Sunday, June 2, 2024

ڪيداريءَ ماءُ - ڪالڪي ڪرشنا مورتي - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

ڪيداريءَ ماءُ

(تامل ڪھاڻي)

ڪھاڻيڪار: ڪالڪي ڪرشنا مورتي

سنڌيڪار: انجنيئر عبدالوھاب سھتو



ٿلھ:

ھاڻوڪن ڏينھن ۾ جڏھن مون اخبارن منجھ ”امامي اپالم“ (ماسيءَ جا پاپڙ) جا اشتھار ڏٺا ته دنگ رھجي ويس. ڇو جو مون کي ڀاگيرتي ماسي ياد اچي وئي ھئي. جڏھن مون کي سندس دادلي پٽ ۽ پنھنجي گھاٽي دوست ڪيداريءَ جي بي وقتي موت جو خيال دل تي تري آيو ته منھنجي سڄي سرير ۾ بيچينيءَ جو دورو پئجي ويو. ڪير سوچي به سگھيو پئي ڇا ته ڪيداريءَ جو انجام، اھو ٿيندو!؟!؟ جڏھن، اھڙا ڪي واقعا دل تي تري ايندا آھن ته انسانيت تان ئي اسان جو ايمان لُڏي ويندو آھي ۽ تقدير جي جبر تي يقين پڪو ٿيڻ لڳندو آھي.

Tuesday, May 14, 2024

سائيڊ افيڪٽ - خالد آزاد

سائيڊ افيڪٽ

مختصر ڪهاڻي

خالد آزاد



ڪوسٽر ۾ چڙھندي ئي مون دريءَ واري سيٽ هٿ ڪرڻ لاءِ هيڏانهن هوڏانهن ڏٺو؛ ٻنهي پاسي ٻه ٻه سيٽون هيون، جن تي اڪثر ماڻهو ويٺل نظر آيا. مون بيگ ڪُلهي تان لاٿو ۽ چشمو وارن ۾ اٽڪائي ڇڏيو! پريان ٻه سيٽون ڇڏي، ٽين سيٽ تي هڪ اڌڙوٽ عورت، ٻنهي سيٽن جي وچ تي ويٺي هئي، شايد اها هڪ ئي جاءِ خالي وڃي بچي هئي سڄي ڪوسٽر ۾! آئون وڃي سندس ڀر ۾ بيٺس:

“ايڪسڪيوز مي....” شائستگيءَ سان چيم.

“ييس”: هُن مون ڏانهن ڏسندي وراڻيو.

“ايڪچئلي آءِ نيڊ ونڊو”: چيم.

Wednesday, May 8, 2024

مقامي، غيرمقامي ۽ ريڊ انڊين - منظور ڪوھيار

مقامي، غيرمقامي ۽ ريڊ انڊين

ننڍڙي ڪھاڻي

منظور ڪوھيار



چانھ چڪي پيئڻ کان پوءِ به ڪکو خان اڄ خاموش ويٺو هيو، ته کانئس هڪ سيريس سوال پڇيم؛ ”اڄڪلھ ڪراچيءَ ۾ مقامي ۽ غيرمقاميءَ جو اصطلاح هلي رهيو آهي، ان جو مطلب ڇا آهي؟“

سنجيدگيءَ سان وراڻيائين ته: ”هر اهو ماڻهو غير مقامي آهي، جيڪو هندوستان مان نه آيل هجي!“

Wednesday, May 1, 2024

ڇا ڏاڏي، ڇا ڏھ-پئسي - گلزار - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

ڇا ڏاڏي، ڇا ڏھ-پئسي

(ريختہ ڪھاڻي)

ڪھاڻيڪار: گلزار

سنڌيڪار: انجنيئر عبدالوھاب سھتو



بس، ھڪڙي ڏھ-پئسيءَ تان ئي ڏاڏيءَ سان جھيڙو ٿيو ۽ چِڪو گھرئون ڀڄي نڪتو.

ڏھ-پئسي به ڪا وَٿُ ھوندي آھي؟ رام منوھر جي گيدي ۾ ڪيترو ريزو ھوندو آھي. جڏھن دل چويس، وڃي لغڙ وٺي اچي. ھڪڙو ڪاٽا ٿيو، ٻئي ۾ ڌاڳو پئجي ويو. مانجھي وارو چرخو سدائين تارئون تار ويڙھيل.... ۽ سديءَ جا ڪيترا سارا پتا پيا اٿس گھر ۾. اھو سڀ ياد ايندي ئي وري ڏاڏيءَ تي چڙ چڙھي ويس. ڏاڏي آھي ئي اھڙي ٻانڀ. ان ڪري ته منھن ۾ ايترا گھنج اٿس. رام جي ڏاڏيءَ جي شڪل تي ته ھڪ به ڪونھي. ھڪ پٺيان ٻيو ٿي، ڏاڏيءَ جا سمورا نقص ياد اچڻ لڳس. ڪن ڪيڏا نه ڊگھا اٿس. جڏھن به ڳٽن تي چمي ڏيندي، اکين تي لڙڪي پوندا ۽ پنبڻيون ته اٿس ئي ڪو نه. رات جو سمھندي آھي ته اڌ تي اکيون ته کليون پيون ھونديون اٿس. وات به اَلَ ڪانءَ وانگر ڦاٽو پيو ھوندو اٿس... ڏاڏيءَ جا ڪارٽون ٺاھيندو، ھو پيرين اگھاڙو ئي ريل جي ٽيشڻ تي پھچي ويو. بنا ڪنھن ارادي جي ٽيشڻ ۾ گھڙي ويو ۽ جيئن ئي گاڏيءَ سيٽي ھنئي، ھي به ٽپو ڏئي، ھڪڙي گاڏي ۾ چڙھي پيو.

Thursday, April 25, 2024

تخليقي سفر ۽ ٻهڙو ڪتو - منظور ڪوھيار

تخليقي سفر ۽ ٻهڙو ڪتو

ننڍڙي ڪھاڻي

منظور ڪوھيار



ڪجھ ڏينهن اڳ، تخليقي ادب لکڻ جو موڊ ٿيو. پر ڳليءَ جو هڪ آواره ٻهڙو، ڏني نه وتي، در ٻاهران بيهي ڀونڪڻ لڳو. جنهن بليخم ڪري وڌو. لکڻ ۾ رخنو پئي پيو.

ڪالھ شام جو ڪکو خان کان فون تي ان جو علاج پڇيم. ٻڌايائين ته: ”جڏهن به اهو ٻهڙو ڀونڪڻ شروع ڪري ته چوندو ڪرينس ته: ’ڀونڪ ڪتا، ڀونڪ! تو کي صاحب ڏنو شوق!‘ ته پاڻهين بس ڪري ويندو!“

Friday, April 19, 2024

پنهنجو گهر - ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ

پنهنجو گهر

مختصر ڪهاڻي

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ



”ڀاڄائي! ايتري بچت ڇو ٿي ڪرين؟ هاڻي ته تنهنجا ٻچا به اچي جوان ٿيا آهن، پاڻيهي روزگار کي لڳندا ته گهر گهاٽ به ٺاهي وٺندا. ادي سليمان جي ايتري ڪمائي ڪانهي، گهر ته وڏا خرچ ٿا کائين پُٽ ڪُلها ڀرائيندس تڏهن پنهنجي ڇت به ٿي ويندي، توهان ته هڻي پنهنجي گهر ٺاهڻ جي لاءِ پئسا جوڙي جوڙي خود کي سُڪائي ڇڏيو آهي. نه سٺو کائو پيئو ٿا نه اوڍيو پهريو ٿا، نه ئي ڪٿي اچو وڃو. ڪو ضروري خرچ به نٿا ڪريو ته به گهر ڪونه ٺاهي سگهيا آهيو. هاڻي پاڻ کي گهڻو نه ٿڪايو.“

ساريندي ھوندي - مٺل جسڪاڻي

ساريندي ھوندي!

مختصر ڪھاڻي

مٺل جسڪاڻي



موبائيل فون جو ته تصور ئي ڪو نه ھو. ڪمپيوٽر به ڪنھن جي خواب خيال ۾ نه ھو. ٽيليفون به چند وڏن آفيسرن جي آفيس ۾ ھوندي ھئي. جنھن وسيلي صاحب جي ماتحت عملي کي صرف چند عالم آشڪار اھم اطلاع موڪلي سگهبا ھئا.

انھن ڏينھن ۾ فاروق جي عمر ڪا پنجويھه سال ھوندي. سندس مائٽن ۾ ٻارن جي ڄمڻ کان اڳ ۾ رشتا طئه ٿي وڃڻ باوجود، فاروق ڪنوارو رھجي ويو ھو. ماسٽرس مڪمل ڪري، آفيسر مقرر ٿيو ھو.