Thursday, October 31, 2024

جيئرن جو دڙو - سلميٰ جيلاني - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

جيئرن جو دڙو

(اردو افسانو)

ڪھاڻيڪاره: سلميٰ جيلاني

سنڌيڪار: انجنيئر عبدالوھاب سھتو



امر جي اک کلي ته سڄو بت پگھر ۾ ڇَلِ لڳو پيو ھيس. اھو ڪھڙو خواب ھيو، جيڪو ڪيترين راتين کان لاڳيتو سندس پُٺِ ئي نه ٿو ڇڏي.

سانوري نازڪڙي ڇوڪري، ڄڻ صنوبر جي ٽارڙي. جنھن جون ڪارايون ٿري عورتن وانگر سفيد ڪنگڻين سان ڀريل ھجن. ڪڏھن کنڊرن مان نڪرندي ۽ پاڻيءَ سان ٽٻِ وڏي ۽ ويڪري تلاءَ ۾ ٽپو ڏيندي. ھيءُ سندس پويان وڃي ۽ تلاءَ تائين پڄي ته تلاءُ ۽ ڇوڪري ٻئي غائب ٿي وڃن. ھن جي دل ھڪڙي عجيب ڀَوَ ۾ وٺجي وڃي ۽ تڏھن سندس اک کلي وڃي.

Wednesday, October 30, 2024

ڊگهي ٻانگ - رزاق سھتو

ڊگهي ٻانگ

مختصر ڪھاڻي

رزاق سھتو



هو مسجدن ۾ ۽ ڪڪڙ رات جو مَنَھَ تي يا گهر جي ڪنھن مٿاھين جاءِ تي بيھي ٻانگ ڏيندو آھي. ٻھراڙين ۾ گهٽ پڙھيل هجڻ ڪري، جو بس پنج وقت نماز پڙھي، ڏاڙھي رکي، روزي نماز جو پابند هجي. تنھن کي ملان ۽ مؤذن (ٻانگو) ملان سڏن. مؤذن جي ٻانگ ڏيڻ تي نمازي مسجد ۾ اچي مڙندا آھن. پر ڪڪڙ جي ٻانگ ڏيڻ جو ڪھڙو ڪارج آھي سا خبر ڪانھي. ان بابت ويھي ويچاريو به اٿم پر ڪنھن به نتيجي تي ناھيان پڳو. فقط اھو پروڙي سگهيو آھيان ته ٺيڪ هر ٽن ڪلاڪن (ھڪ پھر) کانپوءِ ڪڪڙ ٻانگ ڏيندو آھي. ان وقت جو ڪاٿو سج لھڻ کانپوءِ ڪري سگهجي ٿو. ڳوٺاڻا گهٽ ڄاڻو وري ٻنھي ٻانگن کي ملايو ڇڏن. يعني، ملان ۽ ڪڪڙ کي هڪ ئي لين ۾ بيھاريو ڇڏن.

Tuesday, October 29, 2024

ڪارنھن - رزاق سھتو

ڪارنھن

مختصر ڪھاڻي

رزاق سھتو



ڊنل آواز ۾ گُهٽيل رڙيون، چپ چُپات جو سينو چيرن ٿيون. بچايو بچايو جي آواز ۾ اثر ناھي. سندس دانھون ديوران سان ٽڪر کائي ساڻيون ٿي وڃن ٿيون. سڏن جو سلسلو سڏڪن سان جاري وات تي ھٿ ڪچي گار، ڳت کان جَهل، سندس مٿي اوڍڻ جو رئو ڳچي ۾ پيو. آواز گگھو، ساھ جو گهٽجڻ اکين اڳيان انڌارو، ماڻھو ماڻھپي مان نڪتل، زندگيءَ جو موت جي ھٿن لڇڻ، لٺ ۾ هٿ، پھريون ڌڪ چيلھه وارو. ٻيو ڌڪ ھنڌائتو، پَٽ تي ڦَھه ٽيون ڌڪ، ڌڪ... ڌڪ... ڌڪ مٿان ڌڪ مائيءَ جي بت تي لٺيون ڪارن ريشن جا نشان ڇڏن ٿيون. ھوءَ سير پيل ڍڳي جيان ڇڙھيون ھڻي ٿڌي ٿي وئي. زندگي پير، پير ۾ ڏئي موڪلائي وئي. ھمراھ زور سان ٿُڪَ اڇلي، لٺ کي ڪنڊ ۾ ڦٽو ڪري، ڪوٺي ڏانھن جوھَ ڪئي. رات پنھنجي پيٽ ۾ ڇا ڇا ڳھي وڃي ٿي ۽ ڪيترائي ڳجهه سيني ۾ سبي ڇڏي ٿي.

Sunday, October 27, 2024

سبق ستون - حسين ڪپري

سبق ستون

(مختصر ڪهاڻي)

حسين ڪپري



ٻئي ڄڻا چناب ايڪسپريس مان اسٽيشن تي لٿا ۽ ٽيڪسي ڪري سڌو هيرامنڊي پهتا. اوپرا هئا تنهنڪري هڪدم سڃاپجي پيا.

”ڪٿان آيا آهيو، ڪير آهيو؟“ هر ڪنهن پي پڇيو.

هنن چيو ته حاجي صاحب جا مهمان آهيون. اهو جواب ٻڌي سڀني ڪن هنيا.

انهن مان جيڪو پڪي ڄمار وارو هو تنهن خاطري ڪرڻ لاءِ وري پڇيو؛ ”حاجي عبدالڪريم ٽنڊي آدم وارو؟“

”هائو.“

Thursday, October 3, 2024

آخري چال - جوزف پيني برينن - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

آخري چال

(آمريڪي ڪھاڻي)

ڪھاڻيڪار: جوزف پيني برينن

سنڌيڪار: انجنيئر عبدالوھاب سھتو



”يوئر آنر! مان اپيل ڪرڻ جي اجازت گھرڻ ٿو چاھيان.“ ڪيلٿ چيو.

جھٽ سوا لاءِ عدالت جي ڪمري ۾ سانت ڇانئجي وئي. فقط ھڪڙي سنھي ڪوڪ ٻڌڻ ۾ پئي آئي. جنھن کان پوءِ روبوٽ جج جواب ڏنو؛ ”درخواست منظور ڪئي ٿي وڃي.“

ڪيلٿ سوچيو؛ ’ھڪڙو آزاد سرڪٽ، تحرڪ ۾ آيو آھي. اپيلون بنا ڪنھن وقفي وجھڻ جي جھٽ منظور ٿي ٿيون وڃن. ھڪڙي ڇسي ڪوشش آ، جنھن جو ڪو کڙ تيل نه ٿو نڪري‘. ھو اٿي بيٺو ۽ ادب منجھئون نِوڙندي چيائين؛ ”اوھان جو ڀاڳ اڃا اتم ٿئي يوئر آنر!“

Monday, September 30, 2024

الزام تراشي - منظور ڪوھيار

الزام تراشي

(ننڍڙي ڪھاڻي)

منظور ڪوھيار



اڄ ڪکو خان جي طبيعت ۾ ڄڻ ھيجاني ڪيفيت ھجي. ويٺي ويٺي عجيب سڌ ڪيائين،” دل چوي ٿي ته ڪنهن تي الزام ڌرجي!“

”ڇو؟“ پڇيومانس.

چوڻ لڳو؛ ”اڳلي جھان ۾ ٿيان نه ٿيان، پر ھن جھان ۾سرخرو ٿيڻ ٿو چاھيان.“

”خوامخواھ جي الزام تراشي ته توکي وڏي بدنامي ڏيندي!“

”اڄڪلھ شھرت ۽ بدنامي ۾ تر جيترو به فرق ناھي رھيو !“

Friday, September 20, 2024

هوا جهوٽي جيان آ هوءَ - احسان لغاري

هوا جهوٽي جيان آ هوءَ!

(ننڍڙي ڪھاڻي)

احسان لغاري


"اڄ لفٽ نه ڏيندا ڇا؟"

هڪڙو سُندر آواز ڪنين پيو، ڪنڌ ڦيرائي ڏسان ته هڪ سهڻي صورت سامهون بيٺي آهي.

"معاف ڪجو، مون اوهان کي ڪونه سڃاتو!؟"

هن ماسڪ کي هيٺ ڪيو ته بي اختيار رڙ نڪري ويم: "اڙي نڀاڳي تون، اچ تون پويان ويهه. آئون ڊرائيور سان گڏ ويهان ٿو." تڪڙو رڪشا مان لهي پيس.

"مان ته توهان کي شريف ماڻهو سمجهندي هيس، ان ڪري سلام ڪيم، توهان مونکي نڀاڳي ڇو چيو." هن وراڻيو.