Monday, October 7, 2019

واھه ڙي ڪُئا تنھنجا تماشا - ضراب حيدر


واھه ڙي ڪُئا تنھنجا تماشا
ڪھاڻي
ضراب حيدر
اسين گذريل ڪيترين صدين کان ھڪ قديم گهر ۾ رھندا اچون. اُن گهر ۾ اسان جون پيڙھيون گذري ويون، پر اسين اڄ به اُن گهر جا وارث چوَرائيندا اچون. اسان جو گهر جنت مثل آھي. ھڪ ننڍڙو بھشت آھي، جنھن کي ٺاھيندا ۽ سنواريندا رھندا آھيون.
اسان جو گهر، ھڪ جهنگ جي وچ ۾ آھي. جنھن ۾ ڪيترا ئي جانور رھندا آھن. پر اسان لاءِ وڏو آزار، سازشي چمڙن، مڇرن ۽ چالاڪ ڪُئن ڪيو آھي. سازشي چمڙا، مٿي مٿان لامارا ڏيندي اسان کي ڊڄاريندا ۽ ھيسائيندا رھندا آھن. مڇر اسان جو رتُ چوسيندا آھن ۽ ڪُئن جي مار آھي مال کائڻ، لُٽڻ ۽ وڃائڻ تي. جنهن ڪري سڀ گهر وارا ڏاڍو بيزار آھيون، مان ته اصل باغي ٿي پيو آھيان.


اِھا به ڪا شرافت آھي، جو رات جو پڙھڻ وقت، مڇر ڪَنن ۾ ڀُون ڀُون ڪَن، سازشي چمڙا مٿي مٿان لامارا ڏيئي، ڊيڄارين ۽ ھيسائين ۽ ڪُئا ٽپڙ ٽاڙي کَڙڪائي، گوڙ ڪري منھنجي پڙھائي ۾ رخنو وجهندا آھن.
مڇرن جو علاج ته مون ڳولي ڪڍيو آھي. کين جتي به ويٺل ڏسندو آھيان، کين اتي ئي فيئر ڪاپيءَ سان چنبڙائي ڇڏيندو آھيان. سازشي چمڙن لاءِ ھڪ وڏو ٻير جو ڍنگهر ھٿ ڪري رکيو اٿم. پر ڪُئا جيڪي چالاڪ آھن، ماني ۽ مال کائن ڍؤَ تي، تِن لاءِ ڪو به علاج ڪونھي. اُنھن لاءِ ته ڪُئا مارَ به فضول آھن. ڪُئا-مارَ ۾ اٽڪيل مانيءَ ٽُڪر ويجهو اچن ئي ڪو نه ٿا. جيڪڏهن ھڪ يا ٻه ڪُئا نظر چڙھي وڃن، سي به ڀڄيو وڃن، جيستائين ڪا شيءِ کين هڻڻ جي ڪَجي. ڀڄڻ جا ڏاڍا ھوشيار آھن. ٽپڙ ٽاڙي ڀڃي، کڙڪا ڪري بنا ڪنھن دير جي سنھڙن ٻرن يا وٿين ۾ لِڪيو وڃن.
امڙ ڪُئن کان ڏاڍو ڊڄندي آھي. ڇاڪاڻ ته سندس پورھئي جا ازل کان دشمن آھن. سندس روا، ڀرت ڀريل پھراڻ، ڪَتري نَاس ڪيا اٿن. مون کي چوندي آھي ته؛
“پُٽ! کين تنگ نه ڪندو ڪر! چَپِ پئجي ويا ته ڏاڍو زيان ڪندا.”
امڙ کي چوندو آھيان؛ “امڙ ٺيڪ آھي! شرافت سان رھن. کائڻ واريون شيون کائِين، موج ڪن، پر زيان ته نه ڪن. اسان جي گهر جي سونھن ته نه وڃائين. ٽپڙ ٽاڙي ته نه اُٿلائن پُٿلائن ۽ اِھي ٺينگ ٽپا ڏيڻ به ڇڏي ڏين.”
امڙ چوندي آھي؛ “ابا جڏھن پيٽ ڀربو آھي ته ٺينگ ٽپا ئي ڏبا آھن. ڪُئن جو ڪم ئي، ٽپڙ ٽاڙي، اُٿلائڻ پُٿلائڻ، زيان ڪرڻ، ۽ سونھن وڃائڻ آهي، ڇو ته اِها سندن فطرت آھي.”
ھڪ دفعو رات جو ھڪ ڪُئو، منھنجي ڀاءُ جي سلوار جي پانچي ۾ گهڙي ويو. ڀائو رڙيون ڪيون، “چور... چور....!”
مون کيس چيو؛ “جلدي ڪر، بَتي ٻار، چور ڪمري ۾ آھي، ڀڄي نه وڃي.”
بتي ٻاريائين ته حيرت ۾ پئجي وياسين. ڪئو ھنڌ تي مزي سان گهمي رھيو ھو. ڄڻ پڻس جي بادشاھي ھئي. ڏاڍي ڪاوڙ آئي، ڀاءُ کي چيم؛ “مارينس! ھاڻي ھنڌ لتاڙڻ به شروع ڪيا اٿن.”
ڀاءُ جيستائين ڏنڊو کڻڻ ويو، تيستائين ڪُئو ٻُٽ ڀڄي وڃي ڪمري جي در جي وِٿي مان نِڪري ويو.
ڪُئن جي گهڻي قدر اڪثريت بورچي خاني ۽ اسٽور روم ۾ آھي. تنھن کان سواءِ ھيڪڙ ٻيڪڙ ڪن ٻين ڪمرن ۽ جاين وغيره تي رھندا آھن پر جڏھن به مستيءَ ۾ ايندا آھن ته سڀ گڏجي مار بورچي خاني ۽ اسٽور تي ڪندا آھن.
ھڪ دفعو امڙ کي چيو ھئم؛ “امان چمڙا به ڪُئن سان ٻڌل اٿئي!؟”
امڙ کلي پئي ھئي؛ “چريو ٿيو آھين ڇا؟ ڪُئن سان وري چمڙا ڪئين ملندا؟”
کيس چيم؛ “امان مون اکين سان ڏٺو آھي!”
حيرت وچان چيائين؛ “سو وري ڪئين؟”
کيس چيم؛ “امڙ! بورچي خاني ۽ اسٽور روم، ۾ جيڪي به سوراخ آھن، تِن ۾ ڏينھن جو چمڙا ۽ ڪُئا گڏ رھندا آھن.”
امڙ کڻي ماٺ ڪئي. چيائين؛ “پُٽ خيال ڪجان، اُنھن سان وير نه پئجان. چمڙا اڪثر ڪياڙيءَ ۾ چنبڙندا آھن ۽ جيستائين ڪارو گڏھه ھينگون نه ڪري تيستائين ڪو نه ڇڏيندا آھن.”
اُن ڏينھن کان چمڙن کان ڏاڍو ڊڄندو آھيان. ڇاڪاڻ ته اسان جي آسپاس ۾ ڪو به ڪارو گڏھه ڪونھي. اڳ ۾ ھڪڙو ھو سو به ڪنھن حادثي جو شڪار ٿي مري ويو. تنھنڪري ھاڻي رات جو پڙھڻ مھل، ڪياڙيءَ ۽ ڪنڌ تي اجرڪ ويڙھي ويھندو آھيان.
مان اڪثر، خوفائتا ناول ۽ ڪھاڻيون پڙھندو ۽ جنگي ويڙھاڪ فلمون ڏسندو آھيان. ھڪ دفعو رات جو مان اُھي ئي ڪھاڻيون پڙھي رھيو ھئس ته، ھڪ ڪُئو منھنجي ڪمري ۾ گهڙي آيو. مون به در بند ڪري، امڙ واري سونٽي کنئي ۽ پوءِ ھوشو وانگي ھڪل ڪري سندس سامھون ٿيس. وڏي ويڙھه کان پوءِ کيس ماريم. سھڪي پيس. سندس جسم کي اُڇلائڻ لاءِ ڪمري کان ٻاھر آيس ته اوچتو بورچي خاني ۽ اسٽور روم مان کَڙڪن جا آواز ڪنن تي پيا. يقين ٿي ويو ته ڪُئا ٺينگ ٽپا ڏئي رھيا آھن. پڪ ٿي ته کين وري ڪا مستي ٿي آھي. مئل ڪُئي کي ٻاھر اڇلائي، بسم الله ڪري، بورچي خاني جو در کوليم.
“مار! رڳو ڪئا ئي ڪئا ھئا. ٿالھين، ديڳڙين، ڪوپن وغيره تي ٺينگ ٽپا ڏئي رھيا ھئا. تن مان ٻن ڪُئن تي سخت ڪاوڙ آئي، جيڪي ڏاڏي جي ڏنل نشاني دٻڪين کي ڪُتري رھيا ھئا. مون يا علي جو نعرو ھڻي، بورچي خاني جو در بند ڪيو، پوءِ جنگ شروع ٿي وئي. وڏي جنگ کان پوءِ ڪُئن جا ڏھه لاش کڻي ٻاھر نڪتس، پگهر وھي رھيا ھئا. سھڪي به رھيو هوس، ته اچانڪ ڪَنن تي ٽاڪوڙن جا آواز پيا، جيڪي اسٽور مان اچي رھيا ھئا. شايد اسٽور وارن ڪُئن کي خبر پئجي وئي ھئي ته بورچي خاني ۾ سندن ڀائرن جو قتل عام ٿيو آھي. تنھنڪري ھو احتجاجن ٽپڙ ٽاڙي، ٽوڙي ٽاڪوڙا ڪري رھيا ھئا. مون به دل ٻڌي اسٽور روم جو دروازو کوليو، جتي واقعي احتجاج لڳو پيو ھو. پر مان ھمٿ ڪري پنھنجي اَٽل فيصلي کي مدنظر رکي اسٽور روم جو دروازو بند ڪيو ۽ پوءِ شروع ٿي ويس. ھڪ، ٻه، ٽي، اڃان چوٿون ڪُئو مس ماريم، ته ٻاھران امڙ دروازو کڙڪايو؛
“ڇا؟ تي چريو ٿيو آھين. وير پئجي ويندءِ! ٻيو نه ته منھنجي لَڄ جو خيال رک. منھنجي روَن ۽ ڀرتن جي ٻيڙي ٻڏي ويندي.”
امان کي اندران ئي چيم؛ “امان تون فڪر نه ڪر! نه ھوندا، نه ئي تنھنجي پورھئي کي نقصان رسائيندا.”
وڏي لڙائيءَ کان پوءِ ڇھه ڪئا ماريم. پر ستون ڪُئو جيڪو ڏاڍو زخمي ٿيو ھو سو بَچي ڀڄي ويو. دل ۾ خوش ٿيس ته ھاڻ آزار کان ھميشه لاءِ جان ڇُٽي.
صبح جو امڙ کي ٻڌايم ته، چيائين؛ “پُٽ زخمي ڪُئو جيڪو زيان ڪندو سو پنھنجي اکين سان ڏسندين. ھاڻ ته ماڳھين ٻين ڪُئن جو اِھو ڪُئو ھيرو ٿي ويو.”
چوٿين ڏينھن اوچتو ڪيترا ئي ڪُئا منھنجي پڙھڻ واري ٽيبل تي ڪَن ڦڙڪائيندا چڙھي آيا. جن جو اڳواڻ ساڳيو زخمي ڪُئو ھو.
مون کين چيو؛ “ڏسو! شرافت ۽ امُن سان رھو، کائو، پيئو، موج ڪيو پر اِھي من مستيون ۽ ٺينگ ٽپا ڏيڻ ڇڏي ڏيو، نه ته اُھا ئي حالت ٿيندوَ، جيڪا اڳيَن سان ٿي آهي.”
ڪُئا ٽِلندا ھليا ويا، صبح جو اٿيس ته منھنجو ھڪ به ڪتاب صحيح سلامت نه ھو. ڏاڍي ڪاوڙ آئي.
امڙ جا لفظ ياد پئجي ويا؛ “پُٽ کين نه مار! تنگ نه ڪر! وير پئجي ويندءِ.”
مون کڻي چُپِ ڪئي، ڪجهه عرصي کان پوءِ ڪيترائي ڪُئا منھنجي ميز تي چڙھي آيا، جن جا اڳواڻ تيرنھن ڪئا ھئا، سندن واتن ۾ پنن جون ڪُتريل ٽُڪريون ھيون. مون کي ائين لڳو ڄڻ انھن تي سندن مطالبا ھئا، جيڪي مون کي مڃرائڻ آيا ھئا. مان چُپ رھيس، کين ڏسندو رھيس، ڪُئن مون اڳيان ئي منھنجا ڪتاب چيرڻ ڦاڙڻ شروع ڪيا، جن ۾ جنگي ڪھاڻيون، خوفائتا ناول ۽ تاريخ جا ڪتاب ھئا. مان ماٺ ماٺ ۾ سڀ ڪجهه ڏسندو رھيس. ڪُئا نچڻ ڪُڏڻ لڳا. منھنجي ٽيبل جو نقشو ئي بدلائڻ لڳا. اُن وقت چمڙن منھنجي مٿان لامارا ڏيڻ شروع ڪيا. مان ڊڄي ۽ ھيسجي ويس. مڇرن ڪَنن ۾ ’ڀُون ڀُون‘ ڪندي ٽھڪ ڏيڻ شروع ڪيا، مان ڪُئن جي مستي سان گڏ چَمڙن ۽ مَڇرن جي سازشن تي ڳڻتيءَ ۾ پئجي ويس ته ھاڻي؛ “امڙ جي پورھئي جو ڇا ٿيندو....؟ اسان جي گهر جي سونھن جو ڇا ٿيندو...؟ هي ته سڀ گڏجي هڪ ٿي ويا آهن.”

No comments:

Post a Comment