Wednesday, October 30, 2019

ڏَسَ لاءِ اشتھار - مٺل جسڪاڻي


ڏَسَ لاءِ اشتھار
(فليش فڪشن/مختصر ڪھاڻي)
مٺل جسڪاڻي
مون ڪجهه ’فليش فڪشن / مختصر ڪھاڻيون لکيون. اھي ھڪ رسالي/ ميگزين ڏانھن ڏياري موڪليون. اتان ائين جو ائين ان ورنديءَ سان موٽي آيون؛ ”اسان غير معياري ڪھاڻيون نه ڇاپيندا آھيون“.


ساڳيون، غير معياري سڏيل، فليش فڪشن/ مختصر ڪھاڻيون، واري واري سان فيسبڪ تي پوسٽ ڪري ڇڏيون آھن.
فيسبڪ تي پڙھندڙن طرفان، دل خوش ڪندڙ موٽ ملي آھي.
ھاڻ سوچيان پيو ۽ منجھي پيو آھيان ته؛ ’انھن فليش فڪشن/ مختصر ڪھاڻين کي ڇپجڻ لاءِ ڪيڏانھن موڪليان؟!‘
سوچي سوچي ھيءُ اشتھار ڏجي ٿو؛
”ڪنھن کي ڪو غير معياري فليش فڪشن/ مختصر ڪھاڻيون ڇاپيندڙ رسالو يا ميگزين سُجهي، ته سنگت ۾ ڏس ڏئي.“

No comments:

Post a Comment