Sunday, January 22, 2012

ويا ويراڳي ڇڏي هي ديار - شگفته جبين


ويا ويراڳي ڇڏي هي ديار
شگفته جبين
شايد جيءُ ۾ ڪنهن جو جوڳ ورتل هيس يا ٿي سگهي ٿو ته ڪو روڳ روح کي بار بار ريڙهيندو هجيس، عجيب بي ڪلي بي قراري اندر ۾ سمايل هيس ........ ڪڏهن ڪيف و مستي ۾ ڀنل ته ڪڏهن اجنبي اوپرو انداز ته ڪڏهن وري حيرتن ۾ ورتل عجيب عبرت ۾ وجهندڙ ڇوڪري هئي ...... مان گذريل پنجن مهينن کان هُن کي سُڃاڻان ٿو صرف ڳالهائڻ جي حد تائين ...... پر اڄ ڏينهن تائين هُن کي سمجهي ناهيان سگهيو. اسان ٻنهي جي درميان ڪجهه به هڪجهڙو ناهي سوچ ..... سمجهه ...... احساس ۾ ورتل جذبا..... پيار .... ڌڪار يا وري اسان ٻنهي جي وچ ۾ حائل عمر جو وڏو فاصلو ڪجهه به ته هڪ جهڙو ناهي ....... اويل سويل آڌي مانجهي وقت جي ورهايل ساعتن سان هُن کي ڪوبه سروڪار نه هو ۽ مان وقت جي هر لمحي ۾ ورهايل ماروي ميڊيڪل سينٽر جو معروف ۽ مصروف ڊاڪٽر هيس.....
اسان هڪ ٻي کي ڪڏهن به ناهي ڏٺو بس آواز جي فريڪوئنسي اسان جي اندر جا پنڌ ماپيندي رهندي آهي.


اهيو سچ آهي ته منهنجي ۽ هُن جي درميان صرف آواز جو هڪ بي نام رشتو جُڙيل آهي .... جيڪو اڄ به قائم آهي.....
هُن جو پهريون فون ماروي ميڊيڪل سينٽر جي ريسپشن تي آيو هو مان اُن وقت نائيٽ ڊيوٽي ڪري رهيو هيس....
۽ ريسپشن تي موجود نئين ڇوڪري ايمرجنسي ڪيس سمجهي منهنجو پرسنل نمبر ڏئي ڇڏيو ۽ پوءِ فون ڪرڻ هُن جو معمول بڻجي ويو..... اُن ڏينهن مان سيمي وارڊ جي آخري مريض جو چيڪ اپ ڪري جيئن ئي پنهنجي ڪمري ۾ داخل ٿيس ته سيل فون جي بيل مسلسل وڄي رهي هئي، رات جو تقريبن 12 پئي ٿيا.... مان بيزاري مان سيل فون ڪن تي رکي هيلو چيو ......
”هيلو سر .... “هُن جو خوبصورت خوابناڪ آواز اُڀريو.
”تون ڇا ٿي سمجهين ته جنهن وقت چاهين، جنهن کي به چاهين ڊسٽرب ڪري سگهين ٿي. تنهنجي ويجهو ٻين جي ڪابه پرسنل لائيف ناهي، ائين نه .....“
”بلڪل ..... “هُن شرارت ڀريي لهجي ۾ چيو .....
”زندگي کي جيترو تون آسان سمجهين ٿي ايتري آهي ڪونه ......“ مون هلڪي انداز ۾ هُن کي چيو .....
”سر .... توهان کي ڪنهن چيو آهي ته زندگي ايتري آسان آهي، منهنجي لاءِ ته زندگي اڄ ڏينهن تائين الجبرا جو اُلجهيل ۽ هميشه مُنجهائيندڙ سوال رهي آهي ....“ لهجي ۾ هڪدم نرمي لهي آئي هيس.
ان کان اڳ جو مان ڪجهه چوان ها فون جي لائين ڊسڪنيڪٽ ٿي وئي .... يا شايد هُن ڄاڻي واڻي فون آف ڪري ڇڏيو.....
ٻي ڏينهن رات جو هڪ لڳي ويهه منٽن تي هُن جي فون جي بيل ننڊ مان ڇرڪائي ڇڏيو ”هاڻي رات جي هن پهر ڪهڙو مسئلو مُنڌو اٿئي“ مون ننڊاکڙي ۽ ڳهريل لهجي ۾ چيو .....
”سوري سر ... توهان جي ننڊ ڦٽائي اٿم پر ڳالهه ئي ڪجهه اهڙي آهي ....“
”ڪهڙي ڳالهه“ مان هُن جي سنجيده لهجي تي ڇرڪي  چيو ....
”سر .... جيڪڏهن بهار جي پهرئين سوجهري ۾ وفا جي واٽ تي هلندي بلڪل اچانڪ ڪا خطا، ڪا ڀُل چُڪ اسان کي ڪنهن جي نظرن ۾ مجرم بڻائي هڪدم حقير ڪري ڇڏي ۽ بي وسي جي انتها تي پهتل انهن ساعتن جي سچائي کي ثابت ڪرڻ لاءِ ڪوبه ثبوت باقي نه رهي ته اهڙي حالت ۾ اسان کي ڇا ڪرڻ گهرجي.....“
مون حيران ٿي چيو ”تون اها ڳالهه پُڇڻ لاءِ رات جي هن پهر فون ڪيو آهي .... لڳي ٿو ته توکي ڪنهن سان محبت ٿي وئي آهي ۽ اهو خوشنصيب يقينن مان ته نٿو ٿي سگهان.“ مون هلڪي مذاق واري انداز ۾ چيو مانس....
”سر ... هڪ ڳالهه چوان اسان جو نفس ته هميشه محبت جو طلبگار رهي ٿو. پر هي محبت ڪنهن آسيب جيان اسان جي وجود ۾ ڇپ هڻي ويهي رهندي آهي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي اندر جي وسندڙ وستي کي ويران ڪري ڇڏيندي آهي. پوءِ به محبت جهڙي آسيب کان جند آجي ناهي ٿي سگهندي. چاهي من محبتن سان آباد هجي يا اندر جي اداس ڳلين ۾ ويراني واسيل هجي هي اسان جي ڪڍ لڳل هوندي آهي، زندگي جي طويل سفر ۾ .... هر لمحي هر پل هن سلسلي جو تسلسل ته اسان جي ساهه جي تند سان جُڙيل هوندو ..... آخري ساهه جي تند سان جُڙيل، مان ٺيڪ ٿي چوان نه ....“ لهجي ۾ معصوميت لهي آيس.....
”ها.... بابا تون بلڪل صحيح ٿي چوين.... پر هڪ ڳالهه مان به توکي چوان جيڪڏهن ڪاوڙ نه ڪرين ته“ مان موقعي جي مناسبت سان چيو ..... هُن جي خاموشي شايد اقرار جو اشارو هئي.
”تنهنجو پل پل بدلجندڙ انداز، تنهنجو رويو، تنهنجون ڳالهيون مون کي مُنجهائي ڇڏين ٿيون ..... زندگي ته يقين جو نالو آهي، اُن تي اعتبار ڪرڻ ۾ ئي اسان جي عافيت آهي ....  تون هر شيءِ جو هميشه منفي پهلو ڇو ٿي ڏسين هتي ڪير وحشتن جي قهر کان بچيل آهي.“ منهنجو لهجو نه چاهيندي به ٿورو تيز ٿي ويو. هُو بلڪل خاموش ٿي وئي هئي.... ۽ پوءِ کوڙ سارا ڏينهن ائين ئي گذري ويا..... هُن جو ڪوبه فون نه آيو .......
پن ڇڻ جا آخري ڏينهن هئا .... مٽي ۽ ڌوڙ جي غبار هر شيءِ کي ميرانجهڙو ڪري ڇڏيو هو ..... اداسي آواره هوائن ۾ گُهلجي چوڏسا ۾ عجيب ويراني واسي ڇڏي هئي.....
مان انٽينسو ڪيئر يونٽ جي هڪ مريض جي لاءِ ضروري هدايتون ڏئي سفيد ۽ گري ڪلر جي ماربل سان جُڙيل ڪاريڊور ۾ هلڪا قدم کڻندو پنهنجي ڪمري ڏانهن وڃي رهيو هيس ته پينٽ جي ساڄي پاسي واري پاڪيٽ ۾ وائبريشن ٿي ..... مان هميشه (I.C.U) ۾ وڃڻ کان اڳ موبائل سائيلينٽ تي رکندو هيس يا ”وائبريشن تي ته جيئن مريض ڊسٽرب نه ٿين.....
موبائيل اسڪرين تي هُن اجنبي ڇوڪريءَ جو نمبر جرڪي رهيو هو، جنهن کي مون اڃان ڪانٽيڪٽ نمبرن ۾ سيوَ به نه ڪيو هو ......
”هيلو سر ..... ڪئين آهيو....“ هن انتهائي خوشدليءَ سان چيو.
”مان ته خير ٺيڪ آهيان تون ٻُڌاءِ هيترن ڏينهن کان پوءِ فون ڪئي اٿئي.....“ مان عام رواجي انداز ۾ چيو .....
”تنهن جو مطلب ته توهان منهنجي غير موجودگي کي محسوس ڪيو ٿا ...“ هن آهستي چيو.
”شايد ها ... “ مون به هلڪي آواز ۾ چيو ....
”سر .... هڪ ڳالهه چوان....“ هُن انتهائي بردباري ۽ سنجيده لهجي ۾ چيو .... ”ڪجهه سنجوڳ اهڙا به هوندا آهن جيڪي هميشه ويساهه ۽ اويساهه جي وچ جا فاصلا ماپيندا رهندا آهن، انهن رفاقتن جو نباهه تڏهن ٿيندو آهي جڏهن من هر نفعي ۽ نقصان کان پاڪ هجي اندر اُجرو ۽ صاف هجي نه ته سڄي تپسيا سڄي رياضت اجائي ۽ بيڪار ويندي آهي صحيح آهي نه سر.....!“
مان ڪنهن گهري خيال ۾ ٻُڏل هيس .... ڇرڪي چيم ”صحيح ٿي چوين ..... پر پنهنجي عمر کان ايڏيون وڏيون ڳالهيون .... زندگي جو ايڏو طويل مشاهدو ..... ايتري گهري سوچ هوندي به توکي اهو سمجهه ۾ نٿو اچي ته زندگي کان هر وقت اسان پنهنجي ڳالهه نٿا مڃائي سگهون .... پنهنجي سوچ کي زوري اُن تي مڙهي نٿا سگهون، زندگي سان ڪڏهن ڪڏهن ڪمٽمينٽ به ڪرڻي پوندي آهي ...“
”مطلب ته سمجهوتو .....“ هُن هڪدم چڙي چيو .....
”سمجهوتن سان زندگي ضرور پرسڪون ٿي ويندي آهي، پر رفاقتون ته ڪٿي رڻ ۾ رُلي وينديون آهن.... سر مان سمجهان ٿي ته سمجهوتو منافقت جو ٻيو نالو آهي ۽ مون کي منافقت سان سخت نفرت آهي ... ۽ ايتري مختصر زندگي ۾ سمجهوتن جي ڀلا ڪٿي گُنجائش رهي ٿي“
ايتري ۾ انٽر ڪام تي بيل وڳي ۽ مون هُن جي ڪال ڊسڪنيڪٽ ڪري موبائيل جو سوئچ آف ڪري ڇڏيو.
هُن سان ڳالهه هميشه اڌ ۾ رهجي ويندي آهي. ٻي ڏينهن مان ڏيڍ مهيني جي ٽريننگ لاءِ ڪراچي هليو آيس ۽ پنهنجي مختصر فيملي يعني پنهنجي ٻن پٽن ۽ بيگم کي به گڏ وٺي آيس زندگي هڪدم مصروف ٿي وئي هئي صبح جو ٽريننگ سينٽر ۽ شامل جو فيملي سان ڪنهن نه ڪنهن تفريحي مقام تي گهمڻ..... پورو مهينو گذري ويو هُن جو ڪوبه فون نه آيو ۽ نه وري منهنجي ذهن ۾ هن جو ڪو خيال آيو.
اڄ چوماسي جي پهرئين برسات هر طرف جل ٿل جل ٿل ڪري ڇڏي هئي، موسلا ڌار تيز برسات سبب مان پنهنجي فيملي کي فون ڪري اطلاع ڏئي ڇڏيو هو ته تيز برسات سبب اڄ مان ٽريننگ سينٽر ۾ ئي رهندس جيئن ئي برسات جو زور ٽٽندو مان پوري ڪوشش ڪندس اچڻ جي.
شام جي ڌنڌلڪن کي تيز برسات وڌيڪ گهرو ڪري ڇڏيو هو، مان بالڪوني جي گِرل کي ٽيڪ ڏئي لان ۾ ڀڄندڙ مختلف وڻن کي ڏسي رهيو هيس...... بائونڊري وال جي ڀت کي وڪوڙيل بوگن ويليا جا هلڪا پيلا گل جيڪي ڪجهه دير اڳ ساون پنن ۾ پنهنجي بهار ڏيکاري رهيا هئا، هاڻي ڇٻر تي چوڏس وکريل پيا هئا..... اسٽريٽ لائيٽ جي تيز پيلي روشني ۾ لان جو منظر دل و دماغ کي سرور ڏئي رهيو هو..... مان ٽڪ ٻڌي سرينهن ۽ سفيدي جي وڻن مان ڇڻندڙ برسات جي پاڻي کي ڏسي رهيو هيس، اُن وقت موبائيل جي رنگ وڳي اسڪرين تي اجنبي جي نالي سان سيو ٿيل هن جو نالو جرڪي رهيو هو ....
”ڪئين آهيو سر .....“
”بلڪل ٺيڪ ٺاڪ“ مان کلندي چيو ....
”لڳي ٿو ته اڄ معمول کان وڌيڪ خوش آهين“.
مان هُن جي ڳالهه کي نظرانداز ڪندي چيو. ”اڄ ڪراچي ۾ چوماسي جي پهرئين برسات وسي پئي ڄاڻين ٿي ته مينهن مُندائتا هجن يا اڻ مُندائتا پر مون کي مينهوڳي جي مُند ڏاڍي وڻندي آهي ..... هر شيءِ نکريل ڌوتل صاف چٽي نظر ايندي آهي....“
”سر مينهن مُندائتا هجن يا اڻ مُندائتا اُن سان مون کي ڪهڙو ٿو فرق پوي منهنجي وستي ۾ ته ورهيه ٿيا مينهن وسندي هتي ته هڪ نامعلوم ڇُڀندڙ سناٽي ۾ سموري وستي ورتل آهي .... مان ته صرف پنهنجي ڪمري جي دري مان آسمان جو بدليل رنگ ڏسندي آهيان يا ڪمري جي ڀت تي ٽنگيل ڪلينڊر ۽ وال ڪلاڪ جي تيزي سان هلندڙ ڪانٽن سان وقت ۽ تاريخ ۾ لکيل بي انت انديشن جو اندازو لڳائيندي رهندي آهيان.
سر هميشه وقت ۽ تاريخ جي تيز ڊوڙ ئي منهنجي چُپ کي ٽوڙيندي آهي .. جيئن اڄ پورن ٻن مهينن کان پوءِ مون توهان کي فون ڪيو آهي ...“
هُن جي لهجي ۾ الائجي ڇا هو جو مان نه چاهيندي به شرمنده ٿي پيس.....
”دراصل مان ايترو بزي هيس جو ......“
شايد هُن منهنجي شرمندگي کي محسوس ڪري ورتو هو.... تڏهن ته ڳالهه اڌ ۾ ڪاٽيندي چيائين.
”ڪا ڳالهه ناهي سر.... “
”پر اڄ مون وٽ تو لاءِ صرف ٽائيم ئي ٽائيم آهي مان بلڪل فارغ آهيان ....“ مان فراخ دلي سان هڪدم وراڻيو.
کن پل جي خاموشي کان پوءِ هُن جهيڻي آواز ۾ چيو .... ”ليڪن سر وقت ۽ تاريخ جي هن تيز ڊوڙ ۾ مان تمام گهڻو پوئتي رهجي وئي آهيان ۽ وقت تمام گهڻو اڳتي نڪري ويو آهي .... وقت ڪيڏو بي حس آهي هي صرف انهن جو ساٿ ڏيندو آهي، جيڪي اُن سان ڪنهن پاڇي جيان گڏ گڏ هلندا رهندا آهن .... مان ته بس ڀت تي ٽنگيل وال ڪلاڪ جي ڪانٽن يا ڪلينڊر جي تاريخ جي انگن ۾ پنهنجي وڃايل گمشده وجود کي ڳوليندي رهندي آهيان .....“
”ڇا ڳالهه آهي اڄ معمول کان وڌيڪ تنهنجو من ملول آهي“ مون سنجيده لهجي ۾ چيو.
”سر .... وقت جي هن ورهاست ۾ مان اهو حساب ڪتاب ڪرڻ ته گهڻو اڳ ڇڏي ڏنو آهي ته زندگي مون کي ڇا ڏنو يا مون زندگي کي ڇا ڏنو ..... پر توهان جي تمام گهڻي شڪرگذار آهيان جو ايتري مصروف هجڻ جي باوجود توهان منهنجين اجاين ۽ بي سروپا ڳالهين کي ٻُڌڻ لاءِ پنهنجو قيمتي وقت ڏنو .....“
”ڪهڙيون ڳالهيون ٿي ڪرين جيڪڏهن تنهنجي من تي ڪو بار آهي ڪو ڏُک آهي جيڪو تنهنجي روح کي گهايل ڪري پيو ته تون پنهنجي روح پنهنجي من جي بار کي هلڪو ڪر. پنهنجو ڏک مون کي ٻُڌائي مان تنهنجو همدرد آهيان...“
۽ پوءِ ڪجهه لمحا خاموشي جي نظر ٿي ويا .....
”سر ... هُو هڪ ايوارڊ يافته ڊرامن جو ڊائريڪٽر آهي، زندگي هُن کي سڀ ڪجهه ڏنو آهي اُن جي باوجود به هُو آڪاش جي اوچائي کي ڇُهڻ جو آرزومند آهي...
الائجي هُو ڇا ٿو چاهي، مان اڄ ڏينهن تائين سمجهي ناهيان سگهي ...... اسان جي مڱڻي کي پورا پنج سال ٿيا آهن. پر انهن پنجن سالن ۾ ڪنهن رنجش يا غلط فهمي اسان جي اندر ۾ جاءِ ناهي والاري..... مان سمجهان ٿي ته پيار جو پهريون پڙاءُ ويساهه آهي جنهن اسان جي وچ ۾ اويساهي جي هڪ پل کي به اچڻ ناهي ڏنو......
سچ پڇو ته ..... اُن ويساهه سان ئي اسان هڪ ٻي جي من ۾ پنهنجي حيثيت جو اندازو آساني سان لڳائي سگهون ٿا. اسان جي چاهتن چريائپ جو حدون پار ڪري نيٺ هڪ ٻي کي حاصل ڪري ورتو ۽ مڱڻي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي اسان هڪ ٻي کي هميشه لاءِ پنهنجو پابند بڻائي ڇڏيو آهي .... پر وقت جي هر لمحي جو هُن وٽ بي پناهه قدر آهي .... هُن جو هر لمحو قيمتي آهي .... نمبر ون جي ڊوڙ ۾ هُن جي بي انتها محبت سيليبريشن ڪارڊز جي چند جملن تائين محدود ٿي وئي آهي .... ٻه سال اڳ هڪ طويل سيريل جي شوٽنگ لاءِ هُو ٻاهر ويو هو. اُن سيريل جي شوٽنگ ته مڪمل ٿي وئي پر اُتي جي هڪ مشهور اڪيڊمي هُن جي صلاحيتن کان متاثر ٿي هڪ سال جو پروجيڪٽ هُن جي حوالي ڪري ڇڏيو..... سر .... هڪ نامعلوم عجيب خوف دامن گير ٿي پيو آهي.“
”ڪهڙو خوف“ مون وچ ۾ ڳالهايو ....
”مان پاڻ ان خوف کي سمجهي نه پئي سگهان .... جڏهن ته اسان ٻئي انهن خوشنصيبن مان آهيون جن جي وچ ۾ نه سماج آهي ۽ نه اُن جا رسم رواج آهن. نه وري بدگماني بي اعتباري جي نٽهڻ   اُس آهي ..... بس وقتي فاصلا ضرور اسان جي درميان آهن جيڪي اسان جي ويساهه کي ڪڏهن به ڪمزور نٿا بڻائي سگهن.... سر مان ڄاڻي واڻي هُن کي ڪابه اهڙي ڳالهه نه ٻُڌائيندي آهيان جنهن سان هُن جو ڌيان ورهائجي هُو پريشان ٿئي اها ته محبت جي خود غرضي چئبي نه..... بس هُن سان محبت ڪرڻ، هُن جا خواب پسڻ ۽ هُن جو طويل انتظار ڪرڻ منهنجو منهنجي ذات منهنجي وجود سان ڪميٽيٽ آهي.... سر .... ڇا ڪنهن شيءِ جي شديد طلب اُن جي شدت جو اندازو اُن جي تعلق ۽ رابطي سان لڳائي سگهجي ٿو....“
اچانڪ لائين ڊسڪنيڪٽ ٿي وئي مان فون آف ڪري ميس ۾ ڊنر ڪرڻ لاءِ هليو ويس. ٻي ڏينهن اسان جي روانگي هئي... اُن کان پوءِ هُن جو نه فون آيو نه وري ڪو مسيج آيو. زندگي مصروف کان مصروف ترين بڻجندي وئي... پورا ڇهه مهينا گذري ويا.
اڄ مان هڪ اهم سيمينار ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ ڪراچي آيو هيس. سيمينار اٽينڊ ڪري شام جو ڇهين وڳي پنهنجي دوست جي بي حد اسرار تي اُن جي فليٽ تي هليو آيس. جڏهن ته اسان سڀني مهمانن جي رهائش جو بندوبست فائيو اسٽار هوٽل ۾ هو.....
فليٽ جي دري مان سمنڊ جي بي قرار ڇولين کي ڏسندي الائجي ڇو هُن عجيب اجنبي ڇوڪري جو خيال ذهن کي بار بار جهنجهوڙي رهيو هو.... مان سيل فون کي آن ڪري لسٽ مان اجنبي نالي سان سيو ڪيل هُن جي نمبر کي ڊائل ڪيم ٻي رِنگ تي ڪنهن خاتون فون کڻي هيلو چيو ....
”جي ڪنهن سان ڳالهاڻو آهي توکان کي....“ مان عجيب ڪيفيت ۾ مبتلا هيس، مون کي ته هُن جي نالي جي به خبر نه هئي....
”دراصل هي نمبر منهنجي ڌيءَ ورشا جو هو، هُن جي ڊيٿ کي ڇهه مهينا گذري چڪا آهن“
”ڇا !“ مون کان رڙ نڪري وئي ... ”پر ڪيئن...“ مون کي يقين نه پي آيو.
”هُن کي بلڊ ڪينسر هو...“
”ڇا هُو پنهنجي بيماري بابت ڄاڻيندي هئي...“ مان بي چين ٿي پڇيو.
”هُن کي سڀ خبر هئي پر ٻه سال اڳ بلڊ پريشر وڌڻ ڪري هُن جي جسم جي ساڄي حصي تي فالج جو شديد اٽيڪ ٿي پيو جنهن سبب هُو بلڪل پيرا لائيز ٿي پئي هئي... منهنجي بهادر ڌيءَ جي بي وسي واري حالت مون کان ڏٺي نه ٿيندي هئي ....“ آواز سُڏڪن ۾ بدلجي ويو ۽ مون فون بند ڪري ڇڏيو......
ڇهه مهينا اڳ موڪليل هُن جو ميسيج مان الائجي ڪيترا دفعا پڙهي چڪو هيس جنهن ۾ هُن لکيو هو.....
سُنهري صُبح جي دستڪ تي
مان پنهنجي
خوبصورت خوابن کي
هميشه نئين اميدن جا
حوالا ڏنا آهن....
اهيو ڄاڻيندي ته
منهنجي پيرن هيٺان
ڌرتي جو رقص بيهي ويو آهي
۽ ...... آڪاش جي اُوچائي
منهنجي خوابن کان ايتري
مٿاهين آهي جو مان
آسمان جو بدليل ڪوبه رنگ
ڏسي نٿي سگهان پر نڄاڻ ڇو
هڪ اڻڄاتل خوف
منهنجي اندر ۾ پيهي ويو آهي
جنهن جو ڪوبه نالوَ نه آهي......
سمنڊ جي بي قرار ڇولين جو شور هڪدم وڌي ويو هو..... سُرمئي شام جي ڌنڌلڪن ۾ هوائن صرف هُن جي درد جي آهه و زاري پي ڪئي.... ڪيڏي نه عجيب هئي اها اجنبي ڇوڪري......

No comments:

Post a Comment