Monday, October 7, 2019

مان گوتم ناهيان - شھربانو ڪاڪا


مان گوتم ناهيان
مختصر ڪهاڻي
شھربانو ڪاڪا
جمعي جو ڏينهن هو. فريده کي پنهنجي رٽائرمينٽ جي ڪاغذي ڪارروائيءَ جي پورائي لاءِ، هيڊ آفيس ۾ پهچڻو هو. هڪ ته نواب شاھ کان ڪراچيءَ جو سفر، ٻيو جمعي نماز جو ڊگھو وقفو. گھڻي تڪڙ ۾ آفيس پهتي پر کيس چيو ويو ته؛ ٽين بجي اچجو. پَلَ لاءِ هوءَ اداس ٿي. پر وري سوچيائين ته ٻه ڪلاڪ گذري ويندا. ٻاهر نڪرندي رڪشه واري کي روڪيائين. جنهن کي ويجهو بازار هلڻ جو چيائين. اتي پهچندي خبر پئي ته، دڪان به نماز کان پوءِ ئي کلندا. کيس پنهنجي ساهيڙي نرگس ياد آئي. اها ويجهو ئي رهندي هئي. هاڻي الائي اُتي رهندي هجي يا نه. اهو سوچي هن رڪشه کي نيشنل ميوزيم هلڻ جو چيو. ڪنهن زماني ۾ هوءَ گوتم سان گڏ، اُتي آئي هئي. ڪم ته آفيس جو ئي هو پر، گوتم کيس اهو چوندي هتي وٺي آيو هو ته ڪجھ گھڙيون پنهنجي لاءِ به گھاريندي ڪر.


اڄ عجائب گھر اندر داخل ٿيندي، گوتم جي ياد جي هڪ چُهنڊي، سندس من ۾ لڳي. ڪاش اهو گڏ هجي ها ته زندگي صفا مختلف هجي ها. گوتم يونيورسٽيءَ ۾ سندس ڪلاس فيلو هو. جنهن جو نالو ته ڌڻي بخش هو پر کيس امر جليل جي ڪهاڻي، منهنجو ڏس آسمان کان پڇو، جي ڪردار گوتم جهڙو لڳندو هو. سو کيس پيار مان گوتم ئي سڏيندي هئي. گوتم کي، پنهنجي قوم جي حالت سڌارڻ جو ڪريز هو. پر هن کي پنهنجي گھر جون حالتون، ان جي اجازت نه پيون ڏين، جو هوءَ قوم جو سوچي.
فريده، آسپاس جو جائزو ورتو. ميوزيم ٻاهران ساوڪ سان ڀريل باغيچي ۾ به ويراني ئي هئي. هتي به شايد جمعي جا اثر هئا. هن پنهنجي لاءِ ڪا مناسب جاءِ ڳولهي. ناريل جي هڪ وڻ جي ڇانوَ ۾ پيل پٿر جي بئنچ تي، ڪتي جا ٻه ٻلونگڙا، هڪ ٻئي سان گڏ کيڏي رهيا هئا. جيڪي هر هر هيٺ لهي وري ڊوڙي ڊوڙي هڪ ٻئي کي جهليو اچي بئنچ تي ويٺا. پرتي ٻيءَ بئنچ تي، املتاس جي وڻ هيٺان، هڪ پوڙهو، جيڪو شايد عجائب گھر جو ملازم هو، ليٽيو پيو هو. اڃا اڳتي ڏٺائين ته کيس ڪجھ ڇانوري هيٺ، هڪ خالي بئنچ نظر آئي. وڃي اُتي ويٺي.
ويهندي ئي سندس ذهن ۾ پهريون سوال اڀريو ته؛ ”هڪ هفتي کان پوءِ، سندس رٽائرمينٽ آهي. ان کان پوءِ هوءَ پنهنجو وقت ڪيئن پاس ڪندي؟ ان تي اڳ به گھڻو سوچيو هئائين. پر وٽس ڪو به جواب نه هو. يونيورسٽيءَ جي زماني ۾ گوتم جي صحبت ڪري، کيس ڪتابن پڙهڻ جو شوق ٿيو هو پر، پوءِ زندگيءَ جي ڳنڍ ٽوپي ۾ اهڙي قابو ٿي ويئي جو کانئس پڙهيل ڪتابن جا نالا به وسري ويا. اهو سوچيندي، سندس آڏو ماضي ڪتاب جيان کلي پيو. کيس سندس مرحوم پيءُ ڏاڍو ياد آيو. جنهن پنهنجي حياتيءَ ۾ ڪنهن شيءِ جي ڪمي ڪا نه ٿيڻ ڏني. تعليم ۽ تربيت ۾ به ڪا ڪسر نه ڇڏيائين. هڪ ننڍي شهر ۾ مزدوري ڪندي به کيس تعليم پرائڻ جي شوق ڪري، ڄامشوري ۾ سنڌ يونيورسٽِيءَ ۾ داخلا وٺي ڏنائين ۽ خاندان جي مخالفت باوجود، هاسٽل ۾ رهڻ جي اجازت ڏنائين. جتي هر ڏهين پندرهين ڏينهن، هڙ ۾ ڪجھ شيون کڻي پهچائيندو هو. جڏهن به ايندو هو، پهريون سوال پڙهائيءَ جو ڪندو هو ته؛ ڪيئن پئي هلي. اها ڳالھ سندس ماءُ کي نه وڻندي هئي. هن جا ٻيا ٽي پُٽ هئا، جن کي ماءُ لاڏ پيار گھڻو ڏيندي هئي. سندس مرضي هئي ته هيءَ ماءُ سان گھر جي ڪم ڪار ۾ هٿ ونڊائي. ڌيءُ ڌڻ پڙهي ڇا ڪندي.
ماءُ کي فريده تڏهن مٺي لڳي، جڏهن پيءُ اوچتو فوت ٿي ويو ۽ سندس فائنل جو رزلٽ ايندي ئي کيس سرڪاري نوڪري به ملي ويئي. ڀائر ننڍا هئا، جيڪي پوءِ ڪڏهن به وڏا نه ٿي سگھيا. هوءَ انهن سڀني جي ضرورتن ۽ گُھرجن لاءِ جُهد ڪاٽيندي رهي. آفيس ۾ فل ٽائم ڊيوٽي ڪري، گھر ۾ ماءُ جو ڪم ڪار ۾ هٿ ونڊائيندي هئي. سندس زندگيءَ ۾ صرف هڪ خوشي هئي گوتم. جنهن ساڻس جيئڻ مرڻ جا واعده ڪيا هئا. جيڪو ڪڏهن سندس شهر ۾، ڪنهن احتجاجي مظاهري يا ڪنهن ميٽنگ ۾ شرڪت لاءِ ايندو هو ته ساڻس آفيس ۾ ملي ويندو هو. هر دفعي کيس روشن مستقبل جي ڪا خوشگوار اميد ڏئي هليو ويندو هو. هن لاءِ ڪي مِٽيون مائٽيون آيون پر گوتم جي آسري ۾ هوءَ انڪار ڪندي رهي.
سڀ کان ننڍي ڀاءُ ته پاڙي جي هڪ ڇوڪري ڀڄائڻ ۾ دير نه ڪئي. ڇوريءَ جا مائٽ به خوش هئا ته چڱو ٿيو، ڇوريءَ وڃي پنهنجو بِلو ڪيو. ڏاج ڏيڻ کان به بچي پيا. ڀاڻس زال سان گڏ پهريان ته لڪندو وتندو هو پر نيٺ اچي گھر ڀيڙو ٿيو. هڪ ڪمري جو گھر، پاڻ ۽ ڪنوار ڪمري ۾، ٻيا ڀاتي سڀ ٻاهر. اونهارو هو. وقت گذري رهيو هو. پر سياري ۾ ڇا ٿيندو؟ ان جي ڪنهن کي به ڳڻتي نه هئي، سواءِ فريده جي. سمجھ سان سُور هوندا آهن. بئنڪ کان قرض وٺي، گھر جا ٻه وڌيڪ ڪمرا ۽ ورانڊو ٺهرايائين. ماءُ کي پٽن جي شادين جي ڳڻتي اڳ ئي هئي پر گھر ۾ سوڙھ جي ڪري، فيصلو نه پئي ڪري سگھي. مٿان ماما ۽ چاچا ڀائرن لاءِ سڱ آڇي رهيا هئا. سو جلد ئي سندس ٻين ٻن ڀائرن جي به شادي ٿي ويئي. ماءُ ۽ ڌيءُ، وري ورانڊو وسايو. سڄو ڏينهن ڀاڄاين جا مٽ مائٽ اچن. ڪا به ڪنڊ گھر ۾ نه هئي جتي هوءَ آفيس مان موٽندي، آرام ڪري. سال ٻن ۾ ڀائرن جو اولاد وڌيو ته اڃا وڌيڪ صورتحال خراب ٿي.
نياڻي ذات، شرافت جي چادر ۾ ويڙهيل؛ ڪُڇي ته ڇا، ماٺ ته ڇا. ڪنهن کي به سندس درد سان ڪا آشنائي نه هئي. گوتم کي ڪافي سال ٿي ويا هئا. منهن نه ڏيکاريو هئائين. سندس احوال اخبارن مان ئي ملندو هو. سو به هاڻي ويجهر ۾ ڪو سندس نالو به نه ڇپيو هو. فريده لاءِ ڪي مائٽيون اينديون به هيون ته سندس ماءُ، فريده کي ڪَلَ به پوڻ نه ڏيندي هئي ته متان سندس ڪمائيندڙ ڌيءُ، شادي ڪري هلي وڃي ۽ گھر جو چرخو بيهي رهي. خوشين ۾ ته وقت کي پر لڳي ويندا آهن پر اڪيلائيءَ جي پِيڙا ۽ ذميدارين جي بار هيٺ، زندگي ڪِوِل جيان سُرندي رهي.
هن پٿر جي سيٽ تي پاسو بدلايو. هيٺ پيرن ۾ ڏٺائين ته ڪِوِليون سندس پيرن تي چڙهي آيون هيون، جن کي جھٽڪي سان ڇنڊي، پيرن تان لاٿائين. سامهون ٻلونگڙا به راند مان ٿڪجي، هڪ ٻئي کي نظرانداز ڪري. ساڳئي پٿر جي سيٽ تي، پنهنجي اڳين پيرن تي سِسي رکي، اڌ کليل اکين سان، آسپاس ڏسي رهيا هئا. هن کي هاڻي بوريت ٿيڻ لڳي. واچ ۾ ٽائم ڏٺائين. اڃا اڌ ڪلاڪ انتظار ڪرڻو هو. بئنچ تان اُٿي، باغيچي ۾ ٽهلڻ لڳي. عجائب گهر جي پارڪ ۾ لڳل ٻن پٿر جي شاهي مجسمن تي سندس نظر پئي، جيڪي شايد گنڌارا تهذيب جي آثارن مان مليا هئا. هڪ ٻانهن ڀڳل وڏو مجسمو، گوتم ٻُڌ جو آسڻ واري پوزيشن ۾ هو. ٻيو به گھڻين مورتين سان ڪاريگر جي فن جي گواهي ڏيئي رهيو هو. کيس اهي مجسما وڻيا. سوچيائين؛ ڪاش ڪو پٿر جو مجسمو، سندس به ٺهيل هجي ها. ڇو جو پاڻ به دنيا تياڳي هئائين. اڪيلائين جي سندربن ۾ ڀٽڪي هئي. پر ڪپل وستو جي شهزادي، سڌارٿ سان ڪهڙيون ريسون؟
انهيءَ سوچ ۾ هئي ته سندس نظر، پريان ايندڙ هڪ نهايت سُهڻي ٽِپ ٽاپ مئڊم تي پئي. ميوزيم ۾ ئي آفيسر هئي. ڇو جو سندس پويان پٽيوالو، پرس ۽ ڪي فائل کڻي اچي رهيو هو. ويجهو بيٺل نئين ماڊل جي چمڪندڙ ڪار مان اسڪولي يونيفارم ۾ ٻه ٻارڙا مما مما ڪري، اچي کيس چنبڙيا. هن ڏاڍي پيار سان ٻارڙن کي هٿ پڪڙي، کين اردوءَ ۾ چيو؛ ”آجائو بيٽا! چلتي هين.“ گاڏيءَ ۾ پوئين سيٽ تي ٻارن کي ويهاري ۽ پاڻ اڳين سيٽ تي ويٺي. پٽيوالي پرس مئڊم کي ڏنو ۽ سامان پوئين سيٽ تي رکي، کين الوداعي سلام ڪيو. ڪار اسٽارٽ ٿي، ڊرائيونگ سيٽ تي اڌڙوٽ عمر جو هڪ هئنڊسم ماڻهو ويٺل هو، جنهن کي ٻارڙن رڙ ڪري چيو؛ ”پاپا آئسڪريم ليني هي.“ آئسڪريم وارو به آسري ۾ سائيڪل جهلي بيٺو هو. ڪار بند ڪري، جيئن ئي اهو هئنڊسم ماڻهو ٻاهر نڪتو فريده سڃاتو. اُهو هن جو گوتم هو.. جيڪو اردو ڳالهائڻ پسند نه ڪندو هو. هاڻي پنهنجي ٻارن سان اردوءَ ۾ ڳالهائي رهيو هو. شايد سندس زال غير سنڌي هئي. هن کي ياد آيو ته ڪيئن نه هُو کيس، پنهنجي ڌرتيءَ سان تشبيھ ڏيندي چوندو هو ته محبوبه به ڌرتي ماءُ جيان هوندي آهي. مقدس ۽ پوَتر! انهيءَ سان ٺڳي ۽ ڌوڪو اسان آدرشين جو وڙ ناهي ۽ سالن جي انتظار کان پوءِ اڄ..........!
ايتري ۾ ٻارن آئسڪريم ورتي. پئسا ڏيئي، هو ڪار ۾ اچي ويٺو. ڪار، ٻيهر اسٽارٽ ٿي، سندس ويجهو کان گذرندي، گيٽ کان ٻاهر نڪري ويئي. هوءَ پنڊ پهڻ جيان بي بسيءَ سان کين ڏسندي رهي.

(شھربانو ڪاڪا جي فيسبڪ ٽائيم وال تان کنيل، جيڪا ھن نوٽ سان اتي رکيل آھي؛ “جڏھن به ڪجھ لکڻ جو ارادو ڪندي آهيان ته هڪڙي نشست ۾ لکي وٺندي آهيان. ھيءَ منهنجي گذريل سال اپريل ۾ لکيل مختصر ڪهاڻي آهي. ڪهاڻيءَ جو شوق رکندڙن لاءِ هيءَ ڪاوش هڪ دفعو ٻيهر اميد ته پڙهي راءِ ڏيندا.”)

No comments:

Post a Comment