Sunday, January 15, 2012

لا حاصل - اختر حفيظ


لا حاصل
اختر حفيظ
هن چيو؛ مون تي ڪهاڻي لِکجانءِ!
سوچيان ٿو ته ڪٿان کان شروع ڪريان.....
هن جي اکين کان، جيڪي ڪنهن شاعر جي خواب جهڙيون هيون.
هن جي اسٽرابيريءَ جهڙن چپن کان، جن کي ڏسي ائين لڳندو هو ته خدا انهن کي فقط چمڻ لاءِ خلقيو آهي.
هن جي کِل کان، جيڪا ڪنهن وهندڙ آبشار جيان لڳندي هئي.
يا هن جي اڻکُٽ ڳالهين کان،
يا وري انهيءَ جي ڇٽي کان، جيڪا برسات هجي يا نه هجي هر وقت هن وٽ هوندي هئي، جنهن تي ڪجهه پوپٽ ٺهيل هوندا هئا ۽ انهن پوپٽن کي ڏسي ائين لڳندو هو، جيڪي رنگ انهن جي پرن تي آهن، محبت جا رنگ به ايترا ئي حَسين هوندا.
هن تي ڇا ڪهاڻي لکان! هوءَ ته پاڻ هڪ هلندڙ ڦرندڙ، کلندڙ مُرڪندڙ ڪهاڻي هئي.


مون هن جي اکين کي غور سان ڏٺو آهي. شيشي جيان صاف هيون. جڏهن هوءَ روئندي هئي ته سندس اکيون لڙڪن سان ڀِڄي وينديون هيون. ايترو روئندي هئي ڄڻ ته اها ميڻ جي ٺهيل هجي، جيڪا روئيندي روئيندي وِگهري ويندي. پر پوءِ اوچتو کلندي هئي ته ائين لڳندو هو ڄڻ هيءَ ڪائنات وري تخليق ٿيڻ لڳي هجي.
جڏهن اسين پهريون ڀيرو ملياسين ته هن جي پُراسرار شخصيت، آهستي آهستي منهنجي اڳيان کلندي وئي. مون کي ائين محسوس ٿيو ته؛ آئون هن سان محبت ڪرڻ لڳو آهيان. سچ به اهو ئي هو. هن کي سج جي تپندڙ اُس ڪو نه وڻندي هئي. انهيءَ ڪري هر وقت ڇٽي پاڻ سان گڏ رکندي هئي. اڪثر سج کان شڪايت ڪندي هئي ته؛ اهو ايڏو گرم ڇو آهي؟ آئون چوندو هئس ته؛ منهنجي وس ۾ هجي ته آئون انهيءَ سج کي برف جو گولو ٺاهي ڇڏيان، جيڪو تو کي تنگ ڪندو آهي. هوءَ انهيءَ ڳالهه ته کلي پوندي هئي. تڏهن ائين لڳندو هو ڄڻ تيز برسات، ڳڙن سان وسڻ لڳندي هجي. جڏهن هوءَ کلي بس ڪندي هئي ته لڳندو هو ڄڻ تيز برسات آهستي آهستي بيهي رهي هجي.
اسين ٻئي يونيورسٽيءَ ۾ ڪلاس فيلو هياسين. جڏهن اسان هڪٻئي جا دوست ٿياسين ته سٺا دوست ٿي وياسين. هوءَ مون سان ۽ آئون هن سان، هر ڳالهه ونڊيندو هئس. جڏهن برسات تمام تيز پوندي هئي ته اسين ٻئي هڪ ڇٽيءَ جي هيٺ اڪثر هلندا هئاسين. ڪلاس ختم ٿيڻ کانپوءِ به، هوءَ مون کي پنهنجي گهر تائين پاڻ سان وٺي هلندي هئي. اسين ٻئي، تيز برسات ۾ مينهن ڪڻين کان بچندا، آهستي آهستي وکون کڻندا، برسات جي بوندن ۾ وهنجندڙ وڻن کي ڏسندا، آسمان ۾ چمڪندڙ کنوڻ کي ڏسندا، گل ٻوٽن کي هوا ۾ رقص ڪندي ڏسندا، هلندا ويندا هياسين. مون کي هميشه لڳندو هو ته اسان جو يونيورسٽي ۽ هن جي گهر تائين جو سفر، ڪجهه ئي لمحن ۾ کٽي ويندو هو. جڏهن ته يونيورسٽيءَ کان هن جو گهر ڪافي پري هو. مون کي ياد آهي ته اُن ڏينهن برسات ايتري تيز نه هئي پر لاڳيتو وسي رهي هئي. هوءَ مونکي پاڻ سان گڏ، پنهنجي ڇٽيءَ هيٺ، گهر ڏانهن وٺي پئي وئي. اسين آهستي آهستي هلي رهيا هئاسين. هن اوچتو پڇيو؛ ”ڇا محبت جو حاصل ٿيڻ ضروري آهي؟“
”نه ضروري ته ناهي. پر اها حاصل ٿي وڃي ته بهتر آهي.“ مون چيو هو
”مون ٻڌو آهي ته؛ جيڪا محبت حاصل ناهي ٿي سگهندي، اها ئي ڪامياب محبت آهي.“ هن مرڪندي چيو هو.
”اهو ته ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي. پر آئون انهيءَ خيال سان اتفاق نٿو ڪريان.“
”ها تون به صحيح آهين.“
انهيءَ ڏينهن رستي ۾ اسان جي اها ئي ڪچهري ٿي هئي، جنهن ۾ هوءَ رڳو محبت بابت سوال جواب ڪري رهي هئي. برسات واري پُسيل رستي تي هلندي هلندي، هن جو گهر اچي ويو هو ۽ آئون هن کان موڪلائي هليو ويو هئس. مون کي اها ته پڪ هئي ته هن کي جنهن سان محبت هئي، اهو آئون ڪو نه هئس. هن مون کي انهيءَ ماڻهوءَ جي باري ۾ ٻڌايو هو، جنهن سان هن جو يونيورسٽيءَ ۾ اچڻ کان اڳ مڱڻو ٿي چڪو هو. مون کي ڪافي وقت تائين ته اهو لڳندو رهيو ته هن کي انهيءَ ماڻهو سان محبت آهي پر پوءِ هن پاڻ ئي ٻڌايو ھو ته هوءَ انهي سان پيار نٿي ڪري، بس انهيءَ سان ته مڱڻو ٿيل اٿس. اسان جي دوستيءَ جو رشتو تمام گهرو هو. هوءَ مونکي پنهنجي هر ڳالهه ٻڌائيندي هئي ۽ مون وٽ ڇٽي هجڻ جي باوجود به هوءَ مون کي پنهنجي ڇٽي ڪو نه کولڻ ڏيندي هئي. پنهنجي ڇٽيءَ هيٺ، هلڻ لاءِ ضد ڪندي هئي. هن اهو به ٻڌايو هو ته؛ کيس ڏاڍو عجيب لڳندو، جڏهن هوءَ اهڙي ماڻهوءَ سان شادي ڪندي، جنهن سان هن کي محبت ئي ناهي.
هن کي چمپا جا گل تمام گهڻا وڻندا هئا. جڏهن هن جي دل شام جو گهمڻ لاءِ چوندي هئي ته هوءَ شهر جي پراڻي پارڪ ۾ ملڻ لاءِ چوندي هئي ۽ اتي چمپا جا گل جام هوندا هئا. آئون هن جي اچڻ کان اڳ، هن لاءِ اهي گل کڻي بيٺو هوندو هئس. هوءَ گل ڏسي ائين مُرڪندي هئي، جيئن گل ٽڙندا آهن. مون کي ته اها خبر هئي ته اسان ٻنهي جو ساٿ ڪجهه وقت لاءِ هو، پوءِ اسان جا رستا جدا هوندا. انهيءَ ڪري هن جي ڪنهن به ڳالهه تي ناراض ڪو نه ٿيندو هئس. اسان جو آخري سيمسٽر ٿيڻ وارو هو. هوءَ مون وٽ پنهنجي ڊائري کڻي آئي ۽ چيائين ته؛ کيس ڪجهه لکي ڏيان.
”آئون تو کي ڇا لکي ڏيان؟ تو کي ته خبر آهي؛ آئون تو کي ڪيئن ٿو سمجهان.“ مون چيو هو.
”ها خبر ته اٿم. پر وري به يادگيريءَ لاءِ تنهنجا هٿ اکر کپن.“ هن ڊائري مون ڏانهن وڌائيندي چيو هو.
بس پوءِ مون هن لاءِ ڪجهه ڪمينٽس لکيا هئا، جيڪي پڙهي هن کي تمام گهڻي خوشي ٿي هئي. ڪجهه ئي ڏينهن کانپوءِ اسان جو سيمسٽر ٿي چڪو هو. آئون هن سان آخري ڀيرو، ڇٽيءَ هيٺ، هن کي گهر ڇڏڻ لاءِ وڃي رهيو هئس. انهيءَ ڏينهن، برسات ڏاڍي تيز وسي رهي هئي. مون کي ائين لڳو ته اها برسات منهنجي اندر ۾ وسي رهي هجي. آسمان مان، زمين تي ڪرندڙ هر ڦڙو، مون کي منهنجو لڙڪ لڳي رهيو هو. منهنجي دل تمام گهڻي اداس هئي. مون کي لڳو پئي ته رستي تي بٺيل اهي وڻ ٻوٽا به اداس هئا، جيڪي برسات ۾ ڀِڄي رهيا هئا. آسمان تي نظر وڌم ته اهو به ڪارن ڪڪرن جو لباس پائي، ڄڻ ته ماتم ڪري رهيو هو. اسين ٻئي انهيءَ وقت خاموشيءَ سان هلي رهيا هئاسين. مون محسوس ڪيو ته؛ اداسي هن جي چهري تي به ظاهر ٿي رهي هئي، جنهن جو هن اظهار ڪو نه ٿي ڪيو.
”اڄ هيءَ پنهنجي آخري واڪ آهي نه؟“ هن پڇيو هو.
”ها آخري.“ مون کان ڄڻ ته لفظ ڪو نه پئي نڪتا.
”پوءِ تون هليو ويندين، هن شهر مان.“
”ها ظاهر آهي، هتي رهي ڇا ڪندس.“
”وري مون سان ملڻ ڪو نه ايندين ڇا.“
”ڪجهه چئي نٿو سگهان. خبر ناهي ته زندگي ڪٿي وٺي وڃي.“
”پر اڄ شام تون مون سان شهر جي پراڻي پارڪ ۾ ملجانءِ، ڪم آهي تو سان.“
”ڪهڙو ڪم؟“
اهو اتي ئي ٻڌائينديس.“
اسان جو پنڌ کٽي پيو هو. هوءَ پنهنجي گهر هلي وئي هئي. آئون پنهنجي ڇٽي کولي، تيز برسات ۾ موٽي آيس. شام ٿي ته انهيءَ ساڳئي پارڪ ۾، هن جو انتظار ڪرڻ لڳس. منهنجي هٿ ۾ هميشه جيان چمپا جا گل هئا. هوءَ آئي، مون هن کي گل ڏنا هئا.
”تنهنجي ذهن ۾، اڪثر اهو سوال جنم وٺندو هوندو ته؛ آئون ڪنهن سان محبت ٿي ڪريان.“
”ها تو ڪڏهن ٻڌايو به ته ڪونهي.“
”مون کي تو سان ئي محبت آهي.“ هن منهجو هٿ پڪڙيندي چيو هو.
”مون سان؟“ مون حيرت مان پڇيو هو.
”ها تو سان ئي آهي، تڏهن ته هيترو وقت تو سان گذاريو اٿم. پر آئون تو سان زندگي گڏ گذاري نٿي سگهان.“ هن اداس ٿيندي چيو هو.
”پوءِ مون کي ڇو پئي ٻڌائين، اهو سڀ ڪجهه.“
”ڇو ته وري الئه ملي سگهون يا نه. انهيءَ ڪري مون کي نه چاهيندي به انهيءَ ماڻهوءَ سان زندگي گذارڻي آهي، جنهن سان مون کي پيار ناهي. پر تون مون تي ڪهاڻي ضرور لکجانءِ! ڇو ته تون ڪهاڻيون سٺيون لکندو آهين ۽ انهيءَ ۾ سڀ ڪجهه لکجانءِ!“ هن جي اکين ۾ پاڻي ڀرجڻ لڳو هو.
مون هن جا ڳوڙها اگهيا، هن جي چپن تي پهريون ۽ آخري ڀيرو چمي ڏني ۽ چيم ته؛ آئون هن تي ڪهاڻي ضرور لکندس. اها اسان جي آخري ملاقات هئي. پوءِ آئون هن سان ڪڏهن به نه ملي سگهيو آهيان. اڄڪلهه آئون هن تي ڪهاڻي لکڻ جو سوچي رهيو آهيان، پر اڃا تائين هن تي ڪهاڻي لکي ڪو نه سگهيو آهيان. ڇو ته جڏهن به هن تي ڪهاڻي لکڻ جو سوچيندو آهيان ته؛ قلم منهنجي هٿن ۾ ڏڪڻ لڳندو آهي ۽ منهنجون اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي اينديون آهن.

No comments:

Post a Comment