Monday, October 7, 2019

سنڌ جو مجاور - ضراب حيدر


سنڌ جو مجاور
ڪھاڻي
ضراب حيدر
پُراڻي اسٽيشن، پُر اسرار اسٽيشن، ويران اسٽيشن، تمام ڊگھو پليٽ فارم، خالي پليٽ فارم، پراڻو ڪشادو ويٽنگ روم، خالي ويران، پُراسرار ويٽنگ روم، اسٽيشن به ته ورهين کان ويران. خالي پُراسرار پڇاڙڪي اسٽيشن، پڇاڙڪو پليٽفارم، خالي ويران. هڪ ويٽنگ روم ورهين کان مسافرن جي ويھڪ لاءِ آتو.


ڪير مسافر......؟ ڪوريئڙي جو ڄارو، ڀتين تي طويل پراڻو منجھيل ۽ ڦھليل. شايد ائين ئي، اسٽيشن ماسٽر جي آفيسن، اٽيچ ڪمرو، اٽيچ باٿ روم. ڪراڙو اسٽيشن ماسٽر اسٽيشن وانگي بنھه پراڻو. ٿورو پاسيرو هڪ وڏو دِڪو وچ پليٽ فارم تي سِگنلز ۽ ڪانٽن بدلائڻ لاءِ. سِگنلز ۽ ڪانٽن کي زنگ لڳل، ورهين جو زنگ لڳل ليور، هڪ گونگو شخص کين بدلائڻ لاءِ نوڪر، جيڪو رڳو حڪم جو بندو. ڪوڊ ورڊز ۾ حڪمن جي تعميل ڪندڙ. سوال ڪرڻ يا اعتراض ڪرڻ جي سگهه کيس ناهي. کانئس سگهه کسي وئي آهي.
اُڀرندي طرف تارن سان بند ٿيل ڪسٽم هائوس پراڻو ڊٺل، ڊٺل ڇِت ۽ ڀتيون ڀُريل ۽ اڌ جُهريل، ڪوريئڙي جو ڄارو، طويل ۽ پکڙيل چمڙن جا پراسرار سوراخ..
پليٽ فارم جي سامهون هڪ هوٽل ٻه چار ڪچا دڪان ۽ مدي خارج دوائن جو ميڊيڪل اسٽور. اسٽيشن وانگي مدي خارج اسٽور ڀرسان هڪ پراڻو، طاقتور ڇَڪڙو بيٺل، چوطرف واريءَ جو وڏو ريگستان. وڏيون بُلند ڀِٽون. واريءَ جو جُهوٽو، واريءَ جون هوائون. پليٽ فارم جي پويان ڪجهه گهر، جُهوپڙيون ، چونرا.
هڪ ڳوٺ... هڪ شھر.. کوکرا پار شھر... عجيب شھر، ويران شھر، ويڳاڻو شھر. گھرن ڀرسان چار ڪچا کوهه، سُڪل خُشڪ کوهه، سُڪل ۽ خُشڪ شھر، سُڪل کوهن جيان سُڪل چِھرا، خُشڪ کوهن جيان خُشڪ زبانون، صدائِن سان ڀريل، هر چِھرو سُڪل، واريءَ سان ڀريل، ڀَڀُوت. ويران شھر، پريشان ماڻهو.
بي نانءُ ڄڻ شھر، بي نانءُ ڄڻ رهواسي ۽ هو... هو..... بي نانءُ ڪراڙو... پليٽ فارم جو مُجاور، ويران اسٽيشن جو مُجاور، واريءَ جو مُجاور، ريگستان جو مُجاور. پليٽ فارم جي هڪ ڪُنڊ کان ٻي ڪُنڊ تائين فضول چَڪر پيو ڪاٽي. سندس هٿن ۾ ريلوي جي هڪ پُراڻي ڪاراٺيل ليمپ، جنهن جي ٻنهي طرفن وارن شيشن جو رنگ بي معنيٰ، نه ڳاڙهو انقلابي سوجھرو، نه سائو سرسبز سوجھرو،
ڀلا رِڻ ۾ ڪهڙو سوجھرو...؟
شام جو پَھر بي نانءُ ٿي، رات جي پيٽ ۾ جذب ٿيڻ لڳو، ليمپ جو ڊِنل سوجهرو. هي ڪهڙو سوجهرو؟ رات جي اوندهه ۾ پنهنجو مقام پيدا ڪرڻ لاءِ ڏڪڻ لڳو! ليمپ جو ڊِنل سوجهرو. هي ڪهڙو سوجهرو!؟ ڏڪندڙ سوجهرو! تتل واري ٺرڻ لڳي، تتل واري جا رهواسي آسائتا ٿيڻ لڳا. ٺرڻ لڳا. گرم واريءَ جي سيڪ تي سڙيل چِھرا ٺرڻ لڳا. منجهن احساس موٽي اچڻ لڳا، مُرڪُن لُڙڪن سُکن ۽ ڏکن جا احساس. ننڍا وڏا، پڪا پوڙها، جوانڙيون، عورتون، سڀ چونئرن جي ڇِت هيٺان ۽ واريءَ جي ٺريل پَٽ تي ليٽڻ لڳا. سُڪل ماسُ، مظبوط هڏ. ٿڌي واريءَ تي مظبوط هڏ، نقش ٿيڻ لڳا. سُڪل ماسَ واريءَ کي ايذاءُ ڏيڻ لڳا، خُشڪ واري، خُشڪ جسمَ، خُشڪ اذيتون، خُشڪ دردَ ۽ سڀ ڪجهه خُشڪي ۾ خُشڪ ٿيڻ لڳو. خُشڪي ۾ خُشڪي جذب، نه ڪو ڳوڙهو، نه ڪو لڙڪ....!
ڍور ڍڳو بُکايل، مال متاعُ ڏٻرو هيڻو، جنھن جو ڪرنگهو پيو وائکو ٿئي، ڪنهن چونئري ۾ معصوم ٻالڪ جو روڄ، خشڪ روڄ، پاڻي ڍُڪ لاءِ يا کير سِپ لاءِ.
ٿريلي گاءِ جي ٿڻن جي جاءِ تي چار سُڪل ڇڇڙا، سندس گابي پڻ پئي رانڀاٽ ڪري. مال جو ڪِرنگھو پيو نِڪري، گوشت بدران رڳو پيو ڍُنگو پيو نظر اچي. جنهن ۾ تنتي ڏورو پيو اڃان پساهه کڻي. پوڙهو به اڃان پيو پساهه کڻي. پليٽ فارم ۾ به پساهه آهي،
ڪير ڄاڻي، ڪير اڳ ۾ دم ٽوريندو؟
ريل جي پَٽڙي، واريءَ ۾ وريل، اُلهندي طرف، اُڀرندي طرف. اُلهندي طرف پٽڙي مڙئي ڪجهه سنوارت ۾، پر اُڀرندي واري پٽڙي بنهه ڍڪيل، ڪٽيل زنگ لڳل، ڪَٽ لڳل، پِٽ لڳل، پاراتي ورتل.
پوڙهي جي خُشڪ لبن تي ھڪ آيت.
’واهڙ وهين مَ شال، سُڪي ٻيلاٽيون ٿئين.....‘ واهڙ جو وهڪرو بند، سُڪي ٿيو ٻيلاٽيون، سندس پيٽ ۾ واريءَ جا دڙا، پر سُکائتي سنڌ ته ٻوڙي ويو...... ٻوڙي ويٺو .....
’وھڪرو، پر ڪھڙو وهڪرو....؟ اُهو ئي وهڪرو، پُراڻو وهڪرو، خبرناهي پوڙهي جي مَن ۾ ڪهڙي آنڌ مانڌ آهي، جو نه اٿس سُک نه ڪا سنوت، ڏسڻ ۾ بنهه چريو، وڏي ڀَڀُوت ڏاڙهي، وڏا وار، خُشڪ ۽ اڻڀا .... مُنھن تي سُڪل سنڌوءَ وانگي وڏا چير ۽ جهير.... اذيتن ۽ عذابن جا جهير. ڏُکن ۽ وَھمن جا گهنج، ورھيه اڳ جا پراڻا گُهنج.
جڏھن پوڙھو، جوان مڙس ھو. سندس ريلوي واري ليمپ بلڪل نئين ھئي. سڀ ڪجهه نئون ھو....اسٽيشن به نئين ھئي. سنوريل، وسيل، ريل گاڏين پٺيان ريل گاڏيون اينديون ھيون. اُڀرندي کان اُلھندي وڃڻ لاءِ. سندس چھري تي گهنج ورھيه اڳ اُن ڏينھن پيا ھئا، جڏھن ھڪ ريل، ڪارو دونھون ڪڍندي اُڀرندي کان آئي ھئي. ڪن تي ڪو آواز پيو ھئس، اجنبي اوپرو آواز...،
“اري ميان! يه سنڌ اور ڪتني دور ھي؟” وائڙو ٿي ويو ھو.
“ھيءَ ئي ته سنڌ آھي ٻيو وري ڪھڙي سنڌ؟” سوال ڪندڙ اجنبيءَ سوال جو جواب سوال ۾ ٻُڌي مُرڪي پيو ھو، طنزيه ٽوڪ ڪرڻ واري انداز ۾؛
“نھين ميان، يه سنڌ ڪيسي ھو سڪتي ھي؟ سنڌ تو سُنا ھي بھت سرسبز ھي” بس اُنھن لفظن سندس چِھري تي درد ڀريا گُهنج وجهي ڇڏيا ھئا.
“رب خير ڪري، ھي ڪھڙي مخلوق آھي؟ جا سرسبزي جي ڳولا ۾ آئي آھي.... سا به سنڌ جي سرسبزي، جا جڳ مشھور آھي. ڪٿي ھيءَ .... ھيءَ ......م...ما.....ماڪڙ....ته......” پوءِ کيس ڪنھن وڏڙي جا ٻول ياد پئجي ويا رھيا ھئا ته؛
“سنڌ ھڪ دفعو ماڪڙ جا طوفان ايندا، ڪٽڪ اچي لھندا، وڏو ڏُڪر پوندو، مال، ماڪڙ جو کاڄ بڻجي ويندو.....” دل چاھيو ھئس ته جيڪر اُھا پٽڙي، سَنڌ سَنڌ کان پَٽي ڇڏي، ھَر سِليپر کان اُکيڙي رکي، پٽڙيءَ جو وجود ئي ناس ڪري ڇڏي، جيڪو سنڌ لاءِ سٺو سنوڻ ڪونھي. ھي ماڪڙ ڀل رِڻ پَٽ ۾ رُلي بک مري، علاؤالدين خلجي وانگر ڀٽڪي ڀُلجي ٻَاٿون کائي مري.
ڪجهه سانت کان پوءِ اُلھندي کان، ھڪ ڪاري انجڻ رات جي ڪاراڻ جو پيٽ چيريندي، ڪارو دونھون فضا ۾ پکيڙيندي ظاھر ٿي ۽ آھستي آھستي ’ڇڪ ڇڪ، شون شون، ڪوڪون ڪو ڪون‘ ڪندي اچي پيلٽ فارم تي بيٺي. پليٽ فارم تي ڪوئي به ڪونه لٿو، سواءِ ھڪ نوجوان جي.نوجوان کي ڪجهه سامان ساڻ ھو. ھو وڌي ويٽنگ روم ڏانھن آيو، پر ويٽنگ روم جي خوفائتي حالت ڏسي دھلجي ويو ۽ واپس اچي پيلٽ فارم جي ھڪ پراڻي بينچ تي ويھي رھيو، ٿوري دير کان پوءِ انجڻ کان گاڏا ڪٽجي ويا. صرف ھڪ وڏو پاڻيءَ سان ڀريل ٽينڪر، ڪاري انجڻ سان وڌي گڏجي اڳتي ھليو ويو. ڪافي دير ڪاري انجڻ، رات جي ڪاراڻ ۾ ڀِٽ جي پوئين ڀِر گُم ٿي وئي. پر ٻاڦ جو پريشر سان نِڪرندڙ آواز ’شون شون‘، فرلانگ کن پري کان ٻُڌجڻ ۾ پئي آيو. نوجوان ڪا به پھر نه سمجهي پنھنجو سامان کوليو، وٽس پنھنجي کائڻ پيئڻ کان سواءِ ضرورت جو سمورو سامان موجود ھو. گهڙيءَ کن کان پوءِ پوڙھو به چڪر ڪاٽي وٽس آيو. اجنبي شخص کي ڏسي حيرت ۾ پئجي ويو، کيس وھم ٿيڻ لڳو، سو گرم جوشيءَ مان نوجوان کان پُڇا ڪيائين،
“ڪير مڙس آھين؟”
“چاچا مان سنڌي آھيان.....سرڪاري نوڪري اٿم.....سرڪاري رپورٽ وٺڻ آيو آھيان.” نوجوان ورنديءَ ۾ پنھنجائپ ڏسي، پوڙھو ڏاڍو شرمندو ٿيو، سو نوجوان کي ٿڌو ٿيندي چيائين؛
“ابا ڀلي ڪري آئين، معاف ڪجان، ھِت تنھنجي خدمت لاءِ ڪجهه به ڪونھي جو پيش ڪريان!” نوجوان کيس مُرڪندي چيو،
“نه چاچا، اھڙي ڪابه ڳالهه ڪونھي، مون وٽ سڀ ڪجهه آھي. رڳو چانھه جي ضرورت ٿيندي.” “ابا سامھون ھوٽل آھي، متان تنھنجي ڀاڳ ۾ چانھه ملي پوي، پاڻي ته کارو ئي ھوندو، سو چانھه به کاري ملندي” پوڙھي کيس واضع ڪري ٻُڌايو،
“خير آھي چاچا، ماني کائون ته پوءِ ھلئون ٿا، پاڻي مون وٽ مِٺو آھي، اُن مان چانھه ڪاڙاھي وٺنداسين، چانھه پيءِ پوءِ حال احوال ڪبا.” نوجوان پوڙھي کي ماني پاڻ سان کارائي، پوءِ ٻئي ھوٽل ڏانھن روانا ٿيا. نوجوان جي ھڪ ھٿ ۾ ٽارچ ۽ ٻئي ھٿ ۾ پلاسٽڪ جي بڪيٽ ھئي، جنھن ۾ مٺو پاڻي موجود ھو.....ايئن ئي مٿاڇرا احوال ڪٽيندا، پوڙھي جي ھدايتن موجب نانگ بلائن جو احتياط ڪندا، اچي ھوٽل تي پھتا. ھوٽل ۾ داخل ٿيندي پوڙھي، ھوٽل واري جوان مرد کي سڏ ڪيو؛
“ابا چانھه پِيار، ھي نوجوان پري کان آيو آھي، چانھه مڙئي ڀلي پيارج ھان.....ھي وٺ مِٺو پاڻي.....” پوڙھي، نوجوان کان پلاسٽڪ جي بڪيٽ وٺي، ھوٽل واري کي ڏني. ڪجهه ساعتن ۾ چانهه اچي وئي، چانھه پيِ نوجوان ھوٽل واري کي داد ڏيندي چيو:
“ٻيلي واھه جو چانھه پياري اٿئي، سموري ڏينھن جو ٿڪ ئي ڀڄي پيو”. نوجوان ڪجھه پئسا ڪڍي ھوٽل واري کي ڏيڻ چاھيا،
“نه جوان نه..... تون اسان جو مزمان آھين. ھڙان وينداسين پر وڙان نه وينداسين. اسان وٽ ٻيو آھي ڇا جو اوھان جي خدمت ڪري سگهون.” ھوٽل واري پئسن نه وٺڻ جو اظھار ميزبان ٿيندي ڪيو.
پوڙھو اُٿي کڙو ٿيو، نوجوان به اُٿيو،
“چڱو ابا ھلون ٿا. سڀاڻي ھونداسين جيئرا ته ڪچھريون ڪبيون.” ايئن ٻئي اچي پليٽ فارم تي پھتا، ساڳئي بئنچ جي ڀرسان پوڙھي پنھنجو ڦاٿل پوتڙو وڇايو........ٻئي پوتڙي تي پلٿي ھڻي ويھي رھيا....نوجوان کيسي مان سگريٽ ڪڍي پوڙھي ڏانھن وڌايو، پوڙھي سگريٽ ڏسندي چيو،
“اڄ ڀانيان ٿو ڪچھريءَ ۾ واھه جو مزو ايندو. وڏي وقت کان پوءِ فلٽر وارو سگريٽ ڏٺو اٿم.” نوجوان سگريٽ دکائي، ھڪ سوٽو ھڻي پوڙھي کان پڇيو.
“چاچا، ھيءَ انجڻ ڪيڏانھن وئي؟سندس آواز ته ٻڌجي پيو.....؟”
“ھئه، اَبا ڪھڙيون ٿو ڳالهيون پُڇين؟ جڏهن کان سرحد بند ٿي آهي، تڏهن کان ڀلا هِن راجا واري ريل جو هيڏانهن اچڻ جو ڪهڙو لاچار سواءِ پاڻي ۽ ڀاڄي ڀُتي آڻڻ کانسواءِ. پريان ڪئمپ وارن جوانن لاءِ........” نوجوان حيرت ۾ پئجي ويو.
“چاچا ڪھڙا جوان.......؟”
“ابا پريان، ڀِٽ جي پرئين ڀر فوجي جوانن جي وڏي ڪئمپ آھي، بارڊر جا فوجي.......جن لاءِ روز گاڏي، مٺو پاڻي ۽ کاڌ خوراڪ جو سامان کڻي ايندي آھي. اڳي جڏهن اڃا ورهاڱو نه ٿيو هو ته هتي رونقون هونديون هيون. هاڻي ته بس کوکراپار جو نالو رهيو آهي، نه ڪو ڌنڌو آهي نه وري ڪو روزگار، هتان جا رھواسين ويٺا اوٻاسيون ڏئي لقاءُ ڏسن. لقاءُ ته ھو به ڏسي پيو، جنھن اسان کي خلقيو آهي مٿان وري مسلمان ڪري خلقيو اٿائين سو سُور ۽ آزمائشون ويٺا ڀوڳيون.”
پوڙھو ڄڻ روئڻھارڪو ٿي پيو، ڪنڌ آسمان طرف ڪري ڇڏيائين. ڄڻ کيس ڪو جواب ملندو. پر کيس ڪوبه جواب نه مليو. سندس اکيون لال ٿي ويون، اکين ۾ پاڻياٺ تري آيس، نوجوان به ٻڏتر ۾ پئجي ويو. پوڙھي ٿڌو ساھه کنيو، سگريٽ جو ڪش ھڻي چيائين،
“نوجوان، تون ڪو احوال ڪر، ڪيئن آيو آھين؟ ڪھڙي رپورٽ وٺڻ آيو آھين؟”
“چاچا ٻڌو اٿم ۽ سرڪاري اطلاع به آھي ته ٿر ۾ خاص ڪري بارڊر وارن پاسن ڏي، ڪُجهه ماڪڙ جا ايڪڙ ٻيڪڙ داڻا ڏٺا ويا آھن، سو انھن جو جائزو وٺڻو آھي.” پوڙھي کي ڄڻ لفظن ڏنگي وِڌو،
“واھ، ابا واھ، ھيڏانھن آيو آھين ماڪڙ جي رپورٽ وٺڻ جتي ماڻھو بک ۾ پيا پاھه ٿين. بابا ماڪڙ ته سرسبزيءَ ۾ پئي وڌي ۽ ويجهي، دنيا جا وڏا ادارا ماڪڙ جو خاتمو ڪرڻ جي پويان آھن ۽ اسان جي ڏيھه جا واسي، ڌرتيءَ جا ڌڻي، مڪڙ کائڻ جا شوقين، ٻڌو اٿم ته ماڪڙ جو نسل پالي پيا وڌائين. ابا ايڏو تيزيءَ سان پيو ماڪڙ جو نسل وڌي، توکي خبر ئي ڪونھي. وڃ وڃي سرسبز پاسن ڏي ڏس، جلد وڃي رس، نه ته ماڪڙ جا نسل، ڌرتيءَ جي سرسبزيءَ کي کائي چَٽُ ڪري رکندا.” پوڙهو جذباتي ۽ علامتي انداز ۾ يڪساهي چئي ويو. نوجوان حيرت ۾ پئجي ويو.
“چاچا ڪھڙي ماڪڙ جي ڳالهه پيو ڪرين، چريو ته نه ٿيو آھين!؟”
“ھا ابا مان چريو ئي سھي، پر تون جنھن ماڪڙ جي ڳالهه پيو ڪرين، ۽ مان جنھن ماڪڙ جي ڳالهه پيو ڪريان، اُن ماڪڙ ۾ ڪوبه فرق ڪونھي، ٻنھي مان “الله” جي نالي وارو “الف” نِڪري ويو آھي ۽ لفظ اڃا به بنهه خطرناڪ “مڪڙ” ٿي پيو آھي جيڪو سنڌ جي وسندين ۾ ڪاھي پيو آھي.” نوجوان ٿورو گهٻرائجي ويو،
“چاچا تون ھي ڪھڙيون پيو ڳالهيون ڪرين... اسين مسلمان آھيون، ائين چوڻ ڪُفر آھي...” پوڙھو ٿورو مُرڪيو..
“ابا سچو آھين... اسين مسلمان آھيون، مسلمان ڀائر، ھر ڏکي سکي وقت ۾ ڀائر... وڏن جو چوڻ آھي، ته ھڪ ڏينھن سنڌ ۾ ڏُڪر ايندو، ڏکيو وقت پوندو، مارو بُک مرندا، مال، مڪڙ کائي ويندي ۽ مسلمان ڀائر ھڪ ٻئي کي ڪم ايندا. بُک جي مرض کان بچائڻ لاءِ، سُکيا بُکين کي نجات ڏياريندا، سندن سٿا ڪري رکندا...” نوجوان جو جسم ڪنبڻ لڳو، ھُن ڏڪندي سگريٽ ڪڍيو، دکائين خاموشي اختيار ڪيائين. ھو ڄاڻي ويو ته پوڙھو ڪو ڏاڍو ستايل آھي، پوڙھو به ڪجهه ساعت ماٺ ۾ رھيو، پوءِ نوجوان سان مخاطب ٿيندي چيائين،
“ابا! منھنجو ھڪ يار ھو. اُڀرندي جو رھواسي، مڙئي ھتي ايندو ويندو ھو. تڏهن اڃا هي سرحدون نه پيون هُيون. سندس ھڪ نوجوان خوبصورت ڌيءَ ھُئي. اُڀرندي ۾ راڳ ۽ ناچ جون وڏيون محفلون ڪندي ھُئي، نالو ھُئس لالي ٻائي، ھئي به لالي جھڙي ڳاڙھي. پوءِ اُڀرندي کان ھجرت ڪري اُلھندي وڃي رھي ھُئي. ھجرت ڪرڻ کان پوءِ لالي بائي مان ڦري لالي ھِجران ٿي پئي، وڏو ڪُڙم کڻي ڪڍيائين. ناچ گانو ڇڏي ھڪ مدرسو کوليائين ۽ اسلام جي ٺيڪيدار بڻجي ويھي رھي. هڪڙي چڱي مڙس سان شادي ڪيائين جيڪو پاڻ به مذهبي ٺيڪيدار ھو. لالي ھِجران جا کُٿابي اڄ به مشھور آھن، نماز پڙھي مسلمان ذبح ڪندا آھن. پوءِ لالي بائي ۽ سندس مڙس کي، سندس ڪنھن عاشق مارائي وڌو. لالي بائي جو عاشق کين شھادت جو اعزاز ڏئي ويو. اڄ به لالي ھجران جا کُٿابي ۽ مُريد سندس تربتن تي قل پڙھڻ ايندا آھن ۽ دل ئي دل ۾ آشيرواد وٺي، ڪنھن نئين مظلوم جو رت وھائيندا آھن. اسان ته رت ڪونھي ڏٺو، ھت ڪنھن ۾ رت ھجي ته ڏسون، پاڻيءَ سُرڪ لاءِ ٿا سِڪون، پر ٻڌو ھئوسين ته رت ڳاڙھو ٿيندو آھي، ھڪ ڀيري لالي بائي، پان کائيندي ٿُڪ اڇلائي ھُئي ته مون رتُ سمجهيو ھو ۽ رڙيون ڪيون ھئم ته لالي بائي کي واتان رت آيو آھي. پر لالي بائي ٽھڪ ڏئي کلي ھئي ۽ چيو ھئائين ته ھي ڪٿو آھي، پان جو ڪٿو، نوجوان! اُھي’ڪٿي‘ ۾ رت ملائيندا آھن ڇا؟” نوجوان پريشان ٿي ويو،
“چاچا ڪابه خبر ڪونھي، مون ڪڏھن پان کاڌو ئي ڪونھي، جيڪي کائيندا آھن ته ائين لڳندو آھي، ڄڻ ڪا گوشت جي ڪچي ٻوٽي پيا چٻاڙين. جنھن جي رتَ سان سندن وات ڳاڙھو ھوندو آھي.. مون کي ته ڪرڀ ايندي آھي.”
“سچو آھين نوجوان.” پوڙھي هلڪڙو ٽھڪ ڏنو،
“چڱو ھل ته ھلي آرام ڪريون، رات گهڻي وھامي چڪي آھي، باقي احوال صبح جو ڪبا.” پوڙھو اُٿيو، نوجوان به اُٿيو، پوڙھي پليٽ فارم جي پوئين ڀر وارن چونئرن ڏانھن رُخ ڪيو. نوجوان به سندس پويان ھلندو ويو، ڪُجهه ئي ساعت ۾ ھو ھڪ چونئري ۾ داخل ٿيا، چونئري ۾ ھڪ نوجوان، خوبصورت، سانوري ڇوڪري سُتل ھُئي، سندس وارن جون ٻه چوٽيون ٿيل ھيون، جن ۾ ڳنڍون پئجي ويون ھئس، ٻانھن ۾ اَڇيون اَچرجي ڪنگڻيون ڪلھن تائين ھُئس، ھڪ پراڻو گج، جنھن جو ڀرت اُکڙي ڌاڳا ڌاڳا ٿي ويو ھئو، ائين جيئن ڄڻ سنڌ جو وجود ڌارون ڌار ٿي ويو ھُجي. ويڪري سُوسي جي سلوار پاتل ھُئس. پوڙھي اندر داخل ٿيندي ڇوڪريءَ کي اٿاريو.
“مِٺان اُٿ، مھمان آيو آھي، اُٿ امڙ...” ھُوءَ پٽ تي پيل کٿي تان ٽپ ڏئي اُٿي پاسيري ٿي بيھي رھي، کٿي جي ڀرسان ھڪ ڇڳل پراڻي کٽ پئي ھُئي، جنھن تي چتين لڳل رلي وڇايل ھئي... نوجوان کي “مٺان” ڄڻ سنڌي جھڙي سٻاجهڙي ۽ مظلوم لڳي.
“امڙ تون ٻاھر وڃي ٿلھي تي سُمهه، مھمان کٽ تي آرامي ٿيندو ويچارو ٿڪل آھي، ڏورانھون آيو آھي.” نوجوان کي اھا ڳالهه مناسب نه لڳي،
“چاچا ضائفان ذات ٻاھر ڪيئن سمھندي، پاڻ ٿا ٻاھر ھلي ٿلھي تي سمھون.”
“نه جوان ائين نه ٿيندو... اسين مارو ماڻھو ڏک سک جا ھريل آھيون، تون مھمان آھين، ٻيو ھت وري ڪھڙو خوف” پوڙھي کيس زوريءَ کٽ تي ويھاريو. نوجوان سگريٽ دُکائي پوڙھي کي چيو:
“چاچا توکي ھڪ ئي نياڻي آھي.؟” نوجوان جي سوال، پوڙھي جا سمورا درد اُکلي ڇڏيا.
“نه ابا، ھاڻ ته نياڻي ئي اٿم، جھڙوڪر نياڻي، ويچاري بيواھه ڪيڏانھن ويندي، منھنجي مرحيات پٽ جي بيوھه آھي.”
“چاچا، تنھنجو پٽ چئبو گذاري ويو....؟” پوڙھي کٿي تي ويھندي چيو..
“نوجوان! ٻه ورھيه اڳي پُٽڙي جو وھانءُ ڪرايو ھئم، ڏاڍو سٺو گذران ھو. مٺان به ڄڻ ٽڙي پئي ھُئي، ھي چونئرو ته ڄڻ جنت ھو، ڪافي عرصو مينھن صفا کڻي ماٺ ڪئي، اچي ڏڪر پيو. سو پٽڙو، اُلھندي ڪمائڻ سانگي روانو ٿيو، ٻه چار مھينا ڪمايائين، پر پوءِ اُن ساڳئي ريل ۾ سندس لاش آيو، منھنجي نوجوان پٽ جو سارو بدن رت ۾ رڱيل ھو. مون کيس رت ۾ وھنتل ڏٺو، اُھو ساڳيو رنگ، لالي بائي جي پان جي ڪٿي وارو رنگ. اُن ڀيري رڙيون نه ڪيون ھئم. مون سمجهيو متان ماڻھو کِلن، ٽھڪ ڏين، لالي بائي وانگي، پر سڀ ڳوٺاڻا رُنا پئي. مٺان ته چري ٿي پئي ھئي، مري پئي ھئي، پر مان کليس پئي.
“پوڙھو سڏڪي پيو، ٻاھران مٺان به سڏڪڻ شروع ڪيو، ائين لڳو ڄڻ سنڌ سڏڪڻ شروع ڪيو. نوجوان جي اکين ۾ پاڻي تري آيو، پوڙھي ڳالهه جاري رکي،
“ابا اُن ڏينھن کان مٺان، پٽ تي سمھندي آھي، کٽ تي سمھڻ ڇڏي ڏنو اٿائين، جن جا گهوٽ ڪسجي ويندا، سي سيج تي وري ڪٿان سُمھنديون.” نوجوان کي محسوس ٿيو ته مٺان مري چڪي ھئي، سنڌ مري چڪي آھي، سنڌ جا دلاور ڪسجي ويا، ھن سنڌ جو ڇا ٿيندو؟ جيڪا روز پنھنجي گهوٽن جي قبر بڻجندي ٿي رھي.
“ابا تون ھاڻي سمهه، صبح جون ڳالهيون سڀاڻي ٿينديون.” ائين چئي پوڙھو پٽ تي وڇايل کٿي تي ليٽي پيو ۽ ٻيو ڪجهه چوڻ بجاءِ چيائين،
“شل، سنڌ سدائين سُکي ھُجي، سائي ھجي، رات جي دھشت کان آجي رھي.” پوڙھي جا اُھي لفظ نه ھئا ڄڻ ڪا دعا ھُئي، جيڪا ھن مئل قوم لاءِ ڪئي، جيئن ڪو مجاور رات جو سمھڻ ويل ڪندو آھي ته جيئن قبرن ۾ پوريل لاش ڳورپٽن کان آجا رھن. صبح سان نوجوان تيار ٿي واپس ورڻ لاءِ اسٽيشن تي آيو، پوڙھو ساڻس گڏ ھو، پوڙھو رات جيان نه ھو، ھو ماٺ ماٺ ھو. الائي ڇو سندس چھري تي درد وائکو ٿيندو ٿي ويو، اُن وقت نوجوان کي پوڙھو بلڪل مجاور ٿي لڳو. مٺان، سنڌ جي مارئي جا پنھنجي ڪُٺل گهوٽ جي قبر بڻجي چڪي ھئي، اُن جو مجاور. سنڌ جي نياڻيءَ جي مئل جذبن جو مجاور، سنڌ جو مجاور، جيڪو ورھين کان مٿس پنھنجي لڙڪن جو ڇِڻڪار ڪندو اچي...!

No comments:

Post a Comment