Sunday, January 15, 2012

اسسٽنٽ پروفيسر - رضوان گل


اسسٽنٽ پروفيسر
رضوان گل
نورين پريشان ٿي وئي هئي جڏهن سندس نظر پنهنجي مٿي ۾ تيزيءَ سان وڌندڙ اڇن وارن تي پئي ھئي. سوچن جي وڻ ويڙهي کيس وڪوڙي ڇڏيو، سندس اکين جي آڏو انڌيرو ڇانئجي ويو، صوفا سيٽ جي ڪنڊ تي ويهندي ئي هڪ هنڌ ڄمي وئي.. سامهون رکيل ڊريسنگ ٽيبل واري قدِ آدم آئيني ۾ هڪ دفعو ٻيهر پاڻ کي غور سان ڏٺائين ۽ پنهنجي اکين تي ٻئي هٿ ڏئي ڪنڌ جھڪائي روئڻهارڪي ٿي وئي..




نورين ڪاليج ۾ اسسٽنٽ پروفيسر آهي، سندس پيءُ ماءُ ڏهه سال اڳ روڊ حادثي ۾ گذاري ويا هئا، جنهن ڪري نورين پنهنجي وڏي ڀاءُ ۽ ڀاڄائي سان رهندي هئي.. نورين لاءِ مختلف رشتا ايندا رهيا پر سندس ڀاءُ انهن کي رد ڪندو رهيو ڇالاءِ ته اهي رشتا نورين لاءِ مناسب نه هئا.. سندس عمر هر گذرندڙ ڏينهن، مهيني ۽ سال سان وڌندي ٿي رهي...
ٻه سال اڳ ئي سندس پروموشن ليڪچرار مان اسسٽنٽ پروفيسر طور ٿيو کيس سندس ڀاءُ جڏهن ٽريزري آفيس مان پگھار جي سلپ آڻي ڏني هئي ته مبارڪ ڏيندي چيو هئائينس:
”ادي! تون ته مون کان چوڻ تي پگھار ٿي کڻين! بس اسان ڪلارڪيءَ ۾ ڦاسي ويا سين تو وانگر ليڪچرار ٿي وڃان ها ته اڄ گھر جو سمورو خرچ مان پاڻ هلايان ها! بس ادي توکان خرچ وٺندي شرم ته ڏاڍو ٿو اچي پر...“
”نه نه ادا ! مان ڀلا ڇا ڪنديس هيڏي ساري پگھار اها ڳالهه چئي مونکي اوپرو ڇو ٿا بڻايو..! مان به ته ڀلا هتي ئي ٿي رهان. ڇا هي منهنجو گھر ناهي!“ نورين چيو.
”ها! ادي پر...“ پنهنجي ڀاءُ جي جملي کي اڌ ۾ ڪٽيندي نورين چيو:
”نه ادا بس ’پر‘ کانپوءِ ڪجهه به نه چئجو .. مونسان اهڙي اوپرائپ واري ڳالهه ٻيهر نه ڪجو. منهنجو توهان کانسواءِ ٻيو آهي ڪير؟ مان ڪاڏي ڪنديس هي پئسا!!“
سندس ڀاءُ جي اکين جون پنبڻيون پُسي پيون، ٻانهن جي ڪف سان اکين ۾ آيل پاڻيءَ کي اگھندي نورين جي مٿي تي هٿ رکيائين.
نورين جي پنجهٺ هزار پگھار مان پنجاهه هزار گھر ۾ استعمال ٿيندا هئا، سندس ڀاءُ جي ٻارن جي اسڪول فيس کان ويندي اَن اَٽي تائين ٻيون به گھر جون شيون سندس ئي پگھار مان اينديون هيون.
نورين صوفا سيٽ تي ويٺي هئي، هاڻي سندس اکين مان ڳوڙها ٽمي رهيا هئا، کيس ماءُ ۽ پيءُ شدت سان ياد اچي رهيا هئا.. سامهون واري آئيني ڏانهن ڏسندي ڪيتري ئي دير تائين پنهنجي وارن ۽ چهري ۾ گھُوريندي رهي.. دل ئي دل ۾ سوچڻ لڳي.. مان ڪيستائين ڀاءُ جي گھر ۾ ترسيل هوندس، ڀاڄائي جي طنزن جا تير آخر ڪيستائين برداشت ڪنديس.. مان پڙهيل لکيل عورت آهيان.. ڀلا پنهنجي رشتي لاءِ پاڻ به ته ڪوشش ڪري سگھان ٿي.. ان ۾ ڪهڙي غلط ڳالهه آهي.. نورين پنهنجو پاڻ کي همت ڏيندي.. دل ئي دل ۾ اهو طئي ڪري ورتو ته هاڻي مان پاڻ پنهنجي لاءِ ڪو رشتو ڏسنديس.. ٻين پروفيسرس کي چونديس جيڪي اڳ کيس اهڙي آفر ڪنديون رهيون آهن ته اهي سندس رشتو ڪرائن.. پر هيءَ کين منع ڪندي رهي هئي ته سندس رشتو صرف پنهنجو ڀاءُ ئي پنهنجي منشا مطابق ڪرائيندو..
زندگيءَ جي صبح ۽ شام ۾ به ايترو ئي فرق هوندو آهي، جيترو حقيقي صبح ۽ شام ۾ هجي ٿو، صبح صاف سٿرو چٽو ۽ وڻندڙ هوندو آهي ۽ شام جيڪا ڌنڌلي، ميرانجھڙي ۽ اونداهه طرف تيزيءَ سان سفر ڪندڙ هوندي آهي.. اها سڌ نورين کي تڏهن پئي جڏهن هن لاءِ هاڻي ياته انهن جا رشتا ٿي آيا جيڪي اڳ ئي شادي شده هئا يا جن جون زالون گذاري ويون هيون ۽ کين پنهنجي ٻارن لاءِ ڪنهن ماٽيلي ماءُ جي گھرج هئي جيڪا انهن جي پالنا ڪري.. اڪثر رشتا اهڙا به هئا جن کانئس نوڪري ڇڏرائڻ جو شرط رکيو.. پر اها نوڪري ئي هئي جيڪا نورين جو واحد سهارو بڻيل هئي سا ته ڪهڙي به ريت هن قربان ڪرڻ نه ٿي گھُري.
نورين لاءِ سندس وڏي ڀاءُ وٽ ڊاڪٽر جو رشتو آيو سندس عمر لڳ ڀڳ چاليهه سال هئي نورين کان سال وڏو هو.. ڀاڻس کي خيال آيو ته رشتو تمام مناسب آهي نورين سان صلاح ڪرڻ گھرجي.. اهو خيال هن کي پهريون دفعو آيو هو.. نورين جي ڪمري جي دروازي وٽان کيس زال هٿ کان ڇڪي ٻئي ڪمري ۾ وٺي آئي. آهستگي ۽ رازداري واري انداز ۾ مڙس کي چيائين:
”ڇا ٿي ويو اٿئي؟ مان ٻڌو ته تون رشتي لاءِ راضي ٿي ويو آن! جي اهو رشتو ٿي ويو ته پاڻ بک مرندا سين ڇا!!؟ پنهنجا حال وسري ويئي ڇا؟ تنهنجي پگھار مان ته ٻارن جو خرچ به پورو ڪونه ٿيندو! لڳي ٿو تنهنجو حافظو ڪمزور ٿي ويو آهي جو هاڻي وري سندس رشتو ڪرائڻ هليو آن!! سڄو گھر هن مائيءَ جي پگھار تي ئي پيو هلي.. پرڻائيندينس ته ڪم ڪيئن هلندو؟؟!“ نورين جي ڀاڄائي مڙس کي هڪ ساهيءَ ۾ اهو سڀ ڪجهه چئي مڙس کي بُت بڻائي ڇڏيو. کيس زال جا سوال مٿي ۾ ڳرو هٿوڙو بڻجي لڳندا رهيا.. کٽ تي ويهي رهيو..
ڪجهه گھڙيون سوچڻ بعد هو نورين جي ڪمري جي دروازي وٽان گذري سڌو اوطاق ۾ ويهاريل مهمانن ڏانهن هليو ويو ۽ کين رشتي ڪرڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو..
ان وقت نورين پنهنجي ڪمري ۾ پنهنجي شاديءَ لاءِ جوڙيل سامان کي ڏسي من ئي من ۾ خوش ٿيڻ جا خواب ڏسي رهي هئي ۽ ٻاهر سندس ڀاءُ سندس پگھار واري سلپ کي ڏسي خوش ٿي رهيو هو.

No comments:

Post a Comment