Monday, April 1, 2024

آھيون ته وڏي جيل ۾ - منظور ڪوھيار

آھيون ته وڏي جيل ۾. . .

(ننڍڙي ڪھاڻي)

منظور ڪوھيار



ٽي هفتا اڳ منهنجي وڏي پٽ بالاچ حسين ٻڌايو ته: پندرھن ڏينهن لاءِ هو ڏکڻ آمريڪي ملڪ ڪولمبيا گھمڻ ٿو وڃي.

”يورپ (جرمني) کان آمريڪي کنڊ ڏانهن سفر؟“ مان حيرت کائيندي چيومانس: ”ان کان ته آمريڪا يا ڪئناڊا جو چڪر هڻي هان. ڪولمبيا ۾ ڇا رکيو آھي؟“


وراڻيائين ته: ”دنيا جو اتي خوبصورت جھنگ آھي، اهو ڏسڻ ٿو وڃان!“

”جھنگ به خوبصورت ٿيندو آ ڇا؟“ پڇيومانس.

وراڻيائين؛ ”جھنگ ۾ فطرت جو اصلوڪو رنگ هوندو آھي. اهو شھرن ۾ ڪٿي؟!“

”مثلن؟“

ٻڌايائين ته: ”ڪولمبيا ۾ دنيا جي خوبصورت حياتياتي رنگارنگي Bio Diversity آھي. پکين جي قسمن جي حوالي سان دنيا جو پهريون نمبر ملڪ آھي. جتي ۱۹۰۰ قسمن جا پکي آھن. وڻن ٽڻن ۽ ٻوٽن جي حوالي سان ۴۵۰۰۰ هزار قسم آھن. ۷۰۰۰ ٽنڊڻن جا قسم آھن. ٽن لکن کان وڌيڪ مختلف جيت جڻيا موجود آھن. ۲۰۰۰ مٺي پاڻي جي مڇين جا قسم آھن. نيڌرلينڊ کانپوءِ گلن جي ايڪسپورٽ ۾ دنيا جو ٻيو نمبر ملڪ آھي. دنيا جا لکين ٽوئرسٽ ۽ ريسرچر هتي جي جھنگلن ۾ ايندا آھن. ۽ اتان جا جھانگيئڙا انهن جو آدرڀاءُ ڪندي رهائش ۽ کاڌي جو انتظام ڪري، خدمتن جي عيوض لکين ڪروڙين ڪمائيندا آھن.

”بس!..“ مان ٽھڪ ڏيندي ٻڌايومانس؛ ”اسان جي جهانگي ڌاڙيلن جي رنگارنگي Dacoit diversity به بي مثال آھي. جيڪا دنيا جي ٻي ڪنهن ملڪ ۾ ناهي. هتي جا ڌاڙيل جھانگيئڙا راھ ويندي مسافر کي زوري پاڻ وٽ رهائي مهمان ڪندا آھن. ان ۾ ننڍ وڏائي جو ڪو فرق نه رکندا آھن. ننڍڙي ٻار کان وٺي بزرگ تائين کين اونڌو لٽڪائي ڪٽڪو ڏيندا آھن ۽ پنهنجي ان مهمان-نوازيءَ جي بدلي زوري پئسا اڳاڙيندا آھن. بعضي ته کين تڪليفده جنسي لذتن سان آشنا ڪندا آھن. استادن کي به ان ڪري اڳلي جهان اماڻيندا آھن ته جيئن ايندڙ نسل پڙھي خوار خراب نه ٿئي. صحافين کي ان ڪري قتل ڪندا آھن ته جيئن نه رهي بانس نه وڄي بانسري. بي گناھ ماڻھو کي ذات زمات ياقبائلي جھيڙي ۾ ان ڪري اماهي ڇڏيندا آھن ته جيئن ماڻھن ۾ قبيلائي قسم جو قومي شعور بيدار ٿئي. جھانگيئڙا ڌاڙيل نهايت مرادوند ۽ لحاظي هوندا آھن. کين دنيا ۽ عاقبت جو وڏو خيال هوندو آھي. اهي ڪنهن به ڀوتار سردار کي هٿ ناهن لائيندا ته متان ڏنڊو ڏار ۾ نه اچي وڃي. . سيد پير مخدوم کان پاسو ڪندا آھن ته جيئن قيامت ۾ ملائڪن جي موچڙن کان بچي پون. باقي ڪچي پنڊي (امن پسند ذات) ۽ غريب غربي لاء پڙي هوندا آھن. پڪي جي ڌاڙيلن ۽ پوليس سان به رهائي رسائي رکندا آھن ۽ کين ويڊيو ڀري سوشل ميڊيا تي صلح سلوڪت سان هلڻ جي ڀرپور آڇ ڪندي چوندا آھن ته:

ادا، اسلاماليڪم ! اسان کي ويڊو ڀرڻ جو شؤنق ناهي. بس صاحبن کي اها روڪئسٽ آھي ته اسان جا شريف ۽ نيڪوڪار رانده (مردود) جيڪي ٻڌي ويو آھين، سو ڇڏي ڏي. نه ته ڪنهن راھ گير مسافر يا ٽرڪ ڊرائيور کي ماري اڇلائڻ ۾ دير نه ڪنداسي. پوء ڌرڻو لڳئي ته اسان کي نه چئجانءِ. جھانگيئڙا ڌاڙيل وڏا غيرتي هوندا آھن، پنهنجين ماين ذريعي عاشق جيئڙن کي فون تي گھرائي عشق جي اتاهين منزل رسائيندا آھن. جتي عاشقن کي سمجھ ۾ اچي ويندو آھي ته:

اڳ ۾ سر جو سانگو لاھ،

ڀلي پوءِ عشق کي هٿڙو لاءِ!

جڏهن مان پنهنجي جھانگيئڙن ڌاڙيلن جي رنگبرنگي قسمن جو احوال ٻڌائي پورو ڪيو ته پٽ وراڻيو؛ ”بابا سائين! سڄي دنيا کي اوهان جي جھانگيئڙن سانگيئڙن جي خبر آھي.  تڏهن ته نه پنهنجا جهنگ/ جبل گھمي ٿا سگھو، نه ڪچا نه پڪا. ائين سمجھو ته هڪ وڏي جيل ۾ آھيو!“

ڳالھ ته پٽ صحيح ڪئي آھي، پر ڇا ڪجي...؟

 

(منظور ڪوھيار جي فيسبڪ وال تان ۳۰ مارچ ۲۰۲۴ع تي رکيل/ کنيل)

No comments:

Post a Comment