Sunday, January 15, 2012

اجازت - وفا صالح راڄپر


اجازت
وفا صالح راڄپر
زاهد جي وڪيل کان پوءِ نصرت جو وڪيل پنهنجي عينڪ جي شيشن کي هٿ جي ننڍڙي رومال سان صاف ڪندي ۽ اکين تي لڳائيندي چوي ٿو؛ جناب اعليٰ! منهنجي مؤڪلا نصرت جو نڪاح زاهد نالي ڪنهن به شخص سان پيل ڪونهي، منهنجي وڪيل دوست منهنجي مؤڪلا مٿان اهو سراسر الزام ۽ نسورو ڪوڙ هڻي رهيو آهي ته نصرت جو زاهد سان نڪاح پيل آهي ۽ هُوءَ نڪاح موجب زاهد جي زال آهي.


جناب اعليٰ! بقول ”منهنجي وڪَيل دوست جي ته نصرت جو نڪاح زاهد سان پيل آهي ۽ هُوءَ ان نڪاح موجب زاهد جي زال آهي“ ”ڇا زاهد يا منهنجي وڪيل دوست وٽ انهيءَ ڳالهه جو ڪو ثبوت. ڪو شاهد يا ڪو نڪاح نامو آهي. جنهن مان اهو ثابت ٿئي ته واقعي زاهد جو نڪاح نصرت سان پيل آهي ۽ هُوءَ ان نڪاح موجب زاهد جي زال آهي.“ نصرت جي وڪيل جي اهڙي جملن چوڻ کان پوءِ زاهد جو وڪيل وات اڳيان هٿ کي جهليندي ۽ ٿورو کهنگڻ کان پوءِ وڏي هنيانءُ ڏاريندڙ رڙڪندي چوي ٿو ”ها جناب اعليٰ! ها! مون وٽ اهڙو ثبوت به آهي ته شاهد به آهي ته نصرت جو نڪاح منهنجي مؤڪل زاهد سان پيل آهي ۽ اهو آهي نصرت جي ڳوٺ جو هرهڪ ٻچو ٻڍو پڪوَ پوڙهو ۽ جوان، بلڪه انهيءَ ڳوٺ جا سڀ ماڻهو ان ڳالهه جا جيئرا جاڳندا شاهد به آهن ته هڪ وڏو ثبوت به آهن ان کان وڌيڪ عدالت کي ٻيو ڪهڙو ثبوت گهرجي......!؟ ڇا ڳوٺ جا ماڻهو جيڪي ان نڪاح جا اکين ڏٺا شاهد آهن اُهي سڀ ڪوڙا آهن...!؟
  ٻنهي وڪيلن جي پاڻ ۾ ڇڪتاڻ وڌندي رهي عدالت مڇي مارڪيٽ جو ڏيک ڏيڻ لڳي هئي ۽ گوڙ وڌي چڪو هو. جج صاحب گوڙ کي ختم ڪرڻ لاءِ آرڊر........ آرڊر چئي، نصرت کي ڳالهائڻ جي اجازت ڏني.
  جناب اعليٰ! آءٌ پنهنجي اندر جي اڇوتي جذبن، احساسن ۽ سنڌ ڌرتيءَ جي پاڪ پوتر مٽيءَ ۽ هن مقدس ڪتاب جو قسم کڻي چوان ٿي ته ”منهنجي سمجهه ۽ شعور مطابق زاهد نالي ڪنهن به شخص سان منهنجو نڪاح پيل ڪونهي، نصرت اڃان پنهنجو بيان ختم ئي ڪونه ڪيو ته زاهد جو وڪيل پکيءَ جيان ڀڙڪو کائي اُٿي پيو ۽ اُڀ ڏاريندڙ آواز ۾ چوڻ لڳي ٿو ته ”جناب اعليٰ: ايڏا وڏا قسم کائڻ ۽ کڻڻ جي باوجود به ڇُوڪري نسورو ڪوڙ ڳالهائي رهي آهي ته زاهد نالي ڪنهن به شخص سان هن جو نڪاح پيل ڪونهي، پر جناب اعليٰ! جڏهن ته هن ڇوڪريءَ جي ڳوٺ جا ماڻهو شاهد ۽ ثبوت آهن ته زاهد جو ساڻس نڪاح پيل آهي ۽ شريعت محمدي مطابق هُوءَ زاهد جي زال آهي. ۽ هُوءَ ان نڪاح موجب زاهد کي پنهنجو وَرَ تسليم ڪري. جناب اعليٰ! هڪ ٻيو وڏو ثبوت اهو به آهي ته جنهن مُلان هنن ٻنهي جو نڪاح پڙهيو هيو اهو ملان به اڃان جيئرو آهي.
ها جناب اعليٰ! ها، آءٌ ان ڳالهه کان بلڪل انڪار نٿي ڪري سگهان ته منهنجو زاهد سان نڪاح ٿيو ئي نه هجي، نڪاح پيو هوندو، پر آءٌ ان نڪاح کي نڪاح تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ناهيان، هرگز تيار ناهيان ۽ بنهه تيار ناهيان، جيڪو نڪاح منهنجي ٻالڪ پڻي ۾ وڌو ويو هيو ۽ اهو نڪاح منهنجي پيءُ جي فوت ٿيڻ کان پوءِ منهنجي چاچي چند ڪاغذن جي ٽڪرن خاطر هڪ اهڙي شخص سان وڌو جنهن کي سڃاڻڻ ته پري جي ڳالهه آهي، پر مون ڪڏهن ان کي ڏٺو به ڪونه هيو. جناب اعلي! نڪاح وجهڻ کان اڳ ۾ مرد ۽ عورت ٻنهي جي رضامنديءَ کي شامل ڪيو ويندو آهي ۽ نڪاح وجهڻ کان اڳ ۾ هڪ وڪيل ۽ ٻن شاهدن سان گڏ ان عورت کان پڇيو ويندو آهي ته فلاڻو خان پٽ فلاڻي خان جو هيتري حق مهر سان گڏ توکي نڪاح ۾ مڙس ڪري ڏيون ٿا. توکي قبول آهي. پر مون کان ته اهو به ڪونه پڇيو ويو. آءٌ، ته بلڪل ننڍڙي، ۽ بي سمجهه هيس ان وقت منهنجي عمر ڇهه ست سال کن مس هئي ۽ اها عمر نڪاح جي نه پر گڏي گڏين راند کيڏڻ جي هوندي آهي. جناب اعليٰ! آءٌ ان نڪاح کي نڪاح مڃڻ لاءِ بلڪل تيار ناهيان، جيڪو نڪاح منهنجي ٻالڪ پڻي ۾ وڌو ويو هجي. اسان جو مذهب به ان ڳالهه جي اجازت نٿو ڏي ته ڪنهن ننڍڙي معصوم ٻار سان نڪاح ڪيو وڃي. اسلام ۾ اهو به جائز آهي بلڪه پورو پورو حق ڏنو ويو آهي ته نڪاح وجهڻ وقت عورت جي رضامندي ضروري آهي. جيستائين عورت راضي نٿي ٿئي تيستائين نڪاح به جائز ڪونهي. جيڪڏهن اسلام به ان ڳالهه جي اجازت نٿو ڏي. ته پوءِ منهنجو زاهد سان نڪاح ڪيئن ٿيو...!؟ اسلام ۾ عورت ۽ مرد ٻنهي کي هڪ جيترا حق مليل آهن ته پوءِ عورت جي حقن تي ڌاڙو ڇو.......!؟ جناب اعليٰ! آءٌ ڪنهن به قيمت تي زاهد کي مڙس قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهيان، آءٌ مُوت کي ته پنهنجو جيون ساٿي قبول ڪري سگهان ٿي پر هڪ پنجاهه سٺ سال جي پوڙهي کي پنهنجو جيون ساٿي قبول نٿي ڪري سگهان. ٻهراڙيءَ جي اڻ پڙهيل ڇوڪري به ايئن نٿي ڪري سگهي ته پوءِ مون جهڙي لکي پڙهي ۽ شعور رکندڙ ڇوڪري ائين ڪيئن ٿي ڪري سگهي.....!؟ چاهي ان جي اڳيان نوٽن جو مينهن وسايو وڃي يا ان جي اڳيان نوٽن جا کرار رکيا وڃن.
جناب اعليٰ! آءٌ توهان کان پڇڻ ٿي چاهيان ته آخر ڪيستائين عورت، مرد جي ظلم ۽ ڏاڍ جي چڪيءَ ۾ ان جي داڻن جيان پيسبي رهبي.......!؟ آخر ڪيستائين عورت کي رڍ، ٻڪري ۽ مينهن جيان ڪلي تان ڇوڙي وڪرو ڪيو ويندو...!؟ جناب اعليٰ! جنهن نڪاح ۾ عورت جي رضامنديءَ کي شامل نه ڪيو ويو هجي ڇا توهان ان نڪاح کي نڪاح مڃڻ لاءِ تيار آهيو......!؟ ڇا توهان ان نڪاح کي تسليم ڪيو ٿا جيڪو نڪاح عورت جي ٻالڪ پڻي ۾ وڌو ويو هجي......!؟ ڇا اهڙي نڪاح موجب آءٌ زاهد جي شريڪ حيات ٿي سگهان ٿي. جناب اعليٰ! آءٌ، ته اڳ ۾ ئي شادي شدهه آهيان ۽ منهنجو ور به هت موجود آهي هيءَ ڏسو نڪاح نامو مون ته ڪجهه مهينا اڳ علي نالي نوجوان سان پيار جو پرڻو ڪيو آهي.
ڇوڪريءَ فائيل جج ڏانهن وڌايو ۽ جج صاحب فائيل کي کولي چڱي طرح سان ڏسڻ ۽ پڙهڻ لڳي ٿو. فائيل ڏسڻ ۽ پڙهڻ کان پوءِ فيصلو ٻڌائيندي چوي ٿو ته زاهد جو نصرت سان پيل نڪاح ڪوڙو ۽ بي بنياد آهي. ان نڪاح موجب هُوءَ زاهد جي زال نٿي ٿي سگهي. ان ڪري عدالت ڇوڪري نصرت جي عليءَ سان پيل نڪاح کي صحيح ۽ سچو نڪاح تسليم ڪندي، کيس باعزت بري ڪندي پنهنجي مڙس عليءَ سان وڃڻ ۽ گڏ رهڻ جي اجازت ڏئي ٿي.

1 comment:

  1. ھي افسانو آھي يا اخبار جي خبر

    ReplyDelete