Wednesday, April 10, 2024

عيد مبارڪ - منظور ڪوھيار

عيد مبارڪ

ننڍڙي ڪھاڻي

منظور ڪوھيار



عيد نماز کانپوءِ گھڙي نه گذري ته گھر جي ڪال بيل وڳي. نڪري ڏٺم ته ڪکو خان هيو. ٻٽا ٻک هڻي چيائين؛ ”عيد مبارڪ!“

وراڻيم؛ ”خير مبارڪ!“

”جلدي ڪر، سيون کاراءِ! وري ٻين هنڌن تي به وڃڻو آهي.“


اوطاق ۾ ويهاري، تيار ٿيل سيون کڻي آڏو رکي پڇيومانس؛ ”هن عيد تي ڏاڍو خوش ٿو لڳين؟“

”اسان وٽ ٻن قسمن جا ماڻهو عيدن تي خوش هوندا آهن!“ چيائين.

”ڪهڙا؟“ پڇيومانس.

”هڪ بي حس حڪمران، ۽ ٻيو اکين ٻوٽ عوام!“ ٻڌايائين.

”مطلب؟“ وضاحت ڪرڻ لاءِ پڇيومانس/

”جنهن معاشري ۾ معصوم ٻار اغوا ٿين، بنا ڏوھ جي ماڻهو بي دردي سان ماريا وڃن، در در تڏو وڇايل هجي. اتي حڪمرانن کي جھٻو نه اچي؛ تون ۽ مان احتجاج ڪرڻ بجاءِ عيد ملهايون، ان کي ڇا چئجي؟“ ائين چئي، ڪکو خان سين جو آخري گرھ کڻي، اجازت وٺي نڪري ويو.

No comments:

Post a Comment