Sunday, October 6, 2019

کوھ بند ٿي سگھن ٿا، وات نه... - علي رضا قاضي


کوھ بند ٿي سگھن ٿا، وات نه...
علي رضا قاضي
ڇا توهان جڳ مشهور اديب ارنيسٽ هيمنگوي جي ڇهن لفظن تي ٻڌل ڪهاڻي “وڪري لاءِ” پڙهي آهي؟ بيشڪ هن مختصر ترين ڪهاڻيءَ جو عنوان ٻن لفظن تي ٻڌل آهي، پر هيءَ ڪهاڻي پاڻ به ڇهه لفظ والاري ٿي:
“For sale: baby shoes, never worn.”
(وڪري لاءِ: اڻ پاتل، ٻاراڻا بوٽ.)
هن ڪهاڻيءَ لاءِ ٽموفي برگر لکيو هو:


That the baby shoes have never been worn means that there was a miscarriage. That the baby shoes are to be sold implies, that the parents are poor (you might not think about selling the baby shoes, if there wasn’t a necessity), implying that the miscarriage might have something to do with the financial status of the couple.”
(اڻ پاتل، ٻاراڻو بوٽ، جو مطلب آهي، ته اهو ٻار ماءُ جي پيٽ مان ڪري پيو هو. والدين لاءِ غربت سبب بوٽ کپائڻ ضروري ٿي پيو. هن ڪهاڻيءَ ۾ ان ڳالهه ڏانهن به اشارو آهي، ته ممڪن آهي، غريب جوڙي، معاشي سببن يا مسڪيني حال سبب ڄاڻي واڻي ٻار ڪيرايو هجي.)
هن مختصر ترين روپ ۾ سرجيل ڪهاڻي، ان وقت سماج ۾ وڏي اٿل پيدا ڪئي. ڪهاڻيءَ ۾ استعمال ٿيل لفظن باهه تي پئٽرول جو ڪم ڏنو. اهي لفظ معاشري کي ان جي اصل مڪروهه صورت ڏيکاري رهيا هئا، جنهن ۾ ماڻهو ڪيڏي نه بي وسي ۽ بي حسيءَ جي تصوير بڻجي ويندا آهن! مفلسيءَ ۽ غربت جي هيءَ حالت ٿي وئي جو والدين دل تي پٿر رکي ٻار کي وقت کان اڳ ڪيرائي نه فقط ماريو پر ان لاءِ ارمانن سان ورتل بوٽ به وڪرو ڪري ڇڏيا. هيمنگوي جي هن ڪهاڻيءَ کي“ادب براءِ ادب” يا تفريح نه سمجهيو ويو پر “ادب براءِ زندگي” سان تعبير ڪري سماج ۾ وڏي تبديلي آندي. هي ان دنيا جون ڳالهيون آهن، جن کي پاڻ “ڪافر ملڪ” سڏيندا آهيون. ڏينهن رات انهن کي گاريون ڏيندا آهيون... انهن ڏانهن وڃڻ لاءِ ويزا لاءِ ليلائيندا به آهيون!!
هڪ ڀيري جڏهن ڳوٺ جي چؤسول تي کوٽيل کوهه کي پوريو پئي ويو ته امان ٻڌايو ته، “ان کان اڳ به ڪيترائي کوهه پورجي چڪا آهن، پر کوهه ته پورجي سگهن ٿا، ماڻهن جا وات نه...!؟” ننڍي عمر جي ڪري امان جي اها ڳالهه سمجهي نه سگهيس. هاڻي جڏهن ڳالهيون سمجهه ۾ اچڻ لڳيون آهن ته ڳوٺ کان تمام گهڻو پري آهيان. ڪجهه وقت اڳ امان، نياپو به ڪيو هو ته، “هاڻي ڳوٺ ڏانهن ايندڙ رستو به پڪو ٿي ويو آهي. جلدي اچڻ جي ڪر!” خبر ناهي ڳوٺ ڪڏهن وڃڻ ٿئي؟ باقي ڳوٺ جي کوهه جي بند ٿيڻ جو منظر اڃان به ذهن ۾ قيد آهي. اهي لفظ به ياد ته ڪو ڳوٺاڻو چئي رهيو هو، “هن کوهه مان آخر ڪيستائين نون ڄاول ٻارن جا لاش ڪڍنداسين. بهتر آهي ته کوهه کي ئي بند ڪيو وڃي.”
اسان جو سماج ڪو هيمنگوي جو سماج ناهي، پر ڪهاڻيون ساڳيون ئي سرجنديون رهن ٿيون. بس جي فرق آهي ته بي حسي ۽ احساس جو. ڪٿي احساس آهي ته ڪٿي بي حسي پنهنجي چوٽ چڙهيل ملي ٿي. ڀرواري واهڻ جي ان پير جي ڪهاڻي به سماجي نحوست سان ڀريل آهي. جنهن سومر جي ڏينهن ڪريما جو هٿ پنهنجي هٿ ۾ مضبوطيءَ سان جهلي، اهو چئي ڪمري جو دروازو ٻيڪڙيو هو ته “ڪريما! ڏس تون پنهنجي ڌيءُ کتيجا لاءِ پريشان نه ٿي، سمجهه اها منهنجي به ڌيءُ آهي...!” ٺيڪ ٽن ڏينهن جي وقفي کان پوءِ جمعي جي ڏينهن ڪريما جي ڌيءُ کتيجا کي به ڀاڪر ۾ ڀري هن جي ڪن ۾ سرٻاٽ ڪري رهيو هو ته، “منهنجي سهڻي! تون ڀلا پنهنجي ماءُ ڪريما لاءِ ايڏو پريشان ڇو آهين، هوءَ منهنجي به ته ڄڻ ماءُ ئي آهي!” اهي ڪهاڻيون ته اڄ به جاري هونديون. مختلف روپن ۾ مختلف نالن سان پر ٻڌائڻ وارو سادو موالي هاڻي هن جهان ۾ ناهيو رهيو. هو گهڻو سچ ڳالهائيندو هو. نتيجي ۾ هڪ رات پنهنجي مڪان تي مئل مليو. هن جي موت جي ڪهاڻي به “مام” ٿي وئي. سادو موالي ناهي ته ڇاهي! هاڻي پاڻ بين الاقوامي ادب مان ٻي هڪ چونڊ ڪهاڻي پڙهون ٿا. جيئن فريڊرڪ برائون جي ڇهه لفظي ڪهاڻي آهي. جنهن پڻ تمام گهڻي مشهوري ماڻي:
Last man on earth, hears knock.”
(ڌرتيءَ جي آخري ماڻهوءَ، کڙڪو ٻڌو.)
دنيا ۾ هن ڪهاڻيءَ کي فليش فڪشن جو شاهڪار مڃيو وڃي ٿو. پهريون ڀيرو هيءَ ڪهاڻي ۱۹۴۸ع ڌاري Thrilling Wonder Stories جي شماري ۾ ڇپي. فريڊرڪ برائون جي هن ڪهاڻيءَ جو اصل متن ۴۶ لفظن تي ٻڌل هو:
“Imagine this man in some vast city, Tripoli or Paris. Imagine him on the third or fourth day of his solitude sitting in a house and hearing a ring at the door-bell.”
جنهن کي بعد ۾ ليکڪ فقط ٻن جملن يا ۱۷ لفظن ۾ آڻي ڇڏيو، جيڪي ڪجهه هن ريت هئا:
“The last man on Earth sat alone in a room. There was a knock on the door...”
بعد ۾ نقادن ان کي ڇهن لفظن جي سانچي ۾ آندو، جتي به هن جي مفهوم ۾ ڪجهه فرق نه آيو. اهي لفظ هن طرح بيٺا:
 Last man on earth, hears knock.
اصل ۾ هيءَ ڪهاڻي ان شخص جي آهي، جيڪو مڪمل طور تباهه ٿيل ڌرتيءَ تي اڪيلو رهجي وڃي ٿو. هو جڏهن ڪمري ۾ ويٺو آهي ته دروازي تي کڙڪو ٿئي ٿو. اسلوب جي لحاظ کان هيءَ مڪمل ڪهاڻي آهي. جنهن ادب جي دنيا ۾ تمام گهڻي مڃتا ماڻي.اڪيلي ماڻهوءَ يا اڪيلي هجڻ جو احساس ڪيترو نه ڀيانڪ آهي. فقط هڪ خوفناڪ تصور ڪري سگهجي ٿو. ساڳئي وقت هي سوال به ته ڇا دنيا تي اهڙو وقت ايندو جو فقط هڪ ماڻهو ۽ ٻيو کڙڪو بچندو؟ جواب الائي ڪهڙو هجي باقي سوال تمام گهڻا آهن، جيئن ٻاروتڻ ۾ سوال هوندا هئا. بابا ۽ امان کان پڇندا هئاسين. هو ڪڏهن به سوالن جا جواب ڏيندي نه ٿڪيا. هي سوال به انهن سان ڪندم. هن ڀيري ڳوٺ وڃڻ ٿيو ته انهن کان پنهنجي ۽ سندن جي ڪهاڻي به معلوم ڪري وٺبي.

No comments:

Post a Comment