾ هٿ وجھي سندس اکين ۾ ڏسڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندي التجا جي نديءَ ۾ تبديل ٿي وئي. عبدالله آسمان ڏي نهارڻ جو ارادو وڃائي ويٺو!!” (ڪهاڻي، آءِ ايم ناٽ جسٽ بيوٽيفل ڊسٽ)
منور سراج “دل جي ڪنڊ ۾ ڄمي ويل برف” ڪهاڻي ۾ ڪنهن به ماڻهوءَ جو نالو نه به لکي ها ته مان سمجهي وڃان ها ته ان ڪهاڻي ۾ ماڻڪ، سندس گهرواري ۽ پٽ احمد ئي اهي ماڻهو آهن جيڪي ڪهاڻي ۾ موجود آهن. اهو ان ڪري جو ماڻڪ جي بريف ڪيس ۾ پيل سامان مون ڏٺو آهي ۽ سندس خطن ۾ پيل درد جون نديون باهه ڇڏي رهيون آهن. سندس ٻٽون ۾ هڪ رپيو، وزيٽنگ ڪارڊ ۽ رجسٽري واري اها رسيد، جنهن وسيلي هن نوڪري لاءِ آخري درخواست موڪلي هئي، سندس ڪيٿارسس بيان ڪن ٿا. ڪنهن ٿي ڄاتو ته هڪ ڏينهن ماڻڪ تي ماڻڪ واري انداز ۾ مٿس ڪو ڪهاڻي لکندو. هن ڪهاڻي جي اها ئي وڏي ڊيڪوڊنگ/اکيل آهي.
ڪجهه ڪهاڻين ۾ ڪي شخص اهڙا به آهن جيڪي ڄڻ هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن يا هڪ ٻئي مان نڪتل آهن. “پرئين پاسي بيٺل شخص” اصل ۾ ٻنهي پاسي بيٺل شخص ساڳيو آهي جيڪو ايئن پيو لڳي ڄڻ “دل جي ڪنڊ ۾ ڄمي ويل برف” جي رجڻ شرط ئي ٻاهر نڪري آيو آهي ۽ ٻن شخصن ۾ ورهائجي هڪ شخص ٿي ويو آهي.
سريئلسٽڪ ڪهاڻين يا ناولن ۾ ميٽافر ۽ پرسونيفڪيشن جو استعمال ئي انهن کي ريئلزم ۽ تجريدي ڪهاڻين يا ناولن کان الڳ ڪندو آهي. لياقت رضوي ۽ ڪجهه ٻين ڪهاڻيڪارن کان پوءِ اهو ڪمال منور سراج جي ڪهاڻين ۾ ملي ٿو، مثال: “هر ماڻهو جي اندر ۾ هڪ برمودا ٽرينگل هوندو آهي.“
”نديءَ جهڙيون ڳالهيون“
”مرڪ ۾ املتاس جي هيڊن گلن جي خوشبو” (ڪهاڻي: ڊيٽ ايڪسپائرڊ ماڻهو)
ڪهاڻي “روشنيءَ جو دائرو” ۾ لمحو ۽ دائرو پرسونيفاءِ ٿيل آهن. ان ۾ ئي: “صحرا منهنجي اندر جو اولڙو آهي” ميٽافر طور استعمال ٿيل آهي. يا وري وجود پٽڙيون بڻجڻ وارو احساس ئي ان مٿان ريل جي گذرڻ واري حصي ۾ پٽڙيون بڻيل وجود ميٽافر آهي. ڪهاڻي “پرئين پاسي بيٺل ماڻهو” جو هي جملو پڙهجي ٿو: “جنهن جو امڪان فون تي ڳالهائيندڙ شخص جي لهجي مان ليئا پائي رهيو هو” ان امڪان کي پرسونيفاءِ ڪري لهجي مان ليئا پارايا ويا آهن. سو امڪان جو ليئا پائڻ ۽ ان جهڙا ٻيا به ڪيترائي استعارا منور سراج جي ڪهاڻين ۾ ملن ٿا.
سريئلسٽڪ ايپروچ وارين ڪهاڻين توڙي ناولن جو اصل امتحان اهو هوندو آهي ته هر ڪهاڻي ٻي ڪهاڻي کان الڳ نظر اچي. منور سراج کي اهڙي معامري کان بچڻو پوندو. باوجود ان جي منور جي ڪهاڻين جا ڪردار خيالن، خلائن، فضائن ۽ اڻ ڏٺي ڏسائن جي دائرن ۾ بنا وزن جي ڦيراٽيون پائيندي به وجود برقرار رکندي نظر اچن ٿا، ڪٿي اهو وجوديت جو نئون قصو ته ناهي! اها ڳالهه پختي نظر پئي اچي ته غيرحاضر زندگيءَ کي هي پنهنجي ڪهاڻين ۾ حقيقي طور آڻي ٿو. ميٽافوريڪل ڪهاڻين ۾ ڪردارن جي دماغ ۾ لهي انهن جي سوچڻ ۽ تصور ڪرڻ واري صلاحيتن کي بيان ڪرڻ اصل فن آهي ۽ اهو فن منور جي پڪڙ ۾ ايندو پيو وڃي جو هن ان علامتي انداز کي سمجهي ورتو آهي. رواجي واقعي يا سانحاتي الميي کي گنجريل ۽ منڌل انداز بيان ڪرڻ وارو هنر به سندس پڪڙ ۾ ايندو پيو وڃي.

No comments:

Post a Comment