Tuesday, October 29, 2019

گلن سان تعزيت - عبدالسلام ٿھيم


گلن سان تعزيت
ڪھاڻي
عبدالسلام ٿھيم
جيترو به ھن جي پويان ڊوڙيس، اوترو اڪيلو ٿي ويس. اڄ جڏھن ھن کان پري تنھا ويٺو آھيان. سانت محسوس ڪري رھيو آھيان. اڪيلائي به آئيني جيان ھوندي آھي، جنھن ۾ ماڻھو جي گھٽ ۾ گھٽ پنھنجو پاڻ سان ملاقات ٿيو وڃي.


ھو ڪافي دير کان سمنڊ جي ڪناري تي ويٺي سوچي رھيو ھو. سمنڊ تي گرمي سبب شھر اُٿليل ھو، اُتي ھي سمنڊ جيان اڪيلو ھو، سندس اندر ۾ ھڪ وڏي اُٿل ھئي، واريءَ تي آڱرين سان پريت گل لکيائين، لھرون آيون ۽ سڀ مٽائي ھليون ويون، پنھنجي منھن ڀڻڪيو؛ ”اڪيلائي ته سمنڊ آھي، جنھن جي لھر لھر واريءَ تي ليڪن جھڙن ناتن کي پل ۾ ناس ڪيو ڇڏي...“ لھر سان ھن جي من مان به ڪا لھر اُٿي، جنھن ڄڻ پريت کي مٽائي ڇڏيو، پريت ڪارڻ ئي سندس ملاقات اڪيلائي سان ٿي ھئي، ھوءُ ۽ ھي ھڪ سماجي اداري ۾ ڪم ڪندا ھئا، وقت گذرڻ سان گڏ پريت ھن جو مزاج پرکي ھن ڏانھن دوستيءَ جو ھٿ وڌايو ھيو،  پر آخر تائين ھِو پريت جو مزاج نه سمجھي سگھيو ھو، ھميشه ھن جي حوالي سان ٻڏتر جو شڪار رھيو،  ھڪ دفعو آفيس ۾ ويٺل ھئا ته ھن پنھنجي آڱرين مان ٺڪا پي ڪڍيا ھن وراڻيو؛ ”واھ......پريت تون ته ان ۾ ماھر پئي لڳين.... پر مون کان اھو ڪو نه ٿئي...!“ پريت مٿس گھري نظر وڌي، پريت کي پيلي رنگ جو وڳو پھريل ھيو، جنھن جي گلي تي گج جي ڊزائين وارو ڀرت ڀريل ھيو، چپڙن تي ھلڪي گلابي رنگ جي لپ اسٽڪ لڳل ھيس. پريت جي ھن ۾ گھور ھئي، پر ھو ھن سان زياده دير اکيون نه ملائي سگھيو، پريت سامھون ويٺل ڪمپيوٽر آپريٽر ڏانھن نھاريندي وراڻيو؛ ”جيڪڏھن ھتي ڪو ٻيو نه ويٺل ھجي ھا ته تنھنجي آڱرين مان آءُ ئي ٺڪاءَ ڪڍي ڇڏيان ھان....!؟“ پوءِ ھن پريت ڏانھن ھٿ وڌايو ھو، پر ھوءُ جلدي ۾ اُٿي ھلي ويئي، ۽ ھي خوش فھمين جو رڻ جھاڳڻ لڳو ھو، ھن سان محبت جي حوالي شعور ۽ لاشعور جي وچ ۾ ڀٽڪندو رھيو، کيس ڪجھ به سمجھ ۾ نه اچي رھيو ھو،  فقط من ۾ خدشن اچي گھر ڪيو ھئس،  ڪڏھن ڪڏھن اسان تي قسمت وڌيڪ مھربان ٿي پوندي آھي، ۽ اسان غير يقيني واري صورت الحال جو شڪار ٿي ويندا آھيون،  ۽ اھا صورت الحال وڏي ظالم ٿيندي آھي. جنھن ۾ اسان گھڻو ڪجھ وڃائي ويھندا آھيون، جنھن جو وڏو سبب احساس محرمي ھوندي آھي، محروميون سمجھ ۽ اعتماد جون دشمن ٿين ٿيون، ھي به گھڻو ڪجھ وڃائي وڃائي ھُن تائين پڳو ھو، سو سندس ذھن ۾ ھن کي حاصل ڪرڻ کان اڳ وڃائڻ جو خوف ھيو، ۽ ھن جي رويي ۾ تبديلي اچڻ شروع ٿي وئي ھئي، اھو کل مذاق چپ جي چادر ۾ ويڙھجي ويو ھيو، بس ھن کي ھن کان لڪي تڪيندو ھو. ۽ اڪثر ھوءُ ھنجي اھڙي چوري پڪڙي وٺندي ھئي، ھنجو ڪنڌ ھيٺ ۽ ھنجي چپڙن تي مرڪ رقصان ٿي ويندي ھئي. نيٺ ھن ھڪ ڏينھن چيو ھئس؛ ”پنھنجا پير سنڀالي کڻ، جيڪڏھن ڪري پوندين ته تو کي ڪير به ڪو نه سھارو ڏيندو.....”
ھن روايتي انداز ۾ دل جھلي وراڻيو ھيو؛ ”تون آھين نه پريت...مونکي ٻي ڪنھن جي سھاري جي پرواھ ڪونھي...!“
پريت چيو ھيس؛ ”منھنجي حوالي سان ڪنھن خوش فھمي ۾ نه رھجانءَ.....اسان فقط دوست آھيون، ھاڻي اھو توتي آھي ته انجو ڪيئن ٿو ڀرم رکين...!؟“
ھن کي پوءِ به ڳالھ سمجھ ۾ نه آئي ھئي، اچي به ڪيئن.....!؟ ھوءُ ڪا عام روايتي ڇوڪري ڪا نه ھئي، رياضيءَ جو ڪو الجھيل درجو لڳندي ھئي، جنھن جو حل ھن جي وس نه ۾ ھيو. ھو جڏھن گڏ ويھندا ھئا ته ائين لڳندو ھو ته ھي ٻئي صدين جا ڪي ڀٽڪيل روح ھجن، جن ھتي ملي ڪو سڪون ماڻيو ھجي. پھرين ڳالھين ۾ ويجھڙائي، پوءِ سوچن ۾ ويجھڙائي، ۽ پوءِ احساسن ۾ ويجھڙائي ...... ۽ آخر ھنن ۾ ويجھڙائي، ويجھڙائي به ايتري جو روايتي دوستي جون حدون اڪري آيا ھئا، پر پوءِ به جڏھن ھوءُ ھن جي ڀر مان اٿندي ھئي ته کيس پاڻ سنڀالڻ لاءِ ھوشيار ڪندي ھئي؛ ”مون وٽ احساسن جي ڪا به اهميت ڪونھي، مون لاءِ اھو سڀ ڪجھ فقط راند آھي، جيستائين کيڏندين آءُ کيڏنديس... باقي جنھن وقت مون کي تو ۾ ھڪ عاشق نظر آيو، پوءِ جوڳي نه ڪنھنجا مٽ.....!!؟“ ھن ھميشه جيان ھن جي ڳالھ کلي ٽاري ڇڏي ھئي، ٻيو ته ھو جنھن منزل تي پڳا ھئا، تنھن جي موٽ ۾ ديوانگي ئي پلئه پوندي آھي، پر ھوءُ ڇوڪري ڳجھارت کان گھٽ نه ھئي، گڏ ھوندي به ڄڻ ھن سان گڏ نه ھئي، ھن ھنجي ويجھو وڃي به ھنجي دل جو ڌڙڪو محسوس نه ڪيو ھيو، جڏھن ته ھو هن جي پوري طرح سحر ۾ گم ھو. ۽ ھڪ ڏينھن ھن کي ھن ۾ ڪجھ نظر آيو، ۽ پوءِ ھوءُ ڏور ٿي ويئي، ھي ھن آڏو مڇيءَ جيان پڻ تڙپيو، پر ھن وٽ ھن جي جيئدان جو پاڻي باقي نه بچيو ھو. تر جيترو به ھن ڇوڪري ھن تي ترس نه کاڌو، ڄڻ ھوءُ پنھنجي قول سان سچي ھئي، ۽ ھن ڄڻ پنھنجو پاڻ سان جٺ ڪئي. تنھائيون ھن جو مقدر بڻيون. ھي تنھائين جو رولاڪ مسافر ٿي ويو ھو.
اڄ جڏھن سمنڊ تي اڪيلو اچي ويٺو ھو، ڄڻ ھنکي وسارڻ ۾ ڪامياب ويو ھو، ۽ اھڙي نموني ھو ڪافي ڀيرا ڪامياب ٿيو ھوندو، وري جي ھن جي ياد جي ھير گھلي ھوندي ته ھن جو روح تڙپي اُٿيو ھوندو. ۽ اهڙين ڪيفيتن ۾ هن جي زندگي جا ڇهه مهينا گذري چڪا هُئا پر هي پريت گُل جي ياد کان غافل نه رهيو هو.
سمنڊ جو منظر.... جنھن تي ٻار، ٻچا، وڏا، ننڍا ۽ جوڙ­­­ا. ھر پاسان ڳوڙ... موج مستي.... پر ھي سمنڊ جيان تنھا تنھا.. سمنڊ جي سيني جيان ھن جو من به لھرون لھرون....
گھر موٽي آيو، سڀن کان لاتعلق.. من ۾ جڏھن ڇڪتاڻ ھوندي آھي، اڪثر تڏھن ماڻھو بظاھر چپ نظر ايندو آھي، ھن جي وجود تي ھڪ اھڙي موسم ڇانيل ھوندي آھي، جنھن کي لاتعلقي جي موسم چئبو آھي
سڀن کان لاتعلق، پاڻ کان به لاتعلق...
ڪمري ۾ آيو، ليپ ٽاپ آن ڪيائين، ھنجون تصويرون.. ۽ ھي تصويرن ۾ گم....تصويرن...۽ تصويرن مان ھنجي تصورن ۾ گم...
ڪجھ گھڙيون پھريان جيڪو واريءَ تي ناتو سمجھي مِٽائي آيو ھو، تنھن ٻيھر من ۾ آس موڙي ھيس، ۽ ھي پاڻ کي وڃائڻ کان بچائي نه سگھيو.
آفيس جي ڪاريڊور ۾ ھنجو انتظار پي ڪيائين، خوبصورٿ آفيس، جديد طرز سان ٺھيل، فرش تي اعليٰ معيار جو لائيٽ پنڪ ڪلر جو ٽائلز، ڪاريڊور ۾ ديوارن جي ٻنھي پاسي ڪونڊين ۾ خوبصورت گلن ڄڻ ھر آئي وئي جي آجيان ٿي ڪئي.
۽ ھن اُتي بيھ سندس انتظار ۾ بار بار ٽائيم پي ڏٺو، ٻه ڀيرا کيس ٽيڪسٽ به فارورڊ ڪري چڪو ھو، ۽ نيٺ ھوءِ آئي.
”سوري يار، سر واجد ڪجھ ڪم سمجھائڻ لاءِ روڪي ڇڏيو، انھيءَ لاءِ دير ٿي ويئي...“
”اٽ از اوڪي.....سر ته ھوندا ئي....!!؟“
ڪجھ چوڻ ٿي چاھيائين، پر درگذر ڪيائين.
چاھت جي سفر ۾ معمولي روڪاٽ به پھاڙن جيان محسوس ٿيندي آھي، ڪاريڊور مان ٻاھر آيا، سامھون گل ڏٺائين، پاڻ کي روڪي نه سگھيو،  انھن ڏانھن ھليو ويو،  پريت ھن کي روڪيندي چيو؛ ”اڙي بابا ھيڏانھن اچ.... مونکان بک برداشت ڪونه پئي ٿئي...“
پريت جي وڏي ڪمزوري بک ھوندي ھئي، جڏھن لڳندي ھيس ته ڪنھن جي ڪونه ٻڌندي ھئي، صفا مٽجي پوندي ھئي، وري کائيندي تمام گھٽ ھئي.پر ھو نه مڙيو، ھيءَ به انھيءَ ڏانھن وڌي ويئي
”پريت...ھي ڏس گل....!؟“
”ھا ڏسان پئي،  انھن ۾ ڪا نئين ڳالھ ته ناھي....!!“
پريت جي لھجي ۾ رکائپ ھئي، ھن نفاست سان وراڻيو
”گلن سان منھنجو فطري عشق آھي...جنھنجو ھڪ خاص سبب آھي..!”
پريت تجسس محسوس ڪندي دلچسپي ورتي؛ ”ڪھڙو سبب منصور....!؟”
منصور جي چھري تي ھلڪي مرڪ رقصان ٿي، پريت جو ھنکي منصور چوڻ پسند ھوندو ھو، ڇاڪاڻ مخدوم بلاول، سرمد، شاھ عنايت ۽ منصور ھنجا آئيڊيل ھئا ۽ ھي چاھيندو ھو آئيڊيلز جا نالا روايتي انداز ۾ نه وٺڻ گھرجن، ھنن جا نالا نزاڪت ۽ شائستگي سان وٺڻ گھرجن، ۽ اھي نالا يا ته منھنجي پريت وٺي سگھي ٿي، يا وري جنھن جي من ۾ پريت ھجي...ڇاڪاڻ ھو پريت جي پنڌن تي ھلڻ سبب قتل ٿيا ھئا، حق سان پريت، سچ سان پريت، انسانيت سان پريت...
”ته بابا ٻڌاءِ گلن سان فطري عشق جو سبب...گم ڪيڏانھن ٿي ويو آھين...!؟“
”او....سوري، جنھن جو وڏو سبب تون آھين گل..پريت گل...”
پريت جو چھرو ھڪ پل ٽڙيو ۽ ٻي پل منھن جو رنگ بدلجي پيس، وراڻيائين
”اڙي بابا....ٿورو خيال سان، ڪٿي سڀاڻي روئڻو نه پوي اوھانکي....“
ھميشه جيان ھن وري به منصور کي خبردار ڪيو ۽ منصور ڳالھ کلي ٽاريندي چيو؛ ”منصور روئندا ناھن پريت....!!“
پريت ھاڻي بک ۾ پاھ ٿي پئي ھئي، جسم ۾ ڪمزوري ڀانيائين، پر منصور پريت جي پريم ۾ گم ھو، ڪافي دير کان آفيس جي گيٽ جي ڀرسان پارڪ وٽ بيٺا ھيا، ھنن کي ته ھر آيو ويو ڏسي رھيو ھو، پر ھي سڀن کان بي خبر پنھنجي دنيا ۾ ھئا، منصور وراڻيو؛ ”ٻيو پتو اٿئي،  مون پنھنجي گھر جي پڌر تي به ڪيترا ئي گل پوکيا آھن. .ھي ڏس“
پريت کي پنھنجي موبائل جي فوٽو گيلري مان پنھنجي گھر جي اڳيان بيٺل طرحين طرحين گلن جا ٻوٽا ڏيکاريا، ھوءِ گل ڏسي ٽڙي پئي؛ ”واھ منصور....ھي ته تمام ڀلا گل آھن...پر پليز منھنجي ڪڏھن به انھن سان ڀيٽ نه ڪجان.."
ھڪ ڀيرو وري به پريت ھن کي باخبر ڪيو، پر ھن پنھنجي ڳالھ ڪئي؛ ”مونکي پڪ آھي، جنھن مٽي مان تون ٺھي آھين، تنھن ۾ ضرور ٺاھڻ واري گلابن جو پاڻي ملايو ھوندو، تنھنجي ڳالھائڻ ۾ خوشبوءِ ۽ کلڻ ۾ گلابن جو ٽڙڻ مون کي محسوس ٿيندو آھي...!؟“
پريت سوچ جي گھرائي ۾ ھلي ويئي، سمجھ ۾ نه آيس ته منصور کي ڪھڙي ورندي ڏيان. منصور ڳالھ اڳيان وڌائي؛ ”پريت مون کي ڏاڍو برو لڳندو آھي، جڏھن گل قبرن تي وڌا ويندا آھن، گل ته روحن جا اصل وارث ٿيندا آھن...انھن کي پٽڻ نه گھرجي. پتو ٿئي گلَ روح واسيندا آھن....من معطر ڪندا آھن. انھن کي ڇنڻ نه گھرجي...اھي جڏھن ڇنبا آھن، فقط ٻوٽي جي ٽاري اُداس ۽ خالي ناھي ٿيندي، پر انھن سان گڏ روح به رھڙبا آھن پريت ....!!“
پريت آھستگي ۽ شائستگي مان وراڻيو؛ ”منصور....تون ته گلن جو سچو عاشق آھين، ايڏو قدر ته مالھيءَ کي به گلن جو ڪو نه ھوندو، جيتري فڪر تو کي آھي..”
منصور وراڻيو؛ ”واقعي انھن مالھين کي قدر ڪونه ھوندو، جيڪي گل وڪڻڻ لاءِ پوکيندا ۽ سنڀاليندا آھن، ھاڻي ھلو ته ھلي پيٽ جي ڪيون، وري چوندينءَ مان ميل نيوٽريشن پيشنٽ...مونتي رحم ڪريو...“
ٻنھي جا ٽھڪ ھوا ۾ وکري ويا، فضائون معطر ٿي ويون، ڪينٽين تي آيا، منصور چيو؛ ”پريت منھنجي توکي ھڪ وصيت آھي....!؟“
”وصيت....ڇا جي وصيت...!”؛ پريت تعجب مان پڇيو.
منصور وراڻيو؛ ”مان جيڪڏھن مران ته تون تعزيت جي لاءِ منھنجي گھر نه وڃجانءَ....گلن سان ئي تعزيت ڪري وٺجان، مونکي حقيقي سڪون ملندو پريت ....”
پريت جي منھن جو رنگ ڦڪو ٿي ويو، بيگ کنيائين، جذباتي ٿيندي وراڻيائين؛ ”اھو تون ڇا چئي وئين منصور....مون توکي ڇا چيو ھو مونکي جذباتي ڳالھيون ۽ جذباتي ماڻھو ناھن وڻندا....مون توکي اھو به چيو ھو منھنجي دل جو در بند آھي، ان جي طرف ڪڏھن به وڃڻ جي ڪوشش نه ڪجو نه ته تڪليف ٿيندئو.....تنھنجو اھو ھڪ جملو گھڻوڪجھ چوي پيو......آءُ انھيءَ ماڻھو کان پري ٿي ويندي آھيان.جيڪو منھنجي ويجھو اچڻ جي ڪوشش ڪندو آھي....“
۽ ھوءُ وڃي رھي ھئي، روڪڻ جي ھن ۾ ھمت ڪونه ھئي.ھنکي ائين لڳو ھو ڄڻ ھن پريت جي تڙپندڙ رڳ تي ھٿ رکي ھن کي وڌيڪ تڙپائي وڌو ھو، ٻي ڏينھن کانپوءِ پريت آفيس نه آئي، سڀ رابطا ختم، پڇا تي ڪنھن موٽ ئي نٿي ڏني...۽ ھنجو پيار تان اعتبار کڄي ويو.
....................­..................
ماضي جي گھٽين مان موٽي آيو، ليپ ٽاپ بند ڪيائين، من ۾ ڀڻڪيو؛ ”ھاڻي تون ڪيڏو به منھنجي ويجھو ايندينءَ.....پر مان تو کي ڏور ملندس... ٿي سگھي ته منھنجي گلن سان تعزيت ڪري ڇڏجانءَ..
ڄڻ دل جو بار ھلڪو ٿيو ھوس انھيءَ ھڪ جملي سان..ايتري ۾ موبائل فون تي واٽس ايپ ڪال جي ٽون وڳي، نمبر آمريڪن ھيو، اٽينڊ ڪيائين.
”توھان منصور......آھيو..“؛ عورتاڻو آواز ھو.
”جي..جي...مان منصور... توھان..“
”مان سوڀ سنڌو، واشنگٽن مان پئي ڳالھايان...“
ھن کي ياد آيو، ھڪ ڀيرو کيس پريت ٻڌايو ھيو ته سندس ھڪ سھيلي سوڀ سنڌو آمريڪا ۾ رھي ٿي، ھي سوڀ سنڌو جي نالي مان ڏاڍو متاثر ٿيو ھو.
”جي سوڀ ٻڌايو.....توھان جو نمبر مون کي پريت ڏنو ھيو.....ھن توھان سان ناراضگي جو سبب مون کي ٻڌايو ھيو، ھن يونيورسٽي جي زماني ۾ سارنگ سان محبت ڪئي ھئي، سارنگ ڏاڍو جذباتي ڇوڪرو ھيو. ھڪ ڏينھن معمولي ڳالھ تان پريت سان ڪاوڙجي خودڪشي ڪري ڇڏيائين. ان ڏينھن کانپوءِ پريت کي پيار کان نفرت ٿي ويئي ھئي. وري محبت ۾ جيڪڏھن ڪو موت جي ڳالھ ڪري ته ھوءُ صفا مٽجي پوندي ھئي...توھان سان به ھن جي رسامي جو اھو سبب بڻيو ھيو، ھونئن ھوءُ توھان سان بي پناھ پيار ڪندي ھئي، پر پيار ۾ جذباتي ٿيڻ ھنکي پسند نه ھو، مونسان پريت ھر ڳالھ شيئر ڪندي ھئي....پر منھنجو توھانکي ڪال ڪرڻ جو مقصد......!!؟“
ھن جو اکيون ڀرجي ويون ھيون، پريت جي پيار مان کيس پوترتا محسوس ٿي رھي ھئي
”جي سوڀ....ڪال ڪرڻ جو مقصد.....ھوءُ ڪٿي آھي...“
سوڀ ڳالھ جاري رکي؛ ”پريت ھڪ ٻي ڳالھ سڀن کان لڪائي ھئي، ھوءُ برين ٽيومر جي آخري اسٽيج ۾ ھئي، جنھن جو پتو فقط ھن ۽ روبينه کي ھيو. توھان کي ڪيئن ٻڌايان منھنجو حوصلو اھو سڀ ٻڌائڻ لاءِ منھنجو ساٿ ڪيئن پيو ڏي، ھن جي ھفتو اڳ ڊيٿ ٿي ويئي آھي...!!؟“
منصور ھوش وڃائي ويٺو ھو، ھن تي اھڙو سڪتو طاري ٿي ويو ھو، جو سندس اکين مان ايندڙ ڳوڙھا بند ٿي ويا، سيني تي ايڏو بار ڀانئي رھيو ھو.ڄڻ ڪنھن لتاڙيو ھجيس، سوڀ ڳالھ جاري رکي
”آءُ توھان جو ڏک سمجھي سگھان ٿي، توھان تان جيڪو ڪجھ گذري پيو، تنھن کان آ بخوبي آگاھ آھيان، پر پنھنجي سھيلي جي آخري وصيت توھان کي ٻڌائڻ مون لاءِ اھم آھي.....منصور پليز ٻڌو پيا....!؟“
دل تي وڏي اضطراب جو پھاڙ رکي ٽٽل ڦٽل لفظن ۾ وراڻيائين؛ ”جه جه جي جي......ٻ ٻڌايو....“
سوڀ وراڻيو؛ ”مون کي روبينه ٻڌايو ته منصور کي چئجان.....پريت ساھ جي سڳن جي ٽٽڻ کان اڳ وصيت ڪئي ھئي ته منصور کي چئجو منھنجي فاتحه لاءِ منھنجي گھر يا منھنجي قبر تي نه وڃي.... منھنجي تعزيت گلن سان ڪري ڇڏي....ان سان مونکي سڪون ملندو..... گل ئي روحن جا اصل وارث ٿيندا آھن....!!“
سوڀ ڳالھ ڪندي ڪندي ڳوڙھن ۾ وٺجي وڏيون رڙيون ڪرڻ لڳي، ۽ سندس رڙين ۾ منصور جا راڙ شامل ٿي ويا، منصور پاڻ سان گڏ ڏرتيءَ تي سڀ گل ھن جي ڏک ۾ سوڳوار ڀانيا، گل جي موت جو ڏک ڪو عام ڏک نه ھوندو آھي.

No comments:

Post a Comment