Showing posts with label ساريندي ھوندي، مختصر ڪھاڻي، مٺل جسڪاڻي،. Show all posts
Showing posts with label ساريندي ھوندي، مختصر ڪھاڻي، مٺل جسڪاڻي،. Show all posts

Friday, April 19, 2024

ساريندي ھوندي - مٺل جسڪاڻي

ساريندي ھوندي!

مختصر ڪھاڻي

مٺل جسڪاڻي



موبائيل فون جو ته تصور ئي ڪو نه ھو. ڪمپيوٽر به ڪنھن جي خواب خيال ۾ نه ھو. ٽيليفون به چند وڏن آفيسرن جي آفيس ۾ ھوندي ھئي. جنھن وسيلي صاحب جي ماتحت عملي کي صرف چند عالم آشڪار اھم اطلاع موڪلي سگهبا ھئا.

انھن ڏينھن ۾ فاروق جي عمر ڪا پنجويھه سال ھوندي. سندس مائٽن ۾ ٻارن جي ڄمڻ کان اڳ ۾ رشتا طئه ٿي وڃڻ باوجود، فاروق ڪنوارو رھجي ويو ھو. ماسٽرس مڪمل ڪري، آفيسر مقرر ٿيو ھو.