Friday, April 19, 2024

ساريندي ھوندي - مٺل جسڪاڻي

ساريندي ھوندي!

مختصر ڪھاڻي

مٺل جسڪاڻي



موبائيل فون جو ته تصور ئي ڪو نه ھو. ڪمپيوٽر به ڪنھن جي خواب خيال ۾ نه ھو. ٽيليفون به چند وڏن آفيسرن جي آفيس ۾ ھوندي ھئي. جنھن وسيلي صاحب جي ماتحت عملي کي صرف چند عالم آشڪار اھم اطلاع موڪلي سگهبا ھئا.

انھن ڏينھن ۾ فاروق جي عمر ڪا پنجويھه سال ھوندي. سندس مائٽن ۾ ٻارن جي ڄمڻ کان اڳ ۾ رشتا طئه ٿي وڃڻ باوجود، فاروق ڪنوارو رھجي ويو ھو. ماسٽرس مڪمل ڪري، آفيسر مقرر ٿيو ھو.


فاروق جي ماءُ ته فاروق جي ڄمڻ کان ئي پٽ کي گهوٽ ڏسڻ لاءِ دعا گهرندي رھي، پر فاروق جا ھم عمر سڀ پرڻجي به ويا، ته ڪي ھڪ، ڪي ٽن چئن ٻارن جا پيءُ به ٿي ويا. پرڻي کان رھيو ته صرف فاروق ئي ڇڙو رھجي ويو ھو.

فاروق جي شادي نه ٿيڻ باوجود، ڳوٺ ۾ ڪجهه ٻارن جون شڪليون ڏسي، اڻ واقف ماڻھو فاروق جو نالو وٺي پڇندا ھئا؛ ”لڳي ٿو فاروق صاحب جو ننڍڙو آھي.“ ننڍڙي جا وڏڙا عجيب انداز ۾ نٽائي ويندا ھئا، يا وري چوندا ھئا؛ ”نه. فاروق صاحب جي اڃا شادي ئي ڪا نه ٿي آھي. ھي اسان جو ننڍڙو آھي“.

فاروق جو ڪٽنب ڳوٺ جو سريال گهر ھجي ھا، ته شايد جيتريون به چاھي ھا، شاديون ڪري وٺي ھا، پر غريب گهر جو ٻار ھو، نه ڀيڻ ھئس، نه سؤٽ ھئس، بدو ڏيڻ بنا گهوٽ نه ٿي سگهيو ھو. جڏھن تعليم مڪمل ڪري، آفيسر مقرر ٿيو، پوءِ ته پنھنجي منھن گهڻا پئي اندر ئي اندر ۾ سڙيا، پر ڇا ٿي ڪري سگهيا. ھاڻي فاروق صاحب ته ٿي ويو، کيس رشتو ڏيڻ لاءِ سڀ راضي به ٿي ويا، پر وٽن اھڙي ڪا ڇوڪري ھئي به ڪا نہ، جنھن سان فاروق کي لائون ڏيارين ھا.

فاروق منھن مھانڊي ۽ قد بت ۾ سھڻو اھڙو ھو، ڳوٺ جون ڪجهه مائرون، سندن ٻارن لاءِ به ائين چونديون ھيون، ته ”فاروق کي ڇڏيو، باقي ٻين سڀني کان منھنجو پٽ سھڻو آھي“.

اھو ئي فاروق، ننڍو ھوندو ھو، ته اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽي مان واندو ٿي، ڳوٺ اچي ويندو ھو. جڏھن نوڪري چڙھيو، صاحب ٿيو، ته به روزاني ڳوٺ واپس ايندو ھو.

ڳوٺ کان آفيس ويندي، آفيس مان ڳوٺ ورندي، مختلف سوارين ۾ سفر ڪندي، فاروق به گهڻا مرد ۽ عورتون ڏسندو ھو، کيس به اوترا ئي مرد ۽ عورتون ڏسنديون ھيون. ان زماني ۾ غير عورت سان چاھيندي به ڪو مرد ڳالھائڻ ته پري، ويجهو به نه پوندو ھو، اشارو به ڪو نه ڪندو ھو. ان ھوندي به نه ته فاروق کي ياد آھي، نه ئي وري وسنديءَ کي ياد آھي، ته شروعات ڪنھن ڪئي، ھنن پاڻ ۾ ڳالھائڻ ڪيئن شروع ڪيو، ملڻ جي ھمٿ ڪنھن ساري...

ڪي ئي سال گذري ويا، اوچتو ئي اوچتو، فاروق ۽ وسنديءَ جون ملاقاتون ٿيڻ بند ٿي ويون، پري کان ڏسڻ به ڪو نه ٿيو. ھاڻي يادون ئي آھن، جيڪي فاروق ساريندو آھي، ممڪن آھي، وسندي به ساريندي ھوندي...

 

(پنڌرھن روزه ”سنڌياڻي ميگزين“ اسلام آباد، شمارو ۰۲، ۱۶ اپريل ۲۰۲۴ع، ص: ۰۷)

No comments:

Post a Comment