Sunday, January 15, 2012

محرومي - اختر حفيظ


محرومي
اختر حفيظ
ماستر عليم پنهنجي مطالعي واري ڪمري ۾ ڪتاب پڙهي رهيو هو. سندس ڪمري ۾ ڪتاب ترتيب سان رکيل هئا ۽ هيستائين هزارين ڪتاب پڙهي چڪو هو. هن سڄي ڄمار اڪيلائيءَ ۾ گذاري هئي. هن جي دوستي  ڪمري ۾ موجود ڪتابن ۽ انهن ٻارڙن سان هئي، جيڪي سندس پاڙي ۾ رهندا هئا. سندس ڪافي سال ٻارڙن کي اسڪول ۾ پڙهائيندي گذريا ۽ هاڻي پيري سندس جسم تي تڪڙيون وکون کڻي گذري رهي هئي، ڪجهه عرصو اڳ ئي هن اسڪول مان رٽائرمينٽ ورتي هئي کيس جيڪا رقم ملي اها هن هڪ فلاحي اداري ۾ جمع ڪرائي ڇڏي . سندس گذارو فقط پينشن تي هو جيڪا هن لاءِ ڪافي هئي. هو انهن پئسن مان ٻارڙن لاءِ رانديڪا ۽ شيون وٺندو هو. کيس جيڪڏهن دنيا ۾ ڪنهن تي اعتبار هو ته اهي ٻار ئي هئا. هو چوندو هو ته سڄي ڪائنات جو حسن ٻار آهن. ٻارڙن سان ويجهڙائي جو سبب اهو به هو ته کيس ننڍپڻ ۾ ماءُ پيءُ جو پيار نه مليو. غربت جي چڪيءَ ۾ پيسجندي سندس مائٽ کيس هن جهان ۾ اڪيلو ڇڏي ويا هئا ۽ هن جو ننڍپڻ خاص ڪري ننڍي چاچي جي گهر ۾ گذريو هو، جتي سندس چاچيءَ جا رويا هن سان چڱا نه رهيا هئا ۽ نه وري هن جي سئوٽن کيس پنهنجو سمجهي جيءَ ۾ جاءِ ڏني هئي. هو ڌڪا ٿاٻا کائيندو نيٺ ماستر ٿي ويو. هن لاءِ سڀ کان وڏي محرومي ماءُ پيءُ جو اهو پيار هو جنهن لاءِ هو اڄ ڏينهن تائين سڪيو پئي.


هن کي سڄي دنيا منافقن جو ٽولو نظر ايندي هئي پر ٻار هن لاءِ هڪ سچي ۽ کري مخلوق هئا. هو روز ٻارن کي آکاڻيون ٻڌائيندو ۽ انهن سان کيڏندو هو ۽ انهن ئي لمحن ۾ کيس هڪ عجيب مسرت ملندي هئي، ڇاڪاڻ ته سندس ننڍپڻ ۽ جواني تلخ تجربن جو طويل داستان هو. اصل ۾ هن کي پنهنجي ئي ننڍپڻ جي تلاش هئي، جيڪو معصوميت کانسواءِ ٻيو ڇا هو؟ هن لاءِ ٻار ڄڻ ته رانديڪا هئا جن سان هن جي دل پئي وندرندي هئي. جنهن ڏينهن ٻار ڪجهه دير ڪندا هئا ته کيس بيچيني ٿيڻ لڳندي هئي ۽ هو ڪتاب بند ڪري پنهنجي ڪمري ۾ هلڻ لڳندو هو يا وري ڪمري جي در تي بيهي انهن جي راهه تڪيندو هو ۽ جڏهن رومي، عيني، غالب, علي ۽ حديقه هن وٽ پهچندا هئا ته چهري تي مرڪ وکري ايندي هيس ۽ کيس تسلي ٿيندي هئي. سندس ڪمري ۾ ڪيترائي رانديڪا رکيل هئا جن سان ٻار راند کيڏي وري اتي ئي رکي هليا ويندا هئا. هن جي ٻارن سان ايتري محبت هئي جو جيڪڏهن هن وٽ هڪ ويلو کائڻ جا پئسا هوندا هئا ۽ ٻار شيءِ لاءِ ضد ڪندا هئا ته هو اها رات بکئي پيٽ گذاريندو هو پر ڪڏهن به کيس بکئي پيٽ هجڻ جو احساس نه ٿيو. ڇاڪاڻ ته ٻارڙن جو پيٽ ڀريل هوندو هو. ٻارڙن جي خواهشن جو احترام کيس سندن مائٽن کان به وڌيڪ هوندو هو. هن اڳيان ٻارڙن جي خواهش جو احترام دنيا جو سڀ کان مقدس ڪم هو.
جنهن ڏينهن ٻار هن وٽ ڪنهن سبب جي ڪري نه ايندا هئا ته هو پنهنجي ڪمري ۾ رهي نه سگهندو هو ۽ انهن جي گهر وڃي خبرچار لهندو هو. ٻارن سان ملڻ کان پهريائين هو شهر جي پراڻي چوڪ تي ڪبوترن کي داڻو ڏيڻ ويندو هو جتي ڪيترن ئي ورهين کان سوين ڪبوتر پنهنجي حياتيءَ  گذاري رهيا هئا. هن لاءِ ڪبوترن کي داڻو ڏيڻ ڄڻ ته فرض هو. هو جڏهن بينچ تي ويهي ڪبوترن کي داڻو ڏيندو هو ته سوين ڪبوتر هن جي چوڌاري گهيرو ڪري ويندا هئا ۽ هو آرام آرام سان انهن ڏانهن داڻو اڇلائيندو رهندو هو. انهي مهل هن جي اکين ۾ چمڪ ۽ خشڪ چپن تي مرڪ ظاهر ٿيندي هئي. رومي سندس پيٽ تي ويهي آکاڻي ٻڌائڻ جو ضد ڪندي هئي ۽ هو آکاڻي ٻڌائڻ شروع ڪندو هو جنهن سان سڀني ٻارن جي چپن تي ماٺ جو تالو لڳي ويندو هو ۽ سڀئي اکيون ڦاڙي غور سان هن جي آکاڻي ٻڌندا هئا ۽ وري ننڍڙي رومي پنهنجي منهن ڀڳل ٽٽل آکاڻي ٻڌائڻ لڳندي هئي ته هو تعريف ڪندي ڪونه ٿڪبو هو. هن کي جيڪو ڪجهه نه ملي سگهيو اهو هن ٻارن کي ڏيڻ پئي چاهيو ڇو ته کيس خبر هئي ته هن جي وڇڙي ويل رشتن جي ڪري کيس نه ته پيار مليو ۽ نه وري ننڍي هوندي  واري ٻاراڻي زندگي. بس سندس چاچي جي گهر ۾ هن کي ڌڪار، نفرت ۽ موچڙن کانسواءِ هن جي حصي ۾ ڪجهه به نه اچي سگهيو . هن جي حصي جو پيار ته سندس مائٽن وٽ ئي رهجي ويو هو جنهن کي چاهيندي به هو حاصل نه ٿي ڪري سگهيو. ٻار سندس ڪمري ۾ شرارتون ڪندا، گوڙ، مستي ڪندا هئا پر هن جي چهري تي ڪڏهن به ڪاوڙ جي ريکا ظاهر نه ٿي پر ان وقت اهو سڄو شور هن کي زندگي جو حصو ۽ سندس وجود جي هجڻ جي علامت لڳندو هو.... انهي گوڙ واري ماحول دوران به هو پنهنجي ڪتاب پڙهڻ واري عمل کي جاري رکندو هو ڇو ته اهو هن جي ننڍڙي دنيا جو حصو ٿي چڪو هو. ڪڏهن ڪڏهن هو سوچيندو هو ته قدرت کيس ماضي کي وسارڻ لاءِ انهن ٻارڙن جي سنگت ڏني آهي جنهن ۾ هو پاڻ کي مطمئن محسوس ڪندو هو.
پاڙي ۾ هر ماڻهو کي ماستر عليم جي ڪردار جي خبر هئي انهي ڪري ڪڏهن به ڪنهن ٻارڙن کي هن سان ملڻ کان نه روڪيو . هو پاڙي جي گهٽين ۾ پنهنجن ننڍڙن سنگتين سان هلندي نظر ايندو هو. هن کي اڪيلائي کان ڪڏهن به ڊپ نه ٿيو. ڇاڪاڻ ته اڪيلائي ته سندس ڄمڻ وقت ئي هن جي وجود جو حصو ٿي چڪي هئي. اها اڪيلائي ته هئي جيڪا هن سان وفا ڪندي پئي آئي. هن اڪيلائي کي ڪڏهن بيوفا نه سڏيو. هن جي زندگي جي هڪ موڙ تي ڪجهه وقت لاءِ افشان هن جي همسفر ٿي پر پوءِ اها به کيس زندگي جي سفر ۾ اڪيلائي جي حوالي ڪري وئي. افشان پهرين ۽ آخري عورت هئي جنهن سان هن محبت ڪئي جيڪا کيس اڃا به هئي پر افشان جي خوابن ۾ شايد هاڻ هن لاءِ ڪا به جاءِ نه هئي. افشان هن کي انهي ڪري به ٺڪرايو هو جو هو هاءِ اسٽيٽس وارو ماڻهو نه هو. هن وٽ ايمانداري، سچائي ۽ ڪتاب کان وڏي ملڪيت ڪا به نه هئي. افشان جڏهن هن کي ڇڏيو هو ته هن کي انهي وقت ڪو به ڏک نه ٿيو ڇاڪاڻ ته هن کي خبر هئي ته هو هن جي خوابن ۽ خواهشن کي پورو نه ٿو ڪري سگهي. انهي ڪري هن افشان جي زندگي جي ٻيڙيءَ کي هن جي ئي حوالي ڪري ڇڏيو هو. پوءِ هن فيصلو ڪيو ته هو ڪنهن ٻي عورت جي دل ۾ نه ته ڪا جاءِ ڳوليندو ۽ نه وري ڪنهن عورت کي پنهنجين اکين ۾ پناهه ڏيندو. پوءِ به افشان جي ياد سندس ذهن تي ترندي هئي ته هن جو چهرو خوشگوار ٿي ويندو هو ۽ سندس ميز تي رکيل فريم ۾ افشان جي سجايل تصوير هر وقت کيس ڏسندي پئي هئي.
هو ڪتاب ۾ ئي ڌيان لڳائي پڙهي رهيو هو ته دروازي تي کڙڪو ٿيو ۽ سندس ذهن اڇل کائي دروازي جي آواز ڏانهن وري ويو. هن پنهنجي واچ ۾ وقت ڏٺو. هي وقت ٻارن جي اچڻ جو هو. هن در کوليو ته سڀئي دوست بيٺل هئا ۽ هنن هم آواز ٿي سلام ڪيو ۽ ڪمري ۾ داخل ٿيا. هن جي چهري تي خوشي جي لهر اڀرڻ لڳي.
توهين سڀ ڪيئن آهيو؟ هن پيار مان پڇيو
ٺيڪ آهيون. توهان ٺيڪ آهيو؟ سڀني ٻارن هم آواز ٿي ڳالهايو.
آئون به ٺيڪ آهيان. هن جواب ڏنو ۽ پنهنجي ميز جي خاني ۾ پيل چاڪليٽ ۽ ٽافيون کڻي ٻارن کي ورهائي ڏنيون. ٻار جڏهن به هن جي هٿن ۾ ٽافيون يا چاڪليٽ ڏسندا هئا ته سندن خوشي جي انتها نه رهندي هئي. انهي وقت ننڍڙي رومي سندس جهوليءَ ۾ اچي وئي ۽ هن جي مڇن کي پنهنجن ننڍڙين ۽ نازڪ آڱرين سان ڇهڻ لڳي. جنهن مان هو پاڻ به لطف اندوز ٿي رهيو هو.
چاچا! اڄ ڪهڙي آکاڻي ٻڌائيندا؟ غالب پڇيو.
اڄ هڪ خوبصورت پريءَ جي، جيڪا حديقه جهڙي آهي ۽ هڪ ديوَ جي جيڪو بلڪل علي  جهڙو آهي، انهي جي آکاڻي ٻڌائيندس. هن چيو.
نه چاچا نه. ديوَ مون جهڙو نه پر غالب جهڙو هوندو. علي ضد ڪري چوڻ لڳو. علي ۽ غالب وڙهڻ لڳا.
چڱو چڱو ٺيڪ آهي اوهين وڙهو نه. هن ٻنهي کي ڇڏايو. مون مذاق پئي ڪيو. ديوَ ٻارن جهڙو معصوم ٿورو ئي هوندو آهي، هاڻي ماٺ ڪريو بس آکاڻي شروع ٿيڻ واري آهي.
هن آکاڻي شروع ڪئي ۽ رومي هن جي مڇن تي آڱريون ڦيرڻ ڇڏي ڏنيون. سڀئي ٻار خاموش ٿي غور سان آکاڻي ٻُڌڻ لڳا. جڏهن آکاڻي ختم ٿي ته ٻارن جي وڃڻ جو وقت ٿي چڪو هو. هو سڀني ٻارن کي پنهنجي پنهنجي گهر ڇڏي آيو ۽ ڪجهه دير ڪتاب پڙهي سمهي رهيو.
ٻي ڏينهن جڏهن هو ڪبوترن کي داڻو ڏيئي پنهنجي گهر موٽي رهيو هو ته سڄي پاڙي ۾ ميڙ متل هو ۽ سڀئي پريشان نظر اچي رهيا هئا. هن جڏهن پڇا ڪئي ته خبر پيس ته سندس ننڍڙو دوست ڪافي دير کان اسڪول کان ناهي موٽيو. هن جي چهري تي پريشاني ظاهر ٿيڻ لڳي هو هڪدم سندس پيءُ وٽ ويو ۽ ان کان سڄي معاملي جي پڇا ڪئي ۽ کيس ٿاڻي تي رپورٽ لکرائڻ لاءِ چيائين. هو ٻئي ٿاڻي تي وڃي رپورٽ لکرائي آيا. انهي رات غالب جي ڪا به خبر نه پئي ۽ هن جي سڄي رات پريشاني ۾ گذري. پوليس ڪجهه شڪي ماڻهو گرفتار ڪيا پر ڪا به اڳڀرائي نه ٿي سگهي. ماستر عليم ۽ غالب جي پيءُ جي ڳڻتي وڌندي وئي. ان واقعي سبب ماڻهن ٻارن کي گهرن کان ٻاهر ڪڍڻ ڇڏي ڏنو. پوليس شروعاتي جاچ ۾ هن کان به ٻارڙن بابت پڇا ڳاڇا ڪئي ۽ هن سڀ ڪجهه ٻڌايو. جيترا ڏينهن غالب غائب رهيو هو انهي جي سلامتي جي دعا گهرندو رهيو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ سندس دوست پوليس کي هٿ اچي ويو ۽ اهي ماڻهو به جهلجي پيا جن هن کي اغوا ڪيو هو. هو پنهنجي دوست جي گهر وڃي ان سان ملي آيو پر هاڻي ٻارن هن وٽ اچڻ ڇڏي ڏنو هو. انهي ڏينهن جڏهن هو ڪمري ۾ ٻارن جو انتظار ڪري رهيو هو ٻارن دير ڪئي ۽ جڏهن سبب معلوم ڪرڻ لاءِ هنن جي گهر ويو ته خبر پئي ته کين مائٽن روڪي ڇڏيو آهي. هن کي جڏهن اها خبر پئي ته ڄڻ هن جو سڄو جهان وکري ويو. سندس وجود ڀور ڀور ٿيڻ لڳو. اصل ۾ غالب جي اغوا کانپوءِ ٻارن جا والدين ڪجهه گهٻرائجي ويا هئا ۽ انهي ڪري هنن کين روڪي ڇڏيو هو. پر هن جي ڄڻ دنيا ئي اجڙي وئي. هو پنهنجن انهن ئي پيرن سان ڪمري طرف وڌڻ لڳو جن سان ڪڏهن ڪي معصوم زندگيون قدم ملائي هلنديون هيون. ڪمرو کيس راڪاس جيان لڳو جيڪو ڄڻ کيس کائڻ لاءِ وات ڦاڙيو ويٺو هو. هو پنهنجي ڪرسيءَ تي ويهي ڪتاب جا پنا اٿلائڻ لڳو، ڪمري جي خاموشي ڄڻ ته واڇون ٽيڙي چٻارا ڪڍي رهي هئي. هن ميز جو خانو کوليو جن ۾ چاڪليٽ ۽ ٽافيون پيل هيون پر هن کان وٺڻ وارا معصوم هٿ پري ٿي چڪا هئا. هن هڪ نظر رانديڪن تي وڌي جيڪي ٻارڙن کان سواءِ يتيم لڳي رهيا هئا. کيس اڄ پهريون دفعو ڪمرو، ڪمرو نه پر مرده خانو لڳي رهيو هو، جنهن ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ ته ٻارڙن جا ٽهڪ گونجندا هئا انهن جي شرارتن ۽ گوڙ سان زندگي جو احساس هر پل هن کي جيئڻ جو اتساهه ڏيندو هو پر اڄ رڳو اتي سندس چوڌاري بي جان ديوارن ۽ پنهنجي ماٺ ۽ مايوسي ۾ ويڙهيل وجود کان سواءِ ڪجهه نه هو. کيس لڳو ته ڀتيون آهستي آهستي چئني پاسن کان هن ڏانهن وڌي رهيون آهن ۽ هو انهن ۾ چپجي مري ويندو.
هاڻ هن جو هر ڏينهن قيامت کان گهٽ نه هو، ڪبوترن کي داڻو وجهڻ وقت به اداسي ۽ مايوسي هن مٿان لامارا ڏيندي رهندي هئي. ڪبوترن جي چرپر، گاڏين جو گوڙ ۽ آواز به کيس زندگي جي علامت نه لڳندا هئا. بس کيس لڳندو هو ته ٻار سندس آسپاس هجن. ڪبوترن جي اکين کي ڏسندي هن کي سڀني ٻارڙن جون معصوم اکيون ياد اينديون هيون جن ۾ هن جو ننڍپڻ لڪل هو. هو انهن گهٽين مان لنگهندي وڏي حسرت سان ٻارڙن جي گهرن کي ڏسندو هو پر اتان ڪو به آواز يا نگاهه هن ڏانهن ڪا نه وڌندي هئي. هن کان سڀ ڪجهه ڦرجي چڪو هو. ٻارڙن کانسواءِ هن وٽ هو به ڇا...؟ سندس حياتي بي معنيٰ ٿي چڪي هئي. هو ٻارڙن جي ٻولين جو عادي ٿي چڪو هو جيستائين انهن جا ٽهڪ  ۽ گوڙ ڪو نه ٻڌندو هو ته هن کي نه ته سڪون ايندو هو ۽ نه وري ننڊ پنهنجا قدم هن جي نيڻن ڏانهن وڌائيندي هئي. ننڊ موڪلائي چڪي هيس. هر وقت ٻارن جي ياد، بيچيني، خاموشي ۽ ڪمري جي گهٽ ٻوسٽ کيس اڌ مئو ڪري ڇڏيو. ڪيترا ڏينهن ٿي چڪا هئا ٻارڙن جو آواز هن جي ڪنن تائين نه پهتو هو بلڪل بيوس ۽ لاچار ٿي چڪو هو. هو ڪمري ۾ نظرون ائين ڦيرائيندو هو، ڄڻ ٻارڙن کي سندس نظرون ڳولينديون هجن پر اتي کيس ڪجهه به نه ملندو هو. هو وري انهن جي مائٽن وٽ ويو پر هر ڪوشش ناڪام ٿي. هن جي پيڙا ڏينهون ڏينهن وڌي رهي هئي. هن کان هن جا رانديڪا کسجي چڪا هئا پر ڪنهن مهل خيال ايندو هئس ته شايد در وڄي ۽ سڀئي ٻار ويٺل هجن. هن کي شام واري وقت روز در وڄندي محسوس ٿيندو هو ۽ هو ڊوڙي در کوليندو هو پر کيس ڪو به نظر نه ايندو هو.
اڄ شام جو ساڳيو وقت هو جنهن وقت ٻارڙا هن وٽ ايندا هئا. پاڙي جي مسجد جو لائوڊ وڳو. مولوي اعلان ڪيو. “حضرات هڪ ضروري اعلان ٻڌندا. ماستر عليم اڄ شام جو گذاري ويو آهي، اوهان سڀني کي گذارش آهي ته سندس جنازي نماز ۾ وڌ ۾ وڌ شرڪت ڪري ثواب دارين حاصل ڪندا.” ماستر عليم جي موت جي خبر سڄي پاڙي ٻڌي، انهن ٻارن به جيڪي هن لاءِ ڪل ڪائنات هئا. جنازي نماز ٿي چڪي هئي. ماڻهن کيس ڪلهو ڏنو... ۽ ٻارڙا ٻئي ڏينهن پنهنجن مائٽن سان سندس آخري آرام گاهه تي پهتا. انهي ماڻهوءَ جي قبر تي گل نڇاور ڪرڻ لڳا جنهن پنهنجي ننڍپڻ کي انهن ٻارڙن ۾ پئي ڳوليو جيڪي زمانو هن کان ڦري ويو هو.

No comments:

Post a Comment