Saturday, January 14, 2012

مون ۾ آهين تون - اصغر لاکو


مون ۾ آهين تون
اصغر لاکو
اڌڙوٽ عمر جي عورت، رنگ سانورو، جسم ماسيرو، ڇاتي گهڻي اڳتي نڪتل، مٿو اگهاڙو ۽ وار، سڻيءَ جي سڳن جيان چڳون چڳون بڻيل، ڏندن تي زور ڏيندي، زوم ڪندي، در جو تاڪ پاڻ ڏانهن ڇڪيو ۽ هٿ ۾ جهليل ڏنڊيءَ کي اڇو ڪري، لوڏيندي، ”هيڏي آ ته نينڍي ڪيانءِ مئا!.....“، هن ٻاهر بيٺل ٻار کي غصي مان چيو، ”ڳريا! ڳاٽي ڀڳا! تون چڱو رت ڪيو آ مان کي!......“ ٻار نڪ ۾ ننڍي چيچ کي سانچي ۾ پينسل جيان ڦيرائيندي ۽ دروازي جي سامهون واري ديوار سان پٺي گسائيندو، آهسته آهسته اڳتي وڃي رهيو هو، هو ميسيل هرڻيءَ جيان تمام گهڻو ڊنل هو. خوف مان چپ سُڪي ڇوڏو بڻجي ويا هيس. سندس اکيون ڏاند جي اکين جيان وڏيون ۽ ڦاٽل هيون. ماءُ ڏانهن ڏمريل اکين سان ڏسي رهيو هو. ڄڻ ته کيس سمجهه ۾ نه پئي آيو ته اها سندس ماءُ آهي يا ڪا ٻي عورت! عورت مون کي ايندو ڏسي، تڪڙ ۾ دروازو ٻيڪڙائي ڇڏيو ۽ پاڻ در جي اندران بيهي، منهنجي وڃڻ جو انتظار ڪندي رهي. دروازو بند ٿي وڃڻ ڪري، ٻارڙو روئڻهارڪو ٿي ويو ۽ چپ هيٺ لڙڪي پيس. ان وقت سندس چهرو بيوسي ۽ لاچاري جي علامت بڻجي ويو ۽ منهن مان معصوميت جو عرق ڳڙي رهيو هو. هن جي معصوم چهري مون کي متوجهه ڪيو ۽ ڇڪي وٽس آندو. سندس مٽيءَ ڀريل مٿي تي شفقت جو هٿ رکندي، پڇيم،


”پٽ! ڇو ٿي مارئي ماءُ؟........“
ڪنڌ هيٺ ڪري، پير جي آڱرين سان زمين کوٽيندو رهيو. ڪو جواب نه ڏنائين. کن رکي وري کانئس پڇيم؛ ”گهر ۾ ڪو ٿانو ٺِڪر ڀڳو اٿئي؟......“ 
اکيون ڦاري حيرانگي مان نهاريائين ۽ پوءِ ڪنڌ هيٺ جهڪائي ڇڏيائين. ڄڻ ته غلط ڳالهه ڪيم، تڏهن ايئن حيران ٿي ويو هجي!
........ ڀلا! ڀيڻ سان وڙهيو آهين؟“
وات ۾ اشهد آڱر وجهندي، ڪنڌ کي هلڪو ڌوڻو ڏنائين. ان وقت سندس نرڙ تي پگهر جا ننڍا ڦڙا نڪري پيا ۽ جسم جو هر عضوو مٿس گواهه بڻجي بيٺو. آءٌ کيس ان احساس واري باهه مان، جيڪا سندس وجود کي ساڙي ڪوئلا ڪري رهي هئي، ٻاهر ڪڍڻ واسطي سندس پتڪڙي جسم کي ڇڪي پنهنجي جسم سان ملايو ته سندس ڀرم جي ديوار ڊهي اچي پٽ پئي ۽ سڏڪن ۾ پئجي ويو.
ڀيڻ سان وڙهڻ واري خبر ٻڌندي، مون کي پنهنجو ٻالڪپڻ ياد اچي ويو. ماضيءَ جو هڪ واقعو ذهن جي تختي تي تري آيو. منهنجي ڀيڻ، جندل مون کان عمر ۾ هڪ سال وڏي آهي. اسان ٻئي گڏجي گهر جي اڱڻ ۾ ٺپ راند کيڏندا هئاسون. هڪ دفعي ڪنهن ڳالهه تان اسان ٻنهي ۾ اختلاف ٿي پيو. ٻئي پنهنجي پنهنجي ڳالهه تي بضد ٿي بيٺا هئاسون. پاڻ ۾ ٺهڻ ۽ اتفاق جو ڪو نالو ئي نه پئي ورتو. مون خار ۾ اچي، کيس چوٽيءَ کان سٽ ڏئي ڇڪيو. هوءَ هيٺ وڃي ڪري ۽ سندس منهن مٿو ڀڀوت ٿي ويو. پوءِ ته رانڀاٽن ۾ اچي شروع ٿي ۽ اکين مان نير وهي رهيا هيس. روئندي رڙندي ۽ ان بري حال سان، وار وکريل ۽ منهن مٿو مٽي ۾ ڀڀوت بڻيل، امان وٽ دانهين پهتي. امان هن جو اهڙو حال ڏسي، سخت غصي ۾ اچي وئي، ڏند ڪرٽيندي؛ ”ڳريل ڳاٽي ڀڳل، صفا رت ڪري ڇڏيو آ، انڌو هر وقت پيو ڇوري کي ڪٽيندو گڏيندو....“، امان، جندل جا مٽي ۾ ڀڀوت ٿيل وار ڇنڊيندي چيو؛ ”بس ڪر تون منهنجي مٺڙي! مئو گهر پهچي رڳو، چڱيان ٺينڊي ٿي ڪيانس.“
جندل پوءِ به روئڻ ۽ مسڪارن کان بس نه ڪئي. انصاف ۽ داد فرياد ٿيڻ لاءِ کيس اڪيلو اهو ئي رستو پئي سُجهيو. ڪنهن ڪنهن مهل هوءَ روئڻ بند ڪري، مٿي مان چرندڙ جوئائون چپٽيءَ ۾ پڪڙي، آڱوٺي جي ننهن تي ماري رهي هئي ته ٻي مهل وري روئڻ کي وارو پئي ڏنائين...... ائين پورا ٽي ڪلاڪ گذري وڃڻ باوجود، هن روئڻ تان اصل هٿ نه کنيو. ڄڻ ته دل ئي دل ۾ اهو پهه ڪري ڇڏيو هجائين ته مون کي سيکت ڏيارڻ کان پوءِ ئي هوءَ روئڻ کان بس ڪندي!
آ امان جي ڪاوڙ ۽ غصي کي ذهن ۾ رکندي، ڄاڻي ٻجهي ليٽ ڪري، گهر آيس. گهر ۾ داخل ٿيندي وقت، پنهنجي اندر جي هورا کورا کي بناوٽي چادر سان ڍڪڻ ۽ لڪائڻ جي ڪوشش ڪيم. چهري جي اصل تاثرات کي مصنوعي طريقي سان مٽائڻ جي ڪوشش ڪيم. پر جندل کي اڃا تائين روئندي رڙندو ڏسي، پيرن هيٺان زمين سرڪي ويم ۽ مٿي کي ڀوانٽي اچي وئي!
گهر جي صحن ۾ رکيل اَن جي مٽي واري گندي ڀرسان سوچ ۾ بيهي رهيس ۽ ذهن ۾ هڪ تجويز سُجهيم ته: ”امان جيڪر جندل هٿان مون کي پٺي ۾، زور سان ٻه چار ڦٿون هڻائي، اسان ٻنهي جو پاڻ ۾ ٺاهه ڪرائي....“ آءٌ اڃا ان سوچ ويچار ۾ بيٺو ئي هيس ته اوچتو لوندڙي ۾ هڪ زوردار لپاٽ ٺا ٿي وئي. مٿي کي ڀوانٽي اچي ويم ۽ اکين آڏو ڌنڌ اچي ويو. چنبي جو زور نه جهلي سگهندي، ڀرسان رکيل جنڊ جي ڪير مٿان سيني ڀر وڃي ڪريس. سيني مان رت ٺينڍي ڪري وهي پيو. زبان مان بي ساخته ريهٽ نڪري ويم ۽ ٻٽا ٻٽا ڳوڙها پئي رنس. ڌڪ جي درد ڪري گهڙي کن مان وهندڙ رت ڏسي، ان جي دهشت سبب گهڻو روئي رهيو هيس پوءِ ته امان ڏک ۽ افسوس ڪندي، مون کي کڻي کٽ تي ويهاريو. رت کي پاڻي سان صاف ڪندي، ”اڙي ڪا باهه لڳيم!.......“ امان پنهنجو منهن مٿو پٽيندي ۽ ڇاتيءَ کي ڌڪ هڻندي چئي رهي هئي، ”ماءُ آهيان يا ڏائڻ!؟ ڪهڙو ته قهر ڪيو ٿم! ٻچڙو سڄو رتو رت ڪري ڇڏيم!.....“
ڪجهه دير کان پوءِ، سرت سنڀاليندي، مون امان ڏانهن نظر ڪيم. ڏٺم ته سندس چهرو ڳنڀير ۽ پريشان لڳو پيو هو. هوءَ مون کان وڌيڪ روئي رهي هئي ۽ کانئس نير مون کان گهڻو جالارو وهي رهيا هئا. کيس پهتل اندر جي پيڙا ۽ اذيت، منهنجي رحم جي درد ۽ تڪليف کان ٻيڻي هئي. سندس سرندڙ رت جو مقدار، مون کان وهندر رت جي مقدار کان ڪيئي ڀيرا وڌيڪ هو.
”ڇا ٻار جي ماءُ، جيئن هوءَ غصي مان ڏند ڪرٽيندي، چئي رهي هئي ۽ ڏنڊي کنيو سندس پٺيان پئي آئي. واقعي کيس رت ۾ ٺيندي ڪري ڇڏيس ها يا سندس ممتاز واري مضبوط ڍال کيس ايئن ڪرڻ کان روڪي وجهي ها....“
دل اندر اڀريل اهڙي خيال ۾ اڃا غلطان ئي هيس ته سامهون وارو دروازو کليو. اها ئي ساڳي عورت ٻاهر نڪتي ۽ تکي تکي ٻارڙي ڏانهن هلندي آئي. ٻارڙو کيس ڏسندي، وڌيڪ روئڻ لڳو ۽ مٿس خوف جا پاڇا، سرڻ جيان، لامارا ڏيڻ لڳا. ٻار جي ماءُ کي، ڏانهس ايندو ڏسي، ٻار کي ڇڏي، اڳتي هليو ويس ۽ ٿورو اڳتي وڃي، مُڙي پوئتي نهاريم ڏٺم ته هاڻي ٻارڙو ماءُ جي ڪڇ تي هو ۽ هوءَ کيس چمي رهي هئي. ميرن ۽ مٽيءَ ڀريل ڳلن تي چمي پگهر ۾ شل ٿيل نرڙ تي چُمي...... مٿي ۾ ڀڀوت بڻيل وارن ۾ چمي...... گجين ۽ گوبن ٿڦيل هٿن تي چُمي.... مٽي ۽ پگهر سان گپ بڻيل ٻنهي پيرن تي چمي...... ان وقت ٻار ڏاڍو خوش خوش ۽ سَرهو لڳي رهيو هو. سندس چهري تان غم جا پاڇا هاڻي هٽي ويا هئا ۽ تر ٿيل اکيون هاڻي خشڪ ٿي ويون هيون. پر.......... سندس ماءُ جي نڪ جي چوٽي ڳاڙهي ٻوٽي بڻيل هئي ۽ اکين ۾ پاڻي ڇلي رهيو هو.

No comments:

Post a Comment