پنهنجو گهر
مختصر ڪهاڻي
ڊاڪٽر پروين
موسيٰ ميمڻ
”ڀاڄائي! ايتري بچت ڇو ٿي ڪرين؟
هاڻي ته تنهنجا ٻچا به اچي جوان ٿيا آهن، پاڻيهي روزگار کي لڳندا ته گهر گهاٽ به ٺاهي
وٺندا. ادي سليمان جي ايتري ڪمائي ڪانهي، گهر ته وڏا خرچ ٿا کائين پُٽ ڪُلها ڀرائيندس
تڏهن پنهنجي ڇت به ٿي ويندي، توهان ته هڻي پنهنجي گهر ٺاهڻ جي لاءِ پئسا جوڙي جوڙي
خود کي سُڪائي ڇڏيو آهي. نه سٺو کائو پيئو ٿا نه اوڍيو پهريو ٿا، نه ئي ڪٿي اچو وڃو.
ڪو ضروري خرچ به نٿا ڪريو ته به گهر ڪونه ٺاهي سگهيا آهيو. هاڻي پاڻ کي گهڻو نه ٿڪايو.“
