Sunday, January 15, 2012

احـساس - وفا صالح راڄپر


احـساس
وفا صالح راڄپر
پنڊال ۾ داخل ٿيڻ شرط اسٽيج سيڪريٽري چوڻ لڳي ٿو ته؛ ”هاڻي سنڌ جو ناميارو ڪهاڻيڪار، شاعر، اديب ۽ سماج سڌارڪ رفيق ساگر پنڊال اندر داخل ٿي رهيو آهي، انتظار جون گهڙيون ختم.“
اسٽيج سيڪريٽري پروگرام جو آغاز ڪندي، صدارت لاءِ ڊي سيءَ کي سڏ ڪندي اسٽيج تي ويهاري ٿو. تنهن کان پوءِ خاص مهمان لاءِ جنهن شخصيت کي مٿي اسٽيج تي ويهارڻ لاءِ سڏي ٿو ان لاءِ چوي ٿو ته ”هاڻي آءٌ“ پنهنجي جنهن خاص مهمان کي اسٽيج تي اچڻ لاءِ سڏ ڪندس، اها شخصيت ڪنهن به تعارف ۽ تعريف جي محتاج ڪونهي، سندس تحريرون اوهان سنڌ جي سمورن رسالن ۽ اخبارن ۾ پڙهي چڪا آهيو اها قدآوَرَ ۽ مهان شخصيت، سنڌي ٻوليءَ جو انتهائي بهترين، سگهارو ۽ اعليٰ پائي جو ڪهاڻيڪار، اديب، شاعر، نقاد ۽ سماج سڌارڪ رفيق ساگر آهي. رفيق ساگر جي نانءَ کڻڻ سان سڄو پنڊال اُٿي بيهي تاڙيون وڄائڻ لڳي ٿو، ۽ جيستائين هُو اسٽيج تي نٿو پهچي، تيستائين سڀ ماڻهو هن جي آجيان لاءِ بيٺا ئي رهن ٿا ۽ زور شور سان تاڙيون وڄائڻ لڳن ٿا.


صحافي ۽ سندس چاهيندڙ اسٽيج تي ويهڻ شرط هن جون تصويرون ڪڍن ٿا. پر هيءَ اداس ۽ پريشانيءَ جي عالم ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. گلاب جي گل جهڙي خوبصورت چهري تي پريشانيءَ جون لڪيرون آهستي آهستي هن جي خوبصورتي بگاڙڻ لڳن ٿيون. هن جو سمورو ڌيان ماڻهن ڏانهن نه پر ان ڇوڪري ڏانهن ڇڪجي وڃي ٿو، جنهن کي هُو ڪلاڪ ٻن جي واپسيءَ لاءِ چئي آيو هيو. ڪلاڪ ٻن کان هن کي چار پنج ڪلاڪ ٿي وڃن ٿا. ۽ پوءِ هن کي ڳالهائڻ لاءِ سڏ ڪيو وڃي ٿو. هُو پريشانيءَ جي طوفان مان پاڻ کي آجو ڪندي چوي ٿو ته ”اڄ مون کي جنهن شخصيت تي ڳالهائڻ لاءِ سڏيو ويو آهي ان شخص پنهنجي سموري حياتي لوڪ ادب کي ارپي ڇڏي ۽ هُن سڄي سنڌ اندر لوڪ ادب جو ٻج ڇٽي ڇڏيو ۽ ان ٻج وري ڪيترائي وڻ پيدا ڪيا آهن. اڄ هتي سوين ۽ هزارين ماڻهن جي گڏ ٿيڻ مان اها مراد وٺي سگهجي ٿي ته توهان کي پنهنجي ڏات ڌڻين ۽ قلمڪارن سان بي پناهه پيار آهي ۽ هجڻ به کپي. هيءُ جمن جنهن جو تخلص جاني هيو، سچ پچ هُو نه رڳو تخلص جو جاني هيو. پر هُو اسان ۽ توهان سڀني جو جاني هيو ۽ اڄ اسان پنهنجي ان جا جانيءَ جي جدائيءَ ۽ پنهنجي جانيءَ جي وڇوڙي جي هيءَ ٻي ورسي ملهائي رهيا آهيون. منهنجو اهو ايمان آهي ته هن اڄوڪي تقريب ۾ جاني پنهنجن ڏور بيتن، پنهنجن سينگارن ۽ ڳجهارتن سان اسان سان گڏ آهي. آءٌ چوندو آهيان ته ڪنهن به تخليقار جو موت ڪڏهن به ٿي نٿو سگهي. هُو پنهنجي تخليقن، پنهنجي فڪر ۽ ڏات ذريعي زنده به آهي ته ساڳي وقت امر به آهي ۽ امر ماڻهن کي موت ڪڏهن به ماري نٿو سگهي. جمن جاني به امر آهي ۽ امر رهندو. هُو نه رڳو پنهنجي ڳوٺ ۽ شهر جي سڃاڻپ هيو ۽ آهي، پر هُو پوري  سنڌ جي سڃاڻپ هيو ۽ آهي. جاني سنڌي لوڪ ادب جي هڪ جيئري جاڳندي تاريخ آهي ۽ تاريخ ڪڏهن به مٽجي نٿي سگهي، اديب، ليکڪ، شاعر ۽ سگهڙ پنهنجي ڌرتي، ٻولي ۽ قوم جو سرمايو هوندا آهن، جاني پنهنجي ڌرتي، پنهنجي ٻولي، پنهنجي قوم جو سرمايو هيو ۽ آهي، اها ٻولي، اها قوم زنده رهندي جنهن ٻوليءَ ۽ قوم وٽ جمن جانيءَ جهڙا سگهڙ، اديب ۽ شاعر آهن، جمن جانيءَ جهڙي شخصيت تي ڳالهائڻ سج کي ڏيئو ڏيکارڻ جي برابر آهي.
هن جي تقرير جي هر هڪ جملي ۽ هر هڪ لفظ تي تاڙيون دُهلن جيان پئي وڳيون، ٻي ڏينهن تي مختلف اخبارن ۾ هن جا چيل لفظ وڏين سرخين سان هيڊ لائين ۾ هن جي تصوير سان گڏ شايع ٿين ٿا ۽ امر اُهي سموريون اخبارون کڻي هن وٽ اچي ٿو، ان وقت هن جي بيڊ تي ڇُوڪرو ستل ڏسي امر ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي وڃي ٿو ۽ ڪاوڙ مان اوطاق جي در کي زور سان ڌڪو ڏيندي ٻاهر نڪري وڃي ٿو ۽ هو منٿ، ميڙين ۽ ايلازن سان هن کي پرچائي اوطاق ۾ آڻي ويهاري ٿو ۽ پوءِ ڇُوري کي ٻاهر هوٽل تان بوتلن لاءِ موڪلي ٿو.
”پليز يار! هاڻ ته پنهنجو مُوڊ صحيح ڪر“
پليز جا پٽ! توکي ڪلهه ايترو سارو مانَ مرتبو ۽ عزت ملي پوءِ به اڃان تون پنهنجي اهڙين واهيات حرڪتن کان باز نٿو اچين....!؟ اڙي او! نڀاڳا! هاڻي ته تنهنجي ڪرتوتن جي پروڙ شهر توڙي ڳوٺ جي هر هڪ ماڻهوءَ کي پئجي چڪي آهي، پنهنجي چال سُڌار ۽ پنهنجو قبلو درست ڪَرَ، سڀاڻي ائين نه ٿئي جو، جيڪي ماڻهو تنهنجي حد کان وڌيڪ عزت ۽ احترام ڪن ٿا، توسان حد کان وڌيڪ پيار ۽ محبت ڪن ٿا، اُهي ئي ماڻهو تو کان نفرت ڪن ۽ توکي ڏسي منهن ڦيري ڇڏين. اڙي او گڏهه! ڪجهه سُوچ پنهنجو خيال نٿو ڪرين ته گهٽ ۾ گهٽ منهنجو ته خيال ڪر، تنهنجي دوستيءَ جي ڪري هاڻي ته ماڻهون مون کي به غلط پيا سمجهن، خبر اٿئي ته اڄ ڇا ٿيو......!؟“
”نه مون کي خبر ناهي تون ئي کڻي ٻڌاءِ ته ڇا ٿيو.......!؟“
اڄ آءٌ گلزار واري پٽ وسيم جي في معاف ڪرائڻ واسطي کيس ڪاليج جي پرنسپل ڏي وٺي ويس.....
هُن اڃان پنهنجي ڳالهه پوري ئي ڪونه ڪئي ته رفيق چويس ٿو ته ”پرنسپل في معاف ڪئي يا لکانس اخبار ۾ ڪالم ۽ ڪيانس نوڪري تيل“
”پرنسپل في ته معاف ڪئي پر......“
”پر ڇا.......!؟”
”پر، ڇا جا پٽ! خبر اٿئي ته شهر جا ماڻهو ڇا پيا چون....؟“
”ها ٻڌاءِ ڇا پيا چون؟ اهو  ئي چوندا ته توهان غريب شاگردن جي في معاف ڪرائي تمام سٺو ڪم ٿا ڪيو ائين نه“
”ڌوڙ سٺو ڪم ڪيو آهي، ماڻهو ته اسان جي سٺن ۽ ڀلائيءَ واري ڪمن کي به غلط رنگ پيا ڏين ان ۾ ماڻهن جو ڪوبه دوش ڪونهي دوش اسان جو ئي آهي.“
”اُهو وري ڪيئن.......!؟
”ماڻهون چون ٿا ته ڇُوڪرن جي في معاف ڪرائي ۽ پوءِ........“
”۽ پوءِ ڇا........!؟“
”۽ پوءِ ڇا، وڌيڪ پاڻ سياڻو آهين، مون کي چوڻ يا کولي ٻڌائڻ جي ضرورت ڪونهي“
”او! چئبو ته ماڻهن جي سُوچ وڃي اُتي بيٺي آهي“
”ظاهر آ جهڙا تنهنجا پرڪار هوندا ته ماڻهو به اهڙي سوچ کي جنم ڏيندا، ماڻهن جي سوچ صحيح آهي. غلط تون آهين، تنهنجا ڪم غلط آهن ۽ تنهنجي سوچ غلط آهي“
”يار امر! تون تمام گرم ٿي ويو آهين، ٿڌو آيو اٿئيءِ پيءُ ته ڪجهه ٿڌو ٿئين“
”منهنجي ٿڌي ٿيئڻ سان ڪوبه فرق نه پوندو“
”باقي ڇا ۾ فرق پوندو.....؟“
”تون پنهنجي چال سُڌار ۽ پنهنجو قبلو درست ڪر، جيڪڏهن تو اڃان به پنهنجي چال نه سڌاري ۽ پنهنجو قبلو درست نه ڪيو ته پوءِ مون کي پاڻ کان الڳ سمجهه پٽ“
”نه امر نه، تون ايئن نٿو ڪري سگهين، پاڻ ننڍپڻ جا سنگتي آهيون، يار آهيون، ماڻهو پنهنجي دوستيءَ جا مثال ڏيندا آهن ۽ اسان ٻئي ماڻهن جي اڳيان مثال بڻيل آهيون، ايئن هڪ پل ۾ مون کي ڇڏي ويندين.......“
اڙي گڏهه! ننڍپڻ جا يار آهيون، ان ڪري ئي ته توکي بار بار سمجهائي ۽ تاڪيد ڪري رهيو آهيان، پر تون آهين جو منهنجي هڪ به نٿو ٻڌين. اءٌ مختلف ماڻهن ۾ تنهنجي لاءِ عزت، احترام، پيار محبت ۽ مانُ ڏسي دل ئي دل ۾ توتي سڙندو آهيان ۽ پچندو اهيان ۽ دل ئي دل ۾ چوندو آهيان ته ڪاش! معاشري ۽ ماڻهن جي دل ۾ منهنجي به لاءِ ايترو ئي پيار، محبت ۽ مَانُ هجي ۽ ماڻهون منهنجي به تو جيان عزت ۽ احترام ڪن. آءٌ نالي جو ته امر آهيان پر ماڻهن ۽ ماڻهن جي دل ۾ امر ناهيان، ماڻهن جي ذهن ۽ دلين ۾ جيڪڏهن ڪوئي امر آهي ته اهو تون ئي آهين ها تون آهين، اڄ ڪلهه ته ماڻهو پئسا ڏئي عزت ۽  شهرت ٿا وٺن، پر توکي ته عزت ۽ شهرت مفت ۾ پئي ملي ۽ اها به تو کان سنڀالي نٿي ٿئي ۽ تون ان کي وڃائڻ ٿو گهرين سو به رولو ۽ اوارا ڇُورن جي ڪري. ماڻهو پنهنجي عزت جي خاطر الائي ڇا ڇا ڪندا آهن، ٻڌو نٿي ته ماڻهو پهاڪو ڏيندا آهن ته واڻيا ويچارا عزت خاطر پنهنجي مال ملڪيت به ڇڏي هليا ويا ۽ تون پنهنجي عزت خاطر پنهنجي چال به نٿو سڌارين، مون ته اڄ ڏينهن تائين تنهنجي هن بيٺڪ تي ڪوبه سُوبر قسم جو ماڻهو ڪونه ڏٺو آهي سواءِ سهڻن ڇوڪرن جي، لڳي ٿو تون حضرت لوط جي قوم مان آهين“
”امر تو کان وڌيڪ مون لاءِ ٻيو سُوبر قسم جو ماڻهو ڪير ٿي سگهي ٿو.....!؟
تون ئي ته مون لاءِ سڀ ڪجهه آهين، تون منهنجو دوست نه پر زندگيءَ جو هڪ اٽوٽ حصو آهين“
”رفيق! اهو تون صرف چوڻ جي حد تائين چئي رهيو آهين، تنهنجي زندگيءَ جا اٽوٽ حصا مان نه پر اُهي لسا ڇوڪرا آهن.......؟ جيڪڏهن مان ئي تنهنجو سڀ ڪجهه آهيان ته پوءِ توکي منهنجي ڪري ئي پنهنجو قبلو درست ڪرڻو پوندو ۽ اڄ کان پوءِ مان تنهنجي هن بيٺڪ تي ڪوبه ڇوڪرو نه ڏسان ۽ جي مون کي خبر پئي ته پوءِ تون مون کي پاڻ کان الڳ سمجهي ڇڏ! ڇو ته سنڌيءَ ۾ هڪ چوڻي آهي ته اهڙو سون ئي گهوريو جيڪو ڪَنَ ڇني“
”نه امر نه گهٽ ۾ گهٽ تون ته مون لاءِ ايئن نه چئه ۽ نه ئي وري ايئن سوچ“
آءٌ، نه چوانءِ ته باقي ٻيو توکي ڪير چوندو.....!؟“
ايئن چئي امر هن کان مُوڪلائي هليو وڃي ٿو.
امر جي ليڪچر ۽ امر جي ڳالهين جو هن تي ڪوبه اثر نه پيو، هُو ڏينهن به ڏينهن پنهنجي چال سڌارڻ بجاءِ بگاڙڻ لڳي ٿو، شهر، توڙي ڳوٺ جا اُهي ماڻهو جيڪي هن کي پري کان ايندو ڏسي بيهي رهندا هيا ۽ ان کي ڪنهن پير، وڏيري، مير ۽ مرشد جيان نوڙي هٿ ڏيندا هيا، اُهي کائنس نفرت ڪرڻ لڳا ۽ هن کي ڏسي منهن ڦيري چوڻ لڳن ٿا ته منهن ۾ مُلان ۽ اندر ۾ ابليس. سندس ئي شهر ۾ هڪ وڏو تاريخي ادبي پروگرم ٿئي ٿو. جن پروگرامن جون هن کان اڳ کانئُس وقت ۽ ٽائيم وٺي صدارتون ڪرايون وينديون هيون، هاڻي ته اهڙن پروگرامن جو کيس خالي دعوت جو ڪارڊ به نٿو ڏنو وڃي. هيءُ پنهنجي بيٺڪ تي اداس، مايوس ۽ بور لڳو ويٺو آهي سندس مَنَ ۾ بيقراريءَ جو طوفان ۽ پريشانيءَ جو سمنڊ اُٿلڻ لڳي ٿو ۽ اُهو سمنڊ هن جون ننڊون ۽ سڪون ڦٽائي ڇڏي ٿو. ان سڪون جي حاصلات لاءِ پروگرام جي دعوت نه هوندين به اوڏانهن هليو وڃي ٿو. پنڊال ۾ داخل ٿيڻ شرط نه هن جو اڳ جيان استقبال ٿئي ٿو ۽ نه ئي وري آجيان لاءِ ڪي تاڙيون حرڪت ۾ اچن ٿيون. هُو هيڏي هوڏي لوڻا هڻڻ کان پوءِ ڪنڊ ۾ خالي پيل ڪرسيءَ تي پاڻ کي اُڇلي. هٿ تي هٿ رکي ويهي رهي ٿو. جنهن سڪون جي حاصلات لاءِ هُو پروگرام ۾ آيو اُهو سڪون ته کيس ڪونه آيو، ويتر بيقراري، مايوسي ۽ پريشانيءَ جا ڪڪر ڳڙي سان گڏهُن تي وسڻ لڳن ٿا. هُو اڌ پروگرام مان اُٿي اچي پنهنجي بيٺڪ واري بيڊ تي ليٽي پوي ٿو.
هُو امر جي اچڻ جو سخت بيچينيءَ سان انتظار ڪري ٿو، ايتري ۾ در جي گهنٽي وڄي ٿي، در جي گهنٽي وڄڻ سان هن کي پڪ ٿي وڃي ته ٻاهر در تي امر ئي هوندو. هُو خوشيءَ وچان بيڊ تان ٽپو ڏئي اُٿي پوي ٿو ۽ بغير چپل پائڻ جي پير اگهاڙا ڪري تڪڙيون وکون کڻندو اچي دروازو کولي ٿو ته، امر بجاءِ هن جي نظر هڪ ڇوڪري تي پوي ٿي، جيڪو خاص هن لاءِ ڪهي آيو آهي. هُو ڪاوڙ مان زور سان در بند ڪري بيڊ تي ليٽي پوي ٿو.

No comments:

Post a Comment