Friday, April 19, 2024

پنهنجو گهر - ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ

پنهنجو گهر

مختصر ڪهاڻي

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ



”ڀاڄائي! ايتري بچت ڇو ٿي ڪرين؟ هاڻي ته تنهنجا ٻچا به اچي جوان ٿيا آهن، پاڻيهي روزگار کي لڳندا ته گهر گهاٽ به ٺاهي وٺندا. ادي سليمان جي ايتري ڪمائي ڪانهي، گهر ته وڏا خرچ ٿا کائين پُٽ ڪُلها ڀرائيندس تڏهن پنهنجي ڇت به ٿي ويندي، توهان ته هڻي پنهنجي گهر ٺاهڻ جي لاءِ پئسا جوڙي جوڙي خود کي سُڪائي ڇڏيو آهي. نه سٺو کائو پيئو ٿا نه اوڍيو پهريو ٿا، نه ئي ڪٿي اچو وڃو. ڪو ضروري خرچ به نٿا ڪريو ته به گهر ڪونه ٺاهي سگهيا آهيو. هاڻي پاڻ کي گهڻو نه ٿڪايو.“


سائره مون کي سمجهائيندي چوڻ لڳي. فاريه ساڻس ڪالهه منهنجي شڪايت ڪئي ته؛ ”بوا امان کي سمجهاءِ سڄو ڏينهن بچت ٿي ڪري، ڪاليج لاءِ ڪو پئسو ٿا گهرون ته به هڪڙو ئي جواب آهي؛ پئسا بچايو پاڻ کي گهر وٺڻو آهي. ڀلا پنجن سَوَن مان ڪهڙو گهر ملندو؟ مون پنج سَوَ ئي ته گهريا آهن، پر امان وٽان ملن ئي نه پيا“!!

مون کي فاريه جي ڳالهه اڻ وڻندي لڳي. ٻيا ٽي ٻار پڻ آهن، اهي ته حال تي ٿا هلن. هيءَ ڌيءَ انوکي آهي، جو ايتري معمولي ڳالهه به وڃي پڦينس سان ڪئي اٿس. ڀلي اُها اسان جي گهر جو ئي حصو آهي، پر پنهنجي ڪٽنب کان سواءِ ماسين، مامن، چاچن، پڦين سڀني جا ڪٽنب الڳ الڳ آهن، ڪو اها ڳالهه ڪيئن وٺي! ڪو ڪيئن وٺي! پر آئون به ڇا ڪريان ننڍپڻ ۾ ڪڏهن به اهڙي محرومي پلئه ڪو نه پئي هئي.

بابا کي وڏو شاهي گهر هو جو ڏاڏا ٺهرايو هو، ٻن ڀائرن ورهائي اڌو اڌ کنيو ۽ ڀيڻن کي حصي جا پئسا ڏيئي ڇڏيائون. امان ۽ منهنجي چاچي گڏ رهنديون هيون، وچ ۾ هڪ ڀت جڏهن آئي تڏهن فقط رڌڻا الڳ ٿيا، دِليون جڙيل هيون، سڀ سوٽ پڦاٽ هر موقعي تي گڏ هوندا هئاسين. ڪيترن جون شاديون خاندان ۾ ئي ٿيون، جنهن جا فائدا به ٿيا ته ڪي وڏا نقصان پڻ. فائدو اهو ٿيو ته موقعي مهل تي سڀ هِڪِ ٿي بيهندا هئا، پر نقصان اهي ٿيا جو رَتَ جي سيڪ اچڻ سان جيڪي ڀائر ڀيڻون پاڻ ۾ اولاد ۾ ڳنڍيا انهن ۾ نااتفاقيون وڌي جهيڙا ٿي پيا ۽ ٻيو بلڪل ويجهن رت جي رشتن ۾ ڳچ عرصي کان شاديون ڪرڻ سان نئين نسل جي ٻارن ۾ فزيڪل ۽ مينٽل ايبنارملٽيز جا مسئلا پڻ پيدا ٿيا. هڪ عجيب اداسي، ڏک ۽ ڇڪتاڻ وارو ماحول ڏسي. منهنجي امڙ سوچي ڇڏيو ته هي منهنجي بلڪل آخري ڌيءَ آئون خاندان کان ٻاهر شادي ڪنديس، سو جيئن ئي منهنجي گريجوئيشن ٿي ته گهر ۾ رشتي ڪرائڻ وارين عورتن جو اچڻ وڃڻ شروع ٿي ويو. امان جا سڱاونديءَ مهل ٻه ئي شرط هئا ته ڇوڪري جو ڪٽنب وڏو نه هجي. ٻيو مالدار ڀلي نه هجي، پر شريف ۽ نيڪ ضرور هجي، کين خواهش مطابق سليمان شريف النفس ناٺي مليو. ننڍي هوندي يتيم ٿيل سليمان وٽ پنهنجو گهر گهاٽ ڪونه هو، جنهن جي منهنجي امڙ ڪا خاص پرواهه ڪونه ڪئي. گهر نه هئڻ جو احساس هُن پاڻ کي ڪڏهن حياتيءَ ۾ ڪونه ٿيو جو پاڻ ته ڏاڏا جي ٺاهرايل شاهي گهر ۾ شادي ٿي وئي هئي، هُن کي اهميت ئي ڪونه لڳي ته منهنجي نياڻي آئون هڪ اهڙي مرد کي ڏئي رهي آهيان جو بي گهر آهي، باقي شرافت، عزت ۽ لياقت ۾ سليمان جو ڪو ثاني ڪونه هو. مون مڙس پاران ڪا به تڪليف ڪڏهن ڪونه ڏٺي جيڪو به حال هئس سڀ پئسو پنجڙ منهنجي ئي هٿ تي آڻي رکندو هو ۽ آئون بلڪل راڻين وانگر هيس، پر جڏهن پهرين تاريخ تي گهر جو مالڪ مسواڙ گهرُڻ لاءِ اچي بيهندو هو، تڏهن پاڻ کي ڏاڍو بي حيثيت سمجهندي هيس، خبر ئي ڪونه پئي ستن سالن ۾ چار ٻار پيدا ٿي ويا. مهانگائي ڏينهون ڏينهن وڌنڌي وئي. مون کي گهر نه هئڻ جو ڏک.

نيٺ سليمان سان صلاح مشوري کانپوءِ پلاٽ وٺڻ لاءِ وي سي ڀرڻ شروع ڪيم، پگهار مان ڳچ سارا پئسا ته مسواڙ، وي سي ۽ ٻارن جي اسڪولن جي فين ۾ وڃڻ شروع ٿي ويا ته پوءِ ٻيا خرچ ڪٿان ٿين؟

سليمان جو پگهار ايترو ٿورو هو جو ٻارن کي آسائشن واري حياتي ڏئي نه ٿي سگهياسين. هُن ته هاڻي شام جو به ڪم ڪرڻ شروع ڪيو هو. مسواڙ به ڏينهون ڏينهن وڌندي وئي. وري گهر مٽائي هڪ سادي پاڙي ۾ وياسين ته جيئن گهٽ مسواڙ پوي. وڏا ٻئي ڇوڪرا ۽ آصفه ميڊيڪل ۾ اچي ويا هئا. فاريه اڃا انٽرميڊيٽ ڪئي هئي. ٻارن کي ڪپڙو لٽو خرچ پکو مناسب ڏيندي ۽ گهر جو سڄو ڪم اڪيلي سِر ڪندي به ايترا پئسا گڏ ڪري ڪونه سگهيس جو گهر لاءِ پلاٽ وٺي پنهنجي ٻچن لاءِ ڪا ڇت ٺاهي سگهان.

وقت سان گڏ بلڊ پريشر به ٿي پيو. پورو مهينو روپئي روپئي جو حساب ڪتاب ڪندي گذري ٿو. سودي جي هر هڪ شيءِ کي تالو آهي ته متان وڌيڪ نه کپي وڃي، اميد تي تڳان پئي. الله ڪندو، عامر ڊاڪٽر ٿي نوڪريءَ تي لڳندو ته ڪجهه هٿ کليو ٿيندم. هر ڳالهه ڪرڻ جي به ته نٿي هجي! سڀ ڳالهيون سائره کي ڪيترو ٻڌايان هوءَ ته سالن کان مون کي ڏسي پئي، مَنَ ۾ سمنڊ جيترا سورَ سمايل اٿم بنا باهه جي سڙان ۽ پڄران پئي.

آئون سوچن ۾ غلطان هيس جو سائره ڀائيٽين سان ڪچهريءَ کان پوءِ وري مون ڏانهن متوجهه ٿي چوڻ لڳي؛ ”ڀاڄائي چوندا آهن ته ’بخت ڏي ڀيڙو دال مان ٿيئي سيرو.‘ الله ڪندو پُٽ پيرن تي بيهندا. پاڻيهي گهر گهاٽ به ٿي پوندا. باقي نياڻيون جي سٺو اوڍينديون پهرينديون ته سٺيون لڳنديون. چار چڱا گهر اچي سڱ گهرندا، منهنجون ڀائيٽيون ته بنا سينگار جي سهڻيون آهن، پر وري به دنيا جي ريت تي هلڻو ٿو پوي“.

سائره گهر آيل هئي، ساڻس بحث ڪرڻ صحيح ڪو نه سمجهيم مناسب ڪپڙو لٽو ۽ ڪاليج جو خرچ آئون پٽن توڻي نياڻين کي ڏيندي هيس، باقي ڀتين تان ڀت اُڇلڻ جيان گهڻا ويس وڳا ۽ ٽِٽِراڳ نه مون پاڻ ڪڏهن ڪيا ۽ نه ئي سندن پيءُ ۾ به هئا، هرو ڀرو ٻارن کي سُکن ۽ سنهنجن جو عادي ڪري منجهن ويسن وڳن ۽ فيشن جي عادت وجهان، مون کي اها ڳالهه پسند ڪونه هئي. تعليم وڏو زيور آهي، رب ڪندو تعليم يافته ۽ پيرن تي بيٺل هونديون ته پاڻيهي سٺا گهر اچي ويندا. پر ماڻهن کي ويهارڻ لاءِ به ”پنهنجو گهر“ ته کپي، منهنجي خيالن جي تند وري اچي پنهنجي گهر تي بيٺي، مون وٽ هر مسئلي جو حل فقط ”پنهنجو گهر“، ۽ ”پنهنجي ڇت“ هو. جنهن پويان جيترو پئي هليس ايترو مهانگائيءَ ۽ ضرورتن جي ڪري منهنجي انهيءَ خواب جو پورائو مشڪل پئي نظر آيو. جڏهن به گهر جي گهڻي ڪم ڪار مان ڦٿڪي، ڦٿڪي ٿڪجي سمهڻ لاءِ ليٽندي هيس ته ايئن لڳندو هئم ته اکيون ڄڻ سمهڻ سکيون ئي ڪونه هيون. جاڳندي به پنهنجي گهر جو خواب آهي ته سمهندي به ساڳي تات آهي. الائي خزائن ۾ بهار پئي ڳوليان، محرومين، اداسين ۽ مايوسين کان بچڻ لاءِ اڱڻ تي مصلو وڇائي آسمان ڏي نهاري هر وقت هڪڙو ئي سوال هئم ته؛ ”اي رب! ڪو پنهنجو گهر ڏينيم ته سک جو ساهه کڻان“.

ڏينهن، هفتا، مهينا ۽ سال پَرَ لڳائي گذرڻ لڳا، عامر تمام سٺين مارڪن سان ايم بي بي ايس مڪمل ڪئي. کيس اڳيان پڙهڻ لاءِ ٻن سالن جي هڪ ڪورس جي آمريڪا مان اسڪالرشپ ملي، دِل ۾ خوشيءَ جي لهر واسو ڪيو، سَپنن ۾ پڻ سرُهاڻ اچي وئي. هڪ نئين جوت جَرڪي. چوندا آهن؛ ’سکن جي هڪ ساعت، سورن جو سمورو سال.‘ آئون خوش ٿيس ته سڄي حياتيءَ جي سڙيل ٻوٽن جي ساوَن ٿيڻ جو وقت اچي ويو آهي ۽ جيئن ئي عامر آمريڪا مان پڙهي ايندو ته هي به ڏکيا ڏينهن ختم ٿي ويندا.

منهنجي ٽنهي وڏن ٻارن جي مزاج ۾ سنجيدگي هئي. باقي فاريه ٿوري لااُبالي طبيعت جي هئي، کل ڀوڳ ڪري ڪڏهن ڪڏهن ته گهر جو ماحول به سٺو ڪري ڇڏيندي هئي. اڃا ڪالهه جي ڳالهه آهي، جيئن ئي ڪاليج مان آئي، آئون مصلي تي دُعا گهرڻ ۾ محو هيس، لڙڪ لارون ڪري منهنجي اکين مان پئي ڪريا، هوءَ اُتي ئي بيهي رهي. مون اکيون کولي کيس ڏٺو ته مون کي ڀاڪر پائي چوڻ لڳي؛ ”ڇو ٿي روئين! وري، ”پنهنجو گهر“، ”پنهنجي ڇت“ ٻيو ڪو موضوع آهي؟ امان الله تعاليٰ انهيءَ هڪڙي راڳ مان تنگ ڪو نه ٿي پوندو، جي ڏيڻو هجيس ها، ته ڪيترا سال اڳ ۾ پنهنجو گهر ڏيئي ڇڏي ها! نه روئيندي ڪر منهنجي ماءُ!!“

”اڙي ڏاهي ڇوڪري توکي ڪهڙي خبر تون ڪو نه سمجهندينءَ! پنهنجي ڇت هيٺ ماڻهو خود کي ڪيڏو محفوظ سمجهندو آهي. ”پنهنجي ڇت“ دنيا جي سڀ کان وڏي ضرورت آهي!“

فاريه مون کي انهيءَ فڪر مان ڪڍڻ لاءِ پنهنجي فلاسافي بيان ڪندي چوڻ لڳي؛ ”جنهن گهر ۾ اسين رهون پيا نه، اهو به اسان جي ئي ڇت آهي! ماڻهو جتي رهندو آهي، اهو ئي ان جو پنهنجو گهر هوندو آهي، ڀلي کڻي مسواڙ تي هجي. باقي مسواڙ کڻڻ واري جو هٿ ته هيٺ هجي ٿو، مسواڙ ڏيڻ واري جو هٿ مٿي هوندو آهي.“

آئون چپ ڪري ڪنڌ لوڏي کيس چانھ جو چوڻ لڳيس، اڃا سندس عمر ئي ڪيتري هئي؟ ارڙهن سالن ۾ پنهنجي گهر جي اهميت جي ڪهڙي خبر؟ اها اهميت ته وقت ۽ محروميءَ سان سمجهه ۾ ايندي آهي. وقت گذرندو ويو. عامر جيئن ئي ٻاهران پڙهي واپس آيو. کيس سٺي نوڪري ملي وئي. سليمان ته خوشيءَ مان ٻهڪڻ لڳو. مون زندگيءَ ۾ پهريون دفعو کيس مطمئن ڏٺو. جڏهن پٽ، پيءُ جو ساٿ ڏيئي ڪُلها ڀرائيندا آهن تڏهن پيءُ جي سموري ويل سگهه واپس وري ايندي آهي. مٿان عامر جهڙو سپوت پٽ، سڄو پگهار اچي پيءُ جي هٿ تي رکندو هو. هُو اشراف پڻ وڏي مانَ سان منهنجي هٿ جي تريءَ تي رکي مطمئن ٿيندو هو. چئني ڏسائن ۾ چانڊوڪي پکڙجڻ لڳي، جلدي چڱا پئسا گڏ ٿيڻ لڳا. پيءُ ۽ پٽ گڏجي هڪ سٺي علائقي ۾ پلاٽ ورتو ۽ نقشو منظور ڪرائي، آهستي آهستي ڪم شروع ڪيائون. مون به ٿورو ٿورو ڪري جيڪو پئسو گڏ ڪيو هو، ڪجهه تولا سون به ورتو هئم، سڀ آڻي سندن هَٿَ تي رکيم. ذاڪر جو هائوس جاب به ختم ٿي ويو. هونئن به هائوس جاب ۾ مون کان پئسا ڪونه کڻندو هو جو کيس پاڻ هائوس جاب دوران سٺا پئسا ملندا هئا. اهي به بچائي مون کي آڻي ڏنائين. پاڻ نوڪريءَ جي ڳولا ۾ لڳي ويو. هاڻي ته جهجهين هٿين ڇپر کڄڻ لڳو. ناممڪن کي ممڪن ڪرڻ لاءِ سڀ منهنجا ساٿي ٿي بيٺا. واقعي حيلي کان سواءِ وسيلو ڪونهي. سليمان جي رٽائرمينٽ ٿي ته چڱا پئسا مليا، سي پڻ گهر جي اڏاوت ۾ لڳڻ لڳا.

حياتيءَ ۾ پهريون دفعو مون کي اهڙو سڪون عطا ٿيو، جهڙو ڪنهن تمام ٿڪل مسافر کي منزل جي ويجهو پهچڻ تي محسوس ٿيندو آهي. منهنجي محنتن ۽ مشقتن جا ڏينهن ختم ٿي رهيا هئا. هن سندر سپني جي ساڀيان ٿيڻ تي اُجهاميل مَنَ کي جيڪا شانتي ملي ان منهنجي روَيي ۾ وڏو فرق آندو، طبيعت ۾ ٿڌاڻ اچي وئي. ٻارن ٻچن تي ڏاڍيون سختيون ڪيون هئم، فقط ڪتاب ئي سندن دوست هئا. ڪنهن جي گهر نه ويندا هئا ۽ نه ئي ڪو اسان جي گهر ايندو هو. سبب اهو ئي هو، ته کين رُلڻ ۽ گهمڻ جي عادت نه پوي ۽ خرچ پکو نه ٿيئي، پر اهو به فائدو ٿيو جو منهنجا ٻار پڙهائيءَ ۾ هوشيار رهيا ته پڙهي جلدي پيرن تي بيٺا، هاڻي گهر تيار ٿي وڃڻ تي کين چيم ته ڀلي پنهنجا دوست ۽ ساهيڙيون گهرائي دعوت ڪجو.

رمضان شريف کان اڳ پنهنجي نئين گهر ۾ شفٽ ٿيڻ جو پڪو ارادو ڪيوسين. هتي گهر جي ڪُنڊن ڪڙڇن، ڪٻٽن ۾ جيڪي نوان سامان وٺي رکيا هئم يا عامر آمريڪا مان آندا هئا، سي سڀ ڊوڙي ڊڪي کوکن ۾ ٻڌڻ لڳيس. پنهنجي گهر جا دريون، در، ڇتيون، فرش اسان کي پنهنجي هنج ۾ وٺڻ لاءِ آجيان ڪرڻ لڳا. اُتي پهچي شڪراني جا نفل ادا ڪيم، حياتي هرکائيندڙ ٿي وئي. ٻن سالن ۾ نياڻيون پرڻائي فرض مان آجي ٿيس. وڏي تمنا ٿيم ته ڪي سپوت نهرون اچن ۽ انهن جي ئي حوالي گهر ڪري سڪون سان آخري ڏينهن وڌيڪ دلجمئيءَ سان عبادتون ڪيان، پر انهيءَ جي نوبت ئي ڪونه آئي. هڪ ڏينهن اهڙو ته اوچتو دِل ۾ سور ٿيو جو اسپتال تائين وڏيءَ مشڪل سان پهتاسين. عامر گهڻيئي ڪوششون ڪيون، پر وڃڻ جو وقت مقرر هو. مون کي غسل ڏيئي سينگاري پنهنجي گهر جي لائونج ۾ آندائون جتي اوڙي پاڙي جي عورتن سيپارا پڙهڻ شروع ڪيا. منهنجو اولاد ته تمام گهڻو روئي رهيو هو، منهنجي کٽ جي بلڪل پاسي ۾ ويٺل نئين پاڙي جي سلمه ڀر واريءَ کي چوڻ لڳي؛ ”الا! ڪيڏيءَ دل سان ويچاريءَ ”پنهنجو گهر“ ٺهرائي اچي ويٺي، گهر مان آسيس ڪونه ورتائين، هاڻي اصلي گهر ڏي رواني ٿي، ڏاڍي نيڪ عورت هئي.“

ڀر واريءَ ڪنڌ ڌوڻي چيس؛ ”ها ادي! نه ڪنهن جي آئيءَ ۾ نه وئيءَ ۾ الله تعاليٰ، جنت ۾ عاليشان محل ماڙيون عطا ڪندس.“ باقي وڃڻو ته سڀني کي آهي، رهي ڪو ئي راڄ ڪو نه ڪندو، هر ڪنهن جي لاءِ اها ئي ٻه وال زمين آهي، دين دنيا ٻئي موچارا ڪيائين. اوسي پاسي ۾ نيڪين جو واس ڏئي وئي.“

منهنجي چپن تي ابدي مُرڪ تري آئي، جيڪا فقط مون ئي محسوس ڪئي.

***

 

(ماھوار ھمسري حيدرآباد جي اپريل ۲۰۲۴ع واري شماري ۾ ڇپيل)

No comments:

Post a Comment