Sunday, January 15, 2012

املتاس جا زرد گل - شگفته جبين


املتاس جا زرد گل
 شگفته جبين
جيون جادو نگريءَ ۾ زندگي هر روز جيئڻ جا نوان جواز ڳولي، بي حس دنيا جي هن برزخ ۾ بن بن ڀٽڪندي روز هڪ نئون تماشو ڏيکاري ٿي.... ڇا آهي زندگي به؟ پل جو جُهوٽو، جيون جو اَنت ۽ پوءِ ساهه جي تند سميت سڀ ڪجهه فنا ... فنا در فنا، فٽ پاٿ تي املتاس جي وڻ مان ڇڻيل زرد گلن کي پنهنجي پيرن هيٺيان لتاڙجڻ کان بچائڻ لاءِ مان روڊ تي لهي آيس.... سياري جون سرد سُرمئي اداس شامون نه ڄاڻ ڇو منهنجي ذهن جي رهيل سُڌ ٻُڌ به وڃايو ڇڏين.
اَڄ به ته اَٺاويهه نومبر آهي... اها اٺاويهه نومبر.... سالن کان سانڍيل سُور اوچتو اندر ۾ سين هنئين ... ته اڌوري محبتن جي اسيرن کي ڪٿي به پناهه ناهي ملندي.....


تڏهن ته هيڏي ڪٺن ڪشٽ سهڻ کان پوءِ به روح تي لڳل ڪانئر جو ڪارو ٽڪو اندر جي آئيني ۾ ڪيڏو چٽو نظر ٿي آيو. ڪانئر..... ڪانئر..... ڪانئر...... هجڻ جو ڪارو بدنما داغ ......
اَڃا ته ساڍا ست به مس ٿيا آهن. سرد گهري ڪوهيڙي جي ڪري، چوڏس هلڪي اونداهه ڦهلجي وئي آهي. اسٽيشن روڊ جا سڀ دُڪان ويران نظر پئي آيا....
هر شيءِ گهري ڌُنڌ ۾ وڪوڙيل آهي ... ائين ٿي لڳو ڄڻ ته انهن دڪانن جا وڏا وڏا سائن بورڊ پنهنجي ويراني تي پاڻ حيران پريشان هجن.....
لائيٽ پول مان ايندڙ زرد پيلي روشني شهر محبت جي سوڳواري ۾ وڌيڪ اضافو ڪري رهي هئي. ڪارن ڪڪرن سڄي آسمان کي وڪوڙي ڇڏيو هو....
سياري جي سرد سرمئي شام ڪارو اوڇڻ اوڍي رات جي چائنٺ تي اچي بيٺي هئي..... اسان به ڪنهن سائن بورڊ جيان آهيون.... روح جي رڻ پٽ ۾ سينگاريل سوين سُورن جا سائن بورڊ دک.... درد .... دوکو.... فريب .... مصلحتون ... منافقتون.... عداوتون.... حقارتون....نفرتون... وڇوڙا... من جي مضطرب سرحدن تي گُهمندڙ ڦرندڙ سوين سُورن جا سائن بورڊ.
دربدري رولاڪي بي سرو ساماني اها به ڪا زندگي آهي مون کي جيئڻ جي هن انداز سان سخت چڙ ۽ نفرت آهي. پر ڪجهه سزائون انسان پنهنجي اندر ۾ ڪاٽيندو آهي تاعمر ضمير جو قيدي بڻجي..
آخر ڇا ڪريان مان؟
ڪڏهن تقدير جي هٿان هارايل انسان کي سنسار جي ڪنهن به ڪُنڊ ۾ پناهه ملي سگهي آهي....
سنهي سنهي ڦُوار وڏ ڦڙي جو روپ اختيار ڪري ورتو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي تيز موسلاڌار برسات شروع ٿي وئي....
ايڪڙ ٻيڪڙ کُليل دُڪانن جا مالڪ تڙ تڪڙ ۾ دُڪانن جا شٽر لاڪ ڪري گهرن ڏانهن ڀڄڻ لڳا. هڪدم چوڏسا ۾ ويراني واسجي وئي بس رڳو موسلاڌار مينهن جو شور هو. مان به تڪڙا تڪڙا قدم کڻندي پوسٽ آفيس چوڪ تي پهچي ويس.
سامهون شيشي جي ٻن درن واري بُڪ اسٽال کي کليل ڏسي، مون سڌو اوڏانهن جو رُخ ڪيو. بُڪ اسٽال جي مالڪ طارق سان پراڻي شناسائي هجڻ ڪري، هُن انتهائي خوش دليءَ سان اٿي بيهي منهنجو آڌرڀاءُ ڪيو.
مان بنا ڪنهن تڪلف جي هُن جي ڇڏيل ڪُرسيءَ تي ويهي مينهن جي پاڻي ۾ پُسيل پنهنجي ڪاري جيڪٽ ۽ وارن جي پاڻي کي ڪُرسي جي بيڪ تي رکيل ٽوال سان خُشڪ ڪرڻ لڳس..
هُن هيٽر جو رُخ مون ڏانهن ڪندي چيو؛ ”اياز صاحب توهان آرام سان ويهو مان توهان لاءِ چانهه جو بندوبست ڪري ٿو اچان. اڄ سيءُ به ته تمام گهڻو وڌي ويو آهي ۽ مينهن جو زور جيئن پوءِ تيئن وڌندو پيو وڃي. بس مان چانهه ٺهرائي اجهو آيس....“ اهو چئي هُو ٻاهر نڪري ويو....
بُڪ اسٽال ۾ مڪمل خاموشي ڇائنجي وئي. ٻاهر مينهن جو شور ۽ شيشي جي ٻنهي دروازن تي پوندڙ بارش جي بوندن جو شور ....
الائجي ڪيئن هُو منهنجي ڪجهه به نه هوندي به منهنجو سڀ ڪجهه بڻجي وئي.... شايد هُو پنهنجي ذات ۾ بي حد خوددار انا پرست هئي ۽ مان هُن جي سامهون ڇا هيس صرف هڪ خودپسند ۽ خودپرست بلڪل عام انسان، جنهن جي رڳ رڳ ۾ صرف اها خوشفهمي سمايل هوندي هئي ته هر شيءِ صرف منهنجي دسترس ۾ آهي ... هر شيءِ تي صرف منهنجو حق آهي. ڪو به منهنجي مد مقابل نٿو اچي سگهي.....
شايد مان اهو وساري ويٺو هيس ته؛ هر عروج کي زوال به هوندو آهي. هر شيءِ هيٺانهينءَ ڏانهن وڌندي شام جي لهندڙ پاڇن جيان ساٿ ڇڏي ويندي آهي....
وقت جي ورهاست ۾ سڀ ڪجهه ورهائجي ويو.... مان ڪنهن روبوٽ جيان هڪ مشيني انسان بڻجي ويس نه محبت رهي نه اُهي جذبا رهيا نه اُها طلب رهي ۽ نه وري تون رهين....
بس تنهنجو ڏنل تنهائي جو تياڳ هڪ سراپ جي صورت هميشه مون سان گڏ گڏ هلندو رهيو آهي....
ها بخت تو کان پوءِ زندگي تي سياهه بختي جو تسلط هميشه برقرار رهيو. جيڪو اڄ ڏينهن تائين قائم آهي...
موسلاڌار مينهن جي رفتار وڌندي ٿي وئي. سامهون بند پيل ماروي آپٽيڪل جي دُڪان جي ٻاهران سائن بورڊ تي ٺهيل ٻه پٿر بڻجي ويل خوبصورت اکين مان مسلسل مينهن جو پاڻي ائين ٽمي رهيو هو جيئن صدين کان اندر ۾ سانڍيل جوالا اچانڪ ڦاٽي پيو هجي. ڄڻ ته انهن اکين ۾ سمايل درد فرقت تي سڄو آسمان پار ڪڍي روئيندو هجي....
هُو وڏي ڀاڀي جي ڀائيٽي هئي. بلڪل عام معمولي شڪل صورت واري خاموش چپ چاپ پنهنجي ذات ۾ قيد رهڻ واري. بخت، اڃا پنجن سالن جي مس هئي ته سندس ماءُ برين ٽيومر سبب گذاري وئي. هن جي ماءُ جي وفات کي اڃا ٻارنهن مهينا به مس ٿيا هوندا ته سندس پيءُ بخت جي اڪيلائي جو خيال ڪندي هڪ اهڙي عورت شادي ڪئي جيڪا بيواهه هجڻ سان گڏوگڏ هڪ ڌيءَ جي ماءُ هئي، جيڪا بخت کان ٻه سال وڏي هئي...
اسان جا گهر گڏ گڏ هجڻ ڪري اسان جو ننڍپڻ به گڏ گڏ گذريو جڏهن ماٽيلي ماءُ جي زيادتين سان من ڀرجي ايندو هيس ته امان جي هنج ۾ مُنهن لڪائي سُڏڪندي هئي ته امان جا به ڳوڙها ڍرڪي پوندا هئا.... ڪڏهن ڪڏهن ته روئيندي روئيندي امان جي هنج ۾ ئي ننڊ ورائي ويندي هيس. نه ڄاڻ ڇو ان پل هُو مون کي منهنجي سڀ کان وڏي دشمن لڳندي هئي ڇاڪاڻ ته امان جي هنج ۾ سمهڻ جو حقدار صرف پاڻ کي سمجهندو هيس... امان هُن کي بي حد ڀائيندي هئي ۽ مان هُن تي اوترو ئي خار کائيندو هيس. اجايا بهانا ڳولي هُن سان هروڀرو جهيڙو ڪندو هيس.....
اُن ڏينهن جڏهن بخت انٽر جو آخري پيپر ڏئي گهر موٽي هئي ته امان کي الائجي ڇا سُجهيو هو جو منهنجي انڪار ڪرڻ جي باوجود بضد هئي ته مان بخت کي تنهنجي ڪنوار بڻائي گهر وٺي ايندس....
”منهنجي ڪنوار سا به بخت ناممڪن ڪڏهن ائين سوچجو به نه“ مون بخت کي گيٽ جي اندر داخل ٿيندي ڏسي پنهنجي لهجي کي تيزي ڪندي چيو هو....
اُن پل هُن جي اکين ۾ ڀور ڀور ٿيل خوابن جو درد ڳوڙهن جي صورت ۾ گڏ ٿيڻ لڳو هو. جنهن کي هُن ڪمال ضبط سان پي ڇڏيو هو.
”ٺيڪ آهي اَبا.... جيئن تنهنجي مرضي مان زور زبردستي جي قائل ناهيان.“ جيئن تون چوندين تيئن ٿيندو... امان اداس ٿيندي چيو هو....
پر منهنجون اکيون ته مسلسل هُن جي چهري کي جانچي رهيون هيون. شايد هن کي اذيت ۾ ڏسي بي سڪون ڏسي پنهنجي اندر ۾ سمايل ڪمپليڪس کي هڪ عجيب سرور ملي رهيو هو....
بنا ڪنهن سبب جي بنا ڪنهن وجهه جي الائجي ڇو بخت سان مون کي ايتري چڙ ٿي پئي هئي. ايترو اذيت پسند هيس ته ڪونه پر هُن کي ايذائڻ ۾ تنگ ڪرڻ ۾ روئارڻ ۾ دلي سڪون محسوس ٿيندو هيم عجيب نفرت هئي منهنجي هُن سان.....
مان بخت کي ساڙڻ لاءِ اڪثر هُن جي خوبين کي به يڪسر نظرانداز ڪري ڇڏيندو هيس... تڏهن ته ڏينهون ڏينهن اسان ٻنهي جي درميان هڪ نامعلوم گريز وڌندو ٿي ويو....
هڪ رات امان منهنجي وارن ۾ هٿ ڦيرائيندي انتهائي سنجيدگي سان چيو.... ”هُو تو کي بي انتها چاهي ٿي پنهنجي ذات پنهنجي وجود کان به وڌيڪ... ڪجهه چاهتون ڏاڍيون عجيب هونديون آهن. جيڪي بنا ڪجهه چوڻ جي بنا ڪجهه گهرڻ جي چپ چاپ من جي مُبعد خاني ۾ خود کي قيد ڪري ڇڏينديون آهن. اهڙين چاهتن کي... سودو زيان جي هن کيل ۾ خساري جو ڪوبه خوف ناهي هوندو.... بخت جي چاهت به اهڙين چاهتن مان هڪ اٿئي جنهن کي تون سمجهڻ ئي نٿو چاهين....“
”پر امان نه مون کي بخت سان ڪا دلچسپي آهي، نه وري اُن جي چاهت سان ڪو سروڪار اٿم جيڪڏهن تون چاهين ٿي ته مان هُن گهراڻي ۾ شادي ڪريان ته پوءِ بخت جي وڏي ڀيڻ سان ڇو نه....“ منهنجي رُکي جواب تي امان خاموش نظرن سان مون ڏانهن نهاريندي رهي....
ٻي ڏينهن صبح جو منهنجي اسرار تي امان ۽ وڏي ڀاڀي ماهين جو رشتو گُهرڻ ويون هيون. اُنهن کي وري ڪهڙو اعتراض سو جهٽ ۾ کڻي ها ڪيائون.... سڀ بي انتها خوش هئا. وڏي ڀاڀي مون کي به سڏرائي ورتو هو. مان مسلسل چور نگاهن سان بخت ڏانهن نهاري رهيو هيس ۽ هُوءَ حيران نظرن سان امان ڏانهن نهاري رهي هئي. جيڪا سڀ ڪجهه ڄاڻيندي به اُن وقت اڻڄاڻ هئي.
شايد اندر جي درد داغ فرقت جو روپ ڌاري ورتو هو. ائين ٿي لڳو سڄي سرير جو صبر کسجي ويو هيس شايد اهو ڏک هُن جي برداشت کان ٻاهر ٿي پيو هو. تڏهن ته اُن برفيلي سرد شام مينهن پنهنجي پُوري رفتار سان وسي رهيو هو اُن دوران هُن کي پهريون شديد هارٽ اٽيڪ پيو هو.
ويهه سالن جي عمر ۾ ايترو شديد اٽيڪ ڊاڪٽر پاڻ حيران هئا....
آءِ سي يو ۾ انتهائي بي وسي جي حالت ۾ بيهوش پيل بخت کي رحم جوڳي حالت ۾ ڏسي خود کي بي وس ۽ اڪيلو محسوس ڪري رهيو هيس.... هڪ مجرماڻو احساس اندر ۾ پيهي ويو هيم.... ڪا واٽ ڪا گس نٿي سُجهي سمجهه ۾ نٿي آيو ته اندر ۾ هي اضطراب ڇو آهي... هر پل عذاب ڇو آهي.... مان مجرم آهيان .... قاتل آهيان تنهنجي معصوم جذبن جو احساسن جو... منهنجي چوڏس ته صرف تنهنجي چاهتن جا رنگ وکريل آهن تون ڏسين ڇو نٿي .... تون منهنجي آهه زاري کي ڇو نٿي ٻُڌين... صرف هڪ ڀيرو اي غم زندگي صرف هڪ ڀيرو مون کي آواز ته ڏي آءِ سي يو جي ديوار کي مٿو ٽيڪي مان رڙيون ڪري روئيندو رهيس ... چرين جيان هُن سان بي پناهه پيار جو بار بار اعتراف ڪندو رهيس پر هُن جي خاموشي نه ٽُٽي...
رات جي پوئين پهر هُن جي حالت تمام گهڻي خراب ٿي پئي هئي.... ڊاڪٽرن جون سڀ ڪوششون ناڪام ٿي پيون هيون منهنجين آزين نيزين منٿن ميڙن جو منهنجي آهه زاري جو هُن تي ڪوبه اثر نه ٿيو هُو، بلڪل خاموشيءَ سان اسان سڀني کان مُنهن موڙي هلي وئي.... وحشتن جو عجيب عالم هو.... بي وسي جو عجيب منظر هو.... هر اک اشڪبار هئي چوڏس جل ٿل... جل ٿل هئي.... جهڙي اڄ آهي....
طارق نڄاڻ ڪڏهن خاموشي سان چانهه جو مگ رکي ٻاهر هليو ويو...
مان بُڪ اسٽال جي شيشي جو در کولي ٻاهر نڪري آيس برسات جو زور تقريبا ٽُٽي چُڪو هو.... ماروي اَپٽيڪل جي سائن بورڊ تي ٺهيل اکين مان پاڻي اڃان به ٽمي رهيو آهي...
املتاس جي وڻن مان ڇڻيل زرد گلن سڄي فٽ پاٿ کي ڀري ڇڏيو آهي....
شهر دل جي سوڳواري ۾ اڃان وڌيڪ اضافو ٿي ويو جڏهن مون رستي تي وکريل املتاس جي زرد  گلن کي نهايت احترام ۽ عقيدت سان چونڊي پنهنجي رومال ۾ رکيو. ڇاڪاڻ ته املتاس جا زرد گل هُن کي بي حد پسند هئا....
لائيٽ پول جي زرد جهيڻي روشني ۾ هلندي بخت جي ڊائري جي آخري صفحي تي لکيل انهن لفظن کي ڪيترا ئي ڀيرا ورجائڻ کان پوءِ  هڪ دفعو ٻيهر ورجائڻ لڳس.....
قدرتي ۽ هٿرادو بڻيل هن دُنيا ۾،
ڪجهه يادون ڏيارينديون آهن،
تنهائي جو احساس....،
جڏهن مون کي،
زندگي گذارڻ لاءِ محبت جي،
ضرورت محسوس ٿي....،
پر محبت ملي،
هڪ ٻوساٽيل احساس جيان.

No comments:

Post a Comment