Sunday, January 15, 2012

قطار - زاهد منگي


قطار
زاهد منگي
جيئن ئي سج اڀريو ته بئنڪ جي مک دروازي وٽ آهستي آهستي عورتون گڏ ٿيڻ شروع ٿي ويون. ڏسندي ئي ڏسندي عورتن جو هڪ وڏو انگ بئنڪ جي اڳيان گڏ ٿي ويو، ڄڻ ڪو ميلو هجي. اوچتو بئنڪ مان هڪ ملازم نڪتو جنهن اچي وڏي آواز ۾ رڙ ڪئي:
”سڀ قطار ٺاهي بيهو، واري واري سان سڀني کي پئسا ملندا.“


ملازم جو آواز ٻڌي عورتن ۾ هلچل مچي وئي، هڪٻئي کي لتاڙي اڳ ۾ بيهڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳيون. سندن ڪڇ تي کنيل ٻارڙن ۾ رانڀاٽ پئجي ويا. بئنڪ جي اڳيان ڄڻ جنگ لڳي وئي.
ڪلثوم به جيئن تيئن ڪري قطار ۾ جاءِ ٺاهي بيٺي اڄ کيس چوٿون ڏينهن هو جو مسلسل پئي آئي، رڳو چوٿون ڏينهن نه هو چوٿون سؤ هو جيڪو ڪرايو ڪري آئي هئي قطار ۾ بيٺي پنهنجي ڇال جون ڪهيون کولي ڇال کي ڪلهن تي رکي پنهنجي واري جو انتظار ڪندي رب کي ٻاڏائڻ لڳي ته مولا اڄ ڪا سؤلي سڻائي ڪجان.
آهستي آهستي سُرندي اچي مئنيجر جي دريءَ وٽ پهتي. هٿ ۾ جهليل موبائيل ۽ پنا مئنيجر کي ڏنائين جنهن ڪمپيوٽر ۾ چيڪ ڪري کيس موٽائيندي چيو: ”نه مائي اڃا تنهنجا پئسا نه آيا آهن.“ مئنيجر جو جواب ٻڌي سندس مٿو چڪرائجي ويو. هنيانءُ ٻه اڌ ٿي پيس پر پاڻ سنڀالي مئنيجر کان پڇيائين، ”ادا ڀلا ڪڏهن ملندا؟“
”مائي سڀاڻي اچي ڏسجان، متان اچي وڃن.“
ڪجهه گهڙين لاءِ پنڊ پهڻ بڻيل رهي پر پويان عورتن جي ڌڪن کيس قطار کان ٻاهر نڪرڻ تي مجبور ڪيو.
سڄي ڏينهن جي بک ساڻو ڪري وڌو هوس، بک جي شدت سبب ڪجهه کائڻ لاءِ دل ڪڍيس، رئي جو پلاند کولي ڏٺائين ته ڳوٺ موٽڻ جيترا پئسا مس بچيا هئس. دل کي پلي ڪجهه کائڻ بنا ئي ڳوٺ جي بس ۾ چڙهي واپس رواني ٿي.
اڃا در جي چانئٺ ئي مس ٽپي ته مڙس پڇيس، ”ڏي خبر مليا پئسا؟“
”نه اڄ به نه مليا، سڀاڻي لاءِ چيو اٿن. چون ٿا بئنڪ ۾ اڃا پئسا ناهن آيا.“
سندس جواب ٻڌي مڙسهنس ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو ۽ کيس چنبو وهائي ڪڍيائين.
”نڀاڳي رن سڄي جهان جي مائين کي پئسا ملن ٿا، باقي تنهنجي لاءِ پئسا ڪونهن. الهڏني کان انهن پئسن جي آسري تي قرض کڻي ڀاڻ ورتو اٿم سو هاڻي منهنجو پٽڪو ٿو لاهي ۽ تون آن جو روز شهر ۾ چڪر ڏئي موٽي ٿي اچين.“
ڌڪ سندس اکين جي بندن کي ٽوڙي وڌو، ڳوڙها سانوڻ جي مينهن وانگي وسڻ لڳس.
”ڀلا مان ڇا ڪيان، مان به ته وس ٿي ڪيان، مان زائفان ڇا ڪنديس پراون مڙدن کي.“
”چڱو چڱو هاڻي وڌيڪ مٿو نه هڻ ته هڻي ڏنڊو ڪيانس نه ٻه اڌ.“
صبح ٿيو، سوير ئي اٿي سنبري مڙس سؤ روپيا هٿ ۾ ڏيندي چيس: ”جي اڄ پئسا نه آندئي ته سمجهان ته تنهنجو آخري ڏينهن آهي.“
پئسا وٺي رئي جي پلاند ۾ ٻڌي هوءَ اڄ وري بئنڪ پهتي. جيئن تيئن ڪري قطار ۾ جڳهه وٺي بيٺي. هن ٻاهر نهاريو ته سامهون ڪيترائي مرد ائين لامارا ڏئي رهيا هئا جيئن ڳجهون ڍونڍ تي لامارا ڏينديون آهن. ائين نظرن کي ڦيرائيندي هن جي نظر سامهون بيٺل هڪ همراهه تي پئي. کيس مٿي تي ٽوپي پاتل، ڪلهن تي رومال پيل هئس، هو هن کي گهوري چپن تي مرڪ آڻي شهپرن کي وٽي رهيو هو. اڳيان هڪ مائي قطار مان نڪتي ته ڪلثوم به ٿورو سري اڳتي وڌي ته همراهه به اچي وري سامهون بيٺس. هن مهل همراه پنهنجي پاسي واري کيسي ۾ پيل پئسا ڪڍي آڏو واري کيسي ۾ رکيا ۽ کيس اشارو ڪيو. ڪلثوم سندس اشاري کي نظرانداز ڪري اڳتي وڌي وڃي مئنيجر جي دريءَ وٽ پهتي ۽ کيس موبائيل ڏني. مئنيجر موبائيل وٺي ڪمپيوٽر ۾ چيڪ ڪئي.
”نه مائي تنهنجا پئسا نه آيا آهن.“
”پر صاحب تو ته ڪالهه چيو هو ته سڀاڻي اچجان.“ ڪلثوم جي وات مان ٿاٻڙيل لفظ نڪتا.
”مائي پوءِ پئسا ناهن ته مان ڇا ڪيان، پنهنجي گهران ته پئسا نه ڏيندس نه. مٿو ئي کائي ويون آهيو، هاڻي جان ڇڏ ۽ هل هتان.“ ائين پويان بيٺل عورتن جي ڌڪن کيس قطار مان ٻاهر نڪرڻ تي مجبور ڪري وڌو. هن جي اکين مان ڳوڙها وهي پيا، اندر ٻه اڌ ٿي پيس. هن جي حالت تازي سير ڏنل جانور جهڙي ٿي وئي.
پئسا نه ملڻ وارو جواب سندس ذهن ۾ واچوڙي وانگي ڦرڻ لڳو. گهر ڪيئن وڃان، مڙس کي ڪهڙو جواب ڏيان، اڄ جي هن کي پئسا نه ڏنم ته ماري ڇڏيندو. ڀلا هن جو به ڪهڙو ڏوهه آهي جي هن الهڏني کي ڀاڻ جا پئسا نه ڏنا ته الهڏنو کيس وڙهندو، سوين پريشان ڪندڙ سوال هئس جن جو وٽس ڪو جواب نه هو.
هن ڪنڌ کڻي مٿي نهاريو ساڳيو همراهه بيٺو کيس اکين جا اشارا ڪري رهيو هو، هوءَ ڄڻ صليب تي ٽنگجي پئي، گهر ۾ مڙس جي خوف سندس ساهه سڪائي وڌو هو.
هن بيٺل همراهه جي اشارن کي پرکي پنهنجي ڪنڌ کي هائوڪار ۾ لوڏيو. همراهه اڳتي وڌي هلڻ لڳو. هوءِ به سندس پويان هلي پئي. ٿورو هلي همراهه ساڄي طرف گهٽي ۾ لڙيو ته هوءَ به لڙي پئي....!!
گهر پهچي رئي جي پلاند مان پئسا ڇوڙي مڙس جي تريءَ تي رکيائين. پئسا ڏسي مڙسهنس جو چهرو خوشيءَ مان ٻهڪي پيو ۽ هن جي اکين مان لڙڪ وهي پيا!!

No comments:

Post a Comment