Sunday, January 15, 2012

رنگن جي تمنا - حميد ابڙو


رنگن جي تمنا
حميد ابڙو
صبح جو اسٽال ڏانهن ويندي هُن کي دير ٿي وئي هئي. پنهنجي ساريل واٽ سان وائيٽ اسٽڪ اڳيان اڳيان هڻندو جڏهن بجليءَ جي ٿنڀي وٽ پهتو ته هُن پهرين ٿنڀي جي دڪيءَ تي اسٽڪ هنئي، لوهه وڄايو ۽ پوءِ مُرڪي اڳيان وڌيو.
اهو سندس روز جو معمول آهي. هو جڏهن ٿنڀي وٽ پهچندو آهي ته قدم ڍرا ڪري ٿنڀي کي اسٽڪ هڻي منزل سڻائي هئڻ جي پڪ ڪندو آهي.


اسٽڪ کنئي به کيس ڪي چار مهينا ٿيا آهن، ان کان پهرين ڏنگي لٺ سندس سهارو ۽ سونهين هوندي هئس. پر جڏهن کان ڊاڪٽر گل محمد تحفي ۾ کيس اسٽڪ ڏني اٿس ته لٺ کڻندي کيس مزو نٿو اچي ۽ هاڻ اسٽڪ ئي هن لاءِ سهارو آهي.
ٿنڀي کان پوءِ هُن لاءِ ٻيو ڍري ٿيڻ وارو هنڌ گهٽيءَ جي ڇيڙي واري اُها نالي آهي، جتان اڪثر هُن جا پير ڪني پاڻيءَ ۾ ڀرجي ويندا آهن. پهرين ته هو اسٽڪ هڻي جاچي ڏسندو آهي ته متان ڪٿان کيس رستو ملي وڃي پر هر ڀيري اسٽڪ پاڻيءَ ۾ ڇڙاپ ڇڙاپ ڪندي آهي ۽ هو پانچا کنجي، اُڪرڻ دؤران پير ڪني پاڻيءَ ۾ وڃائي ويهندو آهي. شروع ۾ کيس ڏاڍي بڇان لڳندي هئي پر هاڻ عادت بڻجي وئي اٿس.
اسٽال تي پهچي هو اسٽڪ فولڊ ڪندو آهي ۽ چئن کيسن واري صدري پائي اخبارون ترتيب سان رکڻ لڳندو آهي.
صدريءَ جا مٿيان کيسا وڏن نوٽن يعني سؤ ۽ پنجاهه لاءِ جڏهن ته هيٺيان کيسا پنجن ۽ ڏهن رپين لاءِ مخصوص اٿس.
اڄ دير پهچڻ ڪري سندس ماسات لقمان، جنهن جي پڻ ڀر ۾ ڪئبن اٿس ۽ هُن جي ئي ڏڍ تي هن اسٽال هلائڻ شروع ڪيو هو، نه ته ان کان پهرين هو سومار واڍي جي دُڪان تي ويندو هو، جتي هُن کٽ واڻڻ سکي هئي، پر اخبارن جي اسٽال کولڻ تي جڏهن سڀني همٿايس ته هُن سومار مان هٿ ڪڍيا ۽ لقمان جي مدد سان اسٽال هلائڻ لڳو.
شروع ۾ ڏکيائي ڀانيائين پر هاڻ اخبارن جي ترتيب اهڙي رکندو آهي جو، ڪنهن به گراهڪ ڪهڙي به اخبار جو نالو کنيو، ٻئي لمحي هُن جو هٿ اُن اخبار ۾ هوندو آهي. گرانٺ سان نوٽ به جانچي وٺندو آهي. بلڪه هاڻ ته ڪئين مستقل گراهڪ ٺاهي ورتا اٿائين، جيڪي مهيني تي حساب چڪائيندا آهن. انهن سڀني ۾ ڊاڪٽر گل محمد کيس گهڻو ڀائيندو آهي، ساڻس روزاني حال احوال سان گڏ ڀوڳ چرچو به ٿيندو آهي. پر ڪجهه ڏينهن اڳ ڊاڪٽر سندس سوال تي مُنجهي پيو هو، جڏهن هن پڇيو هوس ته “ڊاڪٽر صاحب رنگ ڀلا ڪيئن هوندا آهن؟” ڊاڪٽر کيس ڪهڙو جواب ڏئي ها، بس ايترو ئي چيو هئائينس ته “حافظ صاحب رنگ رنگن جيئن ئي هوندا آهن.”
هُو رنگن جي ڦڏي ۾ ڪڏهن نه پوي ها، جيڪڏهن هر ٻئي ڏينهن کان پوءِ لقمان کيس نه ٻڌائي ها ته حافظ اڄ فلاڻي اخبار جي قيمت هيتري اٿئي جو رنگين ايڊيشن به آهي. ڪيترن ئي ڏينهن تائين ته هن کي رنگين ايڊيشن سمجهه ۾ نه ٿي آيو ته اهو آهي ڇا. پوءِ هڪ ڏينهن لقمان ئي ٻڌايو هوس ته شب معراج جي ڏيهاڙي جي حوالي سان مڪو ۽ مدينو ڇاپيل آهي اڄوڪي ايڊيشن ۾.
هُن جا هٿ بي اختيار ايڊيشن تي کڄي ويا هئا ۽ تصويرن مٿان ڦيرڻ کان پوءِ هُن هٿن کي چُمي اکين تي ڦيريو هو. ٻئي ڀيري به هُن جو اندازو هو ته ساڳي تصوير هوندي، هٿ ڦيري جڏهن چميا هئائين ته لقمان ٽهڪ ڏئي چيو هوس، حافظ فلمي اداڪارائن جون تصويرون اٿئي. اُن ڏينهن کان پوءِ هُن جي دل چاهيو هو ته جيڪر رنگ ڏسي سگهي. پر اِهو ڪيئن ممڪن هو، هُن جي ته تصور ۾ ڪي رنگ هئا ئي ڪونه.
اڄ دير ڪري اچڻ تي به لقمان ساڳي ٽوڪ هنئي هئس ته “حافظ رنگن جي ڳولا ۾ ويو هئين ڇا؟”
هُن جي چپن تي مُرڪ تري آئي هئي، “ماسات جي الله چاهيو ته دير نه لڳندي رنگن ڏسڻ ۾.”
لقمان جا جهڙوڪ سڀئي گس بند ڪري وڌا هئائين، “پوءِ به خبر ته پوي، گراهڪن به تنهنجو پڇيو ٿي.” لقمان پنهنجي ڳالهه کي گس ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي هئي.
“ڀاڳل کي سنڀار ٿي هئي، دائي ماسي صفوران کي وٺڻ ويو هوس.” هُن پنهنجي صفائيءَ ۾ چيو هو.
لقمان ماٺڙيءَ سان ڪئبن ۾ وڃي ويٺو هو ۽ هُن کي صفوران جون ست سُريون ياد پيون هيون.
اڇو برقعو مٿي ۾ وجهندي صفوران ڳڙي جيئن وُٺي هئي، “هاڻ اچي علل صبح سان ڀڳو آهي، ماسي سگهو هَلُ، هيسين صفوران ڪنهن کي ياد نه هئي. ماڻهين کي هوندو منڊمن جو آسرو..... مان ٿي پڇان، جڏهن اهي منڊمون نه هيون ته ٻار ڪيئن ٿي ڄاوا، اِها صفوران ئي هئي نه ست بسم الله هيون ڪري ڄڻائيندي هئس، ڊوهي ڊاڦي، مٿا کڻي ويهاريندي هئس، هُئو ڪنهن مائيءَ جو پيٽ لٿل، ٻه ڏينهن دکي ڇا رکي، مايون ڄڻ ته ڪنواريون، هاڻ ڏس ته مايون، سلا بلا به لڳندو ته ڄڻ نائين مهيني سان هجي، ٻارن جا مٿا به جهڙو نار واريون لوٽيون.”
صفوران سڄي واٽ پنهنجي اندر جو غبار ڪڍيو هو ۽ آخر تائين سندس ڪاوڙ نه لٿي هئي جو هن کي رهڙ پٽيندي چيو هئائين “تون اندر ڪيڏانهن ٿو اچين، پاڻ ماڻهين کي به ٻاهر وٺيو وڃ، صفوران اڪيلي ئي کوڙ آهي.”
۽ هو ساريل واٽ سان اسٽال ڏانهن آيو هو. پر هُن جو سڄو خيال گهر ڏانهن هو، جو اسٽال ڏانهن اچڻ مهل ماءُ چيو هوس، “دلجاءِ ڪر- جيئن ئي ڪجهه ٿيو ته ٻار اُماڻي توکي اطلاع ڪنداسين.”
ويٺي ويٺي هُن کي ڀاڳل سان لڳايل شرط به ياد پيو هو. جو اڃا ستون مهينو هوس ته ٻنهي شرط لڳايو هو، جي پُٽ ٿيو ته ٻار تي سندس مرضيءَ جو نالو رکندا، جي ڌيءَ ٿي ته ڀاڳل جي مرحيات ماءُ جو نالو ۽ هُن کي پڪ هئي ته پُٽ ئي ٿيندو ۽ هُو نور محمد نالو رکندس.
اهڙو ذڪر هُن ڪاوڙ ۾ لقمان سان به ڪيو هو. جنهن ڏينهن لقمان اخبار پڙهي ٻڌائڻ کان ڪترايو هو. “الله ڪندو ته نور محمد ئي ڄمندو، اُن کي پڙهائيندس ۽ پوءِ اُن کان اخبار ٻڌندس. مون کي ٻين جي محتاج ٿيڻ جي ضرورت نه پوندي.” ۽ هُن اِهو به سوچيو هو ته نور محمد جڏهن رنگَ ڏسندو ته سمجهندس مون ڏٺا.
ڊاڪٽر گل محمد جي روين کان متاثر هو، تنهن ڪري اِهو به سوچيندو هو ته پُٽ کي ڊاڪٽر ڪندس. پر سوچ جڏهن سندس ماءُ جي چيل انهن جملن تي اچي بيهندي اٿس ته هُن کي لڳندو آهي ڄڻ ڪو وڏو ٿاٻو آيو هجيس. ڪي ڏينهن پهرين جڏهن هو صبح جو چانهه سان نيرن ڪندي ڀاڳل کان ورائي ورائي پڇي رهيو هو ته ٻار ڪنهن وانگر ٿيندو، “امان وانگر يا تو وانگر؟” ته پريان ماڻس ڪوپ آگهاريندي چيو هو، “ابا يا ته ڀاڳل تي ويندو يا توتي. ٻڌو نه اٿئي ته جهڙا ڪانوَ تهڙا ٻچا.” ۽ هُو ان چوڻيءَ ۾ وچڙي وڏو ٿاٻو کائي ويٺو هو. جهڙا ڪانوَ تهڙا ٻچا، يعني هو به رنگ نه ڏسي سگهندو ۽ هُن کي به سهاري لاءِ اسٽڪ ئي کپندي؟ اِهو سوچيندي سڀئي ڇوهه ڇڄڻ لڳندا اٿس ۽ هو اُن لمحي آسمان ڏانهن هٿ کڻندو آهي.
جيئن جيئن ڏينهن چڙهندو ٿي ويو، اُلڪي جي ڄَرَ هُن کي ساڙيندي ٿي وئي ۽ تيسين متيون منڌل ئي هئس جيسين پاڙي واري ٻار ڊوڙندي اچي کيس خوشخبري ٻڌائي هئي. هُن کان قميص پائڻ به وسري وئي ۽ اسٽال تان جڏهن تڪڙو نڪرڻ لڳو ته لقمان سڏي کانئس پڇيو. هُن ورڻ سواءِ ئي ٻه ڀيرا وراڻيو پُٽ پُٽ.... ۽ لقمان ڊوڙي اچي کيس ڀاڪر پائي مبارڪ ڏني هئس. هو سڄو مرگهيءَ جي مريض جيان خوشيءَ ۾ ٿڙڪيو ٿي ۽ خير مبارڪ چئي تڪڙا قدم کڻندو گهر ڏانهن هلڻ لڳو. هُن ساريل واٽ جي پرواهه ڪرڻ سواءِ وڏيون ٻرانگهون ورائيندي ڪئين ٿيڙ به کاڌا. پانچا مٿي ڪرڻ سواءِ ناليءَ مان به گذريو. ٿنڀي کي به اسٽڪ نه هنيائين ۽ خوشيءَ مان جهڙوڪ دڙڳي هلڻ لڳو. جڏهن گهر جي ويجهو ٿيڻ لڳو ته هُن جا قدم ڳرا ٿيندا ويا. ۽ هُو ’جهڙا ڪانوَ تهڙا ٻچا‘ واري چوڻيءَ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر وچڙي پيو، سندس خوشي ڪافور ٿي وئي. ۽ هو فقط خير عافيت معلوم ڪرڻ لاءِ تاڪ کولي گهر اندر ٿيو. هُن کي ڏورانهين پنڌ تان صفوران جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، “حافظ مبارڪ هجئي. پٺيان ماءُ جو آواز به ايترو ئي پري کان آيو ۽ هُن کي سمجهه ۾ نه آيو ته مبارڪ کي خير چئي وراڻي يا نه. هُن فقط ايترو پڇيو ته “ڀاڳل ڪيئن آهي امان؟” ڪهڙو جواب مليس سو به هُن کي سمجهه ۾ نه آيو، بس ماءُ ۽ صفوران جا ٽهڪ هُن جي حواسن سان ٽڪرايا- ۽ ٻار جي ڪن ۾ اذان ڏئي ساڳي پير اسٽال تي موٽي آيو. لقمان ڇا پڇيس ۽ هُن ڪهڙو جواب ڏنو، سو به کيس ياد نه رهيو. بس جي ذهن ۾ ڪجهه هئس ته سندس ماءُ جي ٻڌايل چوڻي.
ڇٺي به ٿي وئي، نالو به نور محمد رکجي ويو، پر هن جي چپن تان اڏاڻل مُرڪ واپس نه وري. هُن کان اخبارون ڏيڻ ۾ به غلطيون ٿيڻ لڳيون ته پئسن سڃاڻڻ ۾ به خطا ٿيندي رهيس. نه رُڳو لقمان سندس حالت تي پريشان هو پر ڊاڪٽر صاحب به ڪئين ڀيرا کانئس خير خيريت معلومات ڪرڻ چاهي. پر هُن کي لڳو ته سندس خوشيون ڪٿي ٿاٻڙجندي هُن کان وڃائجي ويون هجن. ڪئين ڀيرا ڀاڳل به سبب پڇيا پر هُن کي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ته ڇا ٻڌائي. بس ايترو ئي پڇي وٺندو هو ته “نور محمد جون اکيون ڪنهن وانگر آهن؟” ۽ جڏهن جواب ملندو هوس ته “هوبهو تو وانگر آهي” ته اسٽڪ ۾ هن جي هٿن جي جڪڙ مضبوط ٿي ويندي هئي. هُو ان خوف مان ڪنهن کان پڇي به نه سگهندو هو ته نور محمد ڏسي سگهندو يا نه.
ائين ڪئين ڏينهن گذري ويا. سڀني جي زندگي معمول سان گذرندي رهي پر هُن جي نڙيءَ ۾ اِهو سوال اٽڪيل رهيو ته نور محمد ڏسي سگهندو يا نه. هڪ ڏينهن ڊاڪٽر گل محمد سندس پُٽ جو پڇيو ته هُن کي روئڻ اچي ويو ۽ نڙيءَ ۾ اٽڪيل اُلڪي کي ڊاڪٽر صاحب اڳيان رکيو. ڊاڪٽر رنگن واري معاملي جيئن هڪ ڀيرو ٻيهر مُنجهي پيو ۽ کيس آٿت ڏيڻ لاءِ سندس گهر نور محمد کي ڏسڻ ويو. ننڍڙي کي ڏسي حافظ جي ڪُلهي تي هٿ رکندي چيائين “حافظ صاحب دل ننڍي نه ڪر، تنهنجو ننڍڙو اُهي سڀئي رنگ ڏسي سگهندو، جيڪي تون نه ڏسي سگهيو آهين.”
هُن جو جسم هڪ ڀيرو ٻيهر مرگهي جي مريض جيان ٿڙڪڻ لڳو. هن گهڻي دير تائين ڊاڪٽر صاحب جا هٿ پڪڙي آمين آمين ورجايو ۽ ڊاڪٽر صاحب کي رخصت ڪري دروازي جا تاڪ تڪڙ ۾ بند ڪيا. هُن کي لڳو ته چوڏس رنگ وکرجي ويا هجن، عجيب رنگ، جيڪي ڏسي نه پر فقط محسوس ڪري سگهجن ۽ هُن کي تڪڙ ۾ اسٽڪ بجاءِ ڏنگي لٺ هٿ اچي وئي، وچ اڱڻ تي خوشيءَ مان ڦيريون پائي جهومڻ لڳو، پريان چانئٺ کي ٽيڪ ڏيو ڀاڳل کيس ڏسندي مُرڪي پئي.

No comments:

Post a Comment