Sunday, January 15, 2012

بد نظر - ڪرشن چندر/ شگفته شاهه


بد نظر
 ڪرشن چندر/ شگفته شاهه
هاڻي اها ڳالهه سڀني دوستن تي کُلي وئي هئي ته مهتا چاهي ٿو ته سندس پيءُ جلد کان جلد مري وڃي!
چندر ڪانت مهتا اسان جو دوست به هو ۽ پاڙيسري به. سنهو سيپڪڙو، ڊگهي قدر جو ۽ اڌ عمر جو هڪ دلال، جيڪو مسواڙي گهرن يا اونر شپ فليٽن جي دلالي ڪندو هو ۽ پالِي پارڪ ۾ رهندو هو.


پالي پارڪ جي نون بنگلن ۾ جيترا به مسواڙي ايندا هئا، سي سندس ئي معرفت ايندا هئا ۽ جيڪي نوان بنگلا ٺهي رهيا هئا، انهن جا مسواڙي به سندس معرفت ايندا هئا. ان ڳالهه جي اسان کي خبر هئي، ڇو جو چندر ڪانت مهتا، سيٺ خوبچند کي چڱي طرح سڃاڻيندو هو ۽ سيٺ خوبچند انهن سمورن بنگلن جو مالڪ هو. ان ڪري چندر ڪانت مهتا ڏينهن رات خوشامندون ۽ تعريفون ڪري سيٺ خوبچند کي پنهنجي قبضي ۾ ڪري ورتو هو. جيتوڻيڪ سيٺ خوبچند بيحد بد زبان ۽ تِکي طبيعت جو هو. پر جيئن ته توهان ڄاڻو ٿا ته کَهُرِي کان کَهُرِي طبيعت به خوشامند جي مکڻ لڳائڻ سان سڻڀي ٿي پوندي آهي. جيڪڏهن توهان اها ڳالهه نٿا ڄاڻو ته هڪ ڏينهن ڄاڻي وٺندؤ.
بهرحال چندر ڪانت مهتا کي زماني جي بي رخين اهو گر چڱيءَ طرح سيکاري ڇڏيو هو. پر هن دنيا ۾ صرف خوشامند ڪافي نه آهي. نون گهرن جي اڏاوت به ضروري آهي. جيڪڏهن نوان گهر نه ٺهندا ته نوان مسواڙي انهن ۾ ڪيئن اچي ويهندا؟ اڄڪلهه گهرن جي قلت جو هيءُ حال آهي جو هڪ ڀيرو جيڪو مسواڙي گهر ۾ اچي رهڻ لڳندو آهي ته پوءِ اتان وڃڻ جو نالو ئي نه وٺندو آهي. ٻڌو آهي ته اڳئين زماني ۾ مسواڙي تمام شريف ۽ مهذب هوندا هئا. گهر جي مالڪ جي هڪ ئي نوٽيس تي گهر خالي ڪري هليا ويندا هئا. اڄڪلهه جا مسواڙي 10 ڀيرا ڪيس ڪرڻ تي به نه نڪرندا آهن. اها به ڪا انسانيت آهي؟ آخر پوءِ چندر ڪانت مهتا ڪيڏانهن وڃي؟ کيس گهر جي خرچ لاءِ هر مهيني هڪ هزار روپيه گهرجن، جڏهن ته گهرن جي دلالي ۽ ننڍن وڏن ڪمن مان کيس مشڪل سان چار پنج سؤ روپين جي آمدني ٿيندي هئي. باقي پئسا هو ڪٿان آڻي؟ ان ڪري هو ويچارو سدائين قرضي هوندو هو، ڇو ته وٽس هڪ گُڏيءَ جهڙي زال ۽ خوبصورت ننڍڙي ڪار آهي. ان ڪري جڏهن هو وڏي محبت سان ”بيبِي“ چئي سڏ ڪندو هو ته اڪثر اها خبر نه پوندي هئي ته هو پنهنجي زال کي سڏيندو هو يا پنهنجي ڪار کي؟ جڏهن گهر ۾ ٻه خوبصورت شيون جمع ٿي وڃن ته اهڙي ئي گڙٻڙ ٿي ويندي آهي. خاص طور تي جڏهن صاحب کي ٻنهي کي هڪ ئي نالي سان سڏڻ جي عادت هجي ان وقت اسين، جن کي سندس پاڙيسري ٿيڻ جو شرف حاصل آهي، فقط سندس ڳالهه ٻولهه جي انداز مان سمجهندا هئاسين ته ذڪر ڪنهن جو آهي. ”اڄ مون بيبيءَ لاءِ هڪ مهانگي ساڙهي خريد ڪئي آهي.“
ظاهر آهي ته هتي بيبِيءَ جو مطلب آهي سندس زال، نه ته گاڏيءَ کي ڪوئي، ساڙهي پارائيندو آهي ڇا؟ يا وري جڏهن هو اسان کي اهو چوندو آهي ته:
”ڪالهوڪي ڳالهه آهي جڏهن مان پنهنجي بيبِيءَ کي ڌوئي رهيو هوس ته.....“
اسين سمجهي ويندا هئاسين ته هن وقت بي بي معنيٰ گاڏي آهي، زال نه. پر ڪڏهن ڪڏهن وڏو مونجهارو ٿي پوندو آهي.
”منهنجي بيبِيءَ کي ڌڪ لڳو آهي.“
هاڻ سمجهه ۾ نه ايندو آهي ته مسز مهتا جو پير مڙيو آهي يا ڪار جو ايڪسيڊنٽ ٿيو آهي. يا.....
”اڄ بيبِيءَ رستي ۾ ڏاڍو پريشان ڪيو.“
هاڻي رستي ۾ ته زال به پريشان ڪري ٿي سگهي ۽ گاڏي به ۽ اسين سوچيندا رهجي ويندا هئاسين ته ڪهڙو مسئلو ٿيو هوندو. زال جي مزاج جو پارو تيز هو يا گاڏيءَ جي بيٽري ڊائون هئي؟ اهڙن موقعن تي به تمام گهڻي سنجيدگيءَ سان مٿو ڌوڻي صرف ’هون، ها‘ ڪرڻ ئي بهتر هوندو هو.
بيبِي کانسواءِ چندر ڪانت مهتا جو پسنديده موضوع سندس پيءُ جي بيماري آهي. سندس پيءُ چمن مهتا پوڙهو شخص آهي، پٽ وانگر سنهڙو سيپڪڙو بلڪه هن کان به وڌيڪ سڪل. پٽ وانگر هو به قدآور آهي، پر سندس آواز شديد بيماريءَ جي باوجود به ڳرو ۽ تيز آهي. پٽس جو آواز مٺو ۽ لچڪ دار آهي. چندر ڪانت جو آواز ٻڌندي ئي خيال ايندو آهي ته اهڙي ماڻهوءَ کي يا ته دلال هئڻ کپي يا وري ماکيءَ جون مکيون پالڻ جو ڌنڌو ڪرڻ گهرجي. پر سندس پيءُ چمن مهتا جي کهُري آواز مان سندس دولتمند هئڻ ۽ ڪنجوس هئڻ جي خبر پوندي هئي. ٻئي پيءُ پٽ پالي پارڪ جي هڪ بنگلي ۾ رهندا آهن. چندر ڪانت مهتا ۽ مسز مهتا ڏينهن رات پيرسن جي خدمت ڪندا آهن. پوڙهي جو سڄو بدن سڪي ويو آهي، پيرن تي سوڄ ٿي پئي آهي. اکين جو نور تمام گهٽجي ويو آهي، پر پوءِ به ساهه جي اچ وڃ جو سلسلو جاري آهي. ڪنڌ ايڏو سڪي ويو آهي جو ساهه جي اچ وڃ ڄڻ نظر پئي ايندي آهي، پوءِ به پوڙهو جيئرو آهي ۽ جيئي پيو ۽ بيماري جو مقابلو پيو ڪري. سندس ٻيا به ٻه پٽ آهن، پر هاڻي اهي پنهنجي پوڙهي پيءُ جي خدمت نٿا ڪن، ڇو ته پوڙهو ته ڏهن سالن کان بيمار آهي ۽ هو ٻئي پهريان چار سال سندس خدمت ڪندي ڪندي ٿڪجي پيا هئا. هر جذبي جي هڪ مدت هوندي آهي، هڪ عمر هوندي آهي جتي پهچي هو دم ڏيندو آهي. سندس ٻنهي پٽن سان اهو ئي ٿيو ۽ آخر ۾ پيرسن چندر ڪانت مهتا جي خدمت مان خوش ٿي پنهنجي ٻنهي پٽن کي ملڪيت مان بي دخل ڪري ڇڏيو، ڇو ته اها ملڪيت وڏن کان مليل نه هئي، پر پوڙهي جي پنهنجي ٺاهيل هئي، انهن ٻنهي پٽن کي ان ڳالهه جو ڏک هو ۽ ٻئي ڪاوڙُ ۽ ڏک مان پنهنجي ڀاءُ چندر ڪانت مهتا کي ڏوهاري سمجهندا هئا ۽ ماڻهن کي اڪثر ائين چوندا وتندا هئا ته اسان جي ڀاءُ جائيداد جي لالچ ۾ اچي اسان جو ڪنڌ ڪپيو آهي. چندر ڪانت مهتا ماٺ ڪري سندن ڳالهيون ۽ طعنا ٻڌندو هو ۽ پوڙهي پيءُ جي خدمت ڪندي کيس 6 سال ٿي ويا هئا. ڪو فرمانبردار پٽ شايد ئي پنهنجي پيءُ جو ايڏو خيال رکندو هجي، جيئن هو رکندو هو ۽ پنهنجي ان ڪارنامي کي دوستن جي وچ ۾ وڏي فخر سان بيان ڪندو هو. چندر ڪانت مهتا چڱو خاصو مذهبي ماڻهو هو. کيس وعظ ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ جو به شوق هو. اڪثر مذهبي جلسن ۾ هو رامائڻ مان مثال ڏئي پنهنجي تقرير ۾ ماءُ پيءُ جي خدمت جي اهميت تي زور ڏيندي پنهنجي پيءُ جي بيماريءَ جو ذڪر ضرور ڪندو هو. ماڻهو سندس ان بي ضرر ڪمزوريءَ کي معاف ڪري ڇڏيندا هئا. آخر جيڪو پٽ ايڏن سالن کان پيءُ جي خدمت پيو ڪري، ڇا کيس ان خدمت عيوض پنهنجي ساراهه ۾ ٻه لفظ چوڻ جو به حق نه هوندو؟
چندر ڪانت مهتا ۽ مسز مهتا پوڙهي پيءُ جي خريد ڪيل بنگلي ۾ رهندا هئا. ڪنهن زماني ۾ هن کي پراڻي قسم جو فرنيچر جمع ڪرڻ جو تمام گهڻو شوق هو، ان ڪري سندس بنگلو ان نموني جي فرنيچر سان ڀريو پيو هو. مسز مهتا پنهنجي پٽ کي ٻه ڪمرا ڏنا هئا، باقي سڀني ڪمرن ۾ سندس سامان پيل هو ۽ سندس اجازت کانسواءِ ڪابه شيءِ هيڏانهن هوڏانهن نه ٿي سگهندي هئي. مسز مهتا ان ڳالهه تي ڪڙڪندي هئي ۽ ڪڏهن ته ساهيڙين سان ڳالهائيندي سندس زبان مان بي اختيار هيءُ جملو نڪري ويندو هو.
ڏسجو! هڪ ڏينهن آئون هن بنگلي کي ڪيئن سينگارينديس.“
ان سينگارڻ جي پس منظر ۾ لڪيل سندس دل جا ارمان پڌرا ٿي سامهون اچي ويندا هئا، پر ائين ڪڏهن ڪڏهن ئي ٿيندو هو، نه ته مسز مهتا اهڙن معاملن ۾ تمام محتاط رهندي هئي ۽ پوڙهي پيءُ کي ان ڳالهه جو پورو يقين هو ته سندس پٽ ۽ ننهن ٻين پٽن وانگر ڪونهن ۽ سچيءَ دل سان پيءُ جي خدمت ڪن ٿا. جيتوڻيڪ پوڙهي پيءُ پنهنجن پهرين ٻن پٽن کي بي دخل ڪري ڇڏيو هو، پوءِ به پوري گهر تي سندس ڪنٽرول هو. تمام ضروري ڪاغذ، هنڊيون، زيور ۽ روڪ پئسا هو هڪ ٽجوڙيءَ ۾ بند ڪري رکندو هو. اها ٽجوڙي پوڙهي جي ڪمري ۾ رکيل هوندي هئي ۽ ان جون چاٻيون پوڙهي جي وهاڻي هيٺان رکيل هونديون هيون ۽ هو ايڏو ته شڪي مزاج هو جو جيڪڏهن سندس پٽ ڪڏهن بند ٽجوڙيءَ طرف ڏسندو به هو ته سندس اکين ۾ شڪ ۽ شبهي جا طوفان اٿڻ لڳندا هئا ۽ سندس ساهه جي اچ وڃ تيز ٿي ويندي هئي.
بيماريءَ دوران پوڙهو آهستي آهستي ڪمزور ٿيندو ويو. پهرين هو بستري تان اٿي سگهندو هو ۽ پنهنجي پٽ ۽ ننهن کي ڪمري کان ٻاهر ڪڍي دروازو بند ڪري ٽجوڙي کوليندو هو ۽ ان ۾ پيل دولت ڏسي خوش ٿيندو هو. پوءِ اهو ڏينهن به اچي ويو، جڏهن هن لاءِ بستري تان اٿڻ ممڪن نه رهيو. ان ڏينهن بعد اها ٽجوڙي ڪڏهن نه کُلي. پوڙهي هونءَ ته ڪڏهن ڪجهه نه چيو، پر سندس اکين جي حريص چمڪ هوندي هئي ته ٽجوڙيءَ ڏانهن ڪو وڃي به نه. نهڻس کي ڄڻ هن جي ان خيال جي خبر پئجي وئي هئي، ان ڪري هن ۽ پٽس ٽجوڙي ڏانهن ڏسڻ به ڇڏي ڏنو هو. ڪڏهن ڪڏهن شايد چور نگاهن سان ڏسي وٺندا هئا، جنهن جي اندر سندن مستقبل بند هو، پر چِٽي ۽ کلئي نموني ان ڏانهن ڏسڻ جي جرئت کين ڪڏهن به نه ٿي. چندر ڪانت مهتا ته پوڙهي جي ڪمري ۾ داخل ٿيندي ئي پنهنجون نگاهون جهڪائي ڇڏيندو هو ۽ پوڙهي پيءُ جي ڀرسان ويهي سندس پيرن کي زور ڏيندو هو ۽ پوڙهو هلڪو هلڪو کونگهرو هڻندو هو. پوڙهي جون بي وس ۽ مجبور نگاهون ٽجوڙيءَ طرف ئي هليون وينديون هيون. پهرن جا پهر ڪلاڪن جا ڪلاڪ هو پنهنجي ٽجوڙيءَ ڏانهن ڏسندو رهندو هو، جنهن ۾ سندس زندگيءَ جو اثاثو بند هو. جيتوڻيڪ هاڻي هو ان کي هٿ لڳائي ڏسي نٿي سگهيو ۽ نه ئي ان کي کولي ڏسي ٿي سگهيو، پر کيس ان ڳالهه ۾ ويساهه هو ته جيستائين هو جيئرو آهي، نه ٽجوڙي کلندي ۽ نه ئي سندس زندگيءَ ۾ سندس ڪمائي کي ڪير اڏائي سگهندو.
آهستي آهستي هو ڪمزور ٿيندو ويو ۽ آهستي آهستي ٽجوڙيءَ مٿان دَزَ جا تههَ چڙهندا ويا ۽ اها منحوس، بدصورت، زنگيل ٽجوڙي هڪ ويران قبر جيان نظر اچڻ لڳي. ڪوريئڙي مٿس هڪ وڏو ڄار ٺاهي ڇڏيو هو ۽ پوڙهو خود پنهنجي گدلي بستري تي پيل ڪمزور آواز ۾ کنگهندو رهندو هو. پر چندر ڪانت مهتا پنهنجي پوڙهي پيءُ جي خصلت کان واقف هو، ان ڪري هن ڀلجي، هڪ دفعو به هن کان پئسا نه گهريا. هن خود ڏينهن رات محنت ڪئي، قرض کنيو، هِتان هُتان پَٽَ سَٽَ ڪري پورت ڪئي، پر ٽجوڙي کولڻ جي التجا نه ڪئي جو کيس خبر هئي ته اها التجا سندس پيءُ جي نظرن ۾ سندس وقار کي هميشه لاءِ وڃائي ڇڏيندي. سندس ٻئي ڀائر ته ملڪيت مان بي دخل ٿي چڪا هئا، ان ڪري اها سموري دولت ته فقط سندس ئي حصي ۾ اچڻ واري هئي. صرف پوڙهي جي مرڻ جو انتظار هو، پر چندر ڪانت پوڙهي تي ڪڏهن به ظاهر ٿيڻ نه ڏنو ته هو ڪيڏي شدت سان، ڪيڏي سچائي ۽ لگن سان پوڙهي جي موت جو انتظار ڪري رهيو هو. بظاهر هو هر لمحو پوڙهي جي سامهون ۽ پنهنجن دوستن جي سامهون پيءُ جي چڱڀلائيءَ جي دعا گهرندو هو، ان ئي شدت سان سندس دل ۾ پوڙهي جي موت جي آرزو پير پَساري رهي هئي. ڪڏهن ڪڏهن ته انتظار جي شدت سبب سندس دل جو ڌڙڪو به تيز ٿي ويندو هو ۽ سندس هٿ پير ڏڪڻ لڳندا هئا ۽ هو نظرون جهڪائي ڇڏيندو هو ته متان سندس دل ۾ لڪيل جذبو اکين جي چور دروازي مان سامهون نه اچي وڃي، ڪڏهن ڪڏهن ته جذبن جي شدت سبب سندس دل کي گهٻراهٽ ٿيڻ لڳندي هئي. هڪ ڪوريئڙو بستري تي هو ته هڪ وري ٽجوڙي تي، هو آخر ڇو نٿو هٿ جي هڪ ئي جهٽڪي سان انهن ڄارن کي لاهي، ان دولت تي قبضو ڪري وٺي، جيڪا اخلاقي طرح هاڻي سندس ملڪيت بڻجي چڪي آهي.
پر..... نه! ترس، اي بيتاب دل! جيڪڏهن ميوو پچي راس ٿي خود ئي جهول ۾ ڪرڻ وارو هجي ته اجايو وڻ تي چڙهي ٽارين ۾ الجهڻ جو ڪهڙو فائدو سندس دل ۾ ڇا ڇا نه ارمان هئا. هو نون پراڻن گهرن جي دلاليءَ مان بيزار ٿي چڪو هو. هو جوا جي هڪ ئي بازيءَ تي هڪ ئي ڀيرو ويهه هزار لڳائي لک ڪمائڻ چاهيندو هو، پر سندس ڪمزور پيءُ اڃا تائين زندهه هو ۽ زندهه رهندو ٿي آيو. هڪ ساهه ئي ته هو جيڪو هن جي گلي ۾ اٽڪل هو، پر اهو ساهه ٻاهر نه پئي نڪتو، ڪڏهن اهو ساهه خود کيس پنهنجي گلي ۾ ڦاهيءَ جي رسيءَ جيان چڀندڙ محسوس ٿيندو هو. پٽ جي خدمت ۾، سندس گيان ۽ ڌيان ۾ سندس پوڙهي پيءُ جي ضد جي خلاف ڄڻ سندس روح جو ذرو ذرو احتجاج ڪري رهيو هجي.
ڇو نٿو مرين تون، منهنجا پيءُ، تون هن جسم جو گهر خالي ڇو نٿو ڪرين؟ مسواڙي ايندا آهن ۽ مسواڙي ويندا آهن، پر تون پنهنجو ’فليٽ‘ خالي ڇو نٿو ڪرين؟ ايڏا سال ٿي ويا آهن، توکي هن جسم ۾ رهندي هاڻي وڃ ته جيئن مان دلالي ڪري سگهان ۽ نئون بزنس ڪري سگهان.
مگر پوڙهي کي به خبر هئي ته جسم هڪ اهڙو فليٽ آهي، جيڪو هڪ ڀيرو خالي ڪرڻ کانپوءِ وري ڪڏهن وَسائي نه سگهبو آهي، ان ڪري هو گذرندڙ وقت طرف سِرڪندي به وقت جي هڪ هڪ پل سان وڙهي رهيو هو ۽ پنهنجي زندگيءَ کي جهَپي رهيو هو. سندس نگاهن ۾ زندهه رهڻ جو ايڏو ته چاهه هو جو موت به سندس سامهون ايندي گهٻرائي رهيو هو. پوءِ اهو ڏينهن به اچي ويو. جڏهن هو بيحد ڪمزور ٿي ويو. سندس ڪن ٻوڙا ٿي ويا، زبان بند ٿي وئي، هٿ پير ٿڌا ٿي ويا ۽ نبض به جواب ڏئي وئي. ڊاڪٽرن چيو: ”پيرسن هاڻي ڪجهه لمحن جو مهمان آهي.“
فرمانبدار پٽ غم جي شدت مان پنهنجا لڙڪ اگهيا ۽ پهريون ڀيرو بند ٽجوڙيءَ ڏانهن جرئت ڪري نگاهه ڪئي. جنهن وقت پٽ ٽجوڙيءَ طرف ڏٺو، ان وقت پيءُ پٽ طرف ڏٺو ۽ پٽ جي اها نگاهه تيرَ جيان پنهنجي پيءُ جي سيني ۾ لهندي وئي ۽ يڪدم کيس ائين محسوس ٿيو جيئن ڪنهن پيءُ لاءِ محسوس ٿيندڙ محبت جو رنگ روغن پٽي لاٿو ويو هجي ۽ سندس پٽ جي اگهاڙن جذبن کي سندس سامهون آڻي بيهاريو ويو هجي! پوڙهي جي بدن ۾ هلڪي ڏڪڻي آئي ۽ هن جي بيوس، مجبور اکين جي حريصانه چمڪ، غم ۽ ڪاوڙ جي شعلن ۾ تڙپڻ لڳي، هاڻي خاڪي جسم جي ڪنهن ڪنڊ ۾ شايد ڪٿي جان باقي نه هئي، صرف مٿو گرم هو ۽ ساهه جي اچ وڃ جاري هئي ۽ اها اچ وڃ به رُڪجي رُڪجي هلي رهي هئي، صرف اکيون روشن هيون ۽ انهن ۾ هڪ غير معمولي چمڪ هئي، جيڪا هر لمحي وڌي رهي هئي، جيئن پوري ٿيندڙ لاٽ ختم ٿيڻ کان اڳ هڪ ڀيرو تيز ٿيندي آهي.
پٽ پيءُ جي اها نگاهه نه ڏٺي، نه ته گهٻرائجي وڃي ها. هن وقت هو پنهنجن دوستن جي ميڙ ۾ بيٺل ان ڪمري ۾ آهستي آهستي ڪنهن کي چندن آڻڻ لاءِ چئي رهيو هو، ڪنهن کي پنڊت سڏڻ لاءِ، ڪنهن کي گيهه جو آرڊر ڏئي رهيو هو، ڪنهن کي ڪفن جو ۽ ڪنهن کي چتا جي ڪاٺين جو.
هو آهستي آهستي انتهائي رازداراڻي لهجي ۾ پنهنجي دوستن سان، پنهنجن وهندڙ لڙڪن دوران اهڙي ريت ڳالهائي رهيو هو ڄڻ سندس پيءُ جو مرتيو ٿي چڪو هجي ۽ اڄ کان هو ان گهر جو مالڪ هو. سندس ڳالهائڻ ۽ هلڻ جي انداز ۾ غير شعوري طور تي هڪ خاص جهلڪ پيدا ٿي وئي هئي.
سڀ دوست اچي وڃي رهيا هئا. عورتون روئڻ جون تياريون ڪري رهيون هيون ۽ پوڙهي جي ننهن کي دلاسا ڏئي رهيون هيون. ماڻهو مختلف ڳالهيون ڪري رهيا هئا ۽ پوڙهي جي مرڻ جو انتظار ڪري رهيا هئا، جنهن ۾ ڊاڪٽرن چواڻي، ڪجهه لمحن جي دير هئي.
اهي چند لمحا بلڪه ڪجهه منٽ به گذري ويا، ڪجهه منٽ ڪلاڪن  بدلجي ويا. پوڙهو ساڳي حالت ۾ ليٽيل رهيو. ساڳي طرح سندس ساهه جي اچ وڃ جاري هئي. نبض واپس نه آئي، پر سندس اکين جي روشني وڌي وئي.
هڪ ڀيرو پوڙهي پيءُ باهه وسائيندڙ نگاهن سان ٽجوڙيءَ تان نظرون هٽائي پٽ طرف ڏٺو ته هو هڪدم گهٻرائجي ويو. اوچتو کيس خبر پئي ته جنهن راز کي هن ايڏا سال پيءُ جي نظرن کان بچائي رکيو هو، اڄ اهو فقط هڪ نگاهه ۾ ظاهر ٿي پيو هو. هاڻي ٻنهي جون نگاهون هڪٻئي تي هيون. پيءُ جون پٽ تي ۽ پٽ جون پيءُ تي، ڄڻ ٻه دشمن آمهون سامهون هجن ۽ وچ ۾ دولت هئي.
جڏهن صبح جا پنج ٿيا ته ڊاڪٽرن کي پوڙهي جي نبض موٽندي محسوس ٿي. سڀني پٽ ۽ ننهن کي مبارڪ ڏني. پاڙي وارا سڄي رات جا اوجاڳيل هئا، ان ڪري سڀ پنهنجن پنهنجن گهرن ۾ وڃي سمهي رهيا.
صبح جو نوين وڳي پوڙهي جي بنگلي مان روڄ راڙي جا آواز بلند ٿيا ۽ ماڻهو گهٻرائجي نه پر اطمينان سان پنهنجن گهرن مان نڪتا، سڀني جي چهرن تي عجيب ڪيفيت هئي. آخر اها گهڙي اچي پهتي، جنهن جو سڀني کي انتظار هو. اسين سڀ ماڻهو ڀڄندا ڀڄندا بنگلي جي دروازي تائين پهتاسين ۽ اسان جي وات مان بي اختيار نڪتو:
”ڇا پوڙهو مري ويو؟“
بنگلي جي پٺاڻ دربان مٿو لوڏيندي چيو:
”نه جناب! پوڙهو ته زندهه آهي. سندس پٽ مري ويو. هاڻي هاڻي سندس هارٽ فيل ٿي ويو آهي.“

No comments:

Post a Comment